الطاف شيخ ڪارنر

ايران ڏي اڏام

هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو ايران بابت سفرنامو آهي. مھاڳ ۾ لياقت عزيز صاحب لکي ٿو:
”الطاف شيخ جو ھي ڪتاب هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3604
  • 650
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايران ڏي اڏام

فردوسيءَ جو شاهنامون

اڄ کان هڪ هزار سال کن اڳ 1020ع ۾ وفات ڪري ويل ايران جي وڏي شاعر حڪيم ابوالقاسم فردوسيءَ جو لکيل شعرن جو بياض ”شاهنامھ“ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي ۽ ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. شاهنامي جي لفظي معنى ئي آهي ”بادشاهن جو طويل داستاني نظم“. فارسي ۾ لکيل اٽڪل 60 هزار مصراعن جو هي بيحد ڊگهو شعر ايران جي بادشاهن جي بهادري ۽ ايران جي ماضي جي تاريخ آهي. جنهن ۾ جڏهن کان دنيا ٺهي تڏهن کان وٺي ايران تي عربن جي فتح تائين جو احوال ڏنل آهي، جنهن ۾ ڪيترين ئي ڳالهين جو بنياد ڏند ڪٿائن (Myth) تي آهي. جيئن رستم ۽ سهراب جو قصو جنهن کي آئون پهرين سمجهندو هوس ته ڪا صحيح ڳالهه آهي، پر پوءِ ايران اچڻ کان اڳ جڏهن ايران جي سڄي تاريخ پڙهيم ته خبر پئي ته اهي فردوسي جا تصوراتي ڪردار آهن. چون ٿا ته سڄي شاهنامي کي لکڻ ۾ فردوسيءَ کي 35 سال لڳي ويا. يعني هن اهو طويل نظم 980ع ڌاري کان لکڻ شروع ڪيو هوندو، جڏهن پاڻ چاليهه پنجيتاليهه ورهن جي ڄمار جو هو. ان وقت ايران تي سامانين جي ڇهين بادشاه معيد جي 976ع ۾ وفات بعد ستون بادشاه رضي ابوالقاسم ابن نوح تخت تي ويٺو هو، جيڪو اٽڪل 20 سال کن شهنشاهه رهيو. ان بعد سامانين گهراڻي جا آخري ٻه شهنشاهه ابوالحارث ۽ ابوالفارس، ڪو سال ڏيڍ مس بادشاه ٿيا ته غزنوي گهراڻي جو مشهور بادشاهه سلطان محمود غزنوي 998ع ۾ ايران جي تخت تي قبضو ڪيو. هن جي حڪومت ۾ فردوسيءَ وفات ڪئي ۽ هو پنهنجي شهر طوس ۾ دفن ٿيل آهي، جنهن تي اڄ وارو مقبرو شهنشاهه رضا شاه پهلويءَ ٺهرايو. فردوسيءَ جي شاهنامون سامانيان گهراڻي جي آخري بادشاهه جي ڏينهن ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ غزنوي گهراڻي جي بادشاهه محمود غزنوي جي دؤر حڪومت (998ع-1030ع) ۾ مڪمل ڪيو. ٻن يا ٽن سالن بعد فردوسيءَ اهو شعرن جو بياض (شاهنامو) کڻي پنهنجي ڳوٺ طوس (خراسان) کان غزني روانو ٿيو. محمود غزنوي جي ڏينهن ۾ ايران جي گاديءَ جو هنڌ غزني هو. چون ٿا ته محمود غزنويءَ فردوسي ۽ ان جي شاهنامي ۾ ڪا به دلچسپي نه ڏيکاري، ڪجهه تاريخ دان اهو به لکن ٿا ته محمود غزنويءَ فردوسيءَ سان هر مصرع لاءِ هڪ دينار انعام جي آڇ ڪئي هئي، ان حساب سان 60،000 دينار ٿي ٿيا، پر هن فردوسيءَ کي فقط 20،000 درهم ڏنا جيڪي ان وقت 200 دينارن برابر ٿي ٿيا. ڪن جو چوڻ آهي ته سلطان محمود غزنوي جي درٻار جي ٻين شاعرن ساڙ جي ڪري بادشاهه جا فردوسي خلاف ڪن ڀريا. فردوسيءَ اهو ٿورو انعام وٺڻ کان انڪار ڪيو. ڪن جو چوڻ آهي ته هن اهي پئسا اتي جي هڪ غريب کي ڏئي ڇڏيا. جنهن شراب جو دڪان ٿي هلايو. ان بعد فردوسي ڪجهه هفتا ايران جي صوبن سيستان ۽ مزندران ۾ ڦرندو رهيو ۽ پوءِ ڳوٺان (طوس کان) اچي نڪتو. هن کي ان ڳالهه جو سخت غم ۽ غصو دل ۾ رهيو ۽ غزني ۾ جنهن ڪمري ۾ بادشاهه جو مهمان ٿي رهيو هو، ان جي ڀتين تي بادشاه جي خلاف ڪاوڙ ۽ پٽن پاراتن جا شعر لکي آيو. حڪومت طرفان ڌيان نه ملڻ ڪري چون ٿا ته فردوسيءَ جا آخري ڏينهن سخت غربت ۾ گذريا.
ڪجهه راوي اهو به لکن ٿا ته محمود غزنويءَ يڪدم پنهنجي غلطي محسوس ڪري وعدي واري رقم سان اُٺ پلاڻي فردوسيءَ جي ڳوٺ طوس روانا ڪيا، پر انعام پهچڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ فردوسي وفات ڪري ويو. اهو انعام فردوسي جي ڌيءَ حوالي ڪيو ويو، جو فردوسي جو پٽ هن کان اڳ وفات ڪري چڪو هو. فردوسيءَ جي ڌيءَ هي سڀ ڌن دولت قبول ڪرڻ بدران بادشاهه ڏي واپس ڪري پنهنجي پيءُ ۽ هن جي بياض شاهنامي کي امر بنائي ڇڏيو.
ان کان پوءِ بادشاهه ان رقم مان مروَ (Merv) شهر کان طوس واري روڊ تي ”ربات چاهيھ“ نالي مسافر خاني جي فردوسي جي ياد ۾ مرمت ڪرائي. هي مسافر خانو اڄ به طوس ڏي ايندي نظر اچي ٿو پر بنهه ڊٺل حالت ۾ آهي.
فردوسي جو هي شاهنامو نج فارسي ۾ لکيل آهي هن شعرن ذريعي ايران جي تاريخ، ايران جا هيرو ۽ ڪيترائي(Mythical) خيالي ڪردار پيش ڪيا آهن. هتي جي ادبي ماڻهن جي چوڻ مطابق شاهنامي ڪري فارسي زبان اڄ به ان حالت ۾ زندهه آهي، جنهن ۾ اها اڄ کان هڪ هزار سال اڳ هئي. شاهنامي ۾ ڪل 62 ڪهاڻيون آهن، جيڪي 990 بابن تي پکڙيل آهن ۽ 60،000 مصراعن تي مشتمل آهن. دنيا ۾ فقط شاهنامون طويل داستاني نظم نه آهي ٻيا به ڪجهه آهن، جهڙوڪ يوناني قديمي شاعر ۽ تاريخ نويس هومر جا به طويل نظم ”الياد“ (The Iliad) ۽ اويسي (Odussey) آهن جيڪي اٺين ۽ نائين صدي قبل مسيح جي وچ ڌاري لکيل آهن. يعني حضرت عيسى جي ڄمڻ کان به اٺ نو صديون اڳ جي ڳالهه آهي. هومر جو الياد فردوسي جي شاهنامي جي ستين حصي جيترو مس ٿيندو. اهڙي طرح جرمن زبان جو طويل داستاني نظم Nibelungenlied (Epic) آهي پر اهو به ايڏو وڏو ناهي. ان جهڙا ٻارهن گڏ ڪجن ته پوءِ ڊيگهه ۾ فردوسي جي شاهنامي برابر ٿيندو. هونءَ منهنجي خيال ۾ هندن جو ڌرمي ڪتاب مهاڀاري، جيڪو اصل ۾ سنسڪرت زبان ۾ لکيل آهي، اهو دنيا جو وڏي ۾ وڏو Epic (شاعري ۾ طويل داستان) چئي سگهجي ٿو. جنهن ۾ 74000 شعر آهن. ائين ته هندن جو هڪ ٻيو ڌرمي ڪتاب رامائن به ڪافي ڊگهي شاعري جو ڪتاب چئي سگهجي ٿو.
شاهنامي جا ڪيترائي انگريزي ترجما نظر اچن ٿا پر گهڻو ڪري مختصر طور (Abridged) آهن منهنجي خيال ۾ شاهنامي جو پهريون مڪمل انگريزي ترجمو ٻن ڀائرن آرٿر ۽ ايڊمنڊ وارنر 1925ع ۾ ڇپرايو، جيڪو نَون جلدن (Volume) ۾ آهي، ۽ هن جو انگريزي ۾ به ساڳيو نالو “The Shahnama of Firrdausi” آهي. هونءَ جن کي فارسي نٿي اچي ۽ نه وري هنن وٽ ايڏو ٽائيم آهي جو سڄي شاهنامي جو انگريزي ترجمو پڙهي سگهن انهن لاءِ بهترين ۽ مختصر ترجمو آهي. “The Epic of King: Shahnama, the National Epic of Kings” جيڪو روبين ليوي ترجمو ڪيو آهي جنهن کي مردا پبليڪيشن وارن 1996ع ۾ ڇپرايو. هي نثر ۾ ترجمو ٿيل آهي.
فردوسي جي شاهنامي بعد مختلف دورن ۾ ڪيترن ئي شاعرن ان قسم جا ڊگها نظم لکڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪوبه شاهنامي جي برابري نه ڪري سگهيو آهي. ادب جا ڪيترا ڄاڻو اهو چون ٿا ته اڄ جي ماڊرن فارسي زبان اها ئي آهي جيڪا اڄ کان هڪ هزار سال اڳ فردوسيءَ جي ڏينهن ۾ ڳالهائي وئي ٿي ۽ ان جو سبب فردوسي جو شاهنامو آهي، جنهن فارسي جي اصل زبان کي جياري رکيو آهي. شاهنامي ۾ اعلى قسم جي زبان استعمال ٿيل آهي. شاهنامو هڪ ايراني کي، چاهي هو مسلمان هجي يا غير مسلم قوميت جي سڃاڻپ ڏئي ٿو. شاهنامي لاءِ ڪنهن انگريز عالم جا پڙهيل رمارڪ ياد اچي رهيا آهن:
“No History has been so eagerly read, so profoundly believed, and so ardently treasured in Iran, as has the Shahnemeh….
فردوسي پنهنجي هن نظم ”شاهنامي“ جي سونهن ۽ امر بڻجڻ بابت ايڏو ته پر اعتما د هو جو هن ان شاهنامي ۾ ئي پاڻ بابت لکيو آهي ته مون شعرن جو هڪ عظيم محل اڏيو آهي. مون هن زبان (فارسي) جي چوڌاري ٻج ڇٽيو آهي.
بنا هي آباد گردد خراب
زباران و از تابش آفتاب

پي افکندم از نظم کاخي بلند
کھ از باد و باران نيابد گزند

نميرم از اين پس کھ من زنده ام
پراکنده ام کھ تخم سخن را
ترجمو:
اوچيون عمارتون به اچيو ڦهڪو ڪن
بارش جي ڦڙي يا سج جي ڪرڻن سان

مون شعرن جو هڪ عظيم محل جوڙيو آهي
جنهن تي نه هوا نه مينهن اثر ڪري سگهي ٿو

آئون هاڻ زنده رهڻ بعد مري نه سگهندس
ڇو ته مون پنهنجي زبان (فارسي) جا ٻج ڇٽيا آهن.
فردوسي هن پنهنجي ڊگهي داستاني نظم ۾ ڪيترائي خيالي (Mythical) ڪردار استعمال ڪيا آهن جن بابت ٻڌي ٻڌي ائين لڳي ٿو ڄڻ اهي حقيقت جي دنيا ۾ موجود هجن. ايتري قدر جو اسان جي ننڍي کنڊ ۾ اڄ ڏينهن تائين پنهنجن ٻارن تي اهي نالا رکيا وڃن ٿا. جيئن ته رستم، سهراب، اسفندار، تهمينا... ۽ مزي جي ڳالهه اهي نالا سنڌ جا مسلمان به رکن ٿا، جيتوڻيڪ اهي مسلمان نه پر مجوسي (زوروسٽر) هئا. شاهنامي جا ڪجهه ٻيا ڪردار هن ريت آهن جيڪي نالا پارسين ۾ عام آهن، جيئن ته: افراسياب، فريدون، جمشيد، منوچهر، سيمبرغ، راخش، هشانگ. گدراز، زاهڪ، روهام وغيره.
هونءَ به شاهنامون دنيا ۾ رهندڙ ٻه اڍائي لک پارسين (Zoroastrians) جي لاءِ بيحد اهم ڪتاب آهي جو شاهنامي ۾ پارسين جي اصل نسل کان وٺي سندن آخري پارسي شهنشاهه يزدگرد سوم جي عربن کان هار تائين جو احوال آهي. شاهنامي جي سڀ کان مشهور ڪهاڻي رستم جي آهي، جيڪو لڙائي ۾ پنهنجي پٽ سهراب کي قتل ٿو ڪري وجهي. ٻئي پيءُ پٽ هڪ ٻئي کان اڻ واقف آهن. سهراب زخمي ٿيڻ وقت جڏهن پنهنجي قاتل کي چوي ٿو ته مون کي مارڻ جو بدلو منهنجو پيءُ رستم توکان ضرور وٺندو، ان وقت رستم محسوس ٿو ڪري ته هي سندس زال تهمينا مان پٽ سهراب آهي.
رستم ايران جو هڪ ڏند ڪٿائي (Mythical) هيرو ٿي گذريو آهي، جنهن جي پيءُ جو نالو زالزر هو ۽ ماءُ رُدابا. چون ٿا ته رستم ڄمڻ وقت ئي وڏو پهلوان ۽ وڏي سائيز جو ٻار هو ۽ سندس ماءُ کي ڊليوري وقت سخت تڪليف آئي هئي. ذال جيڪو ردابا جو مڙس به هو ته عاشق به. هن کي پڪ ٿي وئي ته هوءَ سورن وگهي مري ويندي، پر پوءِ آخري وقت تي هن سيمرغ (ايراني ڪلچر جو خيالي پکي) کي گهرايو، جنهن زالزر کي پنهنجي زال جو پيٽ ڪپي ٻار ڪڍڻ جو جيڪو طريقو ٻڌايو ۽ جنهن کي اڄ ڪلهه جي دنيا ۾ سيزيرين آپريشن سڏجي ٿو، فارسي ۾ ان کي ”رستم زاد“ سڏين. چون ٿا ته رستم اڃا ٻار هو ته هن هڪ ئي ڌڪ سان بادشاهه منوچهر جي مست هاٿيءَ کي ماري ڏيکاريو هو، رستم جي ڏاڏي جو نالو سام ۽ نرامان هو، نريمان به پارسين جو مشهور نالو آهي. نريمان نالي هڪ پارسي انڊيا جي مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي جنهن جي نالي ممبئي جي پراني علائقي فورٽ ۾ گهٽيءَ جو نالو آهي ۽ ممبئي جي بلڪل ڏاکڻي علائقي (جتي پارسي رهن ٿا) جو نالو پڻ نريمان پوائنٽ آهي.