اهڙيون چرين ۽ ڪوٽن ۾ قيد به نه آهن
سنگبري توليدي
سنگين تراش خراسان
ماشين سازي موجد
سنگ مغناتيش.... وغيره وغيره
ٺهيو! مون دل ۾ سوچيو. چئبو ته اهي تراش فروش شڪن، ويندي ”تيش“ جنهن مان لفظ ”تيشي“ ٺهيو آهي، اهي سڀ فارسي جا لفظ آهن جيڪسي اسان جي سنڌي، اردو، پنجابي ۽ پشتو ۾ صدين کان اهڙو ته ملي ويا آهن، جو لڳي ٿو ته ڄڻ اسان جي ٻولي جا لفظ آهن. هتي ايران اچي هاڻ آئون به سوچيان ٿو ته پوءِ اسان جي ٻولين ۾ باقي پنهنجا اصل بچيا ئي ڪهڙا لفظ؟ ملئي ماڻهو پنهنجي زبان لاءِ چوندا آهن ته ملئي زبان جا پنهنجا فقط چار لفظ آهن: (سوئر)، بيسي (لوه)... ۽ ٻه ٻيا لفظ جيڪي هن وقت مون کي ياد نه پيا اچن. رستي جي ڪناري تي رکي رکي بورڊ نظر آيو ٿي جنهن تي فارسي ۾ لکيل هو: ”سرعت گير“ ڇا معنى ٿي سگهي ٿي ان لفظ جي؟ سرعت جو لفظ اسان جي چرپر لاءِ استعمال ڪندا آهيون ۽ گير جي معنى ڇا ٿي سگهي ٿي؟ طوس جي ويجهو پهچڻ تي اندازو لڳايم ته جڏهن به اهڙو بورڊ اچي ٿو ته بس جو ڊرائيور رفتار بنهه گهٽايو ڇڏي جو اڳيان Speed Breaker اچيو وڃي. تنهن جي معنى ته سرعت گير معنى اسپيڊ بريڪر. يعني رفتار روڪڻ وارو، رفتار جهلڻ وارو ۽ ضرور دلگير ۽ دستگير جهڙا لفظ به فارسي جا ئي هوندا.
دائود نه فقط طوس تائين اچڻ جو بس جو ڀاڙو منهنجي پاران ڀريو پر هن مون کي واپس وڃڻ لاءِ به ٻه ٽڪيٽون ڏنيون. هن وٽ به ٻين ماڻهن وانگر ٽڪيٽن جو يڪو پئڪيٽ هو جنهن ۾ ويهه کن ٽڪيٽون هيون. مون سندس ٿورو مڃيو. ساڳي وقت اهو به معلوم ڪري مون کي حيرت ٿي ته ايران ۾ بس جي ٽڪيٽ ڪا پنجاهه تُمن کان به گهٽ آهي، يعني پنهنجا ٽي روپيا به نه ٿيا. هيڏو وڏو سفر ههڙي عمده بس ۽ رستا، ۽ ههڙي سستي ٽڪيٽ- ايران جي حڪومت پنهنجن ماڻهن لاءِ اهو وڏو سک ڏنو آهي ۽ ٻيو سستن نانن جو! اسان وٽ ڏينهون ڏينهن نان وڃي ننڍو ۽ سنهو ٿيندو ۽ هتي جو نان ايڏو ٿلهو، نرم ۽ ڊگهو آهي جهڙو ٻار سمهارڻ جو رلڪو. ان کان علاوه تعليم، روزگار ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه امن امان آهي جيڪو هتي جي حڪومت غريب عوام لاءِ مهيا ڪيو آهي ۽ اها هن قوم جي وڏي خوش نصيبي آهي.
فردوسي جي مقبري جي چوڌاري تمام وڏو پارڪ آهي جنهن ۾ هڪ ريسٽورنٽ به آهي. پارڪ جي وچ ۾ ماڻهوءَ جي قد کان ٻيڻو فردوسيءَ جو ڌاتوءَ مان ٺهيل Statue (بوتو) آهي. پارڪ جي چوڌاري توڙي ڦوهاري اڳيان ڏاڪڻين تي ڪيترائي اڪيلا ۽ ٽولن ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون، فئمليون ۽ اسڪولن ڪاليجن جا مختلف يونيفارمن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پسار ڪري رهيون هيون. ههڙن هنڌن تي ايراني عورتون ايڏي سخت پردي ۾ نظر نٿيون اچن. جيترو شهر جي بازارين ۾ يا مذهبي جاين ۽ مسجدن ۾، خير ڏٺو وڃي ته اتي به ڪو اهڙو سخت پردو ناهي جيترو ايران خلاف دنيا ۾ پروپئگنڊا هلي ٿي. ايراني عورتون ملئي عورتن وانگر منهن کليل رکن ٿيون، فقط مٿي کي ٽڪنڊي رومال سان ڍڪين، جنهن کي ايراني ”روسري“ سڏين ٿا ۽ ملئي”تودونگ“۽ عرب ”حجاب“.ملئي ڇوڪريون چادر يا گائون نٿيون پائين پر ايراني گهر کان ٻاهر نڪرڻ مهل چادر ويڙهين ٿيون، پر ههڙن هنڌن تي، عمر خيام يا هن فردوسي جي مقبري تي، يا شاندليز جهڙن پڪنڪ Spots تي هو چادر نٿيون اوڍين، ان بدران گائون پائي نڪرن ۽ مٿي تي ٻڌل رومال (روسري) به اهڙو ڍرو ٻڌين ٿيون جو رکي رکي سندن مٿي جي وارن جون چڳون پيون نظر اچن، ۽ هتي اچي اهو به نوٽ ڪيم ته ڪيترا ايراني ڇوڪرا ڇوڪرين سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي هلي رهيا هئا ۽ ڪيتريون ئي عورتون ايندڙ ويندڙ ڌارين مردن سان ڳالهائي رهيون هيون. ڪيترين کي ڪئميرائون هٿن ۾ هيون، ۽ فوٽو ڪڍي رهيون هيون. اتي منهنجي به ڪيترين ئي فئملين سان ڳالهه ٻولهه ٿي. اتفاق سان ٻن اهڙن نوجوان عورتن سان ملاقات ٿي جن جا مڙس مون وانگر جهازن تي مئرين انجنيئر آهن ۽ هنن منهنجي ايراني دوستن: سيد استري ۽ سيف الاهي کي سڃاتو ٿي، جيڪي سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ منهنجا ڪلاس ميٽ هئا ۽ هاڻ ايران جي جهاز ران ڪمپني ۾ هنن عورتن جي مڙسن جا باس آهن. هن مون سان پنهنجي Email ائڊريس به Exchange ڪئي، ۽ ٻڌايائون ته هو تهران يونيورسٽي جون گرئجوئيٽ آهن. پنهنجن مڙسن سان گڏ سندن پاڻي واري جهازن تي يورپ پاسي Sail به ڪري چڪيون آهن، پر هينئر ٻارن جي پڙهائي ڪري هو تهران ۾ رهيل آهن ۽ سندن مڙس اڪيلو Sail ڪري رهيا آهن. هي سڀ ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته ايران جون عورتون ڪي اهڙيون چريون ۽ ڪوٽن ۾ قيد به نه آهن جهڙو کڻي مغربي پريس هنن کي بدنام ڪيو آهي. هو ملڪ جي اعلى يونيورسٽين جون پڙهيل آهن. مڙسن سان گڏ طوفاني راتين ۽ مڇريل سمنڊن تي جهازن ۾ مهينن جا مهينا سفر ڪري رهيون آهن، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جون ڄاڻون آهن، ٻارن ۽ پنهنجي تفريح لاءِ اڪيلي سر تهران کان هيڏانهن طوس ۽ مشهد کان اچيو نڪرن، جيڪو فاصلو ٿورو ٿورو ته به ڪراچي کان سکر يا لاڙڪاڻي جيترو ته ٿيندو، هو ڌارين مردن سان اخلاق جي حدن ۾ رهي، فضيلت ۽ ڄاڻ ڀريو گفتگو ڪري سگهن ٿيون. هنن جي چهرن تي موسم ۽ مهانڊي مطابق هلڪي ۽ ٺهڪندڙ ميڪ اپ ڏسي اندازو لڳايم ته مشهد توڙي تهران جهڙن ايراني شهرن ۾ توڙي کڻي حيدرآباد جهڙا بيوٽي پارلر نه آهن پر ايراني عورتن کي نه فقط صحيح ميڪ اپ ڪرڻ جي ڄاڻ آهي پر هو اهو به سمجهن ٿيون ته اڄ جي دؤر ۾ سهڻو ۽ تندرست رهڻ لاءِ گهٽ کائجي، واڪ ڪجي ۽ ٿولهه کان نجات حاصل ڪجي.
ان کان علاوه فردوسي ريسٽورينٽ جي ٻاهران ٻن ماسترياڻين سان گڏ ويهارو کن شاگرياڻيون نظر آيون. هنن کان پڇڻ تي هو فوٽو ڪڍائڻ لاءِ تيار ٿي ويون ۽ جڏهن هنن کي ٻڌايم ته آئون ليکڪ آهيان ته هنن مون کي پنهنجي وچ ۾ بيهاري پنهنجين ڪئميرائن سان به فوٽو ڪڍيا ۽ ڪيتريون ئي ڇوڪريون پنهنجي Email ائڊريس لکائڻ لڳيون. انڊيا، سري لنڪا، ملائيشيا جهڙو ملڪ هجي ته اها حيرت جي ڳالهه نه لڳي ها پر ايران جهڙو ملڪ جنهن کي دنيا، يعني مغربي دنيا جاهل، ڄٽ ۽ دقيانوسي خيالن جو ٿي سمجهي ۽ سچ ته اهو آهي ته منهنجو مغرب جي دنيا سان واسطو هجڻ ڪري ٽائيم، نيوز ويڪ جهڙا رسالا ۽ CNN ۽ Sky News جهڙا ٽي وي چئنل ڏسي آئون به هنن جي پروپئگنڊا جو قائل ٿي ويو هوس، پر هتي پهچي مون کي پنهنجي راءِ بدلائڻي پئي آهي.
هيٺ بيسمينٽ ۾ جتي فردوسي جي قبر آهي ان جي چوڌاري ڀتين تي فردوسي جا ڪيترائي شعر ۽ سندس ڪردارن رستم، سهراب وغيره جي ڪارنامن جون تصويرون اڪريل آهن جن جي هيٺيان فارسي ۽ انگريزي ۾ Captions ڏنل آهن. جيڪي ڪجهه هن ريت آهن: رستم جنگل مان ٻن منهن وارو تير آڻي رهيو آهي. رستم ۽ اسفندار وچ ۾ لڙائي جنهن ۾ سوڀ رستم جي ٿئي ٿي. رستم مزنداران جي شهنشاهه جي حاضري لاءِ پهتل.... وغيره. انهن تصويرن جا ٻيا به فوٽو ڪڍي رهيا هئا پر اهي سڀ موبائيل فون وارين ڪئميرائن سان ڪڍي رهيا هئا. منهنجي ڀرسان بيٺل ڪجهه همراهن کي پنهنجي ڪئميرا ڏي اشارو ڪري انگريزي ۾ پڇيم ته فوٽو ڪڍي سگهان ٿو. هنن کي فقط فارسي آئي ٿي پر هو منهنجي ڳالهه سمجهي ويا، ۽ جنهن ٽون ۽ اشارن سان هنن مون کي ٻڌايو ان مان اهو ئي اندازو لڳايم ته هنن جو مطلب اهو ئي آهي ته اجازت ناهي، پر ڀلي فوٽو ڪڍ. آئون اڃا ٻڏتر ۾ هوس ته هڪ همراه مون کان ڪئميرا وٺي منهنجي پسند جا چڱا فوٽا ڪڍي ڪئميرا واپس ڪئي. مون سندس ٿورو مڃيندي دل ۾ چيو ته اهو ڪم صحيح ڪيئي. اسين پاڪستاني اڳهين ماڻهن کي نٿا وڻون، ويتر معمولي به غلط ڪم ڪنداسين ته اسان کي بدنام ڪيو ويندو، ان ڪري آئون هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان ڪو به اهڙو قدم کڻڻ نٿو چاهيان جنهن ۾ ڪنهن کي اعتراض هجي.