سفر بابت اهم ڳالهيون
پهريون دفعو ايران آءٌ زيارتين جي قافلي سان ويس. پنهنجي دوست ڪئپٽن مظهر زيدي، جنهن سان گڏ مون کي ڪيترائي جهاز هلائڻ جو موقعو مليو، ان جي چوڻ تي ڪراچي جي هڪ ٽريول ايجنٽ ”الحرمين“ وٽ آيس جنهن مون کي هڪ اهڙي قافلي سان شامل ڪيو جيڪو هتان باءِ ايئر ايران روانو ٿي رهيو هو جنهن سان گڏ گائيڊ طور هنن جو پنهنجو هڪ ماڻهو محمد علي رضوي نالي هلي رهيو هو.شروع ۾ ڪئپٽن مظهر زيدي به مون سان گڏ هلڻ جو پروگرام رٿيو هو ۽ مون کي صبح شام اسلام تي ليڪچر اچي ڏيندو هو پر پوءِ آخري وقت تي ڪنهن ضروري ڪمٽمينٽ جي ڪري هن پنهنجو هلڻ ڪئنسل ڪيو جنهن جو هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو. مون کلندي چيومانس: ”سٺو ٿيو تون نٿو هلين“.
”ڇو ڀلا؟“ ڪئپٽن مظهر زيديءَ حيرت مان پڇيو.
”ان ڪري جو تنهنجي ڳالهين مان لڳي ٿو ته تون مون کي رڳو مسجدن، مقبرن ۽ مزارن ۾ قابو ڪري ڇڏيندين.“ مون چيومانس، ”آءٌ ايران جون ٻيون به شيون ڏسڻ چاهيان ٿو جيئن سفرنامون لکي سگهان.“
زيارتن تي وٺي هلڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ واري ڪراچي جي ٽريول ايجنٽ ”الحرمين“ اسان جي گروپ جي ماڻهن کي جمعي نماز بعد صدر ۾ پنهنجي آفيس جي سامهون واري امام علي رضا امام بارگاهه ۾، سفر بابت ٻڌائڻ لاءِ گهرايو. ڪئپٽن مظهر زيديءَ کي فون ڪري پڇيم ته منهنجو وڃڻ به ضروري آهي ڇا؟ منهنجو مطلب هو ته سڄي عمر سفر ڪرڻ ۾ گذري آهي، هاڻ ڇا وڃي اهو ليڪچر، يعني ساڳيون ڳالهيون ٻڌان؟
”منهنجي خيال ۾ ضرور وڃ.“ هن چيو، ”گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي گروپ جي ماڻهن کي ته ڏسي سگهندين، جيڪي ان قافلي ۾ توسان گڏ هوندا.“
اتي پهچي محسوس ڪيم ته چڱو جو هن بريفنگ لاءِ آيس. ڇو جو پنهنجي قافلي سان گڏ هلندڙ ماڻهن سڃاڻپ ٿيڻ کان علاوه محمد علي صاحب جي ڳالهين ٻڌڻ جو به موقعو مليو جن ۾ ڪيتريون معلوماتي ۽ دلچسپ هيون، خاص ڪري انهن مسافرن لاءِ جيڪي پهريون دفعو ملڪ کان ٻاهر هلي رهيا هئا ۽ چڱو جو آءٌ به ويس ۽ خبر پئي ته هر هڪ کي پاڻ سان پليٽ، چمچو ۽ چانهه پيئڻ لاءِ مگ کڻي هلڻو آهي، جو مانيءَ جو سڄو بار الحرمين وارن کنيو آهي. يعني رهائش ۽ ماني اسان جي ان ٽڪيٽ ۾ شامل آهي. مشهد يا قم پهچي خبر پوي ها ته اسان جي ٽوئر جو ليڊر ڪنهن هوٽل تان ڀت يا ٻوڙ جو ديڳڙو وٺي آيو آهي ۽ سڀئي پنهنجيون پليٽون جهليو بيٺا آهن، سواءِ منهنجي! اهڙي جٺ مون سان هڪ دفعو ملائشيا ۾ به ٿي چڪي آهي، جڏهن هڪ ٽوئر ڪمپني ذريعي اسان ملائيشيا جي جنگل ٽرئڪنگ تي وياسين. اها ڪمپني پينانگ کان چڪن نوڊل جو ديڳڙو کڻي هلي هئي. سڀ پليٽون کڻي هليا هئا مون کي خبر نه هئي.
مشهد، تهران يا قم ته وري به وڏا شهر آهن ۽ ڏينهن رات کليا پيا آهن، شيءَ دڪان تان به وٺي سگهجي ٿي. جنگل ۾ پليٽ ڪٿان اچي. چڱو جو اتي ڪيلي جي پوک هئي جنهن جي پنن تي نوڊل، آچار ۽ سلاد رکي ماني کاڌم. هونءَ به ملائيشا ۽ سنگاپور ۾ سائوٿ انڊين هوٽلن ۾ تامل ماڻهو پليٽن بدران ڪيلي جي پن تي ماني رکي کائين.
هن بريفنگ ۾ اسان جي ٽريول اينجنٽ ۽ ٽوئر ڪرائيندڙ ليڊر محمد علي صاحب پهرين ته اهو ٻڌايو ته هو اسان کي تهران، مشهد، قم جهڙن وڏن شهرن کان علاوه نيشاپور (جتي عمر خيام جو مقبرو آهي ۽ جنهن شهر سان مشهور شاعر ۽ صوفي فريد دين عطار ۽ مشهور مصور ڪمال ملوڪ جو تعلق آهي) ۽ ڪاشان شهر (جيڪو قم ۽ ڪرمان روڊ تي آهي ۽ تاريخي جاين کان مشهور آهي) پڻ وٺي هلندو. ”سڀ کان اهم شيءَ مشهد ۾ امام رضا جو روضو آهي.“ هن ٻڌايو، ”جنهن جي زيارت سڀ ۾ اهم آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته حج کان وڌيڪ ثواب آهي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو حج نه ڪري ۽ مشهد مان ٿي اچي چوي ته مون ست سو حجن جو ثواب کٽيو. حج، نماز، روزو وغيره پهرين آهن.“
محمد علي صاحب چيو ته امام رضا جي روضي جي زيارت جو ثواب ائين آهي جيئن ”اوور ٽائيم“ جيڪو نارمل ڊيوٽي واري ڪم کان هميشه گهڻو ٿئي ٿو پر شرط اهو آهي ته پهرين نارمل ڊيوٽي يعني حج، نماز، روزو، وغيره مڪمل ڪري ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڪو صبح جو ڊيوٽي تي نه اچي. شام جو پنجين بجي موڪل مهل اچي چوي ته آءٌ ٿو اوور ٽائيم ڪريان ته هن کي اوور ٽائيم هرگز نه ملي سگهندو.
اسان جي ايران جي هن ٽوئر جي گائيڊ محمد علي صاحب جي ان ليڪچر جون ڪجهه ڳالهيون مختصر هن ريت آهن.
* ايران جي هنن زيارتن کان اڳ پنهنجن رٺل مائٽن ۽ دوستن کي پرچائي هلو ته سٺو.
* سفر ۾ ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ بدران ٻئي جي تڪليف (Share) ڪري ثواب کٽڻ جي ڪوشش ڪريو.
* عورتن کي کپي ته برقعو يا وڏي چادر اوڍي امام رضا جي روضي تي ۽ ٻين عبادت گهرن ۾ گهڙن.
* سامان پاڻ سان جيترو ٿي سگهي گهٽ کڻو جو سفر ۾ اهو توهان کي ئي گهلڻو آهي. پنهنجي اکين اڳيان سامان کي بند ڪري تالو هڻو. ٻئي لاءِ سامان کڻي وڃڻ کان گريز ڪيو يا گهٽ ۾ گهٽ ان کي کولي چڱي طرح خاطري ڪريو، ائين نه ٿئي ته ڪو توهان کي نشي واري شيءَ ڏيئي توهان کي ڦاسائي وجهي. ايران ۾ پابندي وارين شين کي آڻڻ جي سزا موت آهي. ايئرپورٽ تي ڪو توهان کي ٿوري دير لاءِ به ڪا شيءَ جهلڻ لاءِ ڏئي ته هرگز نه وٺو ۽ نه ئي ڪنهن جي رکيل شيءَ کي هٿ لايو.
* پاڻ سان صحيح قسم جي بئگ کڻي هلجو. ڪيترا ماڻهو سفر ۾ پراڻي ڪمزور بئگ کڻي هلندا آهن ۽ پوءِ اها ٽٽڻ تي پنهنجي لاءِ پريشاني پيدا ڪندا آهن. اڄڪلهه بهترين بئگ اها آهي جنهن ۾ ڦيٿا لڳل هجن جيئن اها اوهان کي گهلڻ ۾ آسان ٿئي. محمد علي ٻڌايو ته ايران ۾ ڪيترائي اسان جا پاڪستاني رهن ٿا ۽ پوءِ خير خبر ڪرڻ تي سامان چنبڙايو ڇڏين. هن ٻڌايو ته هن کي هڪ همراهه ڏهه کن ڪلو سامان کڻڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي ۽ ها ڪري ويٺس. ”آخري ڏينهن تي هو جڏهن بئگ کڻي آيو ته ان جو وزن ويهه ڪلو کان به مٿي هو ۽ بئگ وري اهڙي هئي جنهن ۾ ڦيٿا نه هئنڊل. بئگ نه هئي ڄڻ ڇانهين هئي. تالي بدران رسن سان ٻڌل هئي جيڪي کولي ڪسٽم وارن کي چيڪ ڪرائڻي پيئي. سو بهتر آهي ته اهڙي ڪمٽمينٽ کان پاسو ڪجو.“
* اسان جي هر وقت اها ڪوشش رهي ٿي ته توهان زائرين (مسافرن) لاءِ هر هنڌ سٺو بندوبست رکجي. پر جتي لکين ماڻهن جي اچ وڃ هجي. اتي ڪڏهن ڪڏهن هوٽلن ۽ بسين ۾ بهترين سروس نه ملڻ جي شڪايت رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته اسان طرفان Payment ايئر ڪنڊيشنڊ بس جي ٿيل هوندي آهي. پر ڪنهن سبب ڪري اها نه پهچي سگهندي آهي. هاڻ! ان جي انتظار ۾ اڻ ڄاڻ ڪلاڪ انتظار ڪري وقت برباد ڪرڻ بدران عام بس ۾ ئي وٺي هلڻو پوي ٿو. هڪ ٻيو مثال، هوٽلن ۾ اسان ڪمرا بڪ ڪرايا پر اسان کي تهران کان Connecting فلائيٽ ملڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ مشهد يا ڪنهن ٻئي شهر وقت تي نه پهچي سگهياسين ۽ ساڳي وقت هوٽلن واري وٽ ڪو عرب ملڪ جو امير پهچي ويو ۽ هن اسان جا ڪجهه ڪمرا هن کي ڏئي ڇڏيا ۽ اسان کي اوترا ڪمرا ٻي ڪنهن هوٽل ۾ ڳولڻا پيا جيڪي پهرين واري هوٽل کان اوچا به ٿي سگهن ٿا ته سادا به.
* ڪوشش ڪري سفر کي Enjoy ڪريو. ڪي اهڙا مسافر به ٿين ٿا. جيڪي معمولي معمولي ڳالهه تي پاڻ به پريشان ٿين ٿا ته ٻين کي به ڪن ٿا ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي ان ملڪ جي سسٽم ۾ شامل آهن. اسين ڪجهه نٿا ڪري سگهون. هڪ يورپي انگلينڊ ۽ فرانس جي ريلن ۾ چڙهڻ بعد پاڪستان ۾ ذڪريا ايڪسپريس جي ڦاٽل سيٽن، لوڏن ۽ وقت تي اسٽيشن تي نه پهچڻ جي شڪايت ڪرڻ تي ڇا اسان جو ريلوي کاتو ان ئي وقت پنهنجين گاڏين کي يورپ جي معيار تي آڻي سگهندو؟ سو اجايو ڪُرڪڻ ۽ ڪنجهڻ سان پنهنجي طبعيت خراب نه ڪريو. ”مون اهڙا ماڻهو به ڏٺا آهن جيڪي جيتوڻيڪ لاڏ ڪوڏ ۾ رهن ٿا پر سفر دوران پيش ايندڙ تڪليف کي درگذر ڪن ٿا ۽ هر شيءِ مان لطف حاصل ڪن ٿا.“ محمد علي ٻڌايو.
* مشهد ۽ قم جهڙن شهرن ۾، جنهن ڪم، يعني زيارت ۽ عبادت لاءِ هلي رهيا آهيو، ان کي ئي وقت ڏيڻ جي ڪوشش ڪجو. شاپنگ پٺيان وقت وڃائڻ اجايو ڪم آهي. اهي ”ميڊ ان چائنا“ شيون اڄڪلهه جتي ڪٿي ساڳيون آهن بلڪه پاڪستان ۾ توهان کي وڌيڪ سستيون ملنديون. رستي تان لنگهندي ڪا شيءِ توهان کي نظر اچي ٿي وڃي ته اها وٺڻ بهتر آهي. باقي ڪنهن شي جي خريداري لاءِ ان جي ڳولا ۾ سڄو ڏينهن وڃائڻ بيوقوفي آهي.
* پنهنجي ملڪ کان ٻاهر توهان جي حيثيت پنهنجي ذاتي ناهي پر توهان پنهنجي ملڪ جا سفير آهيو. توهان جو هر سٺو يا خراب عمل توهان جي ملڪ ڏي Reflect ٿئي ٿو. خريداري وقت توهان شيءَ جي قيمت جو اندازو لڳائي ان مطابق دڪاندار کي قيمت گهٽائڻ لاءِ چئو. اسان جي ملڪ جا ڪي ماڻهو قيمت گهٽ ڪرڻ خاطر دڪاندار کي ايڏيون آزيون نيزاريون ڪن ٿا جو دڪاندار اهو سوچي ته هي ڪهڙا مسڪين ۽ فقير اچي نڪتا آهن، هو اهڙي گراهڪ مان پنهنجي جان ڇڏائڻ خاطر، شيءَ جي مور تان به هٿ کڻي، هن کي مفت ۾ ڏيو ڇڏي، جيئن هُو ٽري وڃي.
* گهر کان ٻاهر، خاص ڪري پرديس ۾، هر اهو کاڌو ملڻ آسان ناهي جنهن جا توهان عادي آهيو. پر ايترو توهان کي ٻڌايان ته ايران انهن ملڪن مان آهي جتي صحتمند ۽ صاف سٿرو کاڌو وڪامي ٿو، پچايو وڃي ٿو ۽ جتي ڪٿي صفائي جو خيال رکيو وڃي ٿو. اسان جي قافلي ۾ ڪجهه اهڙا به مسافر هئا جيڪي اڳ ۾ ايران مان ٿي آيا هئا ۽ اسان جي گائيڊ محمد علي سان ڄاڻ سڃاڻ هين، تڏهن ته محمد علي انهن مان هڪ عورت ڏي اشارو ڪندي چيو ته آنٽيءَ کان پڇو ته سندس گهر جي پويان لاهور جي فلاڻي مٺائي شاپ جي پٺ آهي. ان دڪان ۾ اڳيان گهر ته صاف سٿرو ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ پر پٺيان، جتي انهن جو ڪچن آهي، ڇا گندگي آهي! گند ڪچرو، مکين جا انبار، ڪتا ٻلا ۽ گدلا باورچي نظر ايندا. توهان جيڪر ڏسو ته دڪان تان مٺائي وٺڻ ڇڏي ڏيو. اهو ئي حال اسان جي ملڪ ۾ ٻين هوٽلن ۽ ريسٽورينٽن جو آهي پر ايران ۾ اها ڳالهه ناهي. اتي ظاهري ميڪ اپ ۽ ”شوشا“ بدران اصل ڳالهه صفائي ۽ سٺي شيءَ جي آهي. ننڍين ننڍين هوٽلن جا بورچيخانا ۽ بورچي توهان کي صاف سٿرا ملندا. توهان کي ڪٿي به پاروٿو کاڌو يا ٻاڪري جي نالي ۾ پوڙهين ۽ بيمار ڍڳين جو گوشت نه ملندو. ايران جي حڪومت جو صحت کاتو ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ ان معاملي ۾ بيحد سخت آهي ۽ اتي قانون تي عمل ڪرايو وڃي ٿو. ان ڪري توهان کي ايران ۾ کاڌي جي معاملي ۾ فڪرمند نه ٿيڻ کپي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ايراني ڊشن ۾ اسان وانگر ڳاڙهن مرچن ۽ گرم مسالن جو ايڏو استعمال نٿو ٿئي. بهرحال توهان هڪ ڪم ڪري سگهو ٿا. هتان مرچ مسالن جو داڳ ڪري پاڻ سان کڻي هلو پوءِ اتي جي ڦڪي ٻوڙ ۾ ٿورو ٿورو وجهي کائي سگهو ٿا. يا هتي دٻن ۾ پئڪ ٿيل ٻوڙ ملن ٿا اهي پاڻ سان کڻي هلي سگهو ٿا.
* ايران جون نه فقط هوٽلون ۽ دڪان صاف سٿرا آهن پر رستا ۽ گهٽيون به گند ڪچري کان خالي آهن. هيڏي عوام جو اڇلايل گند ڪچرو ڪيئن رات اندر صاف ٿيو ٿو وڃي. سمجهه ۾ نٿو اچي! ايران کان پوءِ اڳتي عراق ۽ شام ۾ توهان کي ڪيترن ئي هنڌن تي پنهنجي ملڪ واري گندگي نظر ايندي ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿيندو پر منهنجي توهان کي اهائي صلاح آهي ته توهان سٺا ٽوئرسٽ هجڻ جو مثال قائم ڪجو . جتي ڪٿي گند ڪچرو اڇلائڻ کان گريز ڪجو. چاهي ايران هجي يا عراق ۽ شام.
* ايران ايڏي ترقي ڪئي آهي جو اتي جون ڳوٺاڻيون عورتون به اسان جي عورتن کي ماڊرن لڳنديون ۽ اهي ايراني عورتون جيڪي واقعي ماڊرن آهن ۽ جيڪي مڙسن سان يا اڪيليون فرانس، جرمني جا چڪر پيون هڻن، اهي ته الائي ڇا آهن. بهرحال اهي ڀلي چڱي طرح پردو ڪن يا نه ڪن، پر سڀ اهو چاهين ٿا ۽ اسان جي عورتن لاءِ به ضروري آهي ته هو پنهنجي جسم کي چڱي طرح ڍڪي هلن جو اسان جو اميج هڪ زائرين جو آهي جنهن کي برقرار رکڻ کپي.
* مشهد شهر ۾ جتي امام رضا جو روضو آهي اتي هڪ ته اسان رهائش جو بندوبست ويجهو رکيو آهي ۽ امام رضا جي روضي تي توهان ڪنهن به وقت وڃي سگهو ٿا. سڄي رات ماڻهو اچن وڃن پيا ۽ ايران ۾ ڪابه اهڙي بدامني ناهي جو رستي تي ڪو مرد ماڻهو عورتن کي تنگ ڪري، ايران انهن ڳالهين کان آجو آهي. پر ان هوندي به عورتن توڙي مردن لاءِ بهتر آهي ته هو شهر جي سوڙهين ۽ ويران گهٽين مان هلڻ بدران عام ۽ وهندڙ رستن تان هلڻ ۽ عورتون ڳهه ڳٽن جهڙين شين جي نمائش نه ڪن ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته ڪو اسان جي ئي ملڪ جو جيب ڪترو يا بشني، ماڻهن جي گهڻائي ۽ پيهه پيهان مان فائدو وٺي توهان کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري.
* پان سان عام استعمال جون دوائون جهڙوڪ سور، دستن، ٿڌ، زڪام جون گوريون ۽ خاص دوائون جهڙوڪ بلڊپريشر، ڊائٽبيز، ٿايورائيڊ وغيره جون، پاڻ سان هتان ئي کڻي هلجو.
* هنڌ بستري جو جتي ڪٿي بندوبست هوندو پر ان هوندي به هڪ چادر پاڻ سان کڻي هلجو جيئن ان مٿان هوٽل جو بلاڪيٽ استعمال ڪري سگهو.
هن گروپ ۾ جيڪي مون سان گڏ هلي رهيا هئا انهن سڀني جو اهل شيعه سان تعلق هو، بلڪه ڪاروان الحرمين طرفان هن سفر جو بندوبست به اهڙي طرح سان رکيو وڃي ٿو جيئن هو اسان کي گهڻي کان گهڻيون مذهبي جايون ڏيکاري سگهن. سندن طرفان ڏنل پروگرام واري بروشر تي لکيل آهي ته هي سفر هڪ مقدس آهي. پنهنجو پاڻ کي قلبي طور هن سفر لاءِ آماده ڪريو.
هن سفر کي رب پاڪ جو فضل و ڪرم سمجهي پنهنجو پاڻ کي تيار رکو.
جيڪڏهن ڪنهن شخص جو توهان تي قرض آهي ته اهو هن کي ادا ڪريو. ماڻهن کان چيو چوايو بخش ڪرايو.
ٿي سگهي ته هن سفر تي نڪرڻ کان اڳ ٽي ڏينهن روزا رکو.
سفر دوران ڪنهن به صورت ۾ واجبات کي ڇڏي نه ڏيو.
نماز وقت جي پابندي سان مسجد ۾ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪجو.
گلا، غيبت، ڪوڙ، بدگماني، ڪاوڙ، اجائي سجائي ڳالهه ٻولهه يا ٻين اهڙن حرام ڪمن کان پاسو ڪجو.
سفر جي تڪليف کان پريشان ٿي ڪاوڙ نه ڪجو.
عورتون پردي جو خاص خيال رکن.
منهنجي دوست ڪئپٽن مظهر زيدي اسان جي گائيڊ محمد علي کي مون لاءِ ٻڌايو ته آءٌ ڪجهه ڏينهن قم ۽ مشهد شهرن جي جهونين لئبريرين ۾ وقت گذارڻ کان علاوه تبريز، شيراز، ڪرمان ۽ اصفهان به وڃڻ چاهيان ٿو ۽ ڏينهن ٻن لاءِ ايران جي بندرگاهه واري شهر چا بهار جي نيول اڪيڊمي ۾ ليڪچر ڏيڻ پڻ چاهيان ٿو. محمد علي وارا جيڪي نه فقط پاڪ جاين (حج، عمرو، زيارت) لاءِ وٺي هلن ٿا پر مختلف هوائي ڪمپنين جا ٽريول ايجنٽ به آهن. هنن منهنجي ٽڪيٽ کليل ئي رکي. ”ايران جو هوائي جهاز هر اربع تي ڪراچي اچي ٿو.“ هنن ٻڌايو، ”جنهن هفتي توهان موٽڻ چاهيو ان جي اربع ڏينهن تهران جي ايئرپورٽ تي پهچي وڃجو.“
دراصل پهرين منهنجو خيال هو ته ايران فقط اهي وڃن ٿا جيڪي شيعا آهن، پر اسان جي ڳوٺ هالا کان ايران ويندڙ سڃاڻن ٻڌايو ته ايران هڪ لبرل ملڪ آهي جتي هر ڪو آزادي سان مذهبي، تواريخي، قديمي ۽ ماڊرن جايون ڏسڻ ۽ خريداري لاءِ اچي سگهي ٿو ۽ هاڻ جڏهن پنهنجي ايران وڃڻ جي پروگرام کي پنهنجي هڪ عرب دوست ڪمانڊري عبدالجبار الشهري سان ڳالهه ڪيم ته خبر پئي ته هو به ڪيترا دفعا موڪلن جا ڏينهن گذارڻ لاءِ ايران، مشهد ۽ اصفهان ۾ اچي چڪو آهي ۽ هاڻ اسان ”چا بهار“ جي نيول اڪيڊمي ۾ گڏ ملڻ جو پروگرام ٺاهيو، جتي جا ڪجهه پروفيسر صاحب اسان جي گروپ ۾ هئا جڏهن اسان ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، عالمن سئيڊن مان پوسٽ گريجوئيشن گڏ پئي ڪئي.