ڪتاب جو نالو: من صحرا صحرا
مصنف: بلوچ صحبت علي
ڇپائيندڙ: پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرز
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 01 اپريل 2019 ع
پڙهيو ويو: 538 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 143 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”من صحرا صحرا“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ بلوچ صحبت علي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. بلوچ صحبت جي شاعريءَ ۾ خيالن جي بلُنديءَ سان گڏ فني حوالي سان نون، اصلاحن ۽ استعارن جي مناسب انداز ۾ جڙاوت ملي ٿي، جيڪا پڙهندڙن جي دل کي موهي وجهي ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سمورا حق واسطا سهڙيندڙ وٽ هٿيڪا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • اداري پاران
  • مهاڳ
  • خوشبودار خيالن ۽ سگهارين سوچن جو شاعر : بلوچ صحبت علي
  • ٻه اکر
  • شاعر جي نوٽ بوڪ تان:
  • غزل

  • دلبري تنهنجي بلي ڇا ڇا ڪيم،
  • شهر ۾ ڪيڏي تنهائي آ،
  • سڏ کي ورنائجو،
  • ماڻهن جي ميل ۾ هان،
  • تنهنجا نيڻ ڪٽورا ساجن،
  • تنهائي ۾ تنها ڪمرو ماريندو آ،
  • نه ڪا چاندني آ، اسان جي نگر ۾،
  • الفتون ۽ چاهتون گهٽجي ويون،
  • روز ٿو روشن ڪيئي فانوس ڪيان،
  • سون سارو بدن رڳي آهي،
  • تنهنجو ماڻي شباب آياسين،
  • تون ٽهڪ ڏيئي ٽِڙي پؤجان،
  • روح کي هاڻي پُڪارڻ آ هلي،
  • تون جو ناهين قرار ڪونهي ڪو،
  • مينهن جي موسم مٺي ملهار آ،
  • تاريخن جي رنگن ۾ ڀي روحن جا ڪي رشتا آهن،
  • چپن تي لڳائي هو تالو وئي،
  • اڙي آمر! اڙي آمر! اسان سان تون وڙهي سگهندين!
  • عاشقيءَ جو ڪتاب ڪافي آ،
  • ويا گم ٿي ستارا هِن،
  • ماڪ ڦُڙاڪي ماڻهو آهن،
  • اڄ وري آڪاش آ روئي ڏنو،
  • عشق جو آسمان شاهد آ،
  • اکين کي اکين جا حوالا ڏيو،
  • جي مارڻ گهرو ٿا ته ماري ڇڏيو،
  • هونءَ ته دل دوستو! ڀلي آهي،
  • وفا ڪري جفا ڪري،
  • هن سوا هت گذارجي ڪيسين؟،
  • اسان جي وفا جو تماشو ڪري،
  • وسي برسات ڳوڙهن جي،
  • هن جي سڪ ۽ اڪير سانڍي رک،
  • اچي ديس جا ڏس تون مارو ويچارا،
  • صداقت نه ڪنهن وٽ سچائي ڏٺم،
  • انڌيرن ۾ ڀي يار هلندا رهياسين،
  • درد نيلام ٿي ڪرين ڇا لئه،
  • توکان وڇڙي وري کَري پوندا،
  • چريا آهيون چاهت کي پرکي ڏسو،
  • روز غم ۽ ملال آيو آ،
  • اچ ته برسات جو مزو ماڻيون،
  • هو سراپا شباب ويٺي آ،
  • زندگي ديوار آ،
  • مرڪندي هو گلاب ڏيندي آ،
  • هن جو جنهن وٽ به جام پهتو آ،
  • تو سوا من قيامتون آهن،
  • کسي ويو ڪو چين ۽ لُٽي ويو سڪون آ،
  • سمي هڪڙي سهاني سان،
  • تنهنجي چاهت ۾ چُور ٿي ويو آ،
  • شراب ۽ شباب جون لڳي ويون نمائشون،
  • عشق جي آويءَ ۾ يارو،
  • ساري جڳ ۾ عشق ۽ الفت جو ميلو آ متل،
  • سونهن تنهنجي چهري جي ڏسندو رهان،
  • چريو چاهه آهي،
  • اسان شهر جانان جا رولاڪ آهيون،
  • اوهان جو کڻي ڪوئي پيغام آيو،
  • ايڏو نه مونکي پيار ڏي،
  • زندگي آ سفر،
  • عشق ٿيو اداس آ،
  • نياپا اوهان ڏي هزارين ڪياسين،
  • درد جي درياءُ مان ير،
  • الجهن ۾ ڇو اٽڪي پيو آ،
  • چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ڪو پکي اڏري ويو،
  • عشق کي آباد ڪر،
  • باسي تو جا باس،
  • جدائي ٿي جهوري سڄي رات صحبي،
  • ڀُلائي ڇڏين ٿو،
  • اوهان جي اکين جو عجب ڪاج آهي،
  • ٿي وئي آ زندگي اي دوستو! زندان اڄ،
  • ڪيو ڀل اسان سان ئي نفرت اي صحبت!
  • پيار جي ڪائي سرحد ناهي،
  • سڪ سان سڏئي پنهنجي پاڙي،
  • ڪو هر پل توکي ساري ٿو،
  • اسان جي ته ڪڏهين به سرندي نه تو بن،
  • ٽٽل دل کي ٺاهي،
  • وري سڪ اوهانجي جا بادل گجن ٿا،
  • مون سان تنهنجو هي چاهه ڪهڙو آ،
  • تنهنجي جيون جو قسم،
  • ٿي ويو سنسان سارو شهر جانان، تو بنا،
  • ٻڏي ٿي مٺا اڄ هي يادن جي ٻيڙي،
  • هر گهڙي ڄڻ ته وِهه وٽي آهي،
  • عشق جو اڄ بخار ٿي پيو آ،
  • هت ڇڏائي وئين پرين،
  • تنهنجو سهڻي درشن ٿيندو،
  • نفرت جو ڏس ڪم نيارو،
  • نظم

  • ڏاهر! تنهنجو ڏيهه ٿو، ڏهاڙي ڏسي ڏُک،
  • تڙپ
  • ڊسمبرجو ڀاڪر
  • جيجل
  • (ڪلچرل ڊي جي حوالي سان) اجرڪ ٽوپيءَ وارا
  • منهنجي ڀونءِ جي ڀينر!
  • Tribute
  • وسڪي
  • رات
  • ڪراچيءَ جو نوحو
  • وفا جا جذيرا
  • سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آهي
  • ياد
  • ڀاڪرن ۾
  • ڪنڊن سان قرب
  • تنهنجي ڳولا
  • سپنا
  • عزت
  • جاڳ
  • ادي ارشاد سڪندر ’آه‘ جي نانءُ
  • گج مٿي ڪاوا
  • اميري ادب
  • نثري نظم

  • زنجيرن کي ٽوڙي وڃبو،
  • ڪاڳر
  • بيلف
  • اکين جا پر
  • همدرديءَ جي هوا
  • وجود جا ڇُرا
  • اجنبيت جي ڀاڪر ۾
  • وايون

  • ٿــي ويـــا تـــو کـــان ڌار،
  • تــنــهــنــجــون وايـــون پــڙهــنــدو ويـــس،
  • پرين! پهرئين ملاقات،
  • سـپـنـن ۾ گــڏ هـجـڻ،
  • هــر صــورت ۾ جيئـڻو پــونـدو،
  • بيت

  • مٺڙي ماءُ جي نانءُ
  • چؤسٽو
  • ٽيڙو

  • سمورا حق واسطا سهڙيندڙ وٽ هٿيڪا

    سمورا حق واسطا سهڙيندڙ وٽ هٿيڪا
    ڪتاب: من صحرا صحرا (شاعري)
    موضوع: شعري مجموعو
    شاعر: بلوچ صحبت علي
    ڪمپوزنگ: علي انور لغاري
    ڇپائيندڙ: ڪونج اڪيڊمي ڪراچي سنڌ
    ڇاپو: پهريون مئي 2018
    ٽائيٽل ذوالفقار حيدر
    ڇپيندڙ پيڪاڪ پرنٽرز، ڪراچي ، سنڌ
    ڳاڻيٺو: هڪ هزار
    سال: 2018
    قيمت: 300 رپيا

    Book: Man Sehra Sehra (poetry)
    Poet: Baloch Suhbat Ali
    1st Edition: May 2018
    Print run : 1000 copies
    Composed by: Ali Anwer Leghari
    Title Design : Zulfiqar Hyder
    Printed by: Peaccok printers, Karachi Sindh
    Published by: Kunj Academy, Karachi Sindh
    Price: Rs.300/-
    ڪتاب ملڻ جو هنڌ
    پيڪاڪ بُڪ هائوس
    404 رفيق سينٽر، ويجهو زينب مارڪيٽ، عبدالله هارون روڊ، صدر ڪراچي، سنڌ.
    فون نمبر؛ 021-35682020, 021-35680607


    ارپنا

    ارپنا

    ڀيڻ
    ارشاد سڪندر ’آه‘ جي نالي
    جيڪا 25.02.2013 تي
    رات جو چئين وڳي، نوري آباد وٽ روڊ حادثي ۾
    اسان کان هميشھ لاءِ اچانڪ وڇڙي وئي!
    ۽
    سنڌي ادب جي بهترين شاعر، ڪالم نويس ۽ ليکڪ
    سائين سڪندر ’آه‘، جيڪو دل جي دوري پوڻ ڪري 27 سيپٽمبر 2009ع تي اسان کان اچانڪ وڇڙي ويو.
    ٻنهي پيارن جي ناءُ



    (ب ص ع)














    هن حياتي ۾ اسان سان گڏ گذار،
    نه ڄاڻان ٻيهار ڪير ملي ڪنهن سين.
    (ب.ص.ع)


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”من صحرا صحرا“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ بلوچ صحبت علي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.

    بلوچ صحبت جي شاعريءَ ۾ خيالن جي بلُنديءَ سان گڏ فني حوالي سان نون، اصلاحن ۽ استعارن جي مناسب انداز ۾ جڙاوت ملي ٿي، جيڪا پڙهندڙن جي دل کي موهي وجهي ٿي.

    ھي ڪتاب ڪونج اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران پيڪاڪ پرنٽرز، ڪراچي وٽان 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون بلوچ صحبت علي جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    اداري پاران

    سنڌي ادب ۾ شاعريءَ کي نهايت اهم مقام حاصل آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جو سڀ کان آڳاٽو علمي زخيرو شاعريءَ تي ئي مشتمل آهي؛ جنهن ۾ سومرن جي دور جي رزميه شاعري، ڳاهن سان ڳالهيون، لوگ گيت، پير صدرالدين جا گُنان، قاضي قادن جو ڪلام، شام عبدالڪريم بُلڙيءَ واري جي شاعري خاص طور سرِ فهرست آهن.مطلب ته سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي تهذيب ۽ ثقافت، سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙيءَ طرح رچيل آهي. ان جي ذڪر کان سواءِ، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل سڀ موضوع، اڌورا ۽ اڻپورا رهجي وڃن ٿا.
    جديد سنڌي شاعريءَ جي مهنداري ۾ ڪشن چند ”بيوس“ ، مير عبدالحسين ”سانگي“ ، ”گدا“، ”فاني“، ”هري دلگير“، ”نياز حسين جعفري“ ، ”طالب المولا“، ”شيخ اياز“ ، ”استاد بخاري“ ۽ سندن هم عصر شاعر اچي وڃن ٿا، جن جي فن ۽ فڪر نه رڳو، پنهنجي دور کي متاثر ڪيو، پر نون شاعرن جي پڻ رهنمائي ڪئي.
    انهن نون شاعرن جي موتين جي لڙهيءَ ۾ استاد بخاريءَ جي ڳوٺائي، محترم بلوچ صحبت عليءَ جو پڻ نالو شمار ڪري سگهجي ٿو. جنهن جي شاعريءَ جو تازو مجموعو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    سندس شاعريءَ ۾ خيالن جي بلُنديءَ سان گڏ فني حوالي سان نون، اصلاحن ۽ استعارن جي مناسب انداز ۾ جڙاوت ملي ٿي، جيڪا پڙهندڙن جي دل کي موهي وجهي ٿي.
    اسان ڪونج اڪيڊمي ءَ پاران محترم بلوچ صحبت عليءَ جو شعري مجموعو ”من صحرا صحرا“ ڇاپيندي سُرهائي محسوس ڪريون ٿا. اُميد ته صحبت جي شاعري ۽ اسان جي ڪوشش پڙهندڙن کي پسند ايندي.
    ادارو


    مهاڳ

    مهاڳ

    بلوچ صحبت سان 2012ع ۾ ملاقات ٿي. پريس ڪلب ڪراچيءَ ۾ هو صاحب سيڪريٽري سنڌ ادبي شاخ جو هو.
    هاءِ ڪورٽ جو هاڻي وڪيل آهي.
    1. توکان پوءِ (نثري نظم)
    2. ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ (نثري نظم)
    3. من صحرا صحرا (شاعري)
    هن ٽين شعري مجموعي ۾ نثري نظم يا بند نظم، بيت ۽ غزل آهن. سندن اُستاد بشير سيتائي آهن، من صحرا صحرا شاعري مجموعو مونکي بيحد پسند آيو. هن پنهنجي لکڻين ۾ هر صنف تي قلم آزمائي ڪئي آهي.
    خاص ڪري بلوچ صحبت جا نظم ڊسمبر مهيني تي، سانوڻ جي موسم، پيار، بُک، بيروزگاري، سنڌ جا سور، سنڌ جو سچو رهواسي، اُن تي فخر هئڻ جو ناز به سندس لکڻين مان صاف ظاهر آهي. هن جا نثري نظم دل ڇهيندڙ آهن. خاص ڪري ”سنڌ راڻي“ بينظير ڀٽو تي لکيل نثر نظم مونکي ڪافي متاثر ڪيو. هن ان لاءِ هڪ وچن به ڪيو آهي.
    ڪلچرل ڊي جي حوالي سان به هن هڪ نظم لکيو آهي.

    تاريخ ۾ نانءُ لکائيندس
    منهنجي جيجل تنهنجو سڏائيندس
    مان جنم جنم پيو ڳائيندس
    منهنجي جيجل تنهنجو سڏائيندس
    سنڌ جي ساراهه ڪندي هن هڪ وڏي رچنا لکي آهي، جنهن جو ڪجهه حصو لکان ٿي.
    هي منڇر ۽ هي ڪينجهر
    هي ڪاڇو ۽ ڪارونجهر
    هي ٿر جا مور ۽ منظر
    ڪيٽي بندر، مسجد مندر
    هن ديس جو هر هڪ گهر گهر
    آهي سونهن ۾ سڀ کان برتر
    هي ڊڀ ڪانڊيرا ۽ سر
    هي ساڳ پلي ۽ چانور
    ڪيئن سونهن سڳنڌ مان ڀُلائيندس
    منهنجي جيجل تنهنجو سڏائيندس.

    دل کي ڇهندڙ سڄي رچنا بهترين لڳي.
    ڪارو ڪاري جي رسم کي به هن جي قلم ڇهيو آهي. ”بيلف“ نثري نظم مونکي بيحد وڻي. شاعر هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي، سو هو اهڙو نظم پنهنجي آزمودي مان لکي سگهي ٿو.
    اڄ صبح جو بيلف اچانڪ ملي ويو.
    چيائين: ڪو نوٽس هجي ته پهچائي اچان.
    چيومانس ها نوٽس آهي.
    پر تون پهچائي نه سگهندي.
    ۽ تنهنجي پهچ کان مٿي آهي.
    چيائين: سائين ڪير به هجي توهان صرف نوٽس ڏيو ته سهي پوءِ ڏسو ڪيئن ٿو پهچائي اچانس.
    چيومانس: خدا کي نوٽس آهي ڏئي ايندي.
    ان لاءِ توکي خدا ڏي وڃڻو پوندو.
    وائڙو ٿي ويو.
    چيائين نه سائين اسان جي جاءِ ناهي.
    نڪ تي هٿ رڳڙيندي
    ڪنڌ هيٺ ڪري هليو ويو.
    مونکي بلوچ صحبت جو هي ننڍڙو نثري نظم بيحد وڻيو.
    غزل مونکي هن جا بيحد وڻيا، جي مونکي رومانوي لڳا، جيترا مون پڙهيا، نيڻن، لبن ۽ محبوب جي سونهن تي پر انهن مان مونکي هن جو هيٺيون غزل وڻيو، جنهن ۾ لئي تال، سُر محسوس ٿيو.

    غزل

    تنهنجا نيڻ ڪٽورا ساجن
    منهنجو من آ صحرا صحرا
    ڏات اسان جي ڏاڍي اوکي
    زخم اسان جا گهرا گهرا
    پورن ماسي ۾ ڪيئن ملبو
    چنڊ جا توتي پهرا پهرا
    موئن جا آثار لڳن ٿا
    مسڪينن جا چهرا چهرا
    سُتل سور جاڳائي ويڙا
    ڪنهن جي بين جا لهرا لهرا
    تون ته هئينءَ نازن جي پاليل
    برهه ۾ پنهنجا بهرا بهرا
    هڪڙي ڊڳي جاڳ پڄاڻان
    نيڻ هي صحبت ڳهرا ڳهرا ؟
    مٿين غزل ۾ مونکي هن بند ڀڙڪايو.
    موئن جا آثار لڳن ٿا
    مسڪينن جا چهرا چهرا
    دل ڇهندڙ، رومانس، غريب مسڪينن سان به نظر آيو. ان غزل ۾ يڪينن وڪيل شاعر جي دل ۾ غريب مسڪينن جي سمجهڻ لاءِ به قلم کڄي ٿو.
    شاعر جي هن ڪتاب ’من صحرا صحرا‘ ۾ هر زندگيءَ جي پهلوءَ کي ڇهندڙ تخليقون آهن، سجاڳي آهي، دل ۾ جذباتون آهن، ۽ هڪ ڳنڀيرتا سمايل آهي، هر لفظ ۾ سوچ سمجهه آزمودو ۽ حقيقتن سان ٻڌل شاعري آهي جنهن ۾ صرف ڪلپنا جو اُڏامون ڪونهن، پر Maturity ليول به آهي ۽ سنڌ راڻيءَ بينظير ڀٽو تي لکيل نظم ته ايترو ڇهيو جو سندس نظم مون فيس بڪ تي شيئر به ڪري ڇڏيو، دل کي لڀيو. سنڌ راڻيءَ کي ڀيٽا ايترو ڇهيو جو مون وٽ لفظ ڪونهن جو هتي احساس اوتي ڇڏيان.


    اندرا پوناوالا شهدادپوري
    قلمي نالو اندرا شبنم اندو.


    خوشبودار خيالن ۽ سگهارين سوچن جو شاعر : بلوچ صحبت علي

    خوشبودار خيالن ۽ سگهارين سوچن جو شاعر : بلوچ صحبت علي

    عالمي سطح تي، منهنجا چار دؤرا ادبي نوعيت جا ٿي گذريا آهن، جي آهن:- 1990ع ۾ هندوستان جي ادبي ياترا، 1994ع ۾ ٿائلينڊ ۽ هانگ ڪانگ جو دؤرو ۽ وري 2001ع ۾ هندوستان جي دهلي، آگري، پونا، ممبئي ۽ اُلهاس نگر جا ادبي دؤرا. هي چارئي دؤرا ادبي نوعيت هجڻ ڪري، مون لاءِ فخر جو باعث آهن، جن جو خاص سبب ادب جي اصل وصف (Definition) کان آگاهي ملڻ آهي، هن وقت تائين ادب تخليق ڪرڻ جو اصل ڪارڻ مونکان لڪل رهندو پئي آيو هو، يا ائين چئجي، ته اهڙي روشنيءَ ۾ پهچڻ بدران، مان اوندهه جي اسرارن ۾ ڦاٿل پئي رهيو آهيان.
    اڄوڪي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي دؤر ۾ ادب جي اهڙي وصف اِجهو هن طرح آهي:
    ”ادب جو سماجي، معاشي، فني، اصلاحي، سياسي ۽ آفاقي انقلاب يا تبديلين لاءِ هجڻ“
    هن قسم جي وصف يا تشريح جو بُڻ بڻياد انگريزيءَ جي هڪ ئي جملي سان لاڳاپيل آهي، جو آهي:
    “The poets are heart bingers of the scientists”
    (شاعر، سائنسدانن جا نقيب يا رهبر هوندا آهن)
    مطلب ته سماج جي آگاهي شاعر حاصل ڪندا آهن، جن جي رهنمائيءَ ۾، اُن روشنيءَ کي سائنسدان ڳولهي هٿ ڪندا آهن.
    اسان جي بلوچ صحبت علي جي ڇپجندڙ شعري مجموعي ”من صحرا صحرا“ ملڻ سان، جا وڌ ۾ وڌ خوشي ٿي، اُها هن طرح آهي، ته بلوچ صحبت علي روزگار جي وسيلي ’وڪيل‘ هئڻ سان گڏ، شاعر به آهي، مطلب ته اڳتي هلي، بلوچ صحبت علي سائنسدانن جو نقيب به ٿي سگهي ٿو ڇو ته وٽس سماج جي آگاهي آهي.
    بلوچ صحبت علي غزل، پابند نظم، آزاد نظم، وائي، گيت، بيت، ٽيڙو ۽ چؤسٽي جي صنفن جو شاعر آهي. سندس ڪيترن ئي غزلن، آزاد نظمن ۽ چؤستن ۾ اندر جي پيڙائن سان گڏ، اجتمائي فڪر جون به چوڏهينءَ جي چنڊ واريون جهلڪيون ملن ٿيون، جا خوبي جديد شاعريءَ جي خوبين جو پورائو ڪندڙ آهي. اچو ته شاعريءَ جي اهڙين خوبين جي ٿوري گهڻي نشاندهي ڪيون:

    (1) اجتماعي مفادن جي شاعري
    (Poetry of collective interests)

    جي مارڻ گُهرو ٿا، ته ماري ڇڏيو
    يا ’ٻارڻُ‘ ڪري، مونکي ٻاري ڇڏيو
    پيئڻ جي گُهرو ٿا، اسان سان پيئو
    اڪيلي پيئڻ کان ته هاري ڇڏيو

    مٿين غزلن ۾ سماج جي اجتماعي مفادن (Collectivism) جي ترجماني ڪئي وئي آهي، جا ڪارج (Utility) جي حوالي سان، شاعري جي هڪ بهترين خوبي شمار ٿئي ٿي.

    (2) شاعريءَ ۾ سماجي ڪارج جو هئڻ
    (A social utility in poetry)
    شاعريءَ ۾ سماجي ڪارج يا سڦلتا جو هجڻ، وڌ ۾ وڌ ضرورت واري خوبي سمجهي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته شاعري جي تخليق، سماجي مسئلن ۽ ماحول جي مونجهارن تي ڪئي ويندي آهي. اهڙي شاعري، غزل يا ڪو گيت جنهن ۾ اِن قسم جي سڦلتا اڻ لڀ هجي، اُها انساني بستين لاءِ نه، پر خلائي زندگيءَ لاءِ ئي ٿي سگهي ٿي. بلوچ صحبت جون هيٺيون سٽون پڙهو ته انهن ۾ اوهان کي سماجي ڪارج نظر ايندو.

    مان ڪمائي گناهه ايندو هان
    هوءَ ڪمائي ثواب ڏيندي آ
    حُسن هُن جو ليئا ٿو پائي اچي
    توڙي مُک تي نقاب ڏيندي آ

    اسانجي آ دشمن اسان کي ٻُڌايو
    ٺهي ٿل ويو آ، ٺهي ٿل ويو آ
    اسان سنڌ واسي. ٿا هُن کي ٻُڌايون
    ڊهي ٿل ويو آ، ڊهي ٿل ويو آ

    (3) شعر ۾ نواڻ (Novelty) يا جدت جو هجڻ
    (A novelty in Poetry)
    ڏيو ٿا ته دل ئي هٿن سان ڏيو
    اسان کي نشانيون نه والا ڏيو
    اسان نفرتون سڀ کڻائي وڃُون
    گڏي شهر جا سڀ جي ٻالا ڏيو

    نشانيون والن جي جاءِ تي، دل ڏيڻ ۽ نفرتن جي گندگيءَ کي ٻالن کان کڻائڻ شعر ۾ هڪ سٺي نواڻ آهي، ته ان سان گڏ، اجتماعي مفادن جي به سهڻي نموني ٿيل نمائندگيءَ جو مثال آهي.
    (4) مزاحمت واري شاعري
    (Poetry of resistance)
    سماج ۾ استحصال ۽ حق تلفين کي روڪڻ لاءِ، مزاحمت، روائتي شاعريءَ جي به هڪ خوبي رهي آهي. شاهه لطيف جا داستان اهڙيءَ مزاحمت سان ڀريا پيا آهن. ”متو آهين مڇ، ٿُلها ٿو ٿونا هڻين“ کان ”دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا“ شاهه وٽ اسان کي مزاحمت جون تلوارون لٽڪيل نظر اچن ٿيون. بلوچ صحبت کي پڙهو:
    ڪيترو ماتم ڪجي، پنهنجن پراوَن جو هتي
    ڪهڙي رهبر کي ڏسون، ۽ ڪهڙي رهزن کي ڏسون
    (5) استحصال خلاف شاعري
    (Poetry against exploitation)
    ٿي بنجر وئي آ، هي ڌرتي اسان جي
    ويو ڏيهه سارو ٿي آهي ڏڪاريل
    غدارن سان پنهنجي لڳي آ، نه لڳندي
    نه آهيون اي صحبت! وڏيرن جا قائل.
    پابند شاعريءَ کانسواءِ، بلوچ صحبت آزاد شاعريءَ جي زمين ۾ به شاعراڻي زرخيزي ۽ شادابيءَ جو هَرُ هلايو آهي. آزاد نظم جيئن ته: بيلف Bailiff يا Tribute to missing person ۽ وسڪي شاعريءَ جا شاهڪار مثال آهن. هُن ٽه سٽن ۽ چؤ سٽن سان گڏ، بيتن ۾ به چڱي خاصي ڪوشش ڪئي آهي، جا اڳتي ٻئي ڪتاب ڇپائڻ وقت اُجاگر ٿي سگهي ٿي. في الحال، سنڌوءَ ڪناري، جهومندڙ کيت جهڙين هنن چئن سٽن تي پنهنجن ويچارن کي ختم ڪجي ٿو، اُهي بلوچ صحبت علي جي ڪائناتي محبوب جي سڳنڌ ڀرين زلفن جهڙيون سٽيون آهن:
    نه ئي ايشور هو، نه ئي ڪو خدا
    مگر زندگي پوءِ به هلندي رهي
    اسان رات ڪينجهر ڪناري ڏٺو
    اڪيلي جواني ڪا رُلندي رهي
    بلوچ صحبت علي ننڍڙي وزن وارا غزل به ڏاڍا سٺا لکيا آهن، جن جي پڙهڻ سان، ترنم، ڇير جي ڇمڪي وارو محسوس ٿيڻ لڳي ٿو مثال:

    ڀُلائي ڇڏين ٿي
    رُلائي ڇڏين ٿي
    سُڪن ساڻ ساوا
    جلائي ڇڏين ٿي

    تو ڏنو درد دل
    توئي ساڙيو جگر
    نيٺ ڏسبو وري
    ڪو خوشيءَ جو نگر

    آخر ۾، اُميد ٿي رکجي ته، اڳتي ’بلوچ صحبت علي‘ عشق مجاز تي وڌ ۾ وڌ شاعري ڪرڻ بدران، هن ڪائنات، ماڻهو، ڌرتي سنڌ ۽ سنڌوءَ جي آفاقي (Universalism) ۽ معروضي (Objectivism) پهلوئن تي وڌيڪ ڪاريءَ جي ڇٽ کيڙ ڪندو رهندو.

    تاجل بيوس
    ڪراچي


    ٻه اکر

    ٻه اکر

    هُونءَ ته شاعري سڄي عمر جو رياض آهي. اُن جي باوجود اُهو شاعري جو ڏانءُ تمام ٿورڙن شاعرن وٽ آهي. انهن ٿورڙن شاعرن مان هڪ نمايان نانءَ بلوچ صحبت علي جو به آهي.
    هن جو اظهار ڏاڍو سادڙو ۽ دل آويز آهي. هن جا احساس گلابن جي پتڙين کان به وڌيڪ نازڪ نفيس آهن. هن جي شعرن ۾ پنهنجي هڪ جان آهي ۽ جدَت آهي. بلوچ صحبت ۾ هڪ اُها خوبي آهي ته هُو هڪ ئي وقت ٽن صنفن جو شاعر آهي. جنهن ۾ غزل، نثري نظم ۽ بيت آهن.
    هن جي خيالن ۾ گهرائي ۽ گونائيت آهي، هن جي شعرن ۾ هڪ پنهنجو رڌم آهي، هُو جڏهن سُرن جا ساز ڇيڙي ٿو ته اکين ۾ لڙڪ تري ٿا اچن. هُو سرتي جي درد کان وڌيڪ ڌرتي جو درد رکي ٿو، هن جي ڌرتيءَ ۽ ٻولي سان بي پناهه محبت آهي، هُو جيڏو سنڌي ادب کان واقف آهي اوترو ئي انگريزي ادب کان پڻ. هو هڪ پڙهيو لکيو ماڻهو آهي، هُو سنڌ جي حالتن کان چڱيءَ ريت واقف آهي. هن جي شعرن ۾ وقت ۽ حالتن جا اولڙا لياڪا پائي رهيا آهن، آخر ۾ منهنجي دعا آهي ته ادب جي اڀ تي چنڊ جيان سدائين چمڪندو رهي.


    ابل اداس ٻٻر


    شاعر جي نوٽ بوڪ تان:

    شاعر جي نوٽ بوڪ تان:


    ديوارن جا نازڪ، نفيس سينسر

    شاعري ڇو ڪندو آهيان. ان جو ڪو سبب به هوندو آهي، يا ائين ئي بغير سببن ۽ ڪارڻن جي ڪري به ڪو شاعري ڪري سگهجي ٿي. ان جي مون کي ڪا به سُڌ، ڄاڻ، ڪو به علم نه آهي. مون کي فقط ايتري خبر هوندي آهي ته جڏهن به ڪو خيال ذهن جي سمونڊ ۾ غوطا کائيندو آهي ته ان کي، پيار سان ڇڪي ٻاهر ڪڍي وٺندو آهيان. پوءِ ان خيال کي لفظن جو روپ ڏيئي، ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾، ڪنهن سگريٽ جي خالي پيڪئٽ تي، ڪنهن سيرپ جي خالي کوکي تي، يا وري ڪنهن شادي ڪارڊ جي پوئين پاسي تي، تڪڙ تڪڙ ۾ اوتي وٺندو آهيان. پوءِ جڏهن به ڪو موزون وقت يا موڊ تي ويهي ان کي سينگاري سنواري شاعري واري ڪتاب جي شوڪيس ۾ سجائي رکندو آهيان.
    مان سمجهان ٿو ته هوءِ مون کان نه وسري آهي ۽ شايد مان به هن کان نه وسريو هوندس، پر ممڪن آهي ته ائين نه به هجي. هوءِ مون کي وساري چڪي هُجي. ۽ مان به هن کي وساري چڪو هجان، پر شايد ائين به نه آهي. جي هوءِ مون کان وسري وڃي ها، ته هن ڪتاب جي سموري شاعري جنم نه وٺي ها. مون هن جي پُڇا ڳاڇا، هن جي ڳولها ڪٿي ڪٿي، ڪنهن ڪنهن کان نه ڪئي. هن جا پار ايندڙ ويندڙ هوائن کان، ستارن کان، روشنين کان، چنڊ کان سج کان، چيٽ کان ڪَتي کان، بارشن کان طوفانن کان، موسمن کان، سردين کان، گرمين کان، پيو پڇندو رهيس، لڇندو رهيس. پاڻ جسماني طور الڳ هجڻ جي باوجود، روحاني طور ته اڄ به زنجير جي ڪڙي جيان ٻڌل آهيون.
    مون کي ائين لڳندو آهي ته هُن کي منهنجي باري ۾ سڄي ڄاڻ آهي. هوءِ منهنجي هر چرپر تي گهري نظر رکي ٿي. هوءِ هزارين ميل پري هوندي به منهنجي سامهون هوندي آهي. جيڏي مهل مان سگريٽ دُکائيندو آهيان ته هن کي خبر پئجي ويندي آهي ته مان هينئر سگريٽ جا گهرا گهرا ڪش هڻي رهيو آهيان. اها ته هن کي خبر آهي ته مان سموڪر آهيان، اها کيس ڪيئن ٿي خبر پوي ته مان هيئنر سگريٽ جي تماڪ سان گڏ پاڻ کي به ساڙي رهيو آهيان. اڄ سگريٽ جو تمام خاڪ ٿي ايش ٽري ۾ دفن ٿئي ٿو، سڀاڻي منهنجو جسم خاڪ ٿي قبر ۾ داخل ٿيندو. بلڪل ان ويل هن جي ڪال اچي ويندي آهي ته ”پليز ! سگريٽ وساءِ مونکي تڪليف ٿي ٿئي“. ”ديوارن کي ڪن هوندا آهن“، اها ته خبر هئي، پر ديوارن کي نازڪ، نفيس سينسر هوندا آهن، ان جي مون کي بنهه ڪا ڄاڻ ڪا نه هئي. اهي سينسر سگريٽ جي دونهين کي جهٽي، هن تائين سيڪنڊن ۾ پهچائين ٿا. جيئن ايجنسيون هڪدم خبر مالڪن تائين پهچائن ٿيون. مون کي ته ائين لڳي ٿو ته ديوارون به هاڻي واٽس اپ جو روپ ڌاري چڪيون آهن، ديوارن ڄڻ ته فيس بوڪ جو سوفٽويئر انسٽال ڪري ڇڏيو هجي، ۽ ديوارن ڄڻ ته ميسيجر ۽ ٽوئٽر کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو هجي.
    منهنجي دل جي هر ڌڙڪن ۾ هوءِ سمايل آهي. منهنجي دماغ جي ٽنهي خانن ۾ هن جي بدن جي خوشبو جو وجود آهي. منهنجي روح ۾ هن جو وجود واسو ڪري ويو، ديرا ڄمائي ويٺل آهي. ان ڪري مون کي هن جي باري ۾ فڪرمند ٿيڻ جي ڪا به ضررورت نه آهي. ته هوءِ ڪٿي آهي، ڪهڙي حال ۾ آهي، ڏکن ۾ ڏٻري ٿي پئي آ يا سکن ۾ سهڻي ٿي پئي آ. ڇو ته جڏهن هو مون کي ياد آهي، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن هجي ته مان هن کان وسري ويو هجان. منهنجي روحاني مرشد ڀٽائي سائين سر ڪلياڻ ۾ فرمايو آهي ته ؛
    تو جنين تاتِ، تن پڻ آهي تنهنجي،
    فازکروني اذکرکم، اي پروڙج بات،
    هٿ ڪاتي ڳڙ وات، پڇڻ پر پرين جي.
    مون جيان ، منهنجي شاعري جا منهنجي پريتم سان روح جا رشتا آهن، رت جو گهرو تعلق ضروري نه آهي. منهنجي غزل جي هر بند جو هر لفظ ۽ ان جو هر اکر، منهنجي پريتم کي صبح و شام سجده ڪندو آهي. منهنجا نثري نظم ، منهنجي پريتم جي اوسيئڙي ۾ گلن جون ڪروڙين پتڙيون ڏينهن رات نڇاور ڪندا رهن ٿا. منهنجي شاعري جا لفظ اصل ۾ لفظ نه آهن، بلڪ اهي روح جا سجدا آهن، جيڪي عقيدت، محبت، پيار، ۽ احترام ۾ پريتم کي ارپيل ارپنا آهن. مان مري سگهان ٿو، ۽ جسماني طور مري ويندس، پر منهنجي شاعري فنا نه ٿيندي، ڇو ته اها منهنجي پريتم ۽ ڌرتي لاءِ سرجيل آهي. ڇو ته جيسين محبت جي دنيا ۾ روح جي رشتن جو وجود آهي، تيسين مان پنهنجي شاعري ۾ زنده رهندس. ۽ منهنجي شاعري اها بڙ جي گهاٽي ڇانو آهي، جيڪا محبتن ۾ ايندڙ نٽهڻ اُس کي ڌڪي دور ڪري ، ٿڌي ڇانو جو وجود مهيا ڪندي آهي.
    مان فقط ايترو چوندس، ته تون آهين، ته مان به آهيان، پر ان کان اڳتي ، تون آهين ته منهنجي شاعري به آهي، منهنجي اکين جي روشني به آهي، منهنجي رهبري به آهي، ته منهنجي دوستي به آهي، نه ته مان ڪجهه به نه آهيان...
    مان ٿورائتو آهيان، پنهنجي محسن، رهبر، جنهن هميشه منهنجي رهنمائي ڪئي، جنهن منهنجي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي ۾ سيڪريٽري هجڻ دوران ، منهنجي حوصلا افزائي ڪئي. سنڌي ادب، سنڌي شاعري جي تمام وڏي نالي سائين تاج بلوچ صاحب جا وڏا وڙ جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان چند گهڙيون ڪڍي منهنجي هن شعري مجموعي “ من صحرا صحرا” جو بئيڪ ٽائٽل پيج لکي ڏنو. هن ڪتاب جو نالو به سائين پاڻ رکيو، ان لاءِ به مان سائين تاج بلوچ جو انتهائي ممنون و مشڪور آهيان.
    هن ڪتاب جو مهاڳ هند ۽ سنڌ جي نالي واري ليکڪه محترمه اندرا پونا شبنم شهداپوري والا جا به وڏا وڙ، لک احسان ، جنهن وڏا وڙ ڪري منهنجي هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو. ان سان گڏ مان انتهائي محبتي ماڻهو، سادڙو انسان، پيارو، نهٺو، سائين تاجل بيوس کي نه وساريندس، جنهن پنهنجي حياتي ۾ منهنجي شاعري تي تبصرو لکيو هو، جنهن جي ڪري به هن ڪتاب جي زينت ۾ اظافو ٿيو آهي، ڪاش! تاجل اڄ زنده هجي ها ۽ هي ڪتاب ڏسي ها جيڪر ڏاڍو خوش ٿئي ها. پر تاجل اڄ به سنڌ ۽ هند، جي سنڌي ادب ۾ زنده آهي، سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکي ڇا لکان،
    هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان....
    ان سان گڏ پنهنجي دوست ابل اداس جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي شاعري تي ٻه اکر لکي مون کي احسانمند ڪري ڇڏيو.
    مان پيڪاڪ پرنٽرس اينڊ پبلشرس جي باني، محترم سائين ڊاڪٽر آفتاب ابڙو ۽ قمر آفتاب ابڙو جو انتهائي ٿورائتو آهيان، جنهن جي محبتن، ڪاوش، محنتن ۽ حد کان وڌيڪ دلچسپي جي ڪري، هي ڪتاب توهان جي نازڪ ۽ پاڪ هٿڙن ۾ آهي. ان سان گڏ مان پياري انور لغاري جو به احسانمند آهيان، جنهن هي شاعري ڪمپوزنگ ڪري ، سينگاري سنواري ، پيش ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي.

    يا علي مدد
    بلوچ صحبت علي
    ڇاڻو شاهه آباد محله، دادو


    غزل

    دلبري تنهنجي بلي ڇا ڇا ڪيم،

    دلبري تنهنجي بلي ڇا ڇا ڪيم،
    دل لڳي تنهنجي بلي ڇا ڇا ڪيم،

    درد جا دامن ڀرياسين کوڙ کوڙ،
    اي خوشي تنهنجي بلي ڇا ڇا ڪيم،

    ڪيترو سهڪائي مارين ٿي مگر،
    زندگي تنهنجي بلي ڇا ڇا ڪيم،

    ها اسان جو عشق آ، اکرن سندو،
    شاعري تنهنجي بلي ڇا ڇا ڪيم،

    ڪيترو ڌوڪو ڏنو اونداهين،
    روشني تنهنجي بلي ڇا ڇا ڪيم،

    سارو رت ۽ ست ڏئي تو کي ڇڏيم‏،
    عاشقي تنهنجي بلي ڇا ڇا ڪيم،

    هر قدم تي گهاءُ ئي تو کان مليا،
    دوستي تنهنجي بلي ڇا ڇا ڪيم،

    ڪيڏو ”صحبت“ کي ڇڏيو ڀٽڪائي تو،
    رهبري تنهنجي بلي ڇاڇا ڪيم.


    شهر ۾ ڪيڏي تنهائي آ،

    شهر ۾ ڪيڏي تنهائي آ،
    من ۾ تنهنجي پرڇائي آ.

    اوسي پاسي آئي آهين،
    هت مهڪ اوهان جي آئي آ.

    عشق ۾ ڪهڙي هوڏ اسان جي.
    پيار ۾ ڇاجي ارڏائي آ.

    سونهن جي صورت ساهن ۾،
    پيار جي خوشبو ڦهلائي آ.

    تنهنجي جنهن سان اُنس ٿئي ٿي.
    ان سان منهنجي رعنائي آ.

    سالن کانپوءِ نيڻ مليا هن،
    مُرڪي اڄ هو شرمائي آ.

    هُن سان ڪيڏو پيار ڪيوسين،
    پر نڪتي پو ڀي هرجائي آ.

    ’صحبت‘ سنڌ تان ساهه به گهوريان،
    هي منهنجي جيجل آئي آ.


    سڏ کي ورنائجو،

    سڏ کي ورنائجو،
    مان کڻي ڪاٿي مران
    سنڌ ۾ دفنائجو
    (ب.ص.ع)


    ماڻهن جي ميل ۾ هان،

    ماڻهن جي ميل ۾ هان،
    دردن جي جيل ۾ هان.

    بي چين، بي سڪون هان،
    هرويل ويل ۾ هان.

    ڪاڏي ڪيون هي سپنا،
    خوابن جي ڀيل ۾ هان.

    گهاڻي ۾ پيو ٿو پسجان،
    مخدوم! تيل ۾ هان.

    دشمن ڪندا ڇا مونکي،
    دوستن جي سيل ۾ هان.


    تنهنجا نيڻ ڪٽورا ساجن،

    تنهنجا نيڻ ڪٽورا ساجن،
    منهنجو من آ صحرا صحرا.

    ڏات اسان جي ڏاڍي اوکي،
    زخم اسان جا گهرا گهرا.

    پورن ماسي ۾ ڪيئن ملبو،
    چنڊ جا توتي پهرا پهرا.

    موئن جا آثار لڳن ٿا،
    مسڪينن جا چهرا چهرا.

    سُتل سور جاڳائي ويڙا،
    ڪنهن جي بين جا لهرا لهرا

    تون ته هئين نازن جي پاليل،
    برهه ۾ پنهنجا بهرا بهرا.

    هڪڙي ڊگهيءَ جاڳ پڄاڻان،
    نيڻ هي ”صحبت“ ڳهرا ڳهرا


    تنهائي ۾ تنها ڪمرو ماريندو آ،

    تنهائي ۾ تنها ڪمرو ماريندو آ،
    خاموشيءَ ۾ هلڪو کڙڪو ماريندو آ.

    جوئي آهيان، سوئي آهيان، سادو سودو،
    ڪوڙ جو ڪوڙو مونکي رتبو ماريندو آ.

    وک وک تي تون وار وکيري ونگ وجهين ٿي،
    توڏي ايندڙ ڪيڏو رستو ماريندو آ.

    ڇُلڪ اوهانجي ڇاٿين جي ٿي ڇرڪائي،
    مُرڪ مٺي سان مِٺڙو دڙڪو ماريندو آ.

    سپنن جو سنسار آ ’صحبت‘ ذهنن ۾،
    جنهن جي ساڀيا ناهي سو سپنو ماريندو آ.


    نه ڪا چاندني آ، اسان جي نگر ۾،

    نه ڪا چاندني آ، اسان جي نگر ۾،
    نه ئي روشني آ، اسان جي نگر ۾.

    هي ويران ڳليون، اسان جي شهر جون،
    نه ڪا زندگي آ، اسان جي نگر ۾ .

    اداسي اسان جي اندر ۾ آ ڇا جي،
    نه ڪا شاعري آ، اسان جي نگر ۾.

    ها ڀٽڪي ويا هون وفائن کي ڳولهي،
    نه ڪا رهبري آ، اسان جي نگر ۾.

    عبادت امن جي ڪيون ٿا گهرن ۾،
    نه ڪا دشمني آ، اسان جي نگر ۾.


    الفتون ۽ چاهتون گهٽجي ويون،

    الفتون ۽ چاهتون گهٽجي ويون،
    زندگيءَ جون رونقون سٽجي ويون.

    مُکڙيون ناهِن کليون هن پيار جون،
    وقت کان ئي سي اڳي پٽجي ويون.

    روز ٿي اوٿر اٿيا ڪي ظلم جا،
    من جي بر ۾ حسرتون لٽجي ويون.

    راهه تان شيشا هٽائڻ چاهيم،
    آنڱريون منهنجون مڙئي ڪٽجي ويون.

    هن ڀڳو آهي ڀرم جو پيار ۾،
    روئي روئي اکڙيون ڦٽجي ويون.

    يار ”صحبت“ بي مزي ماحول ۾،
    دوستن جون دوستيون مٽجي ويون.


    روز ٿو روشن ڪيئي فانوس ڪيان،

    روز ٿو روشن ڪيئي فانوس ڪيان،
    هر گهڙي توکي مٺي محسوس ڪيان.

    چنڊ تارا روز ٿا تنهنجو پُڇن،
    ڪيئن انهن کي پاڻ سان ملبوس ڪيان.

    سال ٿي ويا هو لڏي وئي شهر مان،
    ان گهٽي سان پاڻ کي مانوس ڪيان.

    رات مينهوڳي هئي ۽ تون هُئين،
    موسمن کي ڪيئن ڀلا منحوس ڪيان.

    حسرتن جي ديس ۾ آهيان ڄميل،
    پاڻ کي ڇو ڀلا مايوس ڪيان.


    سون سارو بدن رڳي آهي،

    سون سارو بدن رڳي آهي،
    هو ته موتين جي ڄڻ ڇُڳي آهي.

    باک ۾ آ پُسيل بَدن هُن جو،
    چنڊ جي چاهه هُن چُڳي آهي.

    پاڻ خانه بدوش ٿي ويا هون،
    پنهنجي ڪاٿي نه ڪا جُهڳي آ.

    روشنين جي شهر کي اوندهه ڪري،
    سونهن سپنا کڻي پُڳي آهي.


    تنهنجو ماڻي شباب آياسين،

    تنهنجو ماڻي شباب آياسين،
    ڄڻ ڪمائي ثواب آياسين.

    تنهنجي پاڙي ۾ پيرڙا پائي،
    ڀوڳي ڪيڏا عذاب آياسين.

    تو گهرايو نه پنهنجي محفل ۾،
    ري سڏيائي جناب آياسين.

    تنهنجي چاهت جي کيت ۾ جانان،
    ڪيڏا پوکي خواب آياسين.

    مئڪدي ۾ وٺي ويو ساقي،
    ڪيترو پي شراب آياسين.

    پاڻ تي تهمتون مڙهيون دنيا،
    ان ڪري ٿي خراب آياسين.

    پاڻ ’صحبت‘ سمونڊ هئاسين پر،
    هيل بڻجي سراب آياسين.


    تون ٽهڪ ڏيئي ٽِڙي پؤجان،

    تون ٽهڪ ڏيئي ٽِڙي پؤجان،
    ۽ رابيل رُت جيان کِڙي پؤجان.

    مان جي دير سان اچان توڏي،
    تنهنجو حق آ ته تون چڙي پؤجان

    مان جي توکان اڳي هليو به وڃان،
    ڪين ڪڏهين ٿِڙي پؤجان.

    ها جڏهن به هِتان گذر ٿئي،
    منهنجي گهر ۾ رهي راتڙي پؤجان.


    روح کي هاڻي پُڪارڻ آ هلي،

    روح کي هاڻي پُڪارڻ آ هلي،
    هيل ويڇا سڀ وسارڻ آ هلي.

    سونهن جو نشو چڙهي ويو آ مٺي،
    انگ انگ منهنجو سمهارڻ آ هلي.

    سرد راتين ۾ ٿي سڪ ڪيڏي وڌي،
    سرد راتين کي سنوارڻ آ هلي.

    جام تي مون جام سڀ خالي ڪيا،
    پر چپن سان چاهه پيارڻ آ هلي.

    پيار بي انداز پائي سيني ۾،
    رات ڪا هڪڙي گذارڻ آ هلي.

    ٿي ويو آهي انڌيرو راهه ۾،
    ڪو ڏيئو چاهت جو ٻارڻ آ هلي.


    تون جو ناهين قرار ڪونهي ڪو،

    تون جو ناهين قرار ڪونهي ڪو،
    ڪا خوشي ۽ خمار ڪونهي ڪو.

    هي ڏکن جو سمونڊ ڪهڙو آ،
    جنهن جو ڪو آرپار ڪونهي ڪو.

    ختم ٿي ويو خزان جو دور مگر،
    منهنجي گهر ۾ بهار ڪونهي ڪو.

    لوڪ ڳولي ٿو هاڻ ڳوٺ ۾ پر،
    پنهنجو ڪاٿي قرار ڪونهي ڪو.

    شام جو گڏجي مئڪدي ۾ هلي،
    هِت اهو مئگسار ڪونهي ڪو.
    تنهنجي بي درد شهر ۾ جانان،
    پيار جو پاسدار ڪونهي ڪو.

    تو جڏهن کان لُٽي اسان جي دل،
    ڪو سمو خوشگوار ڪونهي ڪو.

    تنهنجو ”صحبت“ سدائين تنهنجو آ،
    تو سوا غمگسار ڪونهي ڪو.


    مينهن جي موسم مٺي ملهار آ،

    مينهن جي موسم مٺي ملهار آ،
    سانوري تنهنجي وري اڄ سار آ.

    سِير ۾ آ عشق جي ڪشتي وري،
    درد جو درياءُ ڀي اڄ تار آ.

    روز ٿي ڪاوڙ ڪري رُسندي رهي،
    پيار ڀي هُن جو اڃان ڪو ٻار آ.

    وار کولي زندگي مُرڪي ڏنو،
    وار تي ڄڻ هن ڪيو ڪو وار آ.

    ڏور ٿيندي روز ٿي دنيا وڃي،
    محبتن ۾ ڪا ته پئي ڪا ڏار آ.

    عشق ۾ ڪيئي ڪُسي ”صحبت“ ويا،
    پر سنواريل پو به اڄ هي دار آ.


    تاريخن جي رنگن ۾ ڀي روحن جا ڪي رشتا آهن،

    تاريخن جي رنگن ۾ ڀي روحن جا ڪي رشتا آهن،
    محبت جي هن ميلي ۾ ير پيار جا ڪيئي ناتا آهن.

    دنيا گونگي ٻوڙي آهي، جنهن ۾ ڪيئي انڌا آهن،
    سچ سمورو سمجهن ٿا پر، پو ڀي ڪيڏا ٻاتا آهن.

    ڪنڊن جي آ سيجهه هي دنيا، جنهن ۾ ڪيئي گهاڻا آهن،
    توکي ڪهڙي ڄاڻ او جيڏا، تو هار گلن جا پاتا آهن.

    تو ڌرتي خاطر سِر ڏنو هو، مسجد مندر يار رنو هو،
    تون ڏاهر ساري ڏيهه ۾ آهين، تنهنجا ڪيئي کاتا آهن.

    ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين منهنجي ڌرتي سوني آهي،
    جنهن ۾ منهنجو ساهه سمايل، جنهن لاءِ نيڻ هي آتا آهن،

    روز ٿو سولي سينگارين تون، روز اڏيءَ تي سرڙا آهن،
    روز اوهان لاءِ ڳڀرو منهنجا، مون گيت ڏکن جا ڳاتا آهن.

    روز پسان ٿو روشن ڌرتي، ”صحبت“ سندر مٺڙي ڌرتي،
    چاهت جا اڄ چنگ کڻي مون، رنگ گلن جا لاتا آهن.


    چپن تي لڳائي هو تالو وئي،

    چپن تي لڳائي هو تالو وئي،
    اکين کي ڪري نيٺ آلو وئي.

    وفا جي اسان سان هو دعويٰ ڪري،
    هڻي بي رُخي جو هو ڀالو وئي.

    اسان کي اڪيلو ڇڏي پاٽ ۾،
    ڪري شهر ۾ هو اجالو وئي.

    اسان جي وفا جو تماشو ڪري،
    ڏيئي عاشقيءَ جو حوالو وئي.

    اجاڙي اسان کي وئي عشق ۾،
    ڪري نينهن پنهنجو نرالو وئي.

    اسان جو ڇپيل شعر ’صحبت‘ ڏسي،
    کڻي زوري هڪدم رسالو وئي.


    اڙي آمر! اڙي آمر! اسان سان تون وڙهي سگهندين!

    اڙي آمر! اڙي آمر! اسان سان تون وڙهي سگهندين!
    اسان جي جوش جذبن کي ڀلا آخر پڙهي سگهندين.

    تو کيڏيون خون جون هوليون، لڳيون سينيءَ تي جي گوليون،
    اسان جي ڍير لاشن تان، ڪٿان کان تون چڙهي سگهندين.

    اسان ٻارڻ ٿي ٻريا هون، وري ڪاڙها ٿي ڪَڙهيا هون،
    اچي هن قيد ڪوٽن ۾، اسان جيان تون ڪڙهي سگهندين.

    تون ڪوڙ آهين اي ڪانئر، اسين ساٿاري سچ جا هون،
    اسان وانگي جنگيون جوٽي، تون منزل ڏي رڙهي سگهندين.


    عاشقيءَ جو ڪتاب ڪافي آ،

    عاشقيءَ جو ڪتاب ڪافي آ،
    نينهن وارو نصاب ڪافي آ.

    توکي سجدا ڪيان ۽ پوڄان مان،
    هيءَ مون لاءِ ثواب ڪافي آ.

    منهنجو جيون جلاءِ شعلن سان،
    تن بدن جو هي تاب ڪافي آ.

    مونکي گهر جي نه حور جنت جي،
    تنهنجو مون لاءِ شباب ڪافي آ.

    منهنجا احساس مونکي ساڙن ٿا،
    ڏات بخشيو عذاب ڪافي آ.

    هو ڀلي خوش هجي سهيلين سان،
    منهنجي نيڻن ۾ آب ڪافي آ.


    ويا گم ٿي ستارا هِن،

    ويا گم ٿي ستارا هِن،
    مليا ڪوڙا سهارا هِن.

    اسين وچ سِير تي آهيون،
    پري ڪيڏا ڪنارا هِن.

    محبّت موت ٿي ويندي،
    مليا اهڙا اشارا هِن.

    چميون سڀ تاس بڻجي ويون،
    تڏهن چپڙا اُڃارا هِن.

    ڪڏهن لاهيون، ڪڏهن چاڙهيون،
    ڪڏهن وارا نيارا هِن.

    اسان جي گرم جذبن تي،
    پيا اڄ پوهه پارا هِن.

    ڏين بس سور ٿا ”صحبت“
    مگر پوءِ ڀي پيارا هِن.


    ماڪ ڦُڙاڪي ماڻهو آهن،

    ماڪ ڦُڙاڪي ماڻهو آهن،
    چنگ چَڙا ڪي ماڻهو آهن.

    توکي مونکي ڀاڪَر پائن،
    سون وڙاڪي ماڻهو آهن.

    ساهه ۾ ساري سنڌ رکن ٿا،
    موهن دڙاڪي ماڻهو آهن.

    چچريل چچريل لاشن گهرن ۾،
    رت ڦڙا ڪي ماڻهو آهن.

    ڦاٽل چولي، پير اگهاڙا،
    درد دڙا ڪي ماڻهو آهن.

    روزي روٽي رب جي هٿ پر،
    ساڙ سڙيا ڪي ماڻهو آهن.

    ماکي مصري جهڙا لهجا،
    زهر ڪڙا ڪي ماڻهو آهن.

    دوست ٿيندا دشمن ناهن،
    پر بي وڙا ڪي ماڻهو آهن.


    اڄ وري آڪاش آ روئي ڏنو،

    اڄ وري آڪاش آ روئي ڏنو،
    ڄڻ اسان جي آس آ روئي ڏنو.

    محبتن جي ديس ۾ او دلربا!
    چاهتن جي چاس آ روئي ڏنو.

    باک ۾ تنهنجو بدن او گلبدن!
    سچ پڇين اڄ واس آ روئي ڏنو.

    رات جي راڻي هيو تنهنجو نگر،
    عشق جي هن پياس آ روئي ڏنو.

    ڪالهه عيسيٰ کي ٽنگيو جنهن تي ويو،
    اڄ انهيءَ ٽياس آ روئي ڏنو.

    درد جو جوڀن نه ڪڏهن جهور ٿيو،
    ماٺ جي هن ماس آ روئي ڏنو.


    عشق جو آسمان شاهد آ،

    عشق جو آسمان شاهد آ،
    سونهن جو هي جهان شاهد آ.

    مون کان وسري سگهي نه آهين تون،
    منهنجي دل ۽ ڌيان شاهد آ.

    مان سندءِ دل جو ديوتا آهيان،
    تنهنجو هڪ هڪ گمان شاهد آ.

    پنهنجو پهريون ملڻ ۽ شرمائڻ،
    سو ته محلو مڪان شاهد آ.

    پاڻ جيڪي وچن ڪيا سي سڀ،
    لفظ شاهد، زبان شاهد آ.

    برهه جو باب آهيون اي صحبت!
    درد جو داستان شاهد آ.


    اکين کي اکين جا حوالا ڏيو،

    اکين کي اکين جا حوالا ڏيو،
    وري حُسن جا ڪي اُجالا ڏيو.

    اسين ديس دشمن مٽائي ڇڏيون،
    اسان کي هٿن ۾ جي ڀالا ڏيو.

    ڏيو ٿا ته دل ئي هٿن سان ڏيو،
    اسان کي نشانيون نه والا ڏيو.

    اسين نفرتون سڀ کڻائي وڃون،
    گڏي شهر جا سڀ جي ٻالا ڏيو.

    پرين جي ئي پيرن ۾ دفنائجو،
    نه ڪينجهر، نه مڪلي نه هالا ڏيو.

    اسان عشق پاليو آ ’صحبت‘ سچو،
    اجايا سجايا نه نالا ڏيو.


    جي مارڻ گهرو ٿا ته ماري ڇڏيو،

    جي مارڻ گهرو ٿا ته ماري ڇڏيو،
    يا ٻارڻ ڪري مونکي ٻاري ڇڏيو.

    اسان کي ڪڍي دل جي ايوان مان،
    وسارڻ گهرو ٿا وساري ڇڏيو.

    اسين پيار جا پنڇي به آهيون مگر،
    اڏارڻ گهرو ٿا، اڏاري ڇڏيو.

    ڀلي ميڻ سمجهو يا پٿر مٺي!،
    جي ڳارڻ گهرو ٿا ته ڳاري ڇڏيو.

    هٽو ڪين پوئتي رڪاوٽ ڏسي،
    وڌي ڏاڍ ڏونگر جا ڏاري ڇڏيو.

    پيئڻ جي گهرو ٿا، اسان سان پيئو،
    اڪيلي پيئڻ کان ته هاري ڇڏيو.

    اسين ٿا کڻون سر تي الزام سڀ،
    اوهان هربلا سر تان ٽاري ڇڏيو.

    اگر بار آهي بڻيل هن بزم تي،
    ته ”صحبت“ کي بيشڪ اٿاري ڇڏيو.


    هونءَ ته دل دوستو! ڀلي آهي،

    هونءَ ته دل دوستو! ڀلي آهي،
    پيار ۾ پر هوءَ بي پلي آهي،

    پاڻ هُن کان جدا ڪيا وياسين،
    ظالمن چال ڪا چلي آهي.

    هن سان منسوب آ ڪيو ماڻهن،
    ڪجهه وکون ساڻ جڏ هلي آهي.

    هن جي يادن جو تاب آ يارو،
    منهنجو جيون ويو جلي آهي.

    من مندر ۾ ڪير آ ’صحبت‘
    اوچتو اڄ وڳي ٽلي آهي.


    وفا ڪري جفا ڪري،

    وفا ڪري جفا ڪري،
    ملي وڃي خدا ڪري.

    وري وري وري ويس،
    نه بخش ٿي خطا ڪري.

    ڪِٽي ڪري، ٻڌي ڪري،
    وڃي نه شل جدا ڪري.

    سڙي وڃان، ڳري وڃان،
    مري وڃان وفا ڪري.

    هي بيوسي، هي بيڪسي،
    ٻڌاءِ، دل به ڇا ڪري.

    ڇڏيون ٿا تنهنجي شهر کي،
    وڃون پيا دعا ڪري!


    هن سوا هت گذارجي ڪيسين؟،

    هن سوا هت گذارجي ڪيسين؟،
    پاڻ کي ائين نکارجي ڪيسين.

    ڪا نه رونق رهي آ ڪمري ۾،
    گهر کي آخر سنوارجي ڪيسين.

    هُن جون يادون ويون وڪوڙي هن،
    هُن کي دل سان اتارجي ڪيسين.

    ويئي بڻجي هو ذهن جو حصو،
    هاڻي هن کي وسارجي ڪيسين.

    ڪيترو هو پري هلي وئي آ،
    هن کي هر هر پُڪارجي ڪيسين.

    دور ساحل کان ڪشتي آ ”صحبت“،
    هيڏو طوفان تارجي ڪيسين.


    اسان جي وفا جو تماشو ڪري،

    اسان جي وفا جو تماشو ڪري،
    هي دنيا اسان کي ٿي چريو ڪري.

    نه ئي ايشور آ، نه ئي ڪو خدا،
    تڏهن ٿو هي ڌنوان هاڃو ڪري.

    اُڍيڙي شرافت جا بکيا وري،
    ٿو ماڻهؤَ کي بڇڙو هي پئسو ڪري.

    ها! خالص محبت کي آڻيون ڪٿان،
    ڇڏيو عاشقن عشق ميرو ڪري.

    سچايون به ”صحبت“ ويون خاڪ ٿي،
    نه دل جو هتي ڪوبه سودو ڪري.


    وسي برسات ڳوڙهن جي،

    وسي برسات ڳوڙهن جي،
    ملي آ رات ڳوڙهن جي.

    خوشين کان خوف ٿي پيو آ،
    رڳي آ تات ڳوڙهن جي.

    اسان شاعر ڏکن جا هون،
    اسان جي ڏات ڳوڙهن جي.

    ٿا ٽهڪن کي گهرايون پر،
    لهي ٿي ذات ڳوڙهن جي.

    مليا تحفا ڏکن جا هن،
    ملي سوغات ڳوڙهن جي.

    اوهان جي شعر ۾ ”صحبت“،
    فقط آ بات ڳوڙن جي.


    هن جي سڪ ۽ اڪير سانڍي رک،

    هن جي سڪ ۽ اڪير سانڍي رک،
    پنهنجي نيڻن جا نير سانڍي رک.

    ڪا ته رونق رهي سدا مُک تي،
    چاهتن جا ڪي چير سانڍي رک.

    پنهنجي تيور جي يار ترڪش ۾،
    ترڇي نظرن جا تير سانڍي رک.

    هُن جي تصوير کي چمي هر هر،
    ڪاته يادن جي هير سانڍي رک.

    مان وفا جو وجود آهيان دوست،
    تون جفا جو شرير سانڍي رک.

    هن منافق سماج ۾ ”صحبت“
    پنهنجو روشن ضمير سانڍي رک.


    اچي ديس جا ڏس تون مارو ويچارا،

    اچي ديس جا ڏس تون مارو ويچارا،
    هي غربت جا ماريل، بکايل، ڏکايل.

    آ مزدور مظلوم منهنجي وطن جو،
    هي پورهيت آ منهنجو، غمن ساڻ گهايل.

    نه مائو، نه لينن وڪاميو وطن تي،
    مگرهت آ ليڊر اسان جو وڪايل.

    لٽيو دين جي آڙ ۾ پير مرشد،
    رهون وسوسن ۾ منجهيل ۽ منجهايل.

    آ ڏهڪاءُ تنهنجو وڏيرا اڃان ڀي،
    اڃان ڀي هي هاري رهي ٿو ستايل.

    ٿي بنجر وئي آهي ڌرتي اسان جي،
    ويو ڏيهه سارو ٿي آهي ڏُڪاريل.

    غدارن سان پنهنجي لڳي آ نه لڳندي،
    نه آهيون اي صحبت! وڏيرن جا قائل.


    صداقت نه ڪنهن وٽ سچائي ڏٺم،

    صداقت نه ڪنهن وٽ سچائي ڏٺم،
    رُڳو حسن ۾ ير وڏائي ڏٺم.

    روئاري اسان کي هو روئندي رهي،
    ها! هن وٽ به دردِ جدائي ڏٺم.

    زمانو ٿو رولاڪ مون کي چوي،
    مٺي رات رُلندي ڀٽائي ڏٺم.

    خدا جي خُدائيءَ تي کليا چريا،
    خدا جي عجب هي خدائي ڏٺم.

    جڏهن سُور ”صحبت“ آيا سر مٿي،
    نه همدم نه ڪو حال ڀائي ڏٺم.


    انڌيرن ۾ ڀي يار هلندا رهياسين،

    انڌيرن ۾ ڀي يار هلندا رهياسين،
    کائي ٿيڙ اڳتي پو وڌندا رهياسين.

    گهڻي روڪ رنڊڪ رکي وئي قلم تي،
    مگر پو به ڏينهن رات لکندا رهياسين.

    انڌيرن سان وڙهندي حياتي ڪٽي سين،
    ڏيئن وانگي راتين جو جلندا رهياسين.

    هلاڪو ۽ چنگيز، تاتار آيا،
    انهن پاپين سان به پُڄندا رهياسين.

    نه ”صحبت“ ڪڏهن عزم تان هٿ کنيوسين،
    اسين دار تي ڀي ته کلندا رهياسين.


    درد نيلام ٿي ڪرين ڇا لئه،

    درد نيلام ٿي ڪرين ڇا لئه،
    ائين بدنام ٿي ڪرين ڇا لئه.

    هي ته احساس آ منهنجي من جو،
    هن کي ناڪام ٿي ڪرين ڇا لئه.

    هن کي اچڻو آ جي، ته پوءِ، اي دل!
    هن ڏي پيغام ٿي ڪرين ڇالئه.

    عشق جي تو سحر سجائي جڏهن،
    هاڻ هي شام ٿي ڪرين ڇا لئه.

    مان اجالن جي ديس کان آيل،
    مونکي گمنام ٿي ڪرين ڇا لئه.

    شهر ۾ پاڻ پنهنجي ”صحبت“ کي،
    نذر الزام ٿي ڪرين ڇا لئه.


    توکان وڇڙي وري کَري پوندا،

    توکان وڇڙي وري کَري پوندا،
    پيار جا حوصلا مَري پوندا.

    تون سراپا لڳين ٿي باهه جيان،
    منهنجا جذبا به سڀ ٻري پوندا.

    تون وڙهي ڏس ڪا جنگ جذبي سان،
    هي ڏونگر ڏاڍ جا ڏري پوندا.

    تنهنجي يادن جا پن ڇڻيا جيڪي،
    من جي موجن ۾ اڄ تري پوندا.

    جيڪڏهن خون ٿيندو جذبن جو،
    پو ته رشتا ٽٽي وري پوندا.

    پنهنجن ڳوڙهن سان اڄ وري ”صحبت“
    هُن جا هي خط پُسي ڳري پوندا.


    چريا آهيون چاهت کي پرکي ڏسو،

    چريا آهيون چاهت کي پرکي ڏسو،
    صلاحيت، لياقت کي پرکي ڏسو.

    اسان کي جي پرکڻ گهرو ٿا پرين،
    اسان جي محبت کي پرکي ڏسو.

    اسين سنڌ واسي صدين کان سچا،
    اسان جي صداقت کي پرکي ڏسو.

    اسان سونهن جي پيا ٿا پوڄا ڪيون،
    اسان جي عبادت کي پرکي ڏسو.

    هوائن جا رُخ ڀي ٿا موڙي وڃون،
    اسان جي شجاعت کي پرکي ڏسو.

    اچو قرب واريون ڪچهريون ڪيون،
    اسان جي به قربت کي پرکي ڏسو.

    اسان جي هي چاهت اوهان لاءِ پرين،
    اسان جي به ”صحبت“ کي پرکي ڏسو.


    روز غم ۽ ملال آيو آ،

    روز غم ۽ ملال آيو آ،
    هيل ڪهڙو زوال آيو آ.

    ياد هُن جي وئي وڪوڙي آ،
    هن جو هر هر خيال آيو آ.

    خط ۾ خالي سفيد ڪاڳر آ،
    هي به هڪڙو سوال آيو آ.

    هي به هُن جي ڪيل شرارت آ،
    هن جي گهر مان ئي بال آيو آ.

    پاڻ برباد هُن ڪيو مونکي،
    اڄ پڇڻ پاڻ حال آيو آ.


    اچ ته برسات جو مزو ماڻيون،

    اچ ته برسات جو مزو ماڻيون،
    پيار جي رات جو مزو ماڻيون.

    هڪ ڊگهي رات مس ملي آهي،
    هن ملاقات جو مزو ماڻيون.

    رات جي سانت، تنها تون ۽ مان،
    اهڙي حالات جو مزو ماڻيون.

    هاڻ نيڻن ۾ ٿڪ اوجاڳا،
    هاڻ پرڀات جو مزو ماڻيون.

    شاعري سونهن تي ڪيون گڏجي،
    اچ پرين ڏات جو مزو ماڻيون.

    پاڻ قيدي پريم جا ٿي وڃون،
    هن حوالات جو مزو ماڻيون.

    هيل ياد آئي وري صحبت،
    هُن جي فڪرات جو مزو ماڻيون.


    هو سراپا شباب ويٺي آ،

    هو سراپا شباب ويٺي آ،
    اڄ هٽائي نقاب ويٺي آ.

    منهنجي ڪارڻ ئي دل جي آڳند تي،
    اڄ سجائي گلاب ويٺي آ.

    مان به ٿي ويس اتاولو ڏاڍو،
    هو به لاهي حجاب ويٺي آ.

    ماجرا من جي سڀ ٻڌائي ٿي،
    دل جو کولي ڪتاب ويٺي آ.

    پنهنجي من ۾ اچي وئي ائين ڄڻ،
    روح ۾ ٿي رباب ويٺي آ.

    پنهنجو جيون رُسي ويو ”صحبت“
    هو ڪري جو عتاب ويٺي آ.


    زندگي ديوار آ،

    زندگي ديوار آ،
    تو سوا بيڪار آ.

    جيت بس تنهنجي ٿئي،
    پنهنجي رڳو ئي هار آ.

    منهنجي سيني ۾ محبت،
    قيد ڄڻ ڪا نار آ.

    ساز بي آواز آهيان،
    ۽ ٽٽل هر تار آ.

    ڪيئن ڀلا توکي وساريان،
    ساڻ تنهنجي سار آ.

    خودڪشي ڀي ڪيئن ڪري ڪو،
    هي به هڪڙي گار آ.

    ايشور بس آسرو آ،
    بک جي بوڇار آ.

    سونهن جي نگري ۾ ”صحبت“
    اڄ لٿي ڪا جهار آ.


    مرڪندي هو گلاب ڏيندي آ،

    مرڪندي هو گلاب ڏيندي آ،
    ارپي پنهنجو شباب ڏيندي آ.

    چاهه جي چور کي وٺي زوري،
    ڀاڪرن جو عذاب ڏيندي آ.

    نينهن جي ئي نگر مان هو آڻي،
    چاهتن جو گلاب ڏيندي آ.

    مان ته سگريٽ گهرندو هان هن کان،
    هو لبن جو شراب ڏيندي آ.

    مان ڪمائي گناهه ايندو هان،
    هو ڪمائي ثواب ڏيندي آ.

    حسن هن جو ليئا ٿو پائي سدا،
    توڙي مک تي نقاب ڏيندي آ.

    اڄ به مون کي گهرائي اي ”صحبت“!
    پيار جو هر حساب ڏيندي آ.

    ***


    هن جو جنهن وٽ به جام پهتو آ،

    هن جو جنهن وٽ به جام پهتو آ،
    عرش تي ان جو نام پهتو آ.

    عشق جو آ امام هو، ليڪن،
    سونهن جو ٿي غلام پهتو آ.

    داغ دل جا سدا رکي روشن،
    عمر ڳاري تمام پهتو آ.

    عشق جو آفتاب اڀريو ۽،
    پيار جو ئي نظام پهتو آ.

    اڄ به مونکي وساري ڪين سگهي،
    اڄ به هُن جو سلام پهتو آ.


    هن جو پڻ انگ انگ خوش آهي،
    ڄڻ ته راڌا جو شيام پهتو آ.

    هن جي نالي سان جام آڻ وري،
    توڙي ماه صيام پهتو آ.

    هونءَ ته بدنام آ گهڻو ”صحبت“
    تو اڳيان نيڪ نام پهتو آ.


    تو سوا من قيامتون آهن،

    تو سوا من قيامتون آهن،
    ساعتون ڄڻ صعوبتون آهن.

    هن ڳليءَ ۾ اچون اچون ڇا لاءِ،
    تون ڪيون جو شڪايتون آهن.

    سونهن تنهنجي کي ٿا ڪيون سجدا،
    اي مٺي! هي عبادتون آهن.

    دوستي ۾ دغا ڪري جيڪو،
    ان جون ڪوڙيون رفاقتون آهن.

    حال منهنجو مٺي پڇو ڇا ٿا،
    بس اوهان جو عنايتون آهن.

    نفرتن جي نگر ۾ رهندي ڀي،
    تو سان هر پل صداقتون آهن.

    پيار ۾ جان ٿا ڇڏيون ارپي،
    ڇو ته پنهنجون روايتون آهن.

    اٿ اي صحبت! تيار ٿي هاڻي،
    هن ڏنيون دل سان دعوتون آهن.


    کسي ويو ڪو چين ۽ لُٽي ويو سڪون آ،

    کسي ويو ڪو چين ۽ لُٽي ويو سڪون آ،
    اسان جي عاشقيءَ جو اڄ، ڪري ويو ڪو خون آ.

    انهي کان پوءِ مري وڃون، اوهان کي جي وساريون،
    اوهان جو ئي خمار آ، اوهان جو ئي جنون آ.

    اوهان پڄاڻان، اي پرين، سرير سرد ٿي ويو،
    ٺري وياسين ٺنڀ ٿي، توڙي مهينو جون آ.

    گُريز عشق کان ڪرڻ، ۽ حسن کان پري رهڻ،
    پرين! اسان اڳيان اهو وڏو ئي بدشگون آ.

    وڃو پرين کي ائين چئو ته هوش ۾ بيهوش آ،
    جيئي نه ٿو مري نه ٿو، زبون ئي زبون آ.


    سمي هڪڙي سهاني سان،

    سمي هڪڙي سهاني سان،
    ملي ٿي هو بهاني سان.

    ڪُهي ٿي ڪيترا عاشق،
    نگاهن جي نشاني سان.

    سدائين جيءَ ٿو جهومي،
    پرين تنهنجي تراني سان.

    اجاڳر اڄ به آهيان مان،
    مٺي! تنهنجي فساني سان.

    رهان ٿو گم سدا تو ۾،
    نه تعلق آ زماني سان.


    رهي نسبت اٿم هر دم،
    اوهان جي آستاني سان.

    ملي ويندي شهنشاهي،
    محبت جي خزاني سان.

    حسد بجلي جو آ ”صحبت“،
    اسان جي آستاني سان.


    تنهنجي چاهت ۾ چُور ٿي ويو آ،

    تنهنجي چاهت ۾ چُور ٿي ويو آ،
    منهنجو جوڀن به جُهور ٿي ويو آ.

    پاڻ کي هو خدا پيو سمجهي،
    ڪيڏو هن کي غرور ٿي ويو آ.

    هن قسم ها کنيا ته گڏ رهبو،
    اڄ وري پاڻ ڏور ٿي ويو آ.

    هن اسان کي عذاب بخشيو جو،
    سو به دل جو سرور ٿي ويو آ.

    روئي روئي مٺي وڇوڙن ۾،
    ختم نيڻن جو نور ٿي ويو آ.

    سور ڏيئي اسان کي اي ”صحبت“،
    پاڻ بس بي قصور ٿي ويو آ.


    شراب ۽ شباب جون لڳي ويون نمائشون،

    شراب ۽ شباب جون لڳي ويون نمائشون،
    نشو چڙهي ويو نينهن جو، نشي ڪيون نوازشون.

    اداس عاشقي به ڏس، نراس نينهن کي به ڏس،
    عذاب تي عذاب آ، وڌي ويون جو سازشون.

    فراق جي صبوح سان، وصال جي هي رات آ،
    ملي ويو ثواب آ، اگهيون اسانجون ڪاوشون.

    گهٽا گجي گجي پئي، گهلي ٿي هير تانگهه جي،
    گهري ٿي دل اها دعا، خدا وساءِ بارشون.

    جڏهن کان هو ڏسي وئي، شڪار ٿي ڪسي وئي،
    سڄي حيات ڏيئي وئي، لٽائي دل جون خواهشون.

    اي ”صحبت“ آزمائجي ڪو بخت هن جي بزم ۾،
    اتي ڪجن عبادتون، اتي هجن رهائشون.


    عشق جي آويءَ ۾ يارو،

    عشق جي آويءَ ۾ يارو،
    پاڻ کي پيا ٿا جلايون.

    ڪهڙي ويهي عيد ماڻيون،
    ۽ گلي ڪنهن کي لڳايون.

    هي به آ احسان تنهنجو،
    پاڻ کي تنهنجو ٿا ڀانيون.

    ساهه ۾ توکي سمائي،
    شاهه جي وائي ٿا ڳايون.

    تو وساريو آ اسان کي،
    ڪيئين ڀلا توکي ڀُلايون.

    ڪيڏو توکان ڏور وياسين،
    پو ڀي تنهنجون يادون آيون.

    آسري ۾ آهيون ”صحبت“،
    محبتون ٿينديون سجايون.


    ساري جڳ ۾ عشق ۽ الفت جو ميلو آ متل،

    ساري جڳ ۾ عشق ۽ الفت جو ميلو آ متل،
    عشق وارن کي ڏسون يا سونهن وارن کي ڏسون.

    تنهنجي چهري کي ڏسڻ سان جيءَ نه ٿو ڀرجي پرين،
    تنهنجي ڳلڙن کي ڏسون يا تنهنجي چپڙن کي ڏسون.

    تون سراپا سونهن آ ۽ پيار جو اهڃاڻ آ،
    تنهنجي نازن کي ڏسون يا تنهنجي نيڻن کي ڏسون.

    زندگي گذري وئي، زلفن جي سائي ۾ سڄڻ،
    پيار کان دلڙي پليون، يا دل جي جذن کي ڏسون.

    ڪيترو ماتم ڪجي، پنهنجن پراون جو هتي،
    ڪهڙي رهبر کي ڏسون ۽ ڪهڙي رهزن کي ڏسون.

    ساهه سان سانڍي رکيا ٿم پيار جا تحفا پرين،
    اچ ته هڪ ڀيرو پڙهي اڄ، پنهنجن خطڙن کي ڏسون.

    جن سبب شاعر ٿياسين يار ”صحبت“ شهر ۾،
    هل ته هڪ ڀيرو هلي تن چنڊ چهرن کي ڏسون.


    سونهن تنهنجي چهري جي ڏسندو رهان،

    سونهن تنهنجي چهري جي ڏسندو رهان،
    گيت توتي مان مٺي لکندو رهان.

    سوچيان ٿو توکي ڪهڙو نانءُ ڏيان،
    توکي ملڪا سونهن جي چوندو رهان.

    پيار پنهنجو لکبو جنهن اتهاس ۾،
    سي ورق سارا مٺي چمندو رهان.

    تون به شيرين آهين پنهنجي وقت جي،
    مان به هڪ فرهاد ئي ٿيندو رهان.

    تون نه ٿي جڏهين اچين منهنجي اڱڻ،
    چنڊ سان ٿو حال اوريندو رهان.

    راز افشان ٿي ويو آ عشق جو،
    ڇو ڀلا مان لوڪ کان لڪندو رهان.

    هن جو پرچائڻ آ وڻندو پيار ۾،
    دل چوي صحبت! سدا رسندو رهان.


    چريو چاهه آهي،

    چريو چاهه آهي،
    وڏي باهه آهي.

    اوهانجي محبت،
    نئين راهه آهي.

    جواني جو جلوو،
    رڳي آهه آهي.

    توسان پيار آهي،
    تو ۾ ساهه آهي.

    اوهانجو ته مکڙو،
    مون لاءِ ماهه آهي.

    اوهان ڀل رسو پر،
    پنهنجو ٺاهه آهي.

    اي ”صحبت“ ڏکن جي،
    رڳو ڪاهه آهي.


    اسان شهر جانان جا رولاڪ آهيون،

    اسان شهر جانان جا رولاڪ آهيون،
    اسان جي نصيبن ۾ آ بيقراري.

    مُلان جي ڏٽن تي اسان ڪين گهاري،
    ملي زندگي جا اسان کي اُڌاري.

    فقط پيار ئي پنهنجو آ دين مذهب،
    اسان سونهن جا ئي رهياسين پُڄاري.

    نه ڌوڪو ٺڳي ۽ مڪاري نه من ۾،
    اسان جي طبيعت نياري نياري.

    رڳو ديد دلبر جي ٿا عيد سمجهون،
    ڏکن ۾ به آهي اسان لئه ڏياري.


    نظر ناز واري نهوڙي ڇڏياسين،
    ڪُهي وئي اسان کي اکين جي ڪٽاري.

    هئي سون ورني هو سجني اسان سان،
    اسان رات ڪينجهر ڪناري گذاري.

    اسين مهلقا جا آهيون مست ”صحبت“
    سدا سونهن جو آ نشو سر تي طاري.


    اوهان جو کڻي ڪوئي پيغام آيو،

    اوهان جو کڻي ڪوئي پيغام آيو،
    ڏيڻ دل ڏکي کي ڪو آرام آيو.

    وڃون ڇو اسان اڄ وري مئڪدي ڏي،
    جڏهن اکڙين جا کڻي جام آيو.

    بنا مئي پيئڻ جي اسين مست هئاسين،
    ٺلهو مئي پرستي جو الزام آيو.

    جڏهن ذڪر ڇيڙيو حسينن جو ساٿين،
    ته هر بار هن جو ئي پئي نام آيو.

    ڀٽائي، سچل هو، اياز ۽ بخاري،
    ادب جي دنيا ۾ هلي شيام آيو.

    لڪي لوڪ کان رات ايندو هو مون وٽ،
    سڄڻ اڄ هڻي ڪا وڏي هام آيو.

    وري اُپسرا ڪا لٿي اڄ اڱڻ تي،
    ڏسڻ هن کي هر خاص ۽ عام آيو.

    وري صحن ”صحبت“ سنوارياسين دل جا،
    جڏهن جاني ڀيرو ڀرڻ شام آيو.


    ايڏو نه مونکي پيار ڏي،

    ايڏو نه مونکي پيار ڏي،
    ايڏي نه پنهنجي سار ڏي.

    سڪ مان سڀاڻي ٿو اچان،
    سُڌ هي صبا هڪ وار ڏي.

    مان ٿو سنوارڻ چاهيان،
    پنهنجا تون وکريل وار ڏي.

    ڀل جيت تنهنجي ئي ٿئي،
    مون کي سدائين هار ڏي.

    وٺ مون کان هي خوشيون کڻي،
    لڙڪن سندي تون لار ڏي.

    ڀل هستي منهنجي ٿئي فنا،
    نيڻن جي مونکي مار ڏي.

    ڪافي نه آ پل پيار جو،
    ڏيڻو اٿئي سو بار ڏي.

    ”صحبت“ سندس ڪر آجيان،
    هن کي گلن جا هار ڏي.


    زندگي آ سفر،

    زندگي آ سفر،
    آ ڏکي رهگذر.

    مون ڪيو پورهيو،
    ٿو وهي هي پگهر.

    منٿ جو اي مٺي،
    ٿيو نه توتي اثر.

    سار کي ڏيئي گُهٽا،
    بند نه ڪر دل جو در.

    سر تي سختيون سهي،
    آ هلي بي خطر.

    تو ڏنو دردِ دل،
    توئي ساڙيو جگر.

    هل ته ”صحبت“ ڏسون،
    ڪو وفا ٻيو نگر.

    ****


    عشق ٿيو اداس آ،

    عشق ٿيو اداس آ،
    ٿي وئي اماس آ.

    چپ سکي تنهنجا ٻئي،
    چاشني جي چاس آ.

    ڪونه پڙهيو سال ڀر،
    پو به ٿي ويو پاس آ.

    تون ڪڏهن ته وڃ ملي،
    بس رهيل هي آس آ.

    هو سڪائي وار ٿي،
    آيو مونکي واس آ.


    غم نهوڙي آ وڌو،
    ڏس جلي ويو ماس آ.

    مان اڃارو ديد جو،
    ڪيڏي مونکي تاس آ.

    مونکي ڪا خوشي ڪڏهن،
    آئي ڪين راس آ.


    نياپا اوهان ڏي هزارين ڪياسين،

    نياپا اوهان ڏي هزارين ڪياسين،
    زماني اڳيان پاڻ رسوا ٿياسين.

    نه ئي ڏس پتو ڪو، نه ئي پيچرو ڪو،
    مگر پو به منزل ڏي هلندا رهياسين.

    تنهنجي بي رُخي تي سدائين او جانان،
    ها ڪيڏو کلياسين، ۽ ڪيڏو رناسين.

    نه ڳوڙها ٿا بيهن، نه سڏڪا ٿا رڪجن،
    جڏهن کان اوهانجو ڇڏي شهر وياسين.

    رکيوسين عمر ڀر ڀرم چاهتن جو،
    زماني اڳيان ڪين هرگز ڪُڇياسين.

    اي ”صحبت“ سندس هي عجب بي رُخي آ،
    لڳي ائين پيو ڄڻ نه واقف هئاسين.


    درد جي درياءُ مان ير،

    درد جي درياءُ مان ير،
    هر گهڙي ترڻو پوي ٿو.

    سور سڀ سر تي کڻي پو،
    مرڪندي مرڻو پوي ٿو.

    پير جي ڦٽجي پون ٿا،
    پو به من هلڻو پوي ٿو.

    مرڪ چپڙن تي سجائي،
    لوڪ سان ملڻو پوي ٿو.

    هُن ڪري هن جي ڳلي ۾،
    روز شب رُلڻو پوي ٿو.

    شاعري ڀي زندگي آ،
    لازمي لکڻو پوي ٿو.

    ساهه ”صحبت“ آهي هن ۾،
    هن ڪري جيئڻو پوي ٿو.


    الجهن ۾ ڇو اٽڪي پيو آ،

    الجهن ۾ ڇو اٽڪي پيو آ،
    منزل کان اڳ سهڪي پيو آ.

    ڪو ٿو هتڙي ويلا ويهي،
    ڪو خوشين ۾ ٻهڪي پيو آ.

    هوءَ جو آئي وارڙا کولي،
    منظر سارو مهڪي پيو آ.

    هن ڪُٺا جو ٻارڙا هيڏا،
    ديس هي سارو دهڪي پيو آ.

    ڪوڪ ڪئي آ، ڪوئل جڏهن،
    گلشن سارو چهڪي پيو آ.

    مفلس مليو جاٿي سنڌ جو،
    نيڻ ٽميا، رت ٽهڪي پيو آ.


    چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ڪو پکي اڏري ويو،

    چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ڪو پکي اڏري ويو،
    سونهن جي سُرهاڻ ۾ ڪو پکي اڏري ويو.

    هو لڳي پيو ڪيترو، پياسو پياسو پيار ۾،
    عشق جي اهڃاڻ ۾، ڪو پکي اڏري ويو.

    صبح گذريو شام ٿي، حُسن جي ڪا هام ٿي،
    ۽ شفق لالاڻ ۾، ڪو پکي اڏري ويو.

    شور ٿيو، ڪجهه گوڙ ٿيو، پيار ۾ بدنام ٿيو،
    ڏس وري مانڌاڻ ۾، ڪو پکي اڏري ويو.

    چؤطرف موتي هيا، هت سجايل سونهن جا،
    نينهن جي نرواڻ ۾، ڪو پکي اڏري ويو.

    جو بڻيو آهي مسيحا، سو چڙهي ڦاهي ويو،
    هت طلب ۽ تاڻ ۾، ڪو پکي اڏري ويو.

    روز ”صحبت“! سڪ سان ساري ٿي ويٺي سونهن ڪا،
    روح جي ڇڪتاڻ ۾، ڪو پکي اڏري ويو.


    عشق کي آباد ڪر،

    عشق کي آباد ڪر،
    پاڻ کي تون شاد ڪر.

    ڀل وساري هو ڇڏي.
    تون ته هن کي ياد ڪر.

    اي ستمگر بي وفا،
    اڄ کڻي تون داد ڪر.

    سڪ جي اڳيان تون وڃي،
    دل سندو فرياد ڪر.

    قرب جي تو آ ڏنو،
    ائين نه پو ناشاد ڪر.

    تو جي ٺاهي زندگي،
    ائين نه پو برباد ڪر.

    جو به توکي علم ڏي،
    صحبت! اهو استاد ڪر.


    باسي تو جا باس،

    باسي تو جا باس،
    ڪانه ٿي پوري آس.

    تنهنجن ڪارن وارن جو،
    وٺندو رهان پيو واس.

    چيڀاٽيندي جذبن کي،
    ڪونه پئي ڪو قياس.

    مايوسي آ ڪفر جاني،
    ايڏو ٿي نه نراس.

    سُک جو سج نڪرندو آخر،
    ڪيسين رهندي اماس.

    نظرن جا تو تير هنيا،
    ڪيئي ٿي ويا ناس.

    صحبت! تنهنجي عشق ۾،
    ٿي ويو وفا شناس.


    جدائي ٿي جهوري سڄي رات صحبي،

    جدائي ٿي جهوري سڄي رات صحبي،
    پئي ماس ڪوري سڄي رات صحبي.

    پري ڇو اڪيلو ٿو گهارين حياتي،
    اچي ويهه اوري سڄي رات صحبي.

    دکائي هئي سين جا يادن جي دونهين،
    دکي پئي ٿي هوري سڄي رات صحبي.

    گلابي گلن، موتئي رابيل سان مان،
    ڇڏيان توکي توري سڄي رات صحبي.

    هيو سخت سيارو ڪئي سين ڪچهري،
    پنهنجا ڏک ڏوري، سڄي رات صحبي.

    وفا جي بقا جو هي تسبيع کڻي اڄ،
    اڃان پيو ٿو سوري سڄي رات صحبي.


    ڀُلائي ڇڏين ٿو،

    ڀُلائي ڇڏين ٿو،
    رُلائي ڇڏين ٿو.

    سُڪن ساڻ ساوا،
    جلائي ڇڏين ٿو.

    ڪيئي خبرون ڪوڙيون،
    هُلائي ڇڏين ٿو.

    وري زهر مئي ۾،
    ملائي ڇڏين ٿو.

    هي غم دل جو دل ۾،
    لڪائي ڇڏين ٿو.

    تون ”صحبت“ تي خلقون،
    کلائي ڇڏين ٿو.


    اوهان جي اکين جو عجب ڪاج آهي،

    اوهان جي اکين جو عجب ڪاج آهي،
    ڏکن جي دنيا جو مليو ڏاج آهي.

    اسان جا لٽا ليڙون آهن ته ڇا ٿيو،
    اوهان جي ته سر تي رکيل تاج آهي.

    نه ٿيا بند سڏڪا، نه ڳوڙها ئي رڪيا،
    وهي نڪتي نيڻن مان ڄڻ گاج آهي.

    اسان ڪنهنجي دلڙي رنجائي ته ناهي،
    اوهان جڳ ڪيو ڪيڏو تاراج آهي.

    اسان کان اي لوڪو محبت نه کسيو،
    محبت اسان جو ته معراج آهي.

    نه هي هڪڙو ”صحبت“ مگر هر ڪو حاڪم،
    سدا حسن اڳيان ٿيو محتاج آهي.


    ٿي وئي آ زندگي اي دوستو! زندان اڄ،

    ٿي وئي آ زندگي اي دوستو! زندان اڄ،
    ٿو ڪُهي انسان کي بي درد هي انسان اڄ.

    آ ڪئي قبضي ۾ هن مسڪين هاري جي زمين،
    ٿي ويو مالڪ هزارن جو وري ڌنوان اڄ.

    جنهن کي چاهي ٿو ٻڌائي ۽ ٽنگائي ڏس ادا،
    ويو وڏيري جو وڌي سرڪار ۾ آ شان اڄ.

    رات مون سان گڏجي پيتو ڪيترو واعظ شراب،
    ڏينهن جو منمبر تي ٿو واعظ ڪري نادان اڄ.

    ديس جو هو درد جنهن کي ڪالهه ڏاڍو دوستو،
    سو به ڪرسي ڪاڻ وڪجي ويو وڏيرو خان اڄ.

    ڪنهن آ ماريو ڪنهنجو ڪونڌر، ڪنهن ڪئي بيوهه وني،
    هاڻ پنندي ڀي نه ملندو، بيوسن کي دان اڄ.

    تون ته ٿو ”صحبت“ چوين انسان کي اعليٰ مگر،
    ٿي ويو هن دور ۾ سو ڪيترو حيوان اڄ.


    ڪيو ڀل اسان سان ئي نفرت اي صحبت!

    ڪيو ڀل اسان سان ئي نفرت اي صحبت!
    ڪنداسين اوهان سان محبت اي صحبت!

    هڻائي زمانو اسان کي پيو ڦٽڪا،
    نه رڪبي هي چاهت جي فطرت اي صحبت!

    سدائين پيارن جي پوڄا ڪيون ٿا،
    ڏني ڏات مون کي آ قدرت اي صحبت!

    خدا سمجهي توکي جهڪايو اسان سِر،
    نه ايڏي ڪندو ڪو عبادت اي صحبت!

    اُهي خوب منظر ملياسين ٻئي جت،
    اسان کي ڏين اڄ به راحت اي صحبت!

    اسان جي مقدر ۾ لکجي وئي آ،
    سدا سونهن وارن سان ”صحبت“ اي صحبت!


    پيار جي ڪائي سرحد ناهي،

    پيار جي ڪائي سرحد ناهي،
    دل کانسواءِ ٻيو قائد ناهي.

    نينهن وارن جو نظريو هڪڙو،
    تنهنجو اصول ڪو واحد ناهي.

    سونهن کي ڪونه ڪري ٿو سجدو،
    ائين لڳي ٿو عابد ناهي.

    رندن تي هو طنز ڪري ٿو،
    ڇا جو زاهد، زاهد ناهي.

    ڪيئن ڏيون پيغام پرين کي،
    ڪوبه ته وچ ۾ قاصد ناهي.

    مرضي جا مختيار هون ”صحبت“،
    ڪنهنجو فرض ڪو عائد ناهي.


    سڪ سان سڏئي پنهنجي پاڙي،

    سڪ سان سڏئي پنهنجي پاڙي،
    تو وٽ پهتس پيرين اگهاڙي.

    وک وک تي ها پَهَرا توتي،
    آيس سارا لڪ لتاڙي.

    پيار جي خاطر تون به ته اچ،
    جڳ جي رسم ۽ ريت اُجاڙي.

    گلشن دل جو اڳ آ اجڙيل،
    هاڻي ڪندا ڇا جيون ساڙي.

    گيت اسان جا گهايل صحبت!
    جن ۾ دانهون درد الاڙي.


    ڪو هر پل توکي ساري ٿو،

    ڪو هر پل توکي ساري ٿو،
    ۽ تولاءِ هنجون هاري ٿو.

    هي ساگر تنهنجي يادن جو،
    هر ٻوڙي ٿو هَر تاري ٿو.

    توري جڳ ۾ منهنجي دلڙي!
    ها! ڪوبه نه منظر ٺاري ٿو.

    هي آڳ نه ٺرندي لڙڪن سان،
    جا عشق اندر ۾ ٻاري ٿو.

    هي گجرو تو جو پاتو آ،
    اڄ بجلي بڻجي ماري ٿو.


    اسان جي ته ڪڏهين به سرندي نه تو بن،

    اسان جي ته ڪڏهين به سرندي نه تو بن،
    اڌورو اسانجو پيا هي آ جيون.

    بهانو ڪري ڪو اچو هت اسان وٽ،
    گهڻو ڀل نه ويهو، گذاريو گهڙي کن.

    فدا ساهه صدقو اوهان تان ڪنداسين،
    زمانو ٿئي ڀل سمورو جي دشمن.

    اچو جي ته راهن ۾ اکيون وڇايون،
    ڇٽايون اوهان تي هي رابيل جا پن.

    نه احساس رهندو ڏکن جو ڪو ”صحبت“!
    ڪرائيندو پنهنجو پرين پاڻ درشن.


    ٽٽل دل کي ٺاهي،

    ٽٽل دل کي ٺاهي،
    ڪنهنجو ڪير ناهي.

    آ پنهنجن ئي ماريو،
    پراون کي ڇاهي.

    محل هڪڙو ٺاهيم،
    ڇڏيَوَ سو به ڊاهي.

    يقين ڪر اسان تي،
    تو سان پيار آهي.

    چيو سچ جنهن ڀي،
    چڙهيو آهي ڦاهي.

    زمانو به پويان،
    پيو لاهي پاهي.

    ها! مالڪ تي پنهنجو،
    ڪتو پيو ٿو باهي.

    زماني ته هن کي،
    ڇڏيو آهي ٽاهي.

    مٺي ڪنهن سان .صحبت“،
    ڀلا سينو ساهي.


    وري سڪ اوهانجي جا بادل گجن ٿا،

    وري سڪ اوهانجي جا بادل گجن ٿا،
    اچانڪ اوهان ڏي قدم اڄ کڄن ٿا.

    کنيو مون قسم ضبط ۾ رهندا جذبا،
    مگر سي ته منهنجي نه وَس ۾ رهن ٿا.

    جڏهن بي خودي ۾ مان بهڪي وڃان ٿو،
    اهي رند هي جام مون تي کلن ٿا.

    ٿو چاهيان ته يادن جا ڏيئڙا وسايان،
    مگر جيءَ جهروڪن ۾ جڳ مڳ ٻرن ٿا.

    تون ڪنهن لاءِ اداس آهين اي اجنبي هت،
    مٺي! تنهنجا ڳوٺائي مون کان پڇن ٿا.


    مون سان تنهنجو هي چاهه ڪهڙو آ،

    مون سان تنهنجو هي چاهه ڪهڙو آ،
    چاهه جو ڀي گواهه ڪهڙو آ.

    کوڙ جعفر ۽ ڪيئي صادق هِن،
    پنهنجو تن ساڻ ٺاهه ڪهڙو آ.

    روح وئين رمز ساڻ يار ڪڍي،
    جسم ۾ باقي ساهه ڪهڙو آ.

    دل ڏيڻ دل وٺڻ ۾ اي يارو،
    ڪو ٻڌائي گناهه ڪهڙو آ.

    پاڻ کان ٿو پڇان ته اي ”صحبت“،
    تنهنجو هت خير خواهه ڪهڙو آ.


    تنهنجي جيون جو قسم،

    تنهنجي جيون جو قسم،
    ٿي ويو آهيان ڀسم.

    سونهن کي سجدو ڪيان،
    جيسين آهي دم ۾ دم

    چاهه مان چمندو رهان،
    اوري ته ڪر پنهنجا قدم.

    ڏک اسان کي ڏي مٺي،
    ڪو ته ڪر اهڙو ڪرم.

    ڏور منزل ڌرتتي،
    آ پري ڪيڏو صنم.

    دل ۾ دلبر آهي ”صحبت“،
    ڇو وڃون ڪعبي حرم.


    ٿي ويو سنسان سارو شهر جانان، تو بنا،

    ٿي ويو سنسان سارو شهر جانان، تو بنا،
    ٿي وئي دلڙي وياڪل نيڻ ڀي ڪيڏا ڀنا.

    منهنجو مذهب ماڻهپو، مون لاءِ ماڻهو آ مهان،
    مون ته هر ظالم کان پنهنجا ناتا ۽ رشتا ڇنا.

    تو اسان جي دل جو هر هر آ ڪيو قتلام هت،
    ۽ انهي رت جي هٿن تي لاتي آهي تو حنا.

    مون محبت تنهنجي پنهنجي دل ۾ آ سانڍي رکي،
    بس انهي شيءَ جي ڪيان پيو پيار سان ئي پالنا.

    هي غنيمت ۽ وڏي نعمت ٿو سمجهان اي پرين،
    جي محبت ۾ اوهان آهن اسان کي ڏک ڏنا.

    جن هٿن سان مون لکيو ٿي نانءُ تنهنجو ريت تي،
    تن هٿن کي ٿو چمان توڙي اهي ميرا ڪِنا.

    سر به تنهنجي مِلڪ آ، هي جان تنهنجي نذر پڻ،
    ڇا لئه ”صحبت“ سان ٿو پنهنجو سينو ساهين آشنا.


    ٻڏي ٿي مٺا اڄ هي يادن جي ٻيڙي،

    ٻڏي ٿي مٺا اڄ هي يادن جي ٻيڙي،
    نه پهتي سلامت هي خوابن جي ٻيڙي.

    تماشو ڏسن دوست پنهنجا ٿي بيهي،
    بچائي نه سگهيا هي جذبن جي ٻيڙي.

    مان بنواس ڪاٽي آيس پئي اوهان ڏي،
    وئي اجڙي پنهنجي اميدن جي ٻيڙي.

    جا مضبوط ٻيڙي لڳي پئي اسان کي،
    سا نڪري پئي ڪک ۽ ڪانن جي ٻيڙي.

    گهليا تيز ”صحبت“ هي طوفان اهڙا،
    ٿي وئي پرزا پرزا پريتن جي ٻيڙي.


    هر گهڙي ڄڻ ته وِهه وٽي آهي،

    هر گهڙي ڄڻ ته وِهه وٽي آهي،
    رات روئي اسان ڪٽي آهي.

    حُسن جو شهر بيمثال سهي،
    سونهن ۾ هن جي هڪ هٽي آهي.

    هي املهه چيز زندگي پنهنجي،
    درد جي ڌوڙ ۾ لٽي آهي.

    زندگي ناهي دوست! آبِ حيات،
    زهر جي ڄڻ ته ڪا بٺي آهي.

    جڳ ۾ هر چيز گهٽجي وئي ليڪن،
    پنهنجي چاهت ڪٿ گهٽي آهي.

    عشق چنبن ۾ ائين کنيو صحبت!
    باز جهرڪي ڪا ڄڻ جهٽي آهي.


    عشق جو اڄ بخار ٿي پيو آ،

    عشق جو اڄ بخار ٿي پيو آ،
    ڪنهنجي نظرن جو وار ٿي پيو آ.

    تو بنان آهي ڪائنات ٻُسي،
    سارو جڳ سوڳوار ٿي پيو آ.

    روز ٿا هجر جو ڪيون ماتم،
    جان کان جسم ڌار ٿي پيو آ.

    منهنجي من جي پياس ڪانه وئي،
    توتي بوسن جو بار ٿي پيو آ.

    پنهنجو جيون اداس آ ”صحبت“!
    ۽ بدن بي قرار ٿي پيو آ.


    هت ڇڏائي وئين پرين،

    هت ڇڏائي وئين پرين،
    دل ڏکائي وئين پرين.

    مون تي منهنجا اي سڄڻ،
    سڀ کِلائي وئين پرين.

    ننڊ هئي قرار هو،
    ڇو ڦٽائي وئين پرين.

    تون اماس رات سان،
    اڄ ملائي وئين پرين.

    اعتبار هئا گهڻا،
    پر رلائي وئين پرين.

    خاڪ ٿي هي زندگي،
    جڏ جلائي وئين پرين.


    تنهنجو سهڻي درشن ٿيندو،

    تنهنجو سهڻي درشن ٿيندو،
    منهنجو چهرو درپن ٿيندو.

    عشق جو هوندو عڪس انهي ۾،
    اونداهو من روشن ٿيندو.

    پاڻ کي دنيا ساريندي پئي،
    پيار جو ميلو پل کن ٿيندو.

    تنهنجو منهنجو امر فسانو،
    شاهد پيار جو ڪک پن ٿيندو.

    شام هلي آ قرب ڪري اڄ،
    توتان فدا هي جيون ٿيندو.

    تنهنجو ”صحبت“ تنهنجو رهندو،
    توتان صدقي ساجن ٿيندو.


    نفرت جو ڏس ڪم نيارو،

    نفرت جو ڏس ڪم نيارو،
    جنهن ۾ جڳ جلي ٿو سارو.

    پُرنم پنهنجا نيڻ آهن پر،
    نيٺ ته ايندو پنهنجو وارو.

    غير ته ڇا پر دوست به اڄ ڪلهه،
    هڪ هڪ ٿي ويو من جو ڪارو.

    سنگ مرمر جي بنگلي کان ڀي،
    آ گهر پيارو گاري وارو.

    ديپ اوهان جي يادن جو هي،
    جلندو رهي ٿو ويچارو.

    تو بن ويران منهنجي دنيا،
    ۽ ڪمري ۾ ڀي آ چارو.

    هن جي شهر ڇڏڻ سوا ٻيو،
    ڪو به نه ”صحبت“ مليو چارو.


    نظم

    ڏاهر! تنهنجو ڏيهه ٿو، ڏهاڙي ڏسي ڏُک،

    ڏاهر! تنهنجو ڏيهه ٿو، ڏهاڙي ڏسي ڏُک،
    ڪونهي ڪڏهن سُک، منهنجن هن مارن کي





    مينهوڳيءَ جي ماڳ ۾، مارو ملندا جي،
    مون کان پڇندا سي، پيار پنهنجي جون باتڙيون.
    (ب.ص.ع)


    تڙپ

    تڙپ

    آ رات لڙي ڪو تڙپي ٿو،
    تڙپ ۾ تڙپي پگهري ٿو،
    هي ڪهڙو ساگر آ سهڻي،
    جو مون کي تو ۾ ٻوڙي ٿو،
    ساحل سپنا، يادون ڪشتيون،
    دل ڪهڙا بندر ڳولي ٿو،
    پل پل پاڻ کي رولي ٿو،
    او واهرو تون واٽ ڏسين ٿو،
    ڄڻ ڪائي مون کي گهاٽ ڏسين ٿو،
    مان سڀ ڪجهه سمجهي سمجهان ٿو،
    تون دُور ڪرين ٿو دردن کان،
    ۽ پنهنجن پيارن فردن کان،
    آڪاش جو ڀاڪر ڪافي آ،
    ۽ پيار جو ڀاڪر ڪافي آ،
    مون ڌرتيءَ ۾ آ ساهه کنيو،
    نه ڪنهن جو چوريءَ هينانءُ کنيو
    مان سمجهان ٿو،
    سڀ سمجهان ٿو،
    تون ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،
    منهنجي ويس ۾ اوڍيل آهين،
    منهنجي ديس ۾ پکڙيل آهين،
    تون منهنجي ڀاءُ جو قاتل آهين،
    ڄڻ منهنجي قوم جو قاتل آهين،
    پر هڪڙي توکي ڳالهه چوان،
    تون پو ڀي ڪيڏو سائل آهين،
    هو پو ڀي راجه ڏاهر آهي،
    هو پو ڀي راجه ڏاهر آهي،
    ۽ ديس سڄي جو واهر آهي،
    هو پوءِ ڀي راجه ڏاهر آهي.


    ڊسمبرجو ڀاڪر

    ڊسمبرجو ڀاڪر

    ڇو ڊسمبر تون ڀلا وسرين نه ٿو؟
    ۽ اسان جي سوچ مان نڪرين نه ٿو؟

    (1)
    ياد جا تارا سمورا هوش ۾،
    چنڊ ڀي هو اڄ وري آغوش ۾.
    ۽ اُتر جي هِير ٿي هر هر گُهلي،
    ڪير هو جو ڀاڪرن ۾ ويو جلي،
    سيءُ ۾ سڏڪي پئي ڪا زندگي،
    سونهن کي سجدو ڪيم ٿي بندگي،
    عشق جي ڦڙ ڦڙ سجايو ساٿ کي،
    ڏات جي ديوي نڀايو رات کي،
    اڄ ڊسمبر روح مان اُڏيرين نه ٿو،
    ڇو ڊسمبر تون ڀلا وسرين نه ٿو.

    (2)
    يادگيرين جي سمندر ۾ لهي،
    ماٺ جا موتي سمورا ميڙيون،
    اڄ ته هڪ ٻئي کي وري اڄ ڇيڙيون،
    عاشقي جا کيت ڪيئي کيڙيون،

    سي ۾ سانڍي سموري سوچ کي.
    روح جا رشتا وري سڀ ويڙهيون
    وقت جا سارا زخم وسري ويا،
    پوءِ ڊسمبر تون ڀلا وسرين نه ٿو،
    ڇو ڊسمبر تون ڀلا وسرين نه ٿو.

    (3)
    ولهه پارا روز ٿا ڪيڏا پون،
    ۽ ڪُوهيڙي جا هتي دونها هلن،
    عشق ۾ ٿا باهه جا جهٽڪا لڳن،
    ٿڌ ۾ سڀ ٿاڪ ٿا رُڪجي وڃن،
    ٿا محبت کي نوان رستا ملن،
    ۽ اکين مان ماڪ جا ڳوڙها ٽمن،
    قرب جا سي سڀ قصا نبري ويا،
    اڄ ڊسمبر تون ڀلا نبرين نه ٿو،
    ڇو ڊسمبر تون ڀلا وسرين نه ٿو.

    (4)
    چاهتن جي ديس جا مجنون وري،
    باهڙي ٻاري گهٽائن سيءَ ٿا،
    ۽ اچن ٿا جي پکي ڪنهن ڏيهه کان،
    روز ٿا ماريا وڃن ماري هٿان،
    سيءُ ۾ ٿڙڪن پيا ڪي ٻارڙا،
    ڪنهن جي نيڻن جا آهن سي تارڙا،
    ڪيترا اڏري ويا آڪاش ڏي،
    ڇو ڊسمبر تون ڀلا نبرين نه ٿو،


    جيجل

    جيجل

    تاريخ ۾ نانءُ لکائيندس،
    منهنجي جيجل تنهنجو سڏائيندس،
    مان جنم جنم پيو ڳائيندس،
    منهنجي جيجل تنهنجو سڏائيندس.

    (1)
    ڪا رات نه رهندي ڪاري،
    هت ڪوبه نه رهندو ماري،
    هن ڌرتي جي آ ساري،
    آ سونهن رهي هي ناري،
    جيڪا روز کڻي پئي کاري،
    هي ڪينجهر جي آ پياري،
    جنهن محبت کي آ جياري،
    ٿيو ڄام به هُن تان واري،
    هي عشق جي ڳالهه هُلائيندس،
    منهنجي جيجل تنهنجو سڏائيندس.

    (2)
    هي منڇر ۽ هي ڪينجهر،
    هي ڪاڇو ۽ ڪارونجهر،
    هي ٿر جا مور ۽ منظر،
    ڪيٽي بندر مسجد مندر،
    هن ديس جو هر هڪ گهر گهر،
    آهي سونهن ۾ سڀ کان برتر،
    هي ڊڀ ڪانڊيرا ۽ سَر.
    هي ساڳ، پليءَ ۽ چانور،
    ڪيئن سونهن سڳند مان ڀُلائيندس،
    منهنجي جيجل تنهنجو سڏائيندس.

    (3)
    تنهنجو هوشو روز کڄي ٿو،
    تنهنجو هيمون روز گجي ٿو،
    تنهنجو دودو ڀي ته اچي ٿو،
    تنهنجو دولهه يار پچي ٿو،
    تنهنجو سچل روز نچي ٿو،
    سڀ گهوٽ ڀٽائي ڏسي ٿو،
    ڪري شاهه عنايت سجدو،
    مخدوم به گهاڻي پهتو،
    تنهنجو ”صحبت“ مان وڌائيندس،
    منهنجي جيجل تنهنجو سڏائيندس.


    (ڪلچرل ڊي جي حوالي سان) اجرڪ ٽوپيءَ وارا

    (ڪلچرل ڊي جي حوالي سان) اجرڪ ٽوپيءَ وارا

    منهنجي ديس جا ماڻهو پيارا،
    او اجرڪ ٽوپيءَ وارا.
    ڌرتيءَ تي ٿا ساهه ڏين،
    هن ديس جا ماڻهو سارا.

    (1)
    شاهه سچل ۽ سامي،
    ڌرتي جا هن روز سلامي،
    ٻوليءَ جي آڪاش جا تارا،
    هن ديس جا ماڻهو سارا.

    (2)
    منڇر، ڪينجهر ۽ ڪاڇو،
    دنيا جي تهذيب جو پاڇو،
    هن ڌرتي جا هِن ٻارا،
    هن ديس جا ماڻهو سارا.
    سنڌو ديس چون ٿا جوڌا،
    رهبر سائين مڃن ٿا دودا،
    هي روز هڻن ٿا نعرا،
    هن ديس جا ماڻهو سارا.
    روز ٿا ”صحبت“ تاڻي بيهن،
    ڌرتي خاطر آڻي بيهن،
    سر اڏيءَ مون پارا،
    هن ديس جا ماڻهو سارا.


    منهنجي ڀونءِ جي ڀينر!

    منهنجي ڀونءِ جي ڀينر!

    وري ڪو زلزلو آيو،
    وري ڌرتي ڌُڏي آهي،
    وري طوفان آ غم جو،
    وري اجڙي ويو گلشن،
    وري ويران ٿيا رستا،
    وري ويران ٿيون وسنديون،
    وري واڪا، وري سڏڪا،
    وري اکڙيون ٿيون آليون،
    پُسي ويا پانڌ پوتين جا،
    وري امڙيون ويون اجڙي،
    ڪڍن ٿيون پار اڄ ڀيڻوون،
    وري ڀائرو يڳاڻا ٿيا،

    وري پيدا ڪي گهاڻا ٿيا،
    وري ڪاراڻ آ اُڀ تي.
    وري ماتم متو آهي،
    وري دور يزيدي جو،
    کليو هي سلسلو آهي،
    وري ڪا ڪربلا آئي،
    يزيدي قاتلن ڪيڏو،
    ڪيو آهي ستم سنڌ سان،
    اسان جو گهاءُ هي ڀينر،
    نه ڀربو ڪو صدين تائين،
    او منهنجي سنڌ جي راڻي!
    او منهنجي ڀونءَ جي ڀينر!،
    وري هي وقت جا قاتل،
    اسان کان ويا کسي توکي،
    سُکن جي ڄڻ پُڄاڻي ٿي،
    عجب پنهنجي ڪهاڻي ٿي،
    جوانيون ڀي جليون آهن،
    ڪُرڙا ڀي ڪُٺا آهن،
    مگر هي ٻارڙا ٻاتا،
    رڳي توکي ئي سارن ٿا،
    اکين مان نير هارن ٿا،
    اسان جي ڀيڻ! تو کان پوءِ،
    اسان جي شام ۾ هاڻي،
    رهي رونق ڪٿي آهي؟
    رڳي توکي ئي ساريون ٿا،
    اکين مان نير هاريون ٿا،

    اوهان سان روح جا رشتا،
    آهن مظلوم ماڻهن جا،
    او منهنجي سنڌ جي سانئڻ،
    ننڌڻڪي قوم ٿي وئي آ،
    اوهان جا جان ارپي آ.
    اسان جي ڀونءِ کي ڀينر،
    عمل سو انقلابي آ،
    وڏو هي ڪارنامو آ،
    امر آهي، امر رهندو،
    هي تنهنجي ڀونءِ آ ڀينر،
    جا رت سان تو رنڱي آهي،
    اسان جو هي وچن آهي،
    اوهان جا خواب جيڪي ها،
    اُهي ساڀيان ئي ماڻيندا،
    اوهان جا ڀائر هي سارا،
    اوهان جي راهه تي هلندا،
    وري مسڪين مارو هي،
    اوهان جي سوچ جا ڏيئا،
    گهٽي گهر گهر جلائيندا،
    اوهان سان ئي نڀائيندا،
    اوهان سان ئي نڀائيندا.


    ]محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي ياد ۾ لکيل نظم[


    Tribute

    Tribute

    اسان جي عيد ڪهڙي آ،
    اوهان جي عيد ڪهڙي آ؟،
    اسان جي ديد ڪهڙي آ،
    اوهان جي ديد ڪهڙي آ؟،
    هتان جي ديس جا مارو،
    کڄن جيڪي گهرن کان ٿا،
    ۽ پنهنجن ئي ترن کان ٿا،
    اُهي معصوم ڳڀرو سڀ،
    اُهي مسڪين مارو سڀ،
    رکين ڪاٿي الائي ٿو،
    نه ئي آڪاش ٿو ڀانسي،
    نه ئي ڌرتي پئي ٻولي،
    ملن ٿيون روز عرضيون جي،
    وڃن ڪاڏي ٿيون منصف سي؟،
    نه ٿيو ڪو فيصلو تن جو،


    اوهان جي جيءُ حضوري ۾،
    ڀلا ايوان سارا سڀ،
    ستا ڇو ننڊ ۾ آهن،
    ڀلا آ ڏوهه ڪهڙو ڪيو،
    انهن ڳڀرو جوانن آ،
    اهوئي ڏوهه آ منهنجو،
    اهوئي ڏوهه آ جن جو،
    ڪو ڪيو ڏوهه مون ناهي،
    ڪو ڪو ڏوهه هن ناهي،
    ڪيان ٿو پيار ڌرتي سان،
    ڪيان ٿو پيار ڌرتي سان،
    اها منهنجي خطا آهي،
    اها منهنجي سزا آهي.


    وسڪي

    وسڪي

    اچ ته وسڪيءَ جو مٺي ماڻيون مزو،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ مٺي آڻيون مزو،
    اچ ته وسڪيءَ کي هڻي ڀاڪر ڇڏيون،
    اچ ته وسڪيءَ سان ڪيون ڪي ڳالهڙيون،
    اچ ته وسڪيءَ سان رهون ڪي راتڙيون،
    اچ ته وسڪيءَ جون ٻڌون ڪي باتڙيون،
    اچ ته وسڪيءَ کي ٻُڌون دل سان وري،
    اچ ته وسڪيءَ کي چميون ڪي چار ڏيون،
    اچ ته وسڪيءَ کي چپن جي مار ڏيون،
    اچ ته وسڪيءَ کي چپن سان چوريون،
    چنگ وسڪيءَ جو کڻي اڄ چوريون،
    حال دل جا سڀ وري اڄ اوريون،
    چاهتن کي ڇو ڀلا اڄ توريون،
    پاڻ کي اڄ پاڻ ۾ ئي ڳوريون،
    درد جون آهن ڪٿي اڄ گوريون،

    اچ ته وسڪيءَ کي وري ڪو مان ڏيون،
    اچ ته وسڪيءَ لاءِ کڻي اڄ جان ڏيون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ ڀٽائي کي پڙهون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ وري ٻيهر ڪڙهون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ هلي غالب پسون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ هلي خيام ٿيون،
    اچ ته وسڪيءَ سان ڪيون آغاز ڪو،
    اچ ته وسڪيءَ لاءِ ٿيون اياز سو،
    اچ ته وسڪيءَ کي ڇڏيون اوتي وري،
    ۽ وساري هوش کي پل پل ڇڏيون،
    ۽ سنواري جوش کي پل پل ڇڏيون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ هميشھ لاءِ گڏيون،
    اچ ته وسڪيءَ کي ازل کان ئي سڏيون،
    اچ ته وسڪيءَ لاءِ ٿيون ڪا روشني،
    اچ ته وسڪيءَ لاءِ ٿيون ڪا زندگي،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ ڪيون اڄ بندگي،
    اچ ته وسڪيءَ سان ڪيون اڄ دوستي،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ ڪيون ڪا شاعري،
    اچ ته وسڪيءَ جي ٿيون ڪا دلبري.
    اچ ته وسڪيءَ ۾ لڀون ڪا رهبري،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ ڏسون آڪاش کي،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ ڏسون هي تارڙا،
    اچ ته وسڪيءَ سان ڀنايون وارڙا،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ گذاريون پارڙا،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ ڏسون اڄ چنڊ ڪو،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ ڏسون هن ڀونءَ کي،
    اچ ته وسڪيءَ سان هلون ڪنهن چنڊ تي،
    اچ ته هڪٻئي لاءِ وري اڄ منڊ ٿيون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ هلي ڪينجهر گهمون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ ڏسي مڪلي اچون،
    ۽ خدا جي روپ کي تو ۾ ڏسون،
    ۽ خدا کي روح سان سجدو ڪيون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ وري ڪافر ٿيون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ وري مؤمن ٿيون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ وري ٻيهر جيئون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ اڪيلا ٿي وڃون،
    اچ ته وسڪيءَ کي وري گڏجي پيئون،
    اچ ته وسڪيءَ سان هلون آڪاش ڏي،
    اچ ته وسڪيءَ سان هلي مومل لڀون،
    اچ ته وسڪيءَ سان هلي ليليٰ ملون،
    اچ ته وسڪيءَ سان هلي عذرا ڏسون،
    اچ ته وسڪيءَ سان هلي سهڻي ڀَسون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ هلي سورَٺ ڏسون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ هلون هِن کير ٿر،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ هلون ٿر جي نگر،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ سمايون سنڌ کي،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ نمايون جند کي،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ کٽايون پنڌ کي،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ پُسايون هنڌ کي،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ ملايون مسنڌ کي،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ ڇڏايون ڇند کي،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ ڀُلايون گند کي،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ رلايون سَنڌَ کي،
    اچ ته وسڪيءَ سان وري وهنجون مٺي،
    اچ ته وسڪيءَ کي وري سمجهون مٺي،
    اچ ته وسڪيءَ سان ڪيون اوجون مٺي،
    اچ ته وسڪيءَ سان ڪيون موجون مٺي،
    اچ ته وسڪيءَ سان رکون ڪي صحبتون،
    اچ ته وسڪيءَ جون ڏسون ڪي محبتون،
    اچ ته وسڪيءَ کي ڏيون ڪي راحتون،
    عشق جون پڙهي ڏسون ڪي آيتون،
    زندگيءَ جون سڀ گذاريون ساعتون،
    اچ ته وسڪيءَ سان مٽايون نفرتون،
    اچ ته وسڪيءَ سان هلون هن پار ڏي،
    اچ ته وسڪي سان هلون ڪنهن يار ڏي،
    اچ ته وسڪيءَ سان رڙهون ڪنهن بار ڏي،
    اچ وري ٻيئي گڏ ويهي ٻيهر جيون،
    زندگي سهڻي وري ماڻي وڃون،
    ايترو گڏجي پيئون گڏجي پيئون،
    پاڻ کان ئي پاڻ ڄڻ وسري وڃون،
    اچ ته وسڪيءَ ۾ خدا کي ڳوريون،
    اچ ته وسڪيءَ سان اندر کي ڪوريون،
    اچ ته تسبيع من اندر جون سوريون،
    اچ ته گڏجي تن اندر کي ڇاڻيون،
    اچ ته هڪ ٻئي کي وري اڄ ماڻيون،


    رات

    رات

    اوهان جي وار کوليو ٿا،
    لهي ٿي رات رجهم جهم ۾،
    اوهان مرڪي نهاريو ٿا،
    ستارا ڀي ته جهومن ٿا،
    اوهان جي ڳل مٿي سهڻي،
    چمين جي جا به رونق آ،
    اها ڳاڙهاڻ ڳلڙن تي،
    اسان کي ٿي ڇڪي تو ڏي،
    وکيري وار ڪُلهڙن تي،
    جڏهن چشمو جو پايو ٿا،
    کڻي پيغام محبت جا،
    وري جڏهن نهاريو ٿا،
    اسان کي يار ماريو ٿا،
    اسان کي يار ماريو ٿا.


    ڪراچيءَ جو نوحو

    ڪراچيءَ جو نوحو

    هزارين خون ڳڙڪائي،
    وئي آهين ڪراچي تون،
    وري ڪي ساهه ٽڙڪائي،
    وئي آهين ڪراچي تون،
    اڃان تائين نه ڍاپي آن،
    رهين ٿي روز پياسي تون،
    الائي ڇا ٿي چاهين تون،
    الائي ڇا ٿي چاهين تون.
    ***
    سدائين خوف خونين جو،
    سدائين ساهه مُٺ ۾ آ،
    سدائين خون جي هولي،
    هلي ٿي روز جت گولي،
    وڏا جهيڙا جهٽا تو ۾،
    اسان آهن ڏٺا تو ۾،
    وڏيون باهيون لڳايون تو،
    وڏيون آهون مچايون تو،
    وڏا هٿيار تو وٽ هن،
    وڏو بارود تو ۾ آ،
    سدا مسڪين ماڻهن کي،
    اچي ايڏو ڊڄائين تون.
    ***
    نه تو وٽ ڪو رهيو ڪهڪاءُ،
    وڏو تو ۾ ڀريل ڏهڪاءُ،
    ڀلا توکي خبر ناهي،
    ڏنا تو لاش جي آهن،
    سو ڪنهن جو ڪو ادو هوندو،
    ۽ ڪنهن جو ڪو ابو هوندو،
    ڪا هُن جي ڀيڻ ڀي هوندي،
    ڪا هُن جي ماءُ ڀي هوندي،
    ملن ٿا لاش ماڻهن جا،
    چٿيل جن جا بدن سارا،
    لتاڙي جسم تو ڪيئي،
    پئي ٿي ڳاهه ڳاهين تون.
    ***
    اٿڻ سان ئي اکين آڏو،
    ڏسون ٿا لاش ٻورين ۾،
    ڪڏهن احساس ٿيندئي ڪو،
    سمورا خون لوڙهڻ جو،
    اَڙي او بي رحم قاتل،
    مچي تون مڇ ٿي آهين،
    وري ڪو مورڙو ايندو،
    اچي سو سوڀ ماڻيندو،
    هتان جي ظلم جا جيڪر،
    سڀئي سي ڪوٽ ڊاهيندو،
    هزارين گهر ٿي ڊاهين تون،
    ۽ غيرن کي وسائين تون.
    الائي ڇا ٿي چاهين تون،
    الائي ڇا ٿي چاهين تون.


    وفا جا جذيرا

    وفا جا جذيرا

    نه تاريخ پنهنجي ڪا ٺاهي سگهون ٿا،
    سرِ عام توکي نه چاهي سگهون ٿا،
    کلون ٿا، ملون ٿا، سدا خلوتن ۾،
    ڀلا ڪيئن توکي ٽاهي سگهون ٿا.

    اُها رِيت ساڳي، ۽ ويراڳ ساڳيا،
    محبت جا جاني، اُهي ماڳ ساڳيا،
    گهٽي گهر اوهان جو، هيو تر اوهان جو،
    هيو ڀاڪرن جو، وري ڀر اوهان جو،
    اهي قرب تنهنجا ۽ ٿورا اسان کان،
    نه وسري سگهن ٿا، نه لاهي سگهون ٿا.


    وفا جا جزيرا اورانگهي وياسين،
    ۽ صحرا سِڪ جا به جهاڳي وياسين،
    پٿون پير ٿي پيا، تڏهن به هلياسين،
    محبت جي منزل ڏي رڙهندا وياسين،
    اهي قرب تنهنجا سهي ڀي وڃون پر،
    دغا جا هي ديرا نه ڳاهي سگهون ٿا.

    نگاهن ۾ توکي سمائي صدين کان،
    گلابن ۾ هر هر لڪائي ڇڏيون ٿا،
    حياتي سموري کي گروي رکي هت،
    اسين درد جا ڊوز کائي ڇڏيون ٿا،
    جت پاڻ ’صحبت‘ هئا سجده ڪياسين،
    اها من جي مسجد نه ڊاهي سگهون ٿا.


    سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آهي

    سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آهي

    سـڀـاڻـي ڪـنـهـن ڏٺـي آهـي،
    اٿـئـي اچـڻـو تـــــه اچ هــاڻــي،
    مــتـان مــنـهـنـجــي قـبـر تــــي پــــو،
    تــــوکـي اچــڻـو پــوي *ڇــاڻــي.

    اوهــــان جـــي يـــاد ايــنــدي آ،
    جــڏهــن ڀــي رات ٿــيــنــدي آ،
    ائــيــن ٿــا نــيــڻ هــي بــرســن،
    جــيـئن بــرســات ٿـيـنـدي آ،
    کــڻـي واپــس وري وڃــجــان،
    گـهــڙي کــن رونــقــون آڻــي.
    اٿـــئــي اچــڻــو ته اچ هـــاڻـــي.

    تــنـهـنـجـي ڪــائـي خـبـر نــاهـي،
    تــنـهـنـجـي پــاڙي گــذر نــاهـي،
    نــه ئــي ڪــو ڏس پــتـو آهــي،
    کــٽـو ڪــاٿـي ســفر نــاهـي،
    اســان جــو روح ٿــو هــر هــر،
    مــٺـي تــوڏي پــيـو تـــاڻـي.
    اٿـــئــي اچــڻــو ته اچ هـــاڻـــي.

    جــڏهـن تــوکـان پــري ٿــيـنـدس،
    قــسـم تــنـهـنـجـو مـــري ويــنـدس،
    پـئـي دُنــيـا پــڪـاريــنـدي،
    مــگـر تــوڏي وري ايــنـديـس،
    هــجـي پــل دار تــي ســرڙو،
    هــجـي گــردن ڀــلـي گـهــاڻـي.
    اٿـــئــي اچــڻــو ته اچ هـــاڻـــي.

    * ڇاڻو (شاعر جي ڳوٺ جو نالو (ڇاڻو شاهه آباد)



    ***
    ٿر جي پاٻيهي جيان آهي سارو من،
    پياسو پنهنجو تن آهي تنهنجي آسري.
    (ب.ص.ع)


    ياد

    ياد

    ستارا ڪيئن ساريندا،
    اکين مان نور هاريندا،
    ڪتيون ڪاٿي ڪڇي سگهنديون،
    اسان جي عشق جون آهون،
    اسان جو ڇو ڀرم رکنديون،
    اسانجي پيار جون راهون،
    نه ڏيئا ڪي پڪاريندا،
    نه ئي ماتم ڪري سگهنديون،
    هوائون هن حياتيءَ جون،
    توکان وڇڙي جڏهن وينديون،
    توکان وسري جڏهن وينديون،
    اسان جون عادتون جانان،
    اسان جو محبتون جانان،
    تڏهن هي چاندنيون توکي،
    اسان جو ڏس پتو ڏينديون،
    تڏهن شامون ڪراچيءَ جون،
    تڏهن راتيون ڪراچيءَ جون،
    اوهان کي اي مٺي! هيڪر،

    اسان جي ياد ڏيارينديون،
    پيون پل پل پُڪارينديون،
    پيون پل پل پُڪارينديون،
    تڏهن توکي خبر پوندي،
    اسان ۾ ڇا هيو جانان،
    اسان جو ساهه ڇا ۾ هو،
    اسان جو چاهه ڇا ۾ هو،
    مگرهي واءُ جو جهوٽو،
    نه ورڻو هو نه ورڻو آ،
    مگر تو ۾ سدا مونکي،
    صدين کان پوءِ به رهڻو آ،
    صدين کان پوءِ به رهڻو آ.

    ***



    ڪارونجهر ڇو ڪارو ٿيو آ،
    ڪنهن جي سور سڙين ٿو پيارا،
    ڪينجهر ڪپ تي روز ڪُسن ٿيون،
    ڪيئي ڪنواريون، ڪيئي ڪنوارا.
    (ب-ص-ع)


    ڀاڪرن ۾

    ڀاڪرن ۾

    ڪر اسان سان ڪيترو تون ٿي ڪرين،
    وڙهه اسان سان ڪيترو تون ٿي وڙهين.

    ڪر ڀلي ماڻان اسان سان او مٺي!،
    ڀل وساري ڇڏ وفائون وقت سان،
    ڀل اسان کي خاڪ سان تون خاڪ ڪر،
    ڀل اسان کي ڊوهه سان ڊيڄار تون،
    ڀل نگاهن سان نپوڙي ڇڏ وري،
    ڀل اسان کي ڀاڪرن ۾ ڪين آڻ،
    ڀل اسان کي راهه ۾ ئي رول تون،
    ڀل اسان سان ڪر اهو ڀي ٽول تون،
    ڀل اسان کي زندگيءَ ۾ درد ڏي،
    ڀل اسان کي دلربا دولاب ڏي،
    ڪر اسان سان ڪيترو تون ٿي ڪرين،
    وڙهه اسان سان ڪيترو تون ٿي وڙهين.
    پاڻ تنهنجي پيار کي پوڄيون به ٿا،
    پاڻ تنهنجي ڳوٺ جا ناهيون ته ڇا،
    پوءِ به تنهنجي ڀونءَ جا آهيون سکي،
    ڏس اسان جي دل جي تون ديوانگي،
    توکي ئي ارپي ڇڏي آ زندگي،
    ها مگر تنهنجي عجب آ بي رُخي،
    ڀل اسان سان ڪين تون مرڪي به مل،
    ڀل اسان جي فون کي نيگليڪٽ ڪر،
    ڀل اسان جي ڪال کي تون ڇڏ ڪٽي،
    ڀل سمون پنهنجون مٽائي ڇڏ وري،
    ڪر اسان سان ڪيترو تون ٿي ڪرين،
    وڙهه اسان سان ڪيترو تون ٿي وڙهين.

    زندگيءَ جا معاملا ساڳيا اٿئي،
    محبتن جا سلسلا ساڳيا اٿئي،
    ها کڻي ڪيڏو به تون بدنام ڪر،
    پر اسان جو قرب سان قتلام ڪر،
    ائين کڻي تون زندگيءَ جي شام ڪر،
    ڀل اسان تي ڪيترا الزام ڏي،
    ڀل اسان کي بي وفا جو نانءُ ڏي،
    ڀل اسان سان جوٽ پنهنجي جنگ تون،
    ائين ڀلا ڇو ٿي ڪرين پئي تنگ تون،
    ڪر اسان سان ڪيترو تون ٿي ڪرين،
    وڙهه اسان سان ڪيترو تون کڻي وڙهين.

    حُسن تي ڪيڏو کڻي تون ناز ڪر،
    ۽ اڏامون ڪر ڀلي آڪاش تي،
    هي جواني جوش جو نالو اٿئي،
    ها اسان جي ڳالهه تي تون غور ڪر،
    رُس اسان سان ڪيترو تون ٿي رسين،
    ڪر اسان سان ڪيترو تون ٿي ڪرين،
    وڙهه اسان سان ڪيترو تون ٿي وڙهين.


    ڪنڊن سان قرب

    ڪنڊن سان قرب

    حياتي ائين حجابن ۾،
    ڪٽي آهي عذابن ۾،
    ڪنڊن سان قرب ٿي ويو آ،
    رکـــيـو ڇــــا هـــي گــــلابـــن ۾.

    اسين تنهنجا مٺي آهيون،
    تڏهن ڪنهن جا ٿيا ناهيون،
    جڏهن کان تون رُسي وئي آن،
    ڌڪاري ائين هلي وئي آن،
    اسين بيدار ٿيا ناهيون،
    رهون ٿا اڄ ڀي خوابن ۾.
    رکـــيـو ڇــــا هـــي گــــلابـــن ۾.

    اسين بيباڪ سوچن سان،
    اسين آزاد لوچن سان،
    نئين تهذيب جا خالق،
    اسين هر دور جا مالڪ،
    مگر پو ڀي اچي ويا هون،
    گناهن ۾ ثوابن ۾.
    رکـــيـو ڇــــا هـــي گــــلابـــن ۾.

    اسان غلطي مڃي آهي،
    اسان کان ٿي خطا آهي،
    مگر او سانوري سهڻي،
    اسين اڄ ڀي تنهنجا آهيون،
    رکي ويٺا مٺي آهيون،
    نشانيون سڀ ڪتابن ۾.
    رکـــيـو ڇــــا هـــي گــــلابـــن ۾.


    تنهنجي ڳولا

    تنهنجي ڳولا

    زمــانـــــــي جـــــــي ڏنـــــــا ڌوڪــــــا،
    ڪــــري ڪــــوشـــش وســـاريــون ٿــا،
    ڪــڏهـن ڪــاٿـي ڪـڏهــن ڪــاٿي،
    حــــيـــاتي ائـــيــن گـــذاريـــون ٿـــا.

    توکي شايد خبر ناهي،
    اسان سان ڇا حشر آهي،
    تنهنجي ڳولا ڪيون ٿا پيا،
    تنهنجون راهون تنهنجا رستا،
    پيا پل پل نهاريون ٿا.
    حــــيـــاتي ائـــيــن گـــذاريـــون ٿـــا.


    بهارن هو ڏنو ڌوڪو،
    خزائن کي قبوليوسين،
    وفائن جي پٺيان ڊوڙي،
    جفائن کي قبوليوسين،
    لڳي سڪ آ تنهجي ڏاڍي،
    تڏهن توکي سنڀاريون ٿا.
    حــــيـــاتي ائـــيــن گـــذاريـــون ٿـــا.

    نياپا ۽ ڏوراپا ڀي،
    مُڪا توڏي گهڻا آهن،
    لڳي ٿو ائين مگر جانان،
    توکي شايد مليا ناهن،
    ها صحبت! شهر تنهنجي ڏي،
    ڪبوتر اڄ اڏاريون ٿا.
    حــــيـــاتي ائـــيــن گـــذاريـــون ٿـــا.


    سپنا

    سپنا

    سپنا ساڳيا راهون ساڳيون،
    توبن دل جو آهون ساڳيون.

    واپس ڪر تون ساڳيو پيار،
    جي ٿي ڀانئين پاڻ کي ڌار،
    منهنجو من ڪنهن ٻار جيان،
    تنهنجا ويرا واهون ساڳيون.
    تــو بــن دل جــون آهـــون ســاڳــيـون.

    گهاريل گهڙيون ياد اچن ٿيون،
    تنهنجون پريتون من ۾ کُڄن ٿيون،
    وارن ۾ ٿي هٿڙا ڦيرين،
    ياد اچن ٿيون ٻانهون ساڳيون.
    تــو بــن دل جــون آهـــون ســاڳــيـون.

    ڪير ٿو ڪنهن جي لاءِ مري هت،
    ٿڌڙا ٿڌڙا ساهه ڀري هت،
    پنڌ پريت جو اوکو ڏاڍو،
    روز ٻڌان ٿو دانهون ساڳيون.
    تــو بــن دل جــون آهـــون ســاڳــيـون.


    عزت

    عزت

    دولت جي دهليز تي،
    ڇم ڇم آهي ڇيرن جي،
    مجبورين جي سوداگر،
    معصوم نچي آ بيوس ٿي،
    ڳوڙها پنهنجا پي اڄ وئي،
    پير به هن جا ڦٽجي پيا،
    هن کي پر ڪا خبر نه پئي،
    هُن کي هي احساس ٿو کائي،
    هن جي پيءُ کي ڪينسر آهي،
    ان لاءِ هن آ رات کپائي،
    پنهنجي عصمت ڪيش ڪرائي،
    جڏهن صبح جو موٽي آئي،
    ڪنڌ جهڪائي، نيڻ پُسائي،
    هُن جي گهر ۾ اچ وڃ هئي ڪا،
    هُن کي ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي،
    هن جو پيءُ ويو رات گذاري،
    پنهنجي عزت ڪيش ڪرائي،
    پوءِ به سگهي نه پيءُ بچائي.


    جاڳ

    جاڳ

    ڏس ڪتو ڪنهن تي باهي پيو ٿو،
    ڪو ديس تنهنجي کي ڊاهي پيو ٿو،
    جــــــاڳ تــــــون جـــــلدي او ســــــاٿي.

    پاڻ ٿا جوڙيون ڪوٽ پيار جا،
    هو ته نفرت جا محل ٺاهي پيو ٿو،
    جــــــاڳ تــــــون جـــــلدي او ســــــاٿي.

    ويـــــر آ وٺــــڻــو ڌرتــــي جــــو اڄ،
    ها ڀٽائي ڀي ائين چاهي پيو ٿو،
    جــــــاڳ تــــــون جـــــلدي او ســــــاٿي.

    هو ته تنهنجي اڳيان ڪجهه به نه آ،
    هــت خـــالــي سـيـنـو ســاهـي پــيــو ٿــو،
    جــــــاڳ تــــــون جـــــلدي او ســــــاٿي.

    ڏس ’صحبت‘ تون اکيون کولي،
    غــــير تـــــوتـــي ڪـــاهـــي پـــيــو ٿــو،
    جــــــاڳ تــــــون جـــــلدي او ســــــاٿي.


    ادي ارشاد سڪندر ’آه‘ جي نانءُ

    ادي ارشاد سڪندر ’آه‘ جي نانءُ

    هوءَ جا منهنجي ڀيڻ هُئي،
    هوءَ جا منهنجي ماءُ هئي،
    ڄڻ موتين جي مهراڻ هُئي،
    ۽ هيرن جي ڪا کاڻ هُئي،
    ڄڻ ماءُ جو ٻيو ڪو روپ هُئي،
    گهر جي جيڪا رُوح هُئي،
    گهر جي جيڪا رونق هُئي،
    ڪالهه اسان کان وڇڙي وئي،
    دور اسان کان اُڏري وئي،
    من مان مُور نه ٿي سا نڪري،
    دل کان دور نه ٿي جا وسري،
    ڏِس در ٿو کڙڪي کڙڪي سان،
    هي کڙڪائڻ آ تنهنجو ڀيڻ،
    پڪ تون ئي ٻاهر بيٺي آ،
    پر در جي ٻاهر ڪو به نه آ،
    ۽ گهر جي ٻاهر ڪوبه نه آ،
    ڪوبه نه آ، ڪوبه نه آ،
    ٿي پاڙو سارو سُڃ ويو،
    ٿي ڪي ڊي اي ڀي رُنڃ ويو،
    هي پاڙو هاڻي کائي ٿو،


    ۽ اندران اندران ڊاهي ٿو،
    او ڀيڻ اسان جي ڪاٿي آن،
    او ماءُ اسان جي ڪاٿي آن،
    ٿو روح پُڪاري توکي پيو،
    او مٺڙي مومل منهنجي ادڙي،
    ڪيڏو ٿي پري وئي آن،
    ڪاڏي تون هلي وئين آن،
    ٿو هر هڪ توکي ڳولي هت،
    ذيشان به توکي ڳولهي ٿو،
    غفران به توکي ساري ٿو،
    هو تنهنجو ساٿ صنوبر سان،
    تو نيلوفر سان نعت چيا،
    ۽ سحر کي تو هو ساٿ ڏنو،
    تو ماءُ جو مٺڙو روپ ڏنو،
    ڀيڻ جي نانو کي مانُ ڏنو،
    تو گهر گهر کي هو شان ڏنو،
    تون ائين اچانڪ ڪاڏي وئين،
    مظلوم ڪري، مسڪين ڪري،
    ۽ دل کي چڪنا چُور ڪري،
    ۽ ٻيڻا هاڻي سُور ڪري،
    مان اڄ ڀي آهيان اوسئيڙي ۾،
    آ هر ڪو تنهنجي اوسئيڙي ۾،
    هوءَ جا منهنجي ڀيڻ هُئي،
    ڄڻ ماءَ جو گهرو روپ هُئي،
    بڙ جي گهاٽي ڇانو هُئي،
    ۽ نم جي مٺڙي ڇانو هُئي،

    هو لياقت جي جا ڀيڻ هئي،
    ۽ اعظم جي ڀيڻ هُئي،
    پر هُو منهنجي ماءُ هُئي،
    هوءَ ساهه هُئي، ويساهه هُئي،
    ۽ سڪندر جي ڪا آهه هُئي،
    منزل منزل راهه هُئي،
    هو جا منهنجي ڀيڻ هُئي،
    ڄڻ منهنجي مٺڙي ماءُ هئي،
    ڄڻ منهنجي مٺڙي ماءُ هئي،










    نوٽ: ڀيڻ ارشاد سڪندر ’آه‘جيڪا 25.02.2013 تي رات جو چئين وڳي، نوري آباد وٽ روڊ حادثي ۾ اسان کان هميشھ لاءِ اچانڪ وڇڙي وئي! ۽ سنڌي ادب جي بهترين شاعر، ڪالم نويس ۽ ليکڪ سائين سڪندر ’آه‘، جيڪو دل جي دوري پوڻ ڪري 27 سيپٽمبر 2009ع تي اسان کان اچانڪ وڇڙي ويو.


    گج مٿي ڪاوا

    گج مٿي ڪاوا

    نظرن جو نظرن ساڻ ملڻ،
    ۽ تنهنجو مٺي ائين مرڪي پوڻ.
    ڪـــيـڏو نــه لــڳــو پــيــارو مــنــظــر.

    توکي ويس ڪاري ۾ جڏهن ڏٺم،
    ڄڻ تارو کڙيو اوندهه ۾ صنم،
    پنهنجي منهن تان پردو پري ڪرڻ.
    ڪـــيـڏو نــه لــڳــو پــيــارو مــنــظــر.

    تنهنجي هر ڪا ادا، شعر آ يا غزل،
    عذرا شيرين، ليليٰ جي مثل،
    هي قدرت جو شهڪار هجڻ،
    ڪـــيـڏو نــه لــڳــو پــيــارو مــنــظــر.

    هت ڳاڙهن ڳلن سان زلف کيڏن،
    تنهنجي گج مٿي ڪاوا چمڪن،
    تنهنجي ڀوري بدن جو ائين ڇلڻ،
    ڪـــيـڏو نــه لــڳــو پــيــارو مــنــظــر.


    اميري ادب

    اميري ادب

    اميري ادب تي لکيوسين ته ڇاهي،
    غريبي غمن کي پڙهيوسين نه ڪڏهين،
    ڪکائن گهرن ۾ پلياسين ته ڇا ٿيو،
    غريبي جهُڳن ۾ ملياسين ته ڇا ٿيو،
    ۽ دادوءَ جي گلين ۾ يارن سان گڏجي،
    جي پيرين اگهاڙي هلياسين ته ڇا ٿيو،
    کلياسين ته ڇا ٿيو، رُناسين ته ڇا ٿيو،
    ۽ پنهنجن هٿان جي مئاسين ته ڇا ٿيو،
    جي مسڪين مارن کي پڙهيوسين نه ڀلجي،
    پو فلسفو پڙهي جي وياسين ته ڇا ٿيو،
    غريبن جي غم کي نه پنهنجو ڪيوسين،
    نه ڀوري تي ڀلجي ڪو جملو لکيوسين،
    سڄي رات ڪارا پنا جي ڪياسين،
    اجايو سجايو لکيوسين ته ڇا ٿيو،
    جوانيءَ جي جذبن ۾ جلياسين ته ڇا ٿيو،
    ۽ ڪينجهر ڪنڌيءَ تي ڪُڏياسين ته ڇا ٿيو،
    نه ڌرتيءَ کي جيڪر جواني ڏني سين،
    وڏي عمر ماڻي مُئاسين ته ڇا ٿيو.


    نثري نظم

    زنجيرن کي ٽوڙي وڃبو،

    زنجيرن کي ٽوڙي وڃبو،
    جوڀن رُت کي ٻوڙي وڃبو،
    ديس جو جهنڊو کوڙي وڃبو.
    (ب-ص-ع)


    ڪاڳر

    ڪاڳر

    ڪڏهن،
    ڪڏهن،
    زندگيءَ جي ڪاڳر کي
    ڦاڙي،
    ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ تي
    دل چوندي آهي،
    پر
    تون جڏهن به سامهون ايندي آهين،
    مان
    ان ڪاڳر کي
    الائي ڇو چپن تي رکي
    اکين تي رکندو آهيان.


    بيلف

    بيلف
    Bailiff

    اڄ صبح جو،
    بيلف ‘Bailiff’
    اچانڪ
    ٽڪرائجي ويو.
    چيائين، ”ڪو نوٽيس هجي ته پهچائي اچان“،
    چيومانس، ها نوٽيس آهي،
    پر تون پهچائي نه سگهندين،
    ۽
    تنهنجي پُهچ کان به مٿي آهي“.
    چيائين، ”سائين ڪير به هجي،
    توهان رڳو نوٽيس مون کي ڏيو،
    پوءِ ڏسو ڪيئن ٿو ڳولهي ڳولهي ڏيئي اچانس“.
    چيو مانس، .خدا کي نوٽيس آهي،
    ڏيئي ايندين“؟!
    ان لاءِ توکي خدا ڏي وڃڻو پوندو.
    وائڙو ٿي ويو،
    چيائين، ”نه سائين،
    اسان جي جاءِ ناهي،
    نڪ تي هٿ رڳڙيندي،
    ڪنڌ هيٺ ڪري هليو ويو.


    اکين جا پر

    اکين جا پر

    محبت جي
    آتشڪدي ۾،
    اکين جا پر سڙي ويا هن!
    درشن جي اڏام
    هائيجيڪ ٿي وئي آه،
    پر
    منهنجو وجود
    ان
    Runway
    تي اڄ به
    اوسيئڙي ۾ اوتيل آه،
    من! ڪڏهن تنهنجو عشق،
    اتي ٿوري دير لاءِ
    Land
    ڪري
    ۽ منهنجون اکيون وري
    سيراب ٿي پون.!!


    همدرديءَ جي هوا

    همدرديءَ جي هوا

    احساس جو ڳلو
    ڪپجي ويو آ،
    همدردي جي هوا گهلڻ ڇڏي ڏنو آهي،
    رشتن جو تقدس،
    مايوسي جي موت مري پيو،
    روح جا رشتا،
    اجنبي دنيا ڏي اُڏاڻا هن،
    سچ ته
    اهڙي ماحول ۾،
    اسان
    جيئڻ ڇڏي ڏنو آهي.......


    وجود جا ڇُرا

    وجود جا ڇُرا

    هي ڪتاب ناهن،
    ڪارتوس آهن،
    جن ۾ صدين جو بارود ڀريل آهي،
    منهنجي تحرير جي وجود جا،
    خطرناڪ ڇُرا،
    تنهنجي فنا جو ڪارڻ
    بڻجي ويا هن!
    منهنجي ويڙهه،
    فقط تو تائين محدود ناهي،
    پر تنهنجي ايندڙ نسلن تائين
    جاري رهندي.......!


    اجنبيت جي ڀاڪر ۾

    اجنبيت جي ڀاڪر ۾

    خبر ناهي،
    ڪنهنجي گهر ۾ جيئان ٿو،
    هي پنهنجو گهر آهي به،
    يا پرائو؟
    خبر ناهي
    ڪنهنجي گهر ۾ رهان ٿو؟
    پنهنجائپ پاراتا ٿي ڏيئي،
    اجنبيت جي ڀاڪر ۾ اچي ويو هان،
    الائي ته ڪنهنجي نظر ۾ آهيان


    وايون

    ٿــي ويـــا تـــو کـــان ڌار،

    ٿــي ويـــا تـــو کـــان ڌار،
    پــنــهــنــجــا رســتــا يــار،
    هيل اسان ڏي ڪين تون اچجان.!

    ڪـالـهه اسـان جـي جـيت هُئي جا،
    اڄ ســــا ٿــي وئــي هــار،
    هيل اسان ڏي ڪين تون اچجان.!
    آءٌ سُري تون ڪين اسان ڏي،
    کـــولــي پـنـهـنـجا وار،
    هيل اسان ڏي ڪين تون اچجان.!
    جـنهـن سـان تــو آ ڳـنـڍيو جـيون،
    ســوئـي تــنهنــجو پــار،
    هيل اسان ڏي ڪين تون اچجان


    تــنــهــنــجــون وايـــون پــڙهــنــدو ويـــس،

    تــنــهــنــجــون وايـــون پــڙهــنــدو ويـــس،
    مــســت مــلــنــگ ٿــــي نــچــنــدو ويـــس،
    حـق ســچل ســائـيـن چــونــدو ويــس.

    مـــونــکــي غــيــبــي ســــــڏ ٿــيــو،
    ٽـــانـــڊن تـــي ڀـــي نــچــنــدو ويـــس،
    حـق ســچل ســائـيـن چــونــدو ويــس.

    تــنــهــنــجو رســالـــو ســيــنــي لاءِ،
    پــڙهــنــدو ويــس ۽ چــمــنــدو ويـــس،
    حـق ســچل ســائـيـن چــونــدو ويــس.

    ســچــلرح تــوکـــي ســوچــيــم سـمــجــهـيــم،
    گـــهــرائــيءَ ۾ لـــــــهــنـدو ويــس
    حـق ســچل ســائـيـن چــونــدو ويــس.


    پرين! پهرئين ملاقات،

    پرين! پهرئين ملاقات،
    وري ياد آئي،

    توسان گڏ جا گهاريم،
    سڄڻ سا رات،
    وري ياد آئي.

    سهڻا تنهنجي سونهن مان،
    ملي جا ڏات،
    وري ياد آئي.

    ’صحبت‘ کي تنهنجي ئي،
    وائي آهي وات،
    وري ياد آئي.


    سـپـنـن ۾ گــڏ هـجـڻ،

    سـپـنـن ۾ گــڏ هـجـڻ،
    نـنـڊ مــان جـاڳـي پــوڻ.
    هـرگز وسري ڪين ٿو.

    روئــيـنـدي روئـيـنـدي او پــريـن،
    پــل ۾ پــو مــرڪـي پــوڻ.
    هـرگز وسري ڪين ٿو.

    ڀــوڳــن ۾ تـنـهـنـجو مـٺــي!
    مـــون تـــي آهـــلـي پـــــوڻ.
    هـر گز وسري ڪين ٿو.

    پـنـهـنـجـي مـنـهـن ســــان او مـــٺي!
    مــنهـنـجــا گـــيــت چـــــوڻ.
    هـرگز وسري ڪين ٿو.

    وار کــولـــي ”صـحـبـت“ ڏي،
    نـــاز ســـان تــنـهـنــجو اچــڻ.
    هرگز وسري ڪين ٿو.


    هــر صــورت ۾ جيئـڻو پــونـدو،

    هــر صــورت ۾ جيئـڻو پــونـدو،
    ڌرتــي خـاطــر مــرڻــو پــونــدو،
    سـوليءَ تي سر رکڻو پوندو.

    ســورهـه ٿــي ۽ ســر ســهائـي،
    مــوت کـي سـيـنـي ســاڻ لـڳـائـي،
    پــل پــل تــوکــي وڙهــڻـو پــونــدو.
    سـوليءَ تي سر رکڻو پوندو.

    ڌرتــيءَ جــو تــون شــاعــر ٿــي،
    ائــيـن نــه ايــڏو ڪــانـئـر ٿــي،
    ســچ ئــي تــوکــي لــکـڻـو پــونــدو.
    سـوليءَ تي سر رکڻو پوندو.

    اکـيـون اکـيـن ۾ وجــهـي ڳــالــهــاءِ،
    ڊڄــيـن ٿــو ايــڏو تــون ڇــا لاءِ،
    مـشڪـل سـان مـنـهن ڏيــڻــو پــونــدو.
    سـوليءَ تي سر رکڻو پوندو.


    بيت

    مٺڙي ماءُ جي نانءُ

    مٺڙي ماءُ جي نانءُ

    توکان پوءِ ڊپ لڳي ٿو مٺڙي ماءُ،
    تنهنجي هوندي خوف نه ڪو خطرو هو.


    توکي اُلڪو منهنجو ئي هو اوسئيڙو،
    ورنه گهر ۾ ڪيڏا پنهنجا ڀاتي ها.


    هاڻ ڪنهن جي ڪاڻ تون ويندين پنهنجي گهر،
    هوءِ ته ويچاري ڏور هلي وئي ڏيهن کان.


    اهڙو پيار ڀلا ڪو ڏيندو توکان پوءِ،
    ڪير ڀلا پوءِ پنهجو ٿيندو توکان پوءِ.


    توبن هاڻي ڪوبه نه هوندو اوسيئڙي ۾،
    تو بن ڪير ڀلا پو در کوليندو منهنجي لاءِ.


    پرپٺ منهنجي، هر ڪنهن کان پئي پڇندي هئي،
    منهنجي دير ڪرڻ تي ڪيڏو هو پئي لڇندي هئي.

    تنهنجي پيار جو ڪاٿو ڪين لڳائي سگهيس مان،
    موت کان توکي مٺڙي ماءُ، ڪين بچائي سگهيس مان.


    روز ٿا سگريٽ کي جياريون سائين،
    روز ٿا ائين پاڻ کي ماريون اسين.


    محبت پائي من ۾، مارو مليا جي،
    مون لاءِ سارا سي، آهن اوچي ذات جا.


    مينهوڳيءَ ۾ ڳيرڙا ڪنهن کي سارين ٿو،
    ڪوبه نه ايندئي ڪو، ڪنهن جي آهين آسري


    هن حياتيءَ ۾ اسا ن سان گڏ گذار،
    نه ڄاڻان ٻيهار، ڪنهنجو پيار ڪنهن سان ٿئي.


    اي آڪاش! ڪيڏو اياڻو ٿو لڳين،
    ڄڻ گونگو، ٻوڙو ۽ ڪاڻو ٿو لڳين.


    حادثو ايڏو ٿيو، ڪاڏي وڃان،
    مان اڃان ناهيان مئو، ڪاڏي وڃان.


    چؤسٽو

    چؤسٽو

    روز سگريٽ ٿا جلن ڪيڏا،
    ساهه ٿا ساهه سان ملن ڪيڏا،
    خاڪ تماڪ ٿي وڃي ٿو پر،
    حوصلن جا واءُ ٿا لڳن ڪيڏا.

    سنڌ منهنجي ڌرتي،
    سنڌ منهنجي سونهن،
    ڪيڏي آهي ورنهن،
    توسان منهنجي مائڙي.


    ٽيڙو

    ٽيڙو

    تون ڇا ڄاڻين ڀورڙا،
    توکي ڪهڙي ڪٿ،
    سنڌ سموري سورن ۾،


    سڏ کي ورنائجو،
    مان کڻي ڪاٿي مران،
    سنڌ ۾ دفنائجو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 835
    ڪتابن جو مشاهدو: 2187024
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 555260
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ