ڪتاب جو نالو: ايران ڏي اڏام
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2008
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 27 آگسٽ 2019 ع
پڙهيو ويو: 1196 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 175 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو ايران بابت سفرنامو آهي. مھاڳ ۾ لياقت عزيز صاحب لکي ٿو:
”الطاف شيخ جو ھي ڪتاب هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب : حسين قلي زاده نالي
  • تقدیم بہ آقای حسینعلی قلی زادہ
  • مهاڳ
  • سفر بابت اهم ڳالهيون
  • وڃڻ کان اڳ ايران بابت رايو
  • پاڪستاني ههڙا پاڳل آهن
  • بندر روڊ گلاب جي پاڻي سان ڌوتو ويو ٿي
  • ايران جون اخبارون ۽ نوٽ
  • هي ڪٿان جا مولوي ٿي سگهن ٿا....؟
  • فارسي ۽ اسان جون ٻوليون
  • ويزائن جون ٺڳيون ۽ پرديس ۾ پريشانيون
  • تهران هوائي اڏو ۽ سئيٽرن جي گمشدگي
  • هچ احساس نادرم
  • تهران جي ٽرئفڪ
  • ايران جي رستن تي نظر ايندڙ ڪارون
  • ٽئڪسيون فقط عورتن لاءِ
  • سکر جا همراهه ۽ طباطبائي يونيورسٽي
  • ايران....جتي.....
  • ايران جي مختصر تاريخ
  • ڪابه عورت وفادار ناهي
  • ڪيڏانهن ويا عظيم ساساني...
  • تهران کان مشهد پهچڻ
  • ڪجهه خراسان بابت
  • مشهد ۽ امام رضا جو روضو
  • مشهد جي گوهر شاد مسجد
  • گوهر شاد ۽ سندس مڙس شاهه رخ
  • امام رضا جي روضي مبارڪ جي تاريخ
  • گوهر شاد مسجد الغ بيگ جي ياد ڏياري
  • نادر شاهه کي ماهرِ نفسيات جي ضرورت هئي
  • ابن شمشير، ابن شمشير، ابن...
  • ڪوهه نور تي اهو نالو نادر شاهه کان پيو
  • اسلامي دنيا جي خلافت ۽ امامت
  • اي خاڪ خراسان....
  • شانديز جي تهه ديڳ
  • ڪُتا آزاد، پٿر قيد....
  • مشهد جون بازاريون ۽ بلبلن جي هاءِ هاءِ!
  • قورمه سبزي کائي نه سگهيس....
  • اصفهان جا اهم ماڻهو ...
  • اصفهان- نصف جهان
  • مشهد جي آسپاس
  • مشهد جا ميوزيم ۽ امامزاده محروق جو مقبرو
  • است چُون عاقبت ڪار جهان نيستي...
  • نيشاپور ۾ عطار جي مقبري تي...
  • ايران جي هر شهر ۾ عالم ۽ اڪابر ملندا
  • تهران شهر ۾ چڪر ڏيڻ
  • تهران جون ڏسڻ وٽان جايون
  • ايران مختصر لفظن ۾
  • آش نخورده ودهن سوخته (سوپ به نه پيتو، وات به سڙيو)
  • لورستان ڪهڙي ملڪ جو نالو آهي
  • من خالف فحاشي استم
  • تڏهن به نٿا سڌرون...
  • وز جدائيها شڪايت مي ڪند
  • گڏهه جو پڇ ڪيترو صحيح آهي؟
  • خوزستان ۾ وهندڙ کنڊ جون نديون
  • تهران جا بزرگراهه، بلوار ۽ ميدان
  • بيبي شهربانو جي مقبري تي...
  • آستان شاهه عبدالعظيم ۽ تغرل ٽاور
  • ايران جا بادشاهه- شاهن جا شاهه
  • ايران جو اصحابي
  • قانون جي پوئواري به ٿئي ٿي
  • مٺوءَ بدران طوطو ياد اچڻ
  • ايران ۾ رهائش جو بندوبست ۽ سنڌين سان ملاقات
  • ٿورو کُٽيو، گهڻي برڪت
  • ايران جو چلو ڪباب ۽ بادشاهن جون زالون
  • ايرانين ۽ سنڌين جا تعلقات
  • سنڌ ايران ۽ ميرن جي حوالي سان
  • اسلام بذات خود ندارد عيبي
  • قُم جون زيارتون
  • تاريخ ۽ شاعري سان دلچسپي رکندڙن لاءِ
  • ڪلاس ميٽ اسلام مصطفى جي وري آئي ياد...
  • ايران هڪ نظر ۾
  • امام جو مطلب ۽ پارسي
  • ايران ۾ ٿيندڙ متعي جون شاديون
  • مي شود ومي توانيم
  • خامنائي خاتمي
  • بني صدر، رفسنجاني ۽ منتظري
  • فردوسي جي مقبري لاءِ طوس روانگي
  • اهڙيون چرين ۽ ڪوٽن ۾ قيد به نه آهن
  • فردوسيءَ جو شاهنامون
  • رستم، سهراب، تهمينا ۽ زرينا وغيره
  • تبريز- جتي منهنجو دلبر آ
  • اياز پنهنجي اصليت نه وسار...
  • رهجي ويل ڳالهيون...
  • مددي ڪتاب
  • الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ايران ڏي اُڏام“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو ايران بابت سفرنامو آهي. مھاڳ ۾ لياقت عزيز صاحب لکي ٿو:
    ”الطاف شيخ جو ھي ڪتاب هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
    هن سڄي سفرنامي ۾ جنهن ڳالهه مون کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي، اهو الطاف شيخ جو ذاتي ڪردار ۽ انساني رويو آهي ۽ گڏوگڏ هر ننڍڙي وڏي کي پاڻ کان عظيم سمجهڻ، خودنمائيءَ جي خيانت کان پري رهڻ ۽ هر حال ۾ رضا تي راضي رهڻ آهي. هن سفرنامي جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته سندس محبت ۽ Commitment سڄي انسانذات لاءِ ته آهي، پر سنڌ ۽ سنڌين جو عشق ڄڻ ته کيس جيئڻ جو جواز ٿا بخشين.“
    ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2008ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو ۽ بعد ۾ نئون نياپو پبليڪيشن سچل ڳوٺ پاران پڻ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب : حسين قلي زاده نالي

    پنهنجو هي سفرنامو حسين قليزاده جي نالي منسوب ڪري بيحد خوشي محسوس ڪريان ٿو.
    حسين نه فقط منهنجو پراڻو دوست ۽ ڪلاس ميٽ آهي پر هڪ بيحد پيارو ۽ نيڪ انسان پڻ آهي. پاڻ هڪ سٺو آفيسر ۽ محب وطن ايراني آهي جنهن پنهنجو سر پنهنجي ملڪ تان قربان ڪرڻ جي نه فقط خواهش ڏيکاري پر ڪري به ڏيکاريو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس هن جهان ۾ رهڻ جا ڏينهن اڃا هئا جو هو جي رهيو آهي نه ته ”عراق ايران جنگ“ ۾ جنهن بي درديءَ سان هن تي عراقي فوجين ڪيميائي هٿيارن ۽ بمن بارودن سان ٽي کن حملا ڪيا ۽ جنهن حد تائين اسان جو هي ايراني دوست زخمي رهيو، هن جو بچڻ ڪنهن ڪرامت کان گهٽ ناهي.
    حسين قليزاده سان منهنجي سئيڊن جي شهر مالمو ۾ ملاقات ٿي جڏهن اسان پنهنجي پنهنجي ملڪ جي حڪومتن طرفان UNO جي مالمو ۾ ٺهيل ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ پوسٽ گرئجويشن لاءِ داخلا ورتي هئي. هن يونيورسٽي ۾ اسين ٻئي ڪلاس ميٽ هئاسين. آءٌ مئرين انجنيئرنگ جي هڪ براچ MSA/E ۾ ۽ حسين جو ايران جي بندرگاهه سان واسطو هجڻ ڪري هو پورٽ ائنڊ شپنگ جي سبجيڪٽ ۾ M.S.C ڪري رهيو هو. اسان جا ڪيترائي سبجيڪٽ ساڳيا هجڻ ڪري ليڪچر روم ۾ گڏ ويٺاسين ٿي. فيلڊورڪ جي سلسلي ۾ ڀروارن ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ فنلئنڊ، جرمني ۽ هالينڊ گڏ وياسين ٿي. مالمو شهر ۾ اسان جي رهائش به هڪ ئي علائقي Holma ۾ هڪ اٺ ماڙ بلڊنگ جي فلئٽن ۾ هئي. سندس ٽن ڌيئن مان وچين منهنجي ننڍي ڌيءَ مارئي جيڏي هئي ۽ هي سڀ اتي جي ساڳي سئيڊش اسڪول ۾ ويون ٿي. ان ڪري حسين وارن سان اسان جي هڪ قسم جي فئملي دوستي رهي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي.
    حسين قليزاده ۽ ٻين ڏهاڪو کن ايراني ڪلاس ميٽن جي فئملين مالمو (سئيڊن) ۾ به سخت پردو ڪيو ٿي. سخت پردي مان منهنجو مطلب اهو ناهي ته هنن جون زالون ۽ ڇوڪريون منهن ڍڪڻ وارا اڇا ڪارا برقعا پائي هلنديون هيون. هرگز نه ملئي مسلمان عورتن وانگر ايرانين جو به هڪ معيار آهي جنهن تي سڄو ملڪ عمل ڪري ٿو. ايرانين جون عورتون روسري (حجاب) سان مٿو ضروري ڍڪينديون هيون پر منهن کليل رکنديون هيون. هو بازارين ۽ پارڪن ۾ هلنديون هيون، ضرورت وقت مردن سان ڳالهائينديون به هيون- ويندي مالمو شهر ۾ سائيڪلنگ ڪنديون هيون. پردي جي سختي سان پابندي ڪرڻ مان منهنجو مطلب اهو ئي آهي ته هنن جو پردي جو معيار جيڪو ايران ۾ آهي (يعني مٿو ڍڪڻ ۽ چادر اوڍڻ) اهو هو هنن Scandinavian ملڪن ۾ به قائم رکنديون هيون. ائين نه ته اسان جي پاڪستاني عورتن وانگر ڪڏهن ستن پڙدن ۾ هجڻ جي باوجود پوش پوش پئي ٿئي ته ڪڏهن وري مٿي تي پوتي به نه!
    حسين جي فئملي ۽ ٻين ايراني فئملين مان اها به ڄاڻ ٿي ته ايراني عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون نه فقط روزي ۽ نماز جون پابند آهن، پر سائنس، ڪمپيوٽر ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي جي علم ۾ پڻ هوشيار آهن، ايتري قدر جو هو گهوڙي سواري، سئمنگ، تير ڪمان ۽ رائيفل ذريعي نشانو چٽڻ ۾ به ماهر آهن. ۽ اهي سڀ شيون کين ايران جي اسڪولن ۾ سيکاريون وڃن ٿيون. ٻي ڳالهه ته سندن سڄي ملڪ جي اسڪولن جو سسٽم ساڳيو هجڻ ڪري ايران جو غريب توڙي امير، شهري توڙي ٻهراڙيءَ جو ٻار هڪ جهڙو مستفيض ٿئي ٿو.
    حسين قليزاده کان علاوه منهنجا ٻيا ايراني ڪلاس ميٽ جيڪي پڻ اسان جي پاڙي ۾ رهيا ٿي بيحد سٺا پاڙيسري هئا. گهرن ۾ ٻارن کي ته ماٺ ۾ رکندا هئا. پر ريڊيو يا ٽي وي جو آواز به مٿانهون نه ڪندا هئا متان پاڙيوارا ڊسٽرب نه ٿين. سندن گهر ته ڇا پر گهٽيون به پيون چلڪنديون هيون، ايتري قدر جو مالمو شهر جا مڪاني سيئڊش باشندا به چوندا هئا ته هن شهر ۾ جيڪي دنيا جا ڌاريان ماڻهو رهن ٿا انهن ۾ فقط ٽي سٺا پاڙيسري آهن، هڪڙا انڊين آهن، ٻيا ايراني ۽ ٽيان احمدي (قادياني) مسلمان، جيڪي نه فقط پاڻ صاف سٿرا ٿي رهن ٿا پر اوڙي پاڙي جو به خيال رکن ٿا. هنن ۾ ڏوهن جو عنصر (Crime Rate) به نه برابر آهي. باقي ٻيا، چاهي آفريڪن هجن يا سائوٿ آمريڪن- بنگالي هجن يا پاڪستاني، عراقي هجن يا افغاني- وڏا مٿي جا سور آهن!
    حسين قليزاده کي پڙهائيءَ جو به ڏاڍو خيال هوندو هو. ان معاملي ۾ ٻيا ايراني به تمام گهڻو سنجيده نظر آيا ٿي ۽ هنن کي هر وقت پنهنجي ملڪ جو فڪر رهيو ٿي، پر حسين ان معاملي ۾ ڪجهه وڌيڪ ٿي اڳڀرو هوندو هو. هو مذهب جي معاملي ۾ به اسان کي ليڪچر ڏيندو هو ته مسلمانو! يورپ جي رنگينين کان پاڻ بچايو، آخرت جو فڪر ڪيو، سٺا انسان ٿي رهو جيئن هتي جي گورن کي احساس ٿئي ته مسلمان سٺا ماڻهو آهن ۽ اسلام جي Teachings ۾ نيڪي آهي. هو ايتري قدر مذهبي ۽ حب الوطن هو جو ڪڏهن ڪڏهن اسان ان ليول تي هن کي سپورٽ ڪرڻ کان مجبور هوندا هئاسين. جيئن ته هو چاهيندو هو ته ”اسان مسلمان ملڪن جا شاگرد يونيورسٽي انتظاميه تي زور آڻيون ته يونيورسٽي ڪئنٽين ۾ بيئر Serve نه ڪيو وڃي. خاص ڪري يونيورسٽي جي ساليانين ڊنرن ۾ ته هرگز نه.“
    هاڻ ڀلا اهو ڪم ڪيئن ٿو ٿي سگهي ۽ ڪهڙي منهن سان جڏهن يورپ جي گورن شاگردن کان وڌيڪ پيئڻ جا عادي اسان جي مسلمان ملڪن جا هئا. ويندي عرب ملڪن جا! ٻن سالن بعد ڊگري ملڻ واري فنڪشن تي جيتوڻيڪ يونيورسٽي وارن نٿي مڃيو پر اسان جي قليزاده جي زور ڀرڻ تي هنن مجبور ٿي ايراني شاگردن جو نالو پڪارڻ وقت هنن جي ملڪ جو نالو فقط ”ايران“ چوڻ بدران ”اسلامڪ ريپبلڪ آف ايران“ انائونس ڪرڻ لاءِ رضامندو ڏيکاريو. حسين قليزاده اسان پاڪستانين کي به Convince ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان به ڦڏو ڪريون ۽ يونيورسٽي وارن کي مجبور ڪريون ته هو اسان کي ڊگريون ڏيڻ وقت اسان جي ملڪ جو به سڄو نالو ”اسلامي جمهوريه يا پاڪستان“ پڪارين، پر اسان مان ڪنهن قليزاده کي وٺ نه ڏنو.
    بهرحال حسين قليزاده جتي سخت Disciplinarian ۽ اصولن جو پڪو ۽ مذهبي معاملن ۾ سخت مزاج وارو هو اتي نرم دل، چرچائي هر هڪ جي مدد ڪرڻ وارو ۽ معصوم طبيعت جو پڻ هو. هو دل جو بيحد صاف ۽ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائڻ وارن مان هو. ساڻس گذاريل ڏينهن اڄ تائين وساري نه سگهيو آهيان، ڄڻ ڪلهوڪو ڏينهن هجي. هڪ ٻئي کي خط لکڻ يا فون ڪرڻ ۾ مون کان وري به ڪڏهن ڪڏهن سستي ٿي ويندي آهي پر هو هميشه اسان کي ياد رکندو اچي ۽ سندس ڌيئرون به جتي به رهن ٿيون ته منهنجي ڌيءَ (سندن ڪلاس ميٽ) کي ياد ڪنديون رهن ٿيون، جن مالمو (سئيڊن) جي ٻاراڻي اسڪول ۾ ٻه سال گڏ تعليم حاصل ڪئي. برف سان ڀريل شهر جي گهٽين ۽ پارڪن ۾ رانديون کيڏيون ۽ مختلف ميلا (Festivals) گڏ Enjoy ڪيا. اڄ جڏهن آءٌ حسين قليزاده جي ملڪ ايران جو سير ڪري ان جي روئداد سفرنامي جي صورت ۾ قلمبند ڪري رهيو آهيان ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته هي ڪتاب آءٌ پنهنجي هن ايراني جهازي دوست، ڪلاس ميٽ ۽ سئيڊن ۾ منهنجي پاڙيسري کي ارپيان.
    حسين قليزاده عمر ۾ مون کان اٺ سال ننڍو آهي. هو 15 سيپٽمبر 1953ع ۾ اتر ايران جي خوبصورت شهر ”نوشهر“ ۾ ڄائو جتي توهان جي نظرن اڳيان ڪئسپين سمنڊ جون لهرون آهن يا وري گهاٽا ٻيلا ۽ جنگل.
    هن پنهنجي بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ”نوشهر“ جي خسروي اسڪول مان مڪمل ڪري 1972ع ۾ يونيورسٽي آف اصفهان ۾ داخلا ورتي. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن کي اڄ به ان اسڪول جا محنتي ٽيچر ياد آهن، خاص ڪري تاريخ ۽ جاگرافي جو مسٽر سلطاني ۽ فارسي لٽريچر جو مسٽر واحد يونيورسٽي آف اصفهان ۾ قليزاده جو خاص سبجيڪٽ Training Sciences هو. اتي جي هڪ اهم شخصيت پروفيسر علي شريعت مداري پڻ هو. قليزاده ٻڌايو ”هو مون تي بيحد مهربان هو ۽ پيءُ برابر هو. هو اڃا حيات آهي ۽ منهنجا هن سان فئملي تعلقات هلندا اچن. هو منهنجي نظرن ۾ Training Sciences جو ايران ۾ پهريون ۽ بيسٽ پروفيسر آهي.“
    1975ع ۾ يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد حسين قليزاده هڪ ٽيچر جي حيثيت سان پنهنهجو ڪئريئر شروع ڪيو ۽ فراح (هاڻ نئون نالو ڊاڪٽر شريعتي) ٽريننگ ڪامپليڪس مزگاه ۾ پڙهايو. آگسٽ 1977ع ۾ حسين قليزاده جي شادي پنهنجي اباڻي ڳوٺ نوشهر مان ئي ٿي. سيپٽمبر 1980ع ۾ جڏهن عراق هن جي ملڪ ايران تي حملو ڪيو ته اسان جي يار حسين قليزاده گهر جو سک ڇڏي پنهنجو سر قربان ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي فوج ۾ رضاڪارانه طور ڀرتي ڪئي. هن جنگ ۾، جيئن شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته هو سخت زخمي ٿي پيو. سندس حياتي هئي جو هو اڄ اسان سان آهي.
    ايران عراق جنگ بعد حسين قليزاده کي ڪيترن ئي وڏن عهدن جي آفر ٿي پر هن ٽيچر ٿي نوجوان نسل جي رهنمائي ڪرڻ چاهي ٿي. بهرحال 1984ع ۾ هن کي اباڻي شهر نوشهر ۾ رهي ڪري پنهنجي صوبي مزنداران جي بندرگاهن ۽ جهاز راني (Ports & Shipping) جي نظرداري جي جوابداري ڏني وئي. ست سال کن اها نوڪري ڪرڻ بعد کيس ايران جي حڪومت طرفان 1991ع ۾ سئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مان ”جنرل مئريٽائيم ايئڊمنسٽريشن“ (GMA) جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. واپسي تي هن کي بندر عباس ۾ هورموزگان جي سمورن بندرگاهن ۽ اتي جي جهاز راني جو ”آپريشن مئنيجر“ مقرر ڪيو ويو. ان بعد هن کي پورٽس ۽ شپنگ آرگنائيزيشن (PSO) جي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. 2001ع ۾ هورموزگان جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو، ان بعد 2006ع تائين هن کي پنهنجي ملڪ جي IMO(انٽرنيشنل مئيريٽائيم آرگنائيزيشن) ۾ نمائندگي ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ ترسايو ويو. 2006ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد به هن کي لنڊن ۾ رکيو ويو آهي جتي هو پنهنجي ملڪ جي شپنگ ايجنسيءَ جي فل ميمبر جي حيثيت سان نمائندگي ڪري ٿو.
    هونءَ هتي اهو لکڻ جي جيتوڻيڪ ضرورت ناهي ته اسان جي دوست حسين قليزاده جا ٻار ڇا پيا پڙهن پر آءٌ سندس ڌيئرن: ريحانه، فائزه ۽ فاطمه بابت ضرور لکندس جو دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن کي خاص ڪري آمريڪا جهڙن مغربي ملڪن جي ماڻهن کي دماغ ۾ اها غلط فهمي ويٺل آهي ته ايران جا ماڻهو جاهل ۽ پراڻي خيالن جا آهن، خاص ڪري هنن جون عورتون- جيڪي سخت پردي ۾ رهن ٿيون ۽ کين پرائمري تعليم کان به محروم رکيو وڃي ٿو. اها ڳالهه سراسر غلط آهي ۽ اها مغربي دنيا جي ايران خلاف پروپئگنڊا آهي. ايران جون ڇوڪريون نه فقط اعليٰ تعليم ۾، پر ماڊرن ٽيڪنالاجي ، فوج ۽ پوليس ، جهاز راني ، بزنس ۽ انڊسٽري ، ميڊيڪل سائنسز ۽ ڪامرس ۾ به ڪافي اڳيان اڳيان آهن.
    حسين قليزاده جي وڏي ڌيءَ ريحانه ايم.بي.بي.ايس ڪري هاڻ اصفهان ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي آهي ۽ هوءَ جنرل پرئڪٽيشنر سبجيڪٽ ۾ Ph.D ڪري رهي آهي. ٻيو نمبر ڌيءَ فائزه ايران مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هاڻ UNO جي مالٽا ٻيٽ تي قانون جي يونيورسٽي IMLI مان ”بين الاقوامي ميريٽائيم قانون“ ۾ ماسٽرس ڪري رهي آهي. ياد رهي ته هن يونيورسٽي جو اسان جي ملڪ ۾ فقط هڪ ڄڻو گرئجوئيٽ آهي ۽ اها به عورت آهي. مئڊم روبينا خرم. هن پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ ڪجهه سال پڙهايو هاڻ لنڊن ۾ رهي ٿي.
    قليزاده جي ننڍي ڌيءَ فاطمه لنڊن ميٽرو پوليٽن يونيورسٽي ۾ آرڪيٽيڪچر جي شاگردياڻي آهي جتي هوءَ پنهنجي پيءُ سان گڏ رهي ٿي.

    الطاف شيخ


    تقدیم بہ آقای حسینعلی قلی زادہ

    من واقعا خوشحالم کہ اين سفرنامہ بہ ایران را بہ دوست ایرانی ام آقای حسینعلی قلیزادہ (حسین) اھدا میکنم، حسین نہ تنھا یک دوست قدیمی و ھمکلاسی من بودہ است بلکہ شخصیتی دوست داشتی، بسیار متین و ھمیشہ مترصد کمک بہ دیگران است۔ او وطن پرستی است کہ آمادہ است زندگی خویش رابرای کشور عزیزش ایران فدا کند۔ او وقتی جنگ تحملی عراق علیہ ایران در سال ہزار و نھصد و ہشتاد آغاز شد داوطلبانہ و بہ کرات در جبھہ حضور یافت و در عملیات ھا شرکت نمود و سہ بار از حملات شیمیایی و تیر اندازی مستقیم عراقیھا مجروح شد، من فکر میکنم تقدیر این بود بود کہ حسین زندہ بماند، این کمتر از یک معجزہ نیست کہ او زندہ ماندتا امروز در کنار ما باشد۔
    اولین باری کہ حسین رادر شہر جنوبی سوند، مالمو ملاقات کردم حدودا ہفدہ سال پیش بود، در آن زمان ہر دوی ما بہ دانشگاہ جھانی دریانو ردی در این شہربر ای تحصیل در مقطع کار شناسی ارشد وارد شدہ بودیم، من در رشتہ مہندسی ایمنی دریانو ردی و حسین در رشتہ مدیریت عمومی دریانو ردی درس میخواند اما اکثر دروس ما مشترک بود و لذادر بسیاری از کلاس ھا باھم بودیم و باھم بہ برخی سفر ھای آموزشی در محلہ ای بنام ھو لما در مالمو زندگی میکردیم۔ فرزندان حسین ھمچنین خصوصا سہ دخترش در ھمان کلاس ھای انگلیسی خاص فرزندان ما درس میخواند ند کہ دخترم ماروی میرفت، آنھا باھم دوست بودند و مدام در پارک جلوی منزلمان باھم بازی میکردند، لذا روابطہ خانوادگی نزدیکی باھم داشتیم و فرصت بسیار خوبی بود کہ در بارہ کشور مان یا یکدیگر مبادلہ اطلاعت کنیم۔
    حسین اولین ایرانی بود در زندگی من کہ از نزدیکس ملاقاتش میکردم و رابطہ بسیار صمیمی باھم داشتیم۔ او اطلاعات زیادی در بارہ کشورم داشت ولی برای من اولین بار بود کہ دربارہ ایران، مردمش و فرہنگ ان از نزدیک آشنا میشدم، کشور کہ محل و زادگاہ شعرای مورد علاقہ من عمر خیام، مولانا، عطار، فردوسی، سعدی و نظامی است۔
    نکتہ ایکہ باید اضافہ نمایم و بہ ھمہ کشور ھای جہان سوم اعلام نمایم این است کہ ایرانیھا ھمسایگان بسیار خوبی برای مردم کشور ہای اطراف خویش ھستد، انھا ھرگز در امور داخلی ھمسایگانشان دخالت نمی نمایند و ھمسایگان خون را انمی از ارند، مردم این کشور درخانہ ھایی زندگی میکنند کہ بسیار تمیز و مرتب ہست۔ من فکر میکنم اینکہ سوندی ھا ترجیح میدادند مستاجر شان ایرانی باشد بہ دلیل ھمیں پاکیزگی باشد۔
    حسین برای من در سوند موھبتی الھی و فرشتہ ای در لباس انسان بود، درکنار کمک بہ دیگران، او یک مسلمان واقعی در عقیدہ و عمل بود، فردی بسیار سادہ، صمیمی و شخصی متواضع و مدیر بود۔ من ہنوز ھم فردی با این کمالات و از خود گذشتہ برای انجام وظیفہ و عشق بہ کشورش ندیدہ ام۔
    من پس از باز دیدی کہ برای اولین بار از کشورش داشتم این سفرنامہ را در بارہ ان نوشتم، و اکنون کہ این کتاب آمادہ انتشار است ھیچ فردی را شایستہ تر از ھمکلاسی عزیزم در دوران تحصیل در سوند و کارمند (باز نشستہ) سازمان بنادر و کشتیرانی یعنی آقای حسینعلی قلی زادہ نیافتم۔ لذا این کتاب را بہ ایشان اھدا مینمایم۔
    دوست ما حسین در پانزدھم سپتامبر ہزار و نھصد و پنجاہ وسہ در شھر ساحلی نوشھر، شھری زیبا در استان مازندران در شمال ایران متولد شد، بعد از تکمیل دبستان و دبیرستان در شھرش، وی در سال ہزار و نھصد و ھفتاد و دو بہ دانشگاہ اصفھان راہ یافت و دورہ کارشناسی رشتہ علوم تربیتی را زا این دانشگاہ در سال ھزار و نھصدو ھفتاد شش بہ پایان رساند۔ حسین در پاسخ بہ سو الم نام برخی دبیران پرتلاش دبیر ستانی اش از جملہ آقای کبیر سلطانی دبیر تاریخ و جغرافیا و آقای کاظم وحید دبیر ادبیات فارسی خود را ھنوز بیاد داشت، حسین در دانشگاہ یا پروفسور علی شریعتمداری استاد و رنیس دانشکدہ اش رابطہ ای بسیار صمیمی برقرار کرد۔ او میگفت پروفسور شریعتمداری با من بسیار مھربان بود و مرا خیلی دوست داشت و راطبہ صمیمی خانوادگی ما ھنوز ادامہ دارد۔ حسین میگوید پروفسور شریعتمداری یک از بھترین اساتید تعلیم و تربیت در جھان معاصر است کہ دار ای دکترین آموزشی و تربیتی مترقی میباشد، وی در اول انقلاب اسلامی ایران وزیر فرھنگ و آموزش عالی بود و ھم اکنون عضو شور ایعالی انقلاب فرھنگی است۔ وی جدا از لیستی کہ برای تشکیل ستاد انقلاب فرھنگی بہ امام خمینی (رہ) بنیان گذار جمھوری اسلامی ایران پیشنھاد شدہ بود، توسط خود ایشان انتخاب شد و این گویای شناخت امام خمینی از شخصیت این استاد برجستہ تعلیم تربیت است۔
    حسین پس از پایان دانشگاہ بہ خدمت سربازی رفت و باشغل معلمی کارش را شروع کرد۔ او در سال ھزار و نھصد و ھشتاد وقتی ھزاران کیلومتر مربع از خاک کشورش توسط عراق اشغال شد داو طلبانہ بعنوان ادای دین بہ کشور بہ جبھہ رفت و در چند بار در حملہ شیمیایی و تیر اندازی عراقیھا مجروح شد ولی سرانجام نجات یافت۔
    سمت ھای مدیریتی مختلفی بہ حسین پیشنھاد شد ولی او ترجیح میداد یک معلم باقی بماند۔ مع الاصف در سال ہزار و نھصد و ھشتاد و چھار حسین راھی بہ جز پذیرش مسنولیت مدیریت بنادر و کشتیرانی ماز ندران در شھر خودش نو شھر نداشت۔ بعد از ہفت سال مدیریت در این سمت و جلب رضایت مدیرانش، بہ وی بورس تحصیلی در دورہ کارشناسی ارشد در دانشگاہ جھانی دریانوردی سوند اعطا شد۔ ور در پایان سال ہزار و نھصد و نود وسہ تحصیلات خود را در این دانشگاہ بہ اتمام رساند و بہ کشورش باز گشت و بہ سمت مدیر عملیات بنادر استان ھرمزگان در جنوب ایران منصوب شد و بہ مدت سہ سال بہ ھمہ مشکلات خانوانگی اش تمام تلاش خصوصا در بنادر شھید رجایی و شھید دریایی و بندری در این استان خصوصا در بنادر شھید رجایی و شھید با ھنر بکار گرفت، در سال ھزار و نھصد و نود و ھفت وی بہ سمت مشاور و باز رس ویزہ معاون وزیر و مدیر عامل سازمان بنادر و کشیترانی منصوب شد۔ وی پس از اینکہ پیشنھاد قبول مسنولیت مدیرکلی بنادر و کشتيرانی استان ھر مزگان را نپذیزفت، در سال دو ہزار و یک میلادی بصورت اجباری برای تصدی این مسنولیت بہ استان ھرمزگان اعزام گردید۔ و نھایتا در سال دو ھزار و سہ میلادی بہ عنوان اولین نمایندہ سازمان بنادر و کشتیرانی در سازمان بین المللی دریانوردی بہ انگلستان رفت۔ این سازمان پکی از مانھای ویزہ سازمان ملل است کہ وظیفہ قانونگذاری در امور کشیترانی و ایمنی دریانوردی و حفظ محیط زیست دریایی رابر عھدہ دارد۔ سر انجام حسین در آور پل سال دو ھزار و شش میلادی پس از تکمیل سی سال خدمات دولتی بازنشستہ گردید۔ وی در حال حاضر عضو ہیات مدیرہ و کارمند تمام وقت شرکت کشیترانی ایرسل یوکی در لندن میباشد۔
    من نزدیک بہ بیست سال یا خانوادہ حسین آشنایی نزدیک دارم۔ حسین نسبت بہ فرزندانش عنایت خاصی داشت و برای کسب دانش و ارتقای تحصیلی انھا خیلی بیشتر از پدر و مادر ھای غربی توجہ میکرد۔ دختر بزرگش دکتر ای پزشکی را از دانشگاہ اصفہان در سال دو ھزار ھفت میلادی اخذ و ھم اکنون در یکی از بیمار ستانھای دانشگاھی بریتانیا دورہ تخصصی خود را آغار نمودہ است۔ دختر دیگر ایشان دورہ کار شناسی ارشد رشتہ حقوق بین الملل دریایی را از دانشگاھ بین المللی در کشور مالتا بہ پایان رساندہ و دختر سوم ایشان دورہ کار شنادی معماری را از دانشگاہ مترو پولیتن لندن اخذ نمودہ است۔
    آرزو میکنم دوست من حسینعلی قلی زادہ و خانوادہ محترمش عمری طولانی و موقفی داشتہ باشند۔

    الطاف شیخ
    دوازدھم جولای سال دو ھزار و ھشت میلادی
    اسلام آباد پاکستان


    مهاڳ

    سائين الطاف شيخ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ هڪ وڏو نانءُ آهي. منهنجي سائينءَ سان ڪڏهن به روبرو ملاقات نه ٿي آهي. پر سندس قلمي پورهيي جي ڪري هن سان پنهنجائپ جو رشتو آهي. هڪ ڏينهن پيار ۽ پاٻوهه مان فون تي سائينءَ حڪم ڪيو ته مان سندس تازي تخليق ايران جي سفرنامي ”ايران ڏي اُڏام“ جو مهاڳ لکان. سائين الطاف شيخ جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ منهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي، پر اهو به هڪ سچ آهي ته مون هن ڪتاب کان اڳ ڪنهن به ڪتاب جو مهاڳ نه لکيو آهي، ۽ نه ئي انهيءَ ”ٽيڪنڪ“ جي مون کي ڪا ڄاڻ آهي. بهرحال ”جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان“.
    سفرنامو، ادب جي هڪ بهترين ۽ نرالي صنف آهي، جنهن مان ملڪن جي معاشي، ثقافتي، علمي، ادبي، سياسي، اخلاقي، تاريخي ۽ جاگرافيائي پس منظر جي ڄاڻ ملي ٿي. سائين الطاف شيخ هن ڪم ۾ واقعي پاڻ ڳڻايو آهي ۽ زندگيءَ جي اڻانگي سفر ۾ 66 ڪتاب لکي، پنهنجو پاڻ ملهايو آهي.
    سائين الطاف شيخ هڪ انجنيئر، رياضي دان، موسمن جو ڄاڻو، هڪ حساس ليکڪ، سيلاني، مصور، سفرناما لکندڙ، مترجم ۽ افسانه نگار پڻ آهي، ان ڪري هن جي شخصيت گهڻ پاسائين آهي. سائينءَ جي باري ۾ لکڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر آهي.
    سائين الطاف شيخ هيتري ساري دنيا گهمڻ جي باوجود، پنهنجو پاڻ کي هميشه هڪ عام انسان وانگر پيش ڪيو آهي. هن پنهنجن ڪتابن ۽ تحريرن ۾ ڪڏهن به پنهنجي تعريف نه ڪئي آهي، نه ئي ڪڏهن پاڻ وڻايو آهي، اها ئي سندس عظمت آهي.
    سائين الطاف شيخ ڪڏهن به پنهنجي جنم ڀوميءَ، مقدس سنڌ کي نه وساريو آهي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان سندس پنهنجي ازل جي رشتي ڪري هن ڪڏهن به پنهنجن ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن کي ڏورانهن ڏيهن ۾ به نه وساريو آهي.
    تاريخي لحاظ کان اسان سنڌي قوم ۾ خاصيتون به آهن ته خاميون پڻ، هن پنهنجي لکڻين ۾ انهن جي بهترين عڪاسي ڪئي آهي، ۽ سنڌي قوم کي پنهنجي تحريرن جي ذريعي غفلت جي اگهور ننڊ مان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهو ابدي پيغام ڏنو آهي ته ”سنڌيو جاڳو! توهان جي پيرن هيٺان ڌرتي نڪرندي پئي وڃي! هي دور مقابلي (Competition) جو دور آهي، جيڪڏهن توهان کي پنهنجي وجود کي دائم ۽ قائم رکڻو آهي ته پنهنجو پاڻ کي علم ۽ هنر، ڏات ۽ ڏاهپ جي هٿيارن سان ليس ڪريو.“
    الطاف شيخ جون لکڻيون سنڌي قوم لاءِ تعليمي درسگاهه لڳن ٿيون. هو هڪ سچو ۽ صاف سنڌي آهي. سندس پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان محبت غير مشروط ۽ يڪ طرفي آهي، هو مان، مرتبي، اقتدار، دولت ۽ آسائش کان قطعي بي پرواهه انسان آهي.
    سندس تازي تحرير هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
    هن سڄي سفرنامي ۾ جنهن ڳالهه مون کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي، اهو الطاف شيخ جو ذاتي ڪردار ۽ انساني رويو آهي ۽ گڏوگڏ هر ننڍڙي وڏي کي پاڻ کان عظيم سمجهڻ، خودنمائيءَ جي خيانت کان پري رهڻ ۽ هر حال ۾ رضا تي راضي رهڻ آهي.
    هن سفرنامي جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته سندس محبت ۽ Commitment سڄي انسانذات لاءِ ته آهي، پر سنڌ ۽ سنڌين جو عشق ڄڻ ته کيس جيئڻ جو جواز ٿا بخشين. هن ايران جي سفر ۾ سمورو وقت اها جستجو ڪئي آهي ته پنهنجي هم وطن ۽ هم زبان سٻاجهڙن کي ڳولي لهي ۽ انهن سان پنهنجي اندر جو حال اوري. هن ايران جي سفر دوران جن به سنڌين سان ملاقات ڪئي آهي، پنهنجي سفرنامي ۾ انهن جو ذڪر ۽ تعارف تفصيل سان ڪيو آهي. ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجن ماڻهن سان سڪ ۽ اڪير سان ملڻ هڪ عظيم ڏات آهي. جيڪا قدرت ٿورن ماڻهن کي عطا ڪري ٿي.
    ايران دنيا جو هڪ عظيم ملڪ آهي. ايران تاريخي لحاظ کان هڪ شاهوڪار ”تهذيب (Civilization)“ رکي ٿو، جيڪا هزارين سال پراڻي آهي. جيڪڏهن ويجهي ماضيءَ جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته هي ملڪ به ٻين ”نو آبادياتي ملڪن“ جيان سامراج جي جبر، استحصال ۾ ڦرمار جو شڪار رهيو آهي. اڙهين ۽ اوڻهوين صديءَ ۾ ايران برطانوي سامراج ۽ روس جي زار شاهيءَ جي ”استهماريت“ جو شڪار رهيو آهي.
    ويهين صديءَ ۾ ايران تي آمريڪي سامراج پنهنجي تسلط ڄمائڻ لاءِ هٿ پير هنيا، ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت ۾ ايران ۾ وڏي پئماني تي تيل جا کوهه کوٽجي چڪا هئا، جن تي آمريڪا جي نظر هئي. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ (IInd world war) کان پوءِ دنيا جي نو آبادياتي ملڪن ۾ سامراج دشمن (Anti imperialism) تحريڪون جنم وٺي چڪيون هيون، جيڪي سامراجي غلاميءَ کان آزادي ۽ پنهنجي معاشي ۽ سماجي نجات لاءِ تاريخ جي ميدان ۾ ازلي ويڙهه وڙهڻ لاءِ تيار هيون. ايران ۾ به انهيءَ قسم جي سامراج دشمن تحريڪ شدت سان اڀري هئي، پر ايران جي ڪميونسٽ پارٽي (توده پارٽي) جي سياسي ۽ انقلابي پروگرام جي محدوديت جي ڪري، پاڪستان جي 69-1968ع جي تحريڪ جيان ”پاپولوزم“ ڏانهن وڌي ويئي، ڇاڪاڻ ته ايران ۾ ڪميونسٽ پارٽي، هڪ ”سوشلسٽ انقلاب“، بدران ”جمهوري انقلاب“ جو پروگرام ڏنو هو.
    ايران جا پاپولر ليڊر پاڪستان جيان ”سوشلسٽ انقلاب“ بدران ”جمهوري انقلاب“ جي واٽ تي ايترو اڳتي وڌي ويا، جو هنن چونڊن جي پروگرام ۾ ”سوشلزم“ کي صرف نعري بازيءَ طور پيش ڪيو. 1951ع جي چونڊن ۾ سوشلسٽ اڳواڻ ڊاڪٽر محمد مُصدق ايران جو وزير اعظم چونڊجي ويو. محمد مصدق به شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جيان ”وڏي پيماني“ تي سڌارن جي شروعات ڪئي، جنهن جي ڪري هن جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو ويو. پر جڏهن هن تيل ۽ ٻين اهم شعبن کي 1951ع ۾ ”قومي ملڪيت“ ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ته هن جي خلاف سامراجي سازشون شروع ٿي ويون. جيئن ته محمد مصدق سرمائيدارانه رياست ۽ معيشت جي سوشلسٽ بنيادن کي مڪمل طور تبديل نه ڪيو هو، ان ڪري انقلاب اڌورو رهجي ويو.
    عالمي سامراج، پاڪستان وانگر جهڙيءَ ريت فوجي جنرلن جي ذريعي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي هٽايو، اها ساڳي واٽ ايران جي فوجي جنرلن، سامراج جي اشاري تي ”مصدق حڪومت“ جي تختي اونڌي ڪرڻ وقت ڪم آندي ۽ مصدق کي معزول ڪري ڇڏيو. ايران تي زبردستي بادشاهت مسلط ڪئي ويئي. رضا شاهه پهلويءَ کي نه صرف ايران جو ”بااختيار“ بادشاهه بنايو ويو، پر ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي نگرانيءَ لاءِ ”ڪمدار“ پڻ مقرر ڪيو ويو.
    1951ع کان 1979ع تائين چاليهه هزارن کان وڌيڪ آمريڪي ايران ۾ مقرر ٿي چڪا هئا. انهن جو رويو ايرانين سان حاڪمانه ۽ ذلت آميز هو، جنهن جي ڪري عام ماڻهوءَ ۾ آمريڪي سامراج جي خلاف نفرت جو ”گراف“ وڌي وڻ ٿي ويو. شاهه جي خفيه پوليس ”ساواڪ“ (Savak) ايران جي باشعور ماڻهن کي اذيت گاهن ۾ بند ڪري، ظلم ۽ جبر جو نشانو بنايو ، مزدور تنظيمن، شاگرد تنظيمن ۽ کاٻيءَ ڌر جي ڪارڪنن جو وڏي پئماني تي قتل عام ڪيو ويو. ”ساواڪ (Savak)“ جون اذيت گاهون سڄيءَ دنيا ۾ ظلم، تشدد ۽ وحشياڻي ٽارچر جي ڪري بدنام ٿيون.
    1979ع جي انقلاب پويان ايران جي محنت ڪش ۽ وطن پرست عوام تي سامراجي، رياستي ظلم ۽ بربريت جي هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي. آمريڪي سامراج ۽ شهنشاهيت جي خلاف ”نفرت“، ايراني انقلاب جو ”بنياد“ آهي، ايراني انقلاب جي سرجڻ ۾ ايران جي ڪميونسٽ پارٽي (توده پارٽي) جو (جيڪا مصدق کي معزول ڪرڻ کان پوءِ انڊر گرائونڊ ڪم ڪندي رهي. ) اهم ڪردار آهي. ايراني عالمن به عبادت گاهن ۾ آمريڪي سامراج ۽ شهنشاهيت خلاف عوام کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
    ايران جي 1979ع جي انقلاب جو بنياد ”توده پارٽي“ جي ڪارڪنن رکيو هو، جن اصفهان، تبريز، زاهدان، بندر عباس ۽ ٻين شهرن جي تيل ۽ پلاسٽڪ جي فيڪٽرين ۽ ٻين صنعتن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي منظم ۽ متحد ڪيو ۽ سامراج ۽ شهنشاهيت خلاف فيصلي ڪن ويڙهه وڙهڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ ايراني سماج تي عالمن جي اثر ڪري انقلاب جو سڄو فائدو عالمن کي پيو.
    رضا شاهه پهلويءَ جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ آيت الله خميني، ايران جو سياسي، روحاني ۽ مذهبي سربراهه بنجي ويو ۽ بعد ۾ کيس امام جو درجو ڏنو ويو.
    الطاف شيخ، امام خمينيءَ جي حياتيءَ ۽ جدوجهد متعلق پنهنجي هن سفرنامي ۾ تفصيلي روشني وڌي آهي. سندن مطابق امام خميني ويهين صديءَ جو وڏو عالم، طاقتور ليڊر ۽ نيڪ انسان هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي، پاڻ کي ڏکيو رکي، انسانذات جي ڀلائيءَ ۽ سک لاءِ ڪم ڪيو. هو وڏو ليکڪ ۽ مقرر هو. جنهن کي ايران جي عوام توڙي دنيا جي مسلمانن دل سان عزت ۽ پيار ٿي ڪيو ۽ هن انسان، جيڪو جسماني توڙي مالي طور ڪمزور ۽ غريب هو، هڪ طاقتور، ظالم ۽ مغرب پرست حڪومت جو تخت ڊاهي، پنهنجي ملڪ ۾ اسلامي حڪومت جو بنياد رکڻ لاءِ انقلاب آندو.
    امام خميني، 24- سيپٽمبر 1902ع (20- جمادي الثاني 1320هه) تي ”خمين“ نالي شهر ۾ ڄائو، جنهنڪري هو ”خميني“ سڏجي ٿو. امام خمينيءَ جي ڄم جي تاريخ اها ئي آهي، جيڪا بيبي فاطمة الزهرا جي آهي. امام خمينيءَ جو نالو ”روح الله موسوي“ آهي ۽ هن جي نالي سان ٻه لقب استعمال ٿين ٿا، آيت الله ۽ امام.
    ايران ۾ ان وقت جي وڏي شيعا عالم آيت الله بروجرديءَ جي وفات بعد ايران جي عوام ۽ عالمن، امام خمينيءَ کي سندس جاءِ تي مذهبي ليڊر يعني ”آيت الله“ چونڊيو. ان بعد امام خمينيءَ جو شهنشاهيت خلاف جهاد زور وٺڻ لڳو. هن شاهه جي حڪومت طرفان مغرب تي ڀاڙڻ واري پاليسيءَ جي سخت نندا ڪئي. امام خمينيءَ کي شاهه جي حڪومت تي سخت تنقيد جي ڪري، قيد ۽ بند ۾ وڌو ويو. بعد ۾ عوام جي مزاحمت ڪري، هن کي جلاوطن ڪيو ويو. 4 نومبر 1964ع تي امام خمينيءَ کي پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو. کيس پهرين ترڪي ”Deport“ ڪيو ويو، جتي هو سال کن ازمير ۽ برسا ۾ رهيو. بعد ۾ کيس آڪٽوبر 1956ع ۾ عراق موڪليو ويو، جتي هو تيرهن سال ”نجف“ ۾ رهيو،جتي هو ڪتاب لکندو رهيو ۽ تقريرون ڪندو رهيو، جن کي گانن وارين ڪئسيٽن تي ٽيپ ڪري ايران موڪليون ويون ٿي ۽ انهن تان ماڻهن وڌيڪ ڪئسٽون ٽيپ ڪري، عوام ۾ ورهايون ٿي. آخر ايران ۽ عراق حڪومت اهو گڏيل فيصلو ڪيو ته امام خمينيءَ کي عراق مان ڪڍيو وڃي. ان وقت عراق جو نائب صدر صدام حسين هو، جنهن امام خمينيءَ کي زوريءَ عراق مان ڪڍيو، جنهن بعد هو ”ٽوئرسٽ ويزا“ تي فرانس ۾ اچي رهيو.
    عوام جي انقلابي جدوجهد جي ڪري شهنشاهه ايران کي ملڪ ڇڏڻو پيو. پورن ٻن هفتن بعد پهرين فيبروري 1979ع تي خميني 15 سالن جي جلاوطنيءَ بعد پنهنجي وطن آيو. ايران جي سرزمين تي هن قدم رکڻ کان پوءِ تاريخي تقرير ڪئي ته: ”الله نه ڪري، پر جي شاهه جي حڪومت اڃا ڪجهه عرصو هلي ها ته اڄ هو اسان جي ملڪ جو سمورو تيل ڌارين کي ڏيئي ڇڏي ها، اسان ڌارين جا غلام ٿي رهون ها. اهو سوچي اسان دانهون ٿا ڪريون، اهو ئي سبب آهي، جو ايران جون گهٽيون اسان جي نوجوانن جي خون سان ڳاڙهيون ٿي ويون آهن. آمريڪا ۽ ان جا ڇاڙتا عرب ليڊر، دهشتگرد ۽ قزاق آهن.“
    امام خميني 88 ورهين جي ڄمار ۾ 3 جون 1989ع تي تهران ۾ گذاري ويو. سندس جنازي ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيا.
    الطاف شيخ لکي ٿو ته: ”جون جي سخت گرم مهيني ۾ ماڻهو گهرن مان نڪري سمنڊ وانگر اٿلي پيا هئا. کين نه اُڃ ۽ بک جي پرواهه هئي ۽ نه گرميءَ جي ڪيترائي ماڻهو رش ۾ چيڀاٽجڻ ڪري مري ويا. گرميءَ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سرڪاري فائر برگيڊ جون گاڏيون ماڻهن مٿان پاڻي هارينديون رهيون. چون ٿا ته جنازي ۾ آيل ماڻهن جو تعداد ٽيهن لکن کان به مٿي هو. امام خميني، جنهن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي، اهو ايران جو سڀ کان وڏو قبرستان ”بهشت زهره“ جي نالي سان سڏجي ٿو.
    امام خمينيءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ اڄ به ايران سامراج دشمن پاليسين تي گامزن آهي. شيخ صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته ”آمريڪا ۽ يورپ طرفان لڳندڙ (Sections) پابندين جي باوجود ايران ڪيئن اڏول آهي؟ ڪيئن پرعزم آهي؟ ڪيئن هر راهه تي ترقي ڪري رهيو آهي؟ اها دنيا لاءِ حيرت جوڳي ڳالهه آهي ۽ اسان جهڙا ماڻهو ان مان اتساهه (Inspiration) وٺي، سبق حاصل ڪري سگهن ٿا. بقول اسان جي هڪ آسٽريليا جي دوست جي (جيڪو ايران کان تمام گهڻو متاثر آهي) جيڪو چرچي چرچي ۾ اسان پاڪستانين کي چوندو آهي ”ايران جهڙو ملڪ توهان جي پاڙي ۾ آهي، ان کي ڏسي به نه ٿا سُڌرو!“
    الطاف شيخ ايران جي خودمختياريءَ ۽ حاڪميت جي تصور مطابق جيڪو نقشو چٽيو آهي، اهو هڪ مثالي ۽ آزاد رياست لاءِ ضروري آهي. سندس هڪ دوست ڪئپٽن حنفي، جيڪو قاهره جو رهواسي آهي. هو ايران گهمڻ ايندو رهي ٿو ۽ ايران کان تمام گهڻو متاثر آهي. ڪئپٽن حنفيءَ مطابق ”جيڪو ملڪ ايران ۽ عراق جي اٺ سال لڙائيءَ ۾ تباهه ٿي ويو. ايتريقدر جو نوجوان نسل جو وڏو حصو ختم ٿي ويو، جتي ڪٿي پوڙها ۽ ٻار نظر آيا ٿي. جنهن ملڪ تي اڄ تائين يورپ ۽ آمريڪا طرفان سخت پابنديون (Sections) لڳل آهن، تڏهن به ايراني ڪيڏي نه عظيم ۽ مثالي قوم آهي، جنهن پنهنجي ملڪ کي هڪ سکيو ستابو ملڪ بنائي ڇڏيو آهي. جتي امير توڙي غريب خوش آهي. ٻئي وقت ماني ٿو کائي ۽ عزت جي روزي ٿو ڪمائي. جيڪو ملڪ سئي سڳي کان وٺي بسون ۽ ٽريڪٽر ٿو ٺاهي.“ ايران ۾ سرڪاري توڙي خانگي سيڪٽر ۾ ڪارن جا تيرهن ڪارخانا آهن ۽ نوي سيڪڙو آبادي مقامي ڪارون استعمال ڪري ٿي.
    ايران جي 1979ع جي انقلاب کان پوءِ ايران مسلسل آمريڪي رجعتي پيغام جو نشانو بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته عراق جي صدر صدام حسين کي هٽائڻ کان پوءِ هن خطي ۾ ايران هڪ ”آمريڪا مخالف“ طاقتور ملڪ جي صورت ۾ اڀريو آهي. لبنان ۾ حزب الله جي هٿان اسرائيل جي شڪست کان پوءِ ايران کي وڌيڪ حوصلو مليو آهي. اڄ کان 21 سال اڳ 1987ع ۾ جڏهن آمريڪا جي حمايت يافته صدام حسين طرفان شروع ڪيل جارحيت ۾ ايران جي شهرن مٿان آمريڪا ۽ يورپ طرفان ڏنل ميزائل وسي رهيا هئا، ان وقت ايران کي خطرو هو ته صدام حسين ائٽمي هٿيار تيار ڪري رهيو آهي، جيڪي ايران خلاف استعمال ٿي سگهن ٿا. انهيءَ وقت ايران ۾ سابق شهنشاهه ايران جي پراڻي ائٽمي پروگرام، جيڪو 1970ع ۾ آمريڪا ئي شاهه کان شروع ڪرايو هو، ان کي ٻيهر شروع ڪيو ويو. هن پروگرام کي في الحال “Laea”انٽرنيشنل ائٽمڪ انرجي ايجنسي“ کان خفيه رکيو ويو هو ته جيئن شروعات ۾ ان کي روڪيو نه وڃي ۽ پابندين کان بچايو وڃي، پر عراق- ايران جنگ جي خاتمي کان پوءِ هن ائٽمي پروگرام کي معطل ڪيو ويو. حالانڪ ايران کي اهو حق حاصل هو ته ائٽمي پروگرام شروع ڪري سگهيو ٿي، ڇاڪاڻ ته ايران “ NPT” معاهدي تي صحيح ڪري چڪو هو، ان ڪري هن کي بجلي ۽ توانائيءَ لاءِ جوهري پروگرام کي ترقي ڏيڻ جو حق به آهي.
    9-فيبروري 2003ع تي ايران پنهنجو ائٽمي پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن ان مان ائٽمي بجلي پيدا ڪري، ملڪي صنعتن جي پيداوار وڌائي سگهجي ۽ عام شهرين کي سستي اگهه تي بجلي فراهم ڪئي وڃي. ايران IAEA کي دعوت ڏني ته ايران جي جوهري پروگرام جو معائنو ڪيو وڃي. فيبروري 2003ع جي آخر ۾ IAEA طرفان ڊاڪٽر محمد البرادي پنهنجي انسپڪٽرن جي ٽيم سان ائٽمي جو هري پروگرام جو معائنو ڪيو ۽ اٽڪل ڇهه ڀيرا IAEA جا انسپيڪٽر معائنو ڪري چڪا آهن.
    آمريڪا جو موقف آهي ته ايران وٽ تيل ۽ گئس جا ذخيرا وڏي پيماني تي موجود آهن، ان ڪري ايران طرفان ائٽمي ري ايڪٽر پروگرام ختم ڪيو وڃي. ايران جي صدر محمود احمدي نجاد چونڊجي اچڻ کان پوءِ اهو اعلان ڪيو ته هو ايران لاءِ ”يورينم“ پيدا ڪرڻ جي سگهه چاهي ٿو. آمريڪا جي ”ٻٽي“ ”نان پروليفريشن پاليسي“ آهي. اسرائيل، ڀارت ۽ ٻين آمريڪي حامي ملڪن کي ائٽمي سگهه حاصل ڪرڻ جي اجازت آهي، پر ايران کي اها نه ٿي ملي سگهي، ڇاڪاڻ ته ايران هن خطي ۾ آمريڪا جي پاليسين جي شديد مخالفت ڪري ٿو.
    ايراني قوم وطن پرستيءَ جي سگهاري سنگهرن ۾ سلهاڙيل آهي، ان کي ڪوبه سامراج، طاقت جي زور تي ختم نٿو ڪري سگهي، ايران قوم جيتوڻيڪ مذهبي ۽ نسلي گروهن ۾ ورهايل آهي، سندن اتحاد لازوال ۽ اڻ ٽٽ آهي. ايران جي 98 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي مشتمل آهي، جن مان 90 سيڪڙو شيعه مسلڪ سان تعلق رکن ٿا ۽ باقي 8 سيڪڙو سني مسلڪ سان واسطو رکن ٿا. 2 سيڪڙو آبادي غير مسلم آهن، جن ۾ بهائي، مندين، هندو، زردشت، يهودي ۽ عيسائي شامل آهن.
    ايران ۾ جيڪي ”نسلي گروپ“ آباد آهن، انهن ۾ پرشين، اذري، گاڪي، مزداراني، ڪرد، عرب، بلوچ، ترڪمين، قاشمائي، آرمينين، جارجين، گيروگين، اسائرين، ڪرڪاسين ۽ پشتون وغيره شامل آهن. ايراني قوم مذهبي ۽ نسلي گروهن کان بالاتر آهي، هنن جي محبت جو محور صرف ايران آهي. ان ڪري اها پنهنجي سڃاڻپ ايراني ڪرائيندي فخر محسوس ڪري ٿي.
    ايران ۾ عقيدي ۽ عبادت جي مڪمل آزادي آهي. ايران هڪ مذهبي رياست (Theocratic State) هوندي به مذهب جي معاملي ۾ هڪ ”غير جانبدار“ رياست جو ڏيک ڏئي ٿو. ايران جي مختلف شهرن ۾ جتي مسلمانن جون عبادت گاهون آهن، اتي گرجا گهر، مندر ۽ ٻيون عبادت گاهون پڻ آهن. جيتري رواداري، سهپ ۽ بردباري ايران جي سياسي نظام ۾ آهي، ايتري شايد ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ ملي.
    ايران جي وڏي خوبي اها آهي ته 1979ع جي انقلاب کان پوءِ ان پنهنجي قديم ثقافتي ورثي کي قائم ۽ دائم رکيو آهي. قديم عمارتن مجسما ۽ مورتيون، ايران جي هر شهر ۾ ملنديون، ايران، افغانستان يا پاڪستان وانگر پنهنجي تاريخي قومي ثقافتي ورثي کي ختم نه ڪيو آهي.
    ايران جا وڏا شهر تهران، مشهد مقدس، اصفهان، بندر عباس، قم، تبريز، اهواز ۽ شيراز پنهنجي خوبصورتي، صفائي سٿرائي، روشن رستن، گلن سان سينگاريل پارڪن، تاريخي ماڳن مڪانن ۽ مواصلاتي نظام جي ڪري مغرب جي ڪنهن وڏي شهر کان گهٽ ناهن، ايران جي ڪنهن به شهر ۾ توهان کي فقير ۽ ڪتو نه ملندو.
    مشهد مقدس، تهران کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، جيڪو امام علي رضا عليه السلام جي آخري آرامگاهه آهي، ”شيعه“ فرقي سان تعلق رکندڙ مسلمانن مطابق امام علي رضا عليه السلام اٺون امام آهي. ايران جو عوام امام علي رضا عليه السلام جي آخري آرام گاهه کي ”حرم شريف“ سڏين ٿا. دنيا جي مسلم ملڪن مان لکين زائرين سڄو سال مشهد اچن ٿا ۽ امام علي رضا عليه السلام جي ”ضريح مبارڪ“ يعني آرامگاهه تي حاضري ڀرين ٿا. هڪ اندازي مطابق روزانو هڪ لک ماڻهو حاضري ڀرين ٿا. چوويهه ئي ڪلاڪ ماڻهو تلاوت قرآن پاڪ ڪندا رهن ٿا. نماز ادا ڪن ٿا ۽ ”ضريح مبارڪ“ کي هٿ لڳائي دعائون گهرن ٿا. ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ زائرين کي هڪ ڀيرو شاندار ”لنچ“ کارائي وڃي ٿي، جنهن کي امام علي رضا عليه السلام جي ”ميزباني“ سڏيو ويندو آهي. امام جي مرقدگاهه جا وڏا ڪشادا ايوان آهن، ٻاهران آيل ماڻهن جي رهنمائيءَ لاءِ ڪلچرل سينٽر احاطي ۾ موجود آهي. جتي ٻاهران آيل زائرين کي انگريزي، اردو، فارسي ۽ روسي زبان ۾ معلوماتي لٽريچر مفت فراهم ڪيو ويندو آهي.
    امام علي رضا عليه السلام کان سواءِ سڄي ايران ۾ 60 کن زيارتون آهن، جن ۾ بيبي معصومه فاطمه همشيره امام علي رضا عليه السلام، بيبي شهربانو، امام زاده محمد محروق، امام زاده ابراهيم، امام زاده سيد جمال الدين، امام زاده ابوجعفر، امام زاده زيد، امام موسيٰ، امام زاده علي، امام زاده اسماعيل، امام زاده حمزه، امام زاده مرتضيٰ، بيبي شطيطه وغيره شامل آهن.
    ڪنهن به مهذب ۽ جمهوري رياست جي سڃاڻپ اها هوندي آهي ته ان ۾ ڪجهه اخلاقي ۽ سياسي ماپا ڏٺا ويندا آهن، جن ماپن ۾ ”آئين جي بالادستي“ ”قانون جي حڪمراني“، ”سماجي انصاف“ ۽ ”شهري آزاديون“ شامل آهن.
    1979ع جي انقلاب کان پوءِ ايران ۾ ڪيتريون سياسي معاشي ۽ اخلاقي تبديليون آيون آهن. سڀ کان پهرين ته ايران ۾ نئين ٺاهيل آئين تحت سڀ ”ادارا“ (Institution) هلايا وڃن ٿا. ڪابه شخصيت آئين کان بالاتر ناهي، هر سياسي اداري ”پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه“ کي ڌار ڌار اختيارات مليل آهن، هر ادارو پنهنجي فيصلي ڪرڻ ۾ آزاد ۽ خودمختيار آهي.
    ايران ۾ ”قانون جي حاڪميت“ کي تمام گهڻي اهميت مليل آهي ۽ قانون جي نظر ۾ سڀ شهري برابر آهن، سمورا شهر رضا خوشيءَ سان قانون جي اطاعت ڪن ٿا. ايران جي سول سوسائٽيءَ ۾ پوليس جي مداخلت بلڪل گهٽ آهي، پوليس انسانن لاءِ آزار ناهي، پر ماڻهن جي مددگار آهي، ايستائين جو ڪو اجنبي جيڪڏهن رستو ڀلجي وڃي ٿو ته ايران جي هر شهر ۾ سپاهيءَ وٽ گهربل شهر جو نقشو موجود هوندو آهي ۽ اهو آسانيءَ سان ڀليل انسانن کي دڳ لڳائي سگهي ٿو.
    ايران جي سياسي نظام ۾ سڀ کان وڏو عمل دخل سماجي انصاف (Social Justice) کي آهي! ايراني حڪومت جي سڀ کان گهڻي ڪوشش آهي ته هر ايراني شهريءَ کي عقيدي، جنس، رنگ ۽ نسل جي فرق کانسواءِ بنيادي ضرورتون مهيا ڪيون وڃن، جن ۾ اٽو، لٽو، اجهو، تعليم ۽ صحت جون سهوليتون شامل آهن. ايران جي سياسي نظام جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته انقلاب کان پوءِ هتي عورت کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويئي آهي، ايستائين جو مرڪزي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي وهنوار ۾ کين برابريءَ جي حيثيت ڏني وئي آهي. فوج، ايئرفورس، نيوي ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ڪاروبار هلائين ٿيون. سڀ کان نرالي ڳالهه اها آهي ته عورتون بس ڊرائيور آهن ۽ پڻ ٻارن ۽ عورتن لاءِ مخصوص ٽيڪسيون هلائي حلال جو روزگار ڪمائين ٿيون.
    ايران جي خلاف اها مغربي پروپيگنڊا بلڪل غلط آهي ته 1979ع جي انقلاب کان پوءِ عورتن کي گهر جي چار ديواري ۾ قيد ۽ بند رکيو ويو آهي. ”زميني حقيقت (Ground Reality) اها آهي ته 1979ع جي انقلاب کن پوءِ ايراني سماج ۾ جيڪو مان ۽ مرتبو عورت کي ڏنو ويو آهي. اهو مغربي ملڪن کان وڌيڪ آهي. هتي صرف غير اخلاقي حرڪتن کي ٻنجو ڏنو ويو آهي، عورت جي تقدس جي پائماليءَ وارين محفلن ۽ حرڪتن کي بند ڪيو ويو آهي ۽ فحاشي ۽ عريانيءَ کي روڪيو ويو آهي. ايراني سماج ۾ مرد ۽ عورت کي برابريءَ واري حيثيت حاصل آهي.
    ايران ۾ عوام کي شهري حق حاصل آهن. تحرير ۽ تقرير جي آزادي آهي، عقيدي ۽ عبادت جي آزادي آهي. ايران جي ”سياسي نظام“ ۾ سرڪاري ملازم کي حصي وٺڻ تي ڪا پابندي ناهي. صرف ”لازمي سروس“ يعني فوج جي اهلڪار کي سياست ۾ حصي وٺڻ تي پابندي آهي. موجوده ايراني صدر محمود احمدي نجاد پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. هو تهران انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو مستقل استاد آهي. اڳوڻو صدر ڊاڪٽر اڪبر رفسنجاني پڻ پيشي جي لحاظ کان استاد آهي ۽ تهران جي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهي.
    ايران ۾ سرڪاري ملازم موڪل وٺي ڪنهن به ”سياسي عهدي“ تي بيهي سگهي ٿو. ايران ۾ صدارتي عهدي کان وٺي سرڪاري آفيسر تائين سادگيءَ ۽ قناعت سان پنهنجا سرڪاري فرائض سرانجام ڏئي ٿو. ايران جا سرڪاري آفيسر حقيقي معنيٰ ۾ عوام جا خادم (Public Servent) آهن. اهي عهدي کي عوام جي امانت سمجهن ٿا.
    ايران جو سڄو سياسي نظام (Political System) نئين آئين جي ماتحت آهي، جنهن کي ايراني ”قانون اساسي“ (Fundemental Law) سڏين ٿا. ايران جي آئين ۾ ملڪ جي وڏي مذهبي علمي شخصيت کي ”سپريم ليڊر“ جو درجو ڏنو ويو آهي. هن وقت آيت الله خامنئي ايران جو سپريم ليڊر آهي، جيڪو آيت الله امام خمينيءَ جي وفات کان پوءِ چونڊيو ويو آهي. سپريم ليڊر کان پوءِ آئين جي لحاظ کان وڏو عهدو صدر جو آهي، جنهن کي عام چونڊن ذريعي چئن سالن لاءِ چونڊيون ويندو آهي. صدر کان پوءِ آئين مطابق 8 نائب صدر آهن ۽ 21 ڪابينا جا وزير مقرر ڪرڻا هوندا آهن، جن جي منظوري پارليامينٽ يا مجلس کان وٺڻ لازمي آهي.
    ايران جي پارليامينٽ کي ”مجلس شورا اسلامي“ (Islamic Consltative Assembly) سڏيو ويندو آهي، جيڪا 290 ميمبرن تي مشتمل آهي، جنهن جو مدو چار سال آهي. ايران جي نئين آئين تحت ڪجهه ٻيا سياسي ادارا پڻ جوڙيا ويا آهن، جن ۾ Council of Guardian, Expediency Council ۽ Assembly of Experts شامل آهن، جيڪي ايران جي موجوده سياسي نظام کي تقويت ڏيڻ ۽ ان کي منصفاڻي نموني سان هلائڻ ۾ معاون ۽ مددگار آهن.
    ايران هڪ شاندار تاريخ ۽ ثقافت رکي ٿو، جنهن ۾ آرٽ، ميوزڪ، فن، تعمير، شاعري، فلاسافي، روايتون ۽ آئيڊيالاجي شامل آهن. ايران جي شاعريءَ ۾ وطن دوستي ۽ انسان دوستيءَ جو عنصر موجود آهي. فارسي زبان جي عظيم شاعر نظاميءَ مطابق:
    همه عالم تن است و ايران دل،
    نيست گوينده زرين قياس خجل.
    (ايران سڄيءَ دنيا جي دل آهي ۽ ان خيال تي مون کي ڪو افسوس ناهي) ”شاهنامه“ جي تخليقڪار فردوسيءَ مطابق:
    که ايران بهشت است يا بوستان،
    همي بويء مشک آيد از دوستان
    (ايران عدن آهي يا باغن جو بهشت آهي، جنهن جي خوشبوءِ دوستن ۽ ساٿين کي ملي ٿي)
    عظيم شاعر سعديءَ مطابق:
    بني آدم اعضاء يک پيکرند
    که در آفرينش زيد گوهرند.
    جو عضوي به آورد روزگار
    دگر عضو ها، را نماند قرار
    (بني آدم هڪڙي جوهر مان پيدا ٿيو آهي. سڀ انسان عضون جيان آهن. جيڪڏهن هڪ انسان کي تڪليف ٿيندي ته سڄي انسانيت کي تڪليف ٿيندي.)
    ايران فردوسي، عمر خيام، جامي، رومي، شمس تبريز، حافظ، سعدي، فريدالدين عطار ۽ حسين بن منصور الحلاج جهڙن انسانن جو ملڪ آهي.
    جن جي شاعري ۽ تعليمات جو ايراني قوم تي گِهرو اثر آهي.
    الطاف شيخ جو موجوده ايران جو سفرنامو، علم ۽ ادب، تاريخ ۽ جاگرافي تهذيب ۽ تمدن، ڄاڻ ۽ آگاهيءَ جو انمول دستاويز آهي، جيڪو سندس ٻين سفرنامن ۾ اهم جاءِ والاريندو، صرف هڪ عالم، محقق ئي اهڙي تخليق کي جنم ڏيئي سگهي ٿو.
    الطاف شيخ جو گس، پنڌ، عمل ۽ تخليقون، نه صرف سنڌ جي نئين نسل لاءِ پر عالم انسانيت لاءِ رهنمائيءَ ۽ روشنيءَ جو مينار ثابت ٿينديون. هي اخلاق ۽ اخلاص جي رستي تي هلندڙ، ماڻهپو رکندڙ، عظيم انسان آهي، جنهن جو ضمير، هن ڌرتيءَ جي خمير مان جڙيو آهي. سائين سنڌي قوم جو عظيم سرمايو آهي. ڌڻي در دعا آهي ته سو سالن کان وڌيڪ حياتي ماڻي، ڇاڪاڻ ته هن آدرشي انسان پنهنجو سمورو جيون سنڌ واسين ۽ انسانيت کي ارپي ڇڏيو آهي.
    مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
    اُنين سندي ڪءِ، ڪري سگهان نه ڳالهڙي!
    (شاهه)


    لياقت عزيز
    15- جولاءِ 2008ع


    سفر بابت اهم ڳالهيون

    ايران اسانجو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪستان جي صوبي بلوچستان سان ڳنڍيو پيو آهي. ڪيترائي ماڻهو ڪوئيٽا کان باءِ روڊ تهران وڃن ٿا ۽ ايران جو شهر زاهدان ائين آهي جيئن انڊيا جو امرتسر، پاڪستان جو بارڊر ٽپ ته اڌ ڪلاڪ ۾ ماڻهو پهچيو وڃي ۽ پوءِ جيئن جي ٽي روڊ تي امرتسر، جلندر، لڌيانا، امبالا، ڪرنال، پاڻيپٽ جهڙن شهرن مان هلي انڊيا جي گادي واري شهر دهلي کان ٿو اچيو نڪرجي، تيئن هن پاسي ڪوئيٽا کان هلندڙ بس پاڪستان جو بارڊر ٽپڻ بعد زاهدان، بام، بزد، ڪاشان ۽ قم کان ٿيندي تهران کان اچيو نڪري، اهڙيءَ طرح ايران جو مشهور بندرگاهه ”ڇابهار“ به پاڪستان جي بارڊر سان ڳنڍيو پيو آهي، جيئن انڊيا پاسي گجرات جو بندرگاهه ”پوربندر“ آهي. اهڙيءَ طرح ايران جا ٻيا بندرگاهه. خاص ڪري بندر عباس وغيره دبئي، بحرين ڪويت ۽ عدن کان به اسان کي ويجها آهن. ايران تيل جو وڏو ايڪسپورٽر ۽ پاڪستان جو دوست ملڪ آهي. اسان جي ملڪن جا جهاز نه فقط هڪ ٻئي جي بندرگاهن ۾ ايندا ويندا رهن ٿا. پر اسان جا ڪيترا جهازي ايران جا جهاز، شهنشاهه ايران جي ڏينهن کان هلائيندا اچن. ايران ۽ عراق واري لڙائيءَ ۾ ايران جا ايترا ته نوجوان شهيد ٿي ويا جو اسان جا گهڻي ڀاڱي جهازي ايران جي جهازن تي ڪم ڪرڻ لڳا. پر عجيب اتفاق آهي جو نوڪري دوران آءٌ جنهن به پاڻي واري جهاز (Ship) تي رهيس ان جو ايران وڃڻ نه ٿيو! اهڙي طرح جتي مون کي دنيا جي ڏورانهن بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي وڃڻ جو موقعو مليو اتي آءٌ هن پاڙيسري ملڪ جي ڪنهن به شهر يا بندرگاهه ڏسڻ کان رهجي ويس. ايران، مون نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هڪ مسافر وانگر، پنهنجي ڀاڙي ۽ خرچ تي گهميو.
    پهريون دفعو ايران آءٌ زيارتين جي قافلي سان ويس. پنهنجي دوست ڪئپٽن مظهر زيدي، جنهن سان گڏ مون کي ڪيترائي جهاز هلائڻ جو موقعو مليو، ان جي چوڻ تي ڪراچي جي هڪ ٽريول ايجنٽ ”الحرمين“ وٽ آيس جنهن مون کي هڪ اهڙي قافلي سان شامل ڪيو جيڪو هتان باءِ ايئر ايران روانو ٿي رهيو هو جنهن سان گڏ گائيڊ طور هنن جو پنهنجو هڪ ماڻهو محمد علي رضوي نالي هلي رهيو هو.شروع ۾ ڪئپٽن مظهر زيدي به مون سان گڏ هلڻ جو پروگرام رٿيو هو ۽ مون کي صبح شام اسلام تي ليڪچر اچي ڏيندو هو پر پوءِ آخري وقت تي ڪنهن ضروري ڪمٽمينٽ جي ڪري هن پنهنجو هلڻ ڪئنسل ڪيو جنهن جو هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو. مون کلندي چيومانس: ”سٺو ٿيو تون نٿو هلين“.
    ”ڇو ڀلا؟“ ڪئپٽن مظهر زيديءَ حيرت مان پڇيو.
    ”ان ڪري جو تنهنجي ڳالهين مان لڳي ٿو ته تون مون کي رڳو مسجدن، مقبرن ۽ مزارن ۾ قابو ڪري ڇڏيندين.“ مون چيومانس، ”آءٌ ايران جون ٻيون به شيون ڏسڻ چاهيان ٿو جيئن سفرنامون لکي سگهان.“
    زيارتن تي وٺي هلڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ واري ڪراچي جي ٽريول ايجنٽ ”الحرمين“ اسان جي گروپ جي ماڻهن کي جمعي نماز بعد صدر ۾ پنهنجي آفيس جي سامهون واري امام علي رضا امام بارگاهه ۾، سفر بابت ٻڌائڻ لاءِ گهرايو. ڪئپٽن مظهر زيديءَ کي فون ڪري پڇيم ته منهنجو وڃڻ به ضروري آهي ڇا؟ منهنجو مطلب هو ته سڄي عمر سفر ڪرڻ ۾ گذري آهي، هاڻ ڇا وڃي اهو ليڪچر، يعني ساڳيون ڳالهيون ٻڌان؟
    ”منهنجي خيال ۾ ضرور وڃ.“ هن چيو، ”گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي گروپ جي ماڻهن کي ته ڏسي سگهندين، جيڪي ان قافلي ۾ توسان گڏ هوندا.“
    اتي پهچي محسوس ڪيم ته چڱو جو هن بريفنگ لاءِ آيس. ڇو جو پنهنجي قافلي سان گڏ هلندڙ ماڻهن سڃاڻپ ٿيڻ کان علاوه محمد علي صاحب جي ڳالهين ٻڌڻ جو به موقعو مليو جن ۾ ڪيتريون معلوماتي ۽ دلچسپ هيون، خاص ڪري انهن مسافرن لاءِ جيڪي پهريون دفعو ملڪ کان ٻاهر هلي رهيا هئا ۽ چڱو جو آءٌ به ويس ۽ خبر پئي ته هر هڪ کي پاڻ سان پليٽ، چمچو ۽ چانهه پيئڻ لاءِ مگ کڻي هلڻو آهي، جو مانيءَ جو سڄو بار الحرمين وارن کنيو آهي. يعني رهائش ۽ ماني اسان جي ان ٽڪيٽ ۾ شامل آهي. مشهد يا قم پهچي خبر پوي ها ته اسان جي ٽوئر جو ليڊر ڪنهن هوٽل تان ڀت يا ٻوڙ جو ديڳڙو وٺي آيو آهي ۽ سڀئي پنهنجيون پليٽون جهليو بيٺا آهن، سواءِ منهنجي! اهڙي جٺ مون سان هڪ دفعو ملائشيا ۾ به ٿي چڪي آهي، جڏهن هڪ ٽوئر ڪمپني ذريعي اسان ملائيشيا جي جنگل ٽرئڪنگ تي وياسين. اها ڪمپني پينانگ کان چڪن نوڊل جو ديڳڙو کڻي هلي هئي. سڀ پليٽون کڻي هليا هئا مون کي خبر نه هئي.
    مشهد، تهران يا قم ته وري به وڏا شهر آهن ۽ ڏينهن رات کليا پيا آهن، شيءَ دڪان تان به وٺي سگهجي ٿي. جنگل ۾ پليٽ ڪٿان اچي. چڱو جو اتي ڪيلي جي پوک هئي جنهن جي پنن تي نوڊل، آچار ۽ سلاد رکي ماني کاڌم. هونءَ به ملائيشا ۽ سنگاپور ۾ سائوٿ انڊين هوٽلن ۾ تامل ماڻهو پليٽن بدران ڪيلي جي پن تي ماني رکي کائين.
    هن بريفنگ ۾ اسان جي ٽريول اينجنٽ ۽ ٽوئر ڪرائيندڙ ليڊر محمد علي صاحب پهرين ته اهو ٻڌايو ته هو اسان کي تهران، مشهد، قم جهڙن وڏن شهرن کان علاوه نيشاپور (جتي عمر خيام جو مقبرو آهي ۽ جنهن شهر سان مشهور شاعر ۽ صوفي فريد دين عطار ۽ مشهور مصور ڪمال ملوڪ جو تعلق آهي) ۽ ڪاشان شهر (جيڪو قم ۽ ڪرمان روڊ تي آهي ۽ تاريخي جاين کان مشهور آهي) پڻ وٺي هلندو. ”سڀ کان اهم شيءَ مشهد ۾ امام رضا جو روضو آهي.“ هن ٻڌايو، ”جنهن جي زيارت سڀ ۾ اهم آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته حج کان وڌيڪ ثواب آهي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو حج نه ڪري ۽ مشهد مان ٿي اچي چوي ته مون ست سو حجن جو ثواب کٽيو. حج، نماز، روزو وغيره پهرين آهن.“
    محمد علي صاحب چيو ته امام رضا جي روضي جي زيارت جو ثواب ائين آهي جيئن ”اوور ٽائيم“ جيڪو نارمل ڊيوٽي واري ڪم کان هميشه گهڻو ٿئي ٿو پر شرط اهو آهي ته پهرين نارمل ڊيوٽي يعني حج، نماز، روزو، وغيره مڪمل ڪري ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڪو صبح جو ڊيوٽي تي نه اچي. شام جو پنجين بجي موڪل مهل اچي چوي ته آءٌ ٿو اوور ٽائيم ڪريان ته هن کي اوور ٽائيم هرگز نه ملي سگهندو.
    اسان جي ايران جي هن ٽوئر جي گائيڊ محمد علي صاحب جي ان ليڪچر جون ڪجهه ڳالهيون مختصر هن ريت آهن.
    * ايران جي هنن زيارتن کان اڳ پنهنجن رٺل مائٽن ۽ دوستن کي پرچائي هلو ته سٺو.
    * سفر ۾ ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ بدران ٻئي جي تڪليف (Share) ڪري ثواب کٽڻ جي ڪوشش ڪريو.
    * عورتن کي کپي ته برقعو يا وڏي چادر اوڍي امام رضا جي روضي تي ۽ ٻين عبادت گهرن ۾ گهڙن.
    * سامان پاڻ سان جيترو ٿي سگهي گهٽ کڻو جو سفر ۾ اهو توهان کي ئي گهلڻو آهي. پنهنجي اکين اڳيان سامان کي بند ڪري تالو هڻو. ٻئي لاءِ سامان کڻي وڃڻ کان گريز ڪيو يا گهٽ ۾ گهٽ ان کي کولي چڱي طرح خاطري ڪريو، ائين نه ٿئي ته ڪو توهان کي نشي واري شيءَ ڏيئي توهان کي ڦاسائي وجهي. ايران ۾ پابندي وارين شين کي آڻڻ جي سزا موت آهي. ايئرپورٽ تي ڪو توهان کي ٿوري دير لاءِ به ڪا شيءَ جهلڻ لاءِ ڏئي ته هرگز نه وٺو ۽ نه ئي ڪنهن جي رکيل شيءَ کي هٿ لايو.
    * پاڻ سان صحيح قسم جي بئگ کڻي هلجو. ڪيترا ماڻهو سفر ۾ پراڻي ڪمزور بئگ کڻي هلندا آهن ۽ پوءِ اها ٽٽڻ تي پنهنجي لاءِ پريشاني پيدا ڪندا آهن. اڄڪلهه بهترين بئگ اها آهي جنهن ۾ ڦيٿا لڳل هجن جيئن اها اوهان کي گهلڻ ۾ آسان ٿئي. محمد علي ٻڌايو ته ايران ۾ ڪيترائي اسان جا پاڪستاني رهن ٿا ۽ پوءِ خير خبر ڪرڻ تي سامان چنبڙايو ڇڏين. هن ٻڌايو ته هن کي هڪ همراهه ڏهه کن ڪلو سامان کڻڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي ۽ ها ڪري ويٺس. ”آخري ڏينهن تي هو جڏهن بئگ کڻي آيو ته ان جو وزن ويهه ڪلو کان به مٿي هو ۽ بئگ وري اهڙي هئي جنهن ۾ ڦيٿا نه هئنڊل. بئگ نه هئي ڄڻ ڇانهين هئي. تالي بدران رسن سان ٻڌل هئي جيڪي کولي ڪسٽم وارن کي چيڪ ڪرائڻي پيئي. سو بهتر آهي ته اهڙي ڪمٽمينٽ کان پاسو ڪجو.“
    * اسان جي هر وقت اها ڪوشش رهي ٿي ته توهان زائرين (مسافرن) لاءِ هر هنڌ سٺو بندوبست رکجي. پر جتي لکين ماڻهن جي اچ وڃ هجي. اتي ڪڏهن ڪڏهن هوٽلن ۽ بسين ۾ بهترين سروس نه ملڻ جي شڪايت رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته اسان طرفان Payment ايئر ڪنڊيشنڊ بس جي ٿيل هوندي آهي. پر ڪنهن سبب ڪري اها نه پهچي سگهندي آهي. هاڻ! ان جي انتظار ۾ اڻ ڄاڻ ڪلاڪ انتظار ڪري وقت برباد ڪرڻ بدران عام بس ۾ ئي وٺي هلڻو پوي ٿو. هڪ ٻيو مثال، هوٽلن ۾ اسان ڪمرا بڪ ڪرايا پر اسان کي تهران کان Connecting فلائيٽ ملڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ مشهد يا ڪنهن ٻئي شهر وقت تي نه پهچي سگهياسين ۽ ساڳي وقت هوٽلن واري وٽ ڪو عرب ملڪ جو امير پهچي ويو ۽ هن اسان جا ڪجهه ڪمرا هن کي ڏئي ڇڏيا ۽ اسان کي اوترا ڪمرا ٻي ڪنهن هوٽل ۾ ڳولڻا پيا جيڪي پهرين واري هوٽل کان اوچا به ٿي سگهن ٿا ته سادا به.
    * ڪوشش ڪري سفر کي Enjoy ڪريو. ڪي اهڙا مسافر به ٿين ٿا. جيڪي معمولي معمولي ڳالهه تي پاڻ به پريشان ٿين ٿا ته ٻين کي به ڪن ٿا ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي ان ملڪ جي سسٽم ۾ شامل آهن. اسين ڪجهه نٿا ڪري سگهون. هڪ يورپي انگلينڊ ۽ فرانس جي ريلن ۾ چڙهڻ بعد پاڪستان ۾ ذڪريا ايڪسپريس جي ڦاٽل سيٽن، لوڏن ۽ وقت تي اسٽيشن تي نه پهچڻ جي شڪايت ڪرڻ تي ڇا اسان جو ريلوي کاتو ان ئي وقت پنهنجين گاڏين کي يورپ جي معيار تي آڻي سگهندو؟ سو اجايو ڪُرڪڻ ۽ ڪنجهڻ سان پنهنجي طبعيت خراب نه ڪريو. ”مون اهڙا ماڻهو به ڏٺا آهن جيڪي جيتوڻيڪ لاڏ ڪوڏ ۾ رهن ٿا پر سفر دوران پيش ايندڙ تڪليف کي درگذر ڪن ٿا ۽ هر شيءِ مان لطف حاصل ڪن ٿا.“ محمد علي ٻڌايو.
    * مشهد ۽ قم جهڙن شهرن ۾، جنهن ڪم، يعني زيارت ۽ عبادت لاءِ هلي رهيا آهيو، ان کي ئي وقت ڏيڻ جي ڪوشش ڪجو. شاپنگ پٺيان وقت وڃائڻ اجايو ڪم آهي. اهي ”ميڊ ان چائنا“ شيون اڄڪلهه جتي ڪٿي ساڳيون آهن بلڪه پاڪستان ۾ توهان کي وڌيڪ سستيون ملنديون. رستي تان لنگهندي ڪا شيءِ توهان کي نظر اچي ٿي وڃي ته اها وٺڻ بهتر آهي. باقي ڪنهن شي جي خريداري لاءِ ان جي ڳولا ۾ سڄو ڏينهن وڃائڻ بيوقوفي آهي.
    * پنهنجي ملڪ کان ٻاهر توهان جي حيثيت پنهنجي ذاتي ناهي پر توهان پنهنجي ملڪ جا سفير آهيو. توهان جو هر سٺو يا خراب عمل توهان جي ملڪ ڏي Reflect ٿئي ٿو. خريداري وقت توهان شيءَ جي قيمت جو اندازو لڳائي ان مطابق دڪاندار کي قيمت گهٽائڻ لاءِ چئو. اسان جي ملڪ جا ڪي ماڻهو قيمت گهٽ ڪرڻ خاطر دڪاندار کي ايڏيون آزيون نيزاريون ڪن ٿا جو دڪاندار اهو سوچي ته هي ڪهڙا مسڪين ۽ فقير اچي نڪتا آهن، هو اهڙي گراهڪ مان پنهنجي جان ڇڏائڻ خاطر، شيءَ جي مور تان به هٿ کڻي، هن کي مفت ۾ ڏيو ڇڏي، جيئن هُو ٽري وڃي.
    * گهر کان ٻاهر، خاص ڪري پرديس ۾، هر اهو کاڌو ملڻ آسان ناهي جنهن جا توهان عادي آهيو. پر ايترو توهان کي ٻڌايان ته ايران انهن ملڪن مان آهي جتي صحتمند ۽ صاف سٿرو کاڌو وڪامي ٿو، پچايو وڃي ٿو ۽ جتي ڪٿي صفائي جو خيال رکيو وڃي ٿو. اسان جي قافلي ۾ ڪجهه اهڙا به مسافر هئا جيڪي اڳ ۾ ايران مان ٿي آيا هئا ۽ اسان جي گائيڊ محمد علي سان ڄاڻ سڃاڻ هين، تڏهن ته محمد علي انهن مان هڪ عورت ڏي اشارو ڪندي چيو ته آنٽيءَ کان پڇو ته سندس گهر جي پويان لاهور جي فلاڻي مٺائي شاپ جي پٺ آهي. ان دڪان ۾ اڳيان گهر ته صاف سٿرو ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ پر پٺيان، جتي انهن جو ڪچن آهي، ڇا گندگي آهي! گند ڪچرو، مکين جا انبار، ڪتا ٻلا ۽ گدلا باورچي نظر ايندا. توهان جيڪر ڏسو ته دڪان تان مٺائي وٺڻ ڇڏي ڏيو. اهو ئي حال اسان جي ملڪ ۾ ٻين هوٽلن ۽ ريسٽورينٽن جو آهي پر ايران ۾ اها ڳالهه ناهي. اتي ظاهري ميڪ اپ ۽ ”شوشا“ بدران اصل ڳالهه صفائي ۽ سٺي شيءَ جي آهي. ننڍين ننڍين هوٽلن جا بورچيخانا ۽ بورچي توهان کي صاف سٿرا ملندا. توهان کي ڪٿي به پاروٿو کاڌو يا ٻاڪري جي نالي ۾ پوڙهين ۽ بيمار ڍڳين جو گوشت نه ملندو. ايران جي حڪومت جو صحت کاتو ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ ان معاملي ۾ بيحد سخت آهي ۽ اتي قانون تي عمل ڪرايو وڃي ٿو. ان ڪري توهان کي ايران ۾ کاڌي جي معاملي ۾ فڪرمند نه ٿيڻ کپي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ايراني ڊشن ۾ اسان وانگر ڳاڙهن مرچن ۽ گرم مسالن جو ايڏو استعمال نٿو ٿئي. بهرحال توهان هڪ ڪم ڪري سگهو ٿا. هتان مرچ مسالن جو داڳ ڪري پاڻ سان کڻي هلو پوءِ اتي جي ڦڪي ٻوڙ ۾ ٿورو ٿورو وجهي کائي سگهو ٿا. يا هتي دٻن ۾ پئڪ ٿيل ٻوڙ ملن ٿا اهي پاڻ سان کڻي هلي سگهو ٿا.
    * ايران جون نه فقط هوٽلون ۽ دڪان صاف سٿرا آهن پر رستا ۽ گهٽيون به گند ڪچري کان خالي آهن. هيڏي عوام جو اڇلايل گند ڪچرو ڪيئن رات اندر صاف ٿيو ٿو وڃي. سمجهه ۾ نٿو اچي! ايران کان پوءِ اڳتي عراق ۽ شام ۾ توهان کي ڪيترن ئي هنڌن تي پنهنجي ملڪ واري گندگي نظر ايندي ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿيندو پر منهنجي توهان کي اهائي صلاح آهي ته توهان سٺا ٽوئرسٽ هجڻ جو مثال قائم ڪجو . جتي ڪٿي گند ڪچرو اڇلائڻ کان گريز ڪجو. چاهي ايران هجي يا عراق ۽ شام.
    * ايران ايڏي ترقي ڪئي آهي جو اتي جون ڳوٺاڻيون عورتون به اسان جي عورتن کي ماڊرن لڳنديون ۽ اهي ايراني عورتون جيڪي واقعي ماڊرن آهن ۽ جيڪي مڙسن سان يا اڪيليون فرانس، جرمني جا چڪر پيون هڻن، اهي ته الائي ڇا آهن. بهرحال اهي ڀلي چڱي طرح پردو ڪن يا نه ڪن، پر سڀ اهو چاهين ٿا ۽ اسان جي عورتن لاءِ به ضروري آهي ته هو پنهنجي جسم کي چڱي طرح ڍڪي هلن جو اسان جو اميج هڪ زائرين جو آهي جنهن کي برقرار رکڻ کپي.
    * مشهد شهر ۾ جتي امام رضا جو روضو آهي اتي هڪ ته اسان رهائش جو بندوبست ويجهو رکيو آهي ۽ امام رضا جي روضي تي توهان ڪنهن به وقت وڃي سگهو ٿا. سڄي رات ماڻهو اچن وڃن پيا ۽ ايران ۾ ڪابه اهڙي بدامني ناهي جو رستي تي ڪو مرد ماڻهو عورتن کي تنگ ڪري، ايران انهن ڳالهين کان آجو آهي. پر ان هوندي به عورتن توڙي مردن لاءِ بهتر آهي ته هو شهر جي سوڙهين ۽ ويران گهٽين مان هلڻ بدران عام ۽ وهندڙ رستن تان هلڻ ۽ عورتون ڳهه ڳٽن جهڙين شين جي نمائش نه ڪن ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته ڪو اسان جي ئي ملڪ جو جيب ڪترو يا بشني، ماڻهن جي گهڻائي ۽ پيهه پيهان مان فائدو وٺي توهان کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري.
    * پان سان عام استعمال جون دوائون جهڙوڪ سور، دستن، ٿڌ، زڪام جون گوريون ۽ خاص دوائون جهڙوڪ بلڊپريشر، ڊائٽبيز، ٿايورائيڊ وغيره جون، پاڻ سان هتان ئي کڻي هلجو.
    * هنڌ بستري جو جتي ڪٿي بندوبست هوندو پر ان هوندي به هڪ چادر پاڻ سان کڻي هلجو جيئن ان مٿان هوٽل جو بلاڪيٽ استعمال ڪري سگهو.
    هن گروپ ۾ جيڪي مون سان گڏ هلي رهيا هئا انهن سڀني جو اهل شيعه سان تعلق هو، بلڪه ڪاروان الحرمين طرفان هن سفر جو بندوبست به اهڙي طرح سان رکيو وڃي ٿو جيئن هو اسان کي گهڻي کان گهڻيون مذهبي جايون ڏيکاري سگهن. سندن طرفان ڏنل پروگرام واري بروشر تي لکيل آهي ته هي سفر هڪ مقدس آهي. پنهنجو پاڻ کي قلبي طور هن سفر لاءِ آماده ڪريو.
    هن سفر کي رب پاڪ جو فضل و ڪرم سمجهي پنهنجو پاڻ کي تيار رکو.
    جيڪڏهن ڪنهن شخص جو توهان تي قرض آهي ته اهو هن کي ادا ڪريو. ماڻهن کان چيو چوايو بخش ڪرايو.
    ٿي سگهي ته هن سفر تي نڪرڻ کان اڳ ٽي ڏينهن روزا رکو.
    سفر دوران ڪنهن به صورت ۾ واجبات کي ڇڏي نه ڏيو.
    نماز وقت جي پابندي سان مسجد ۾ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪجو.
    گلا، غيبت، ڪوڙ، بدگماني، ڪاوڙ، اجائي سجائي ڳالهه ٻولهه يا ٻين اهڙن حرام ڪمن کان پاسو ڪجو.
    سفر جي تڪليف کان پريشان ٿي ڪاوڙ نه ڪجو.
    عورتون پردي جو خاص خيال رکن.
    منهنجي دوست ڪئپٽن مظهر زيدي اسان جي گائيڊ محمد علي کي مون لاءِ ٻڌايو ته آءٌ ڪجهه ڏينهن قم ۽ مشهد شهرن جي جهونين لئبريرين ۾ وقت گذارڻ کان علاوه تبريز، شيراز، ڪرمان ۽ اصفهان به وڃڻ چاهيان ٿو ۽ ڏينهن ٻن لاءِ ايران جي بندرگاهه واري شهر چا بهار جي نيول اڪيڊمي ۾ ليڪچر ڏيڻ پڻ چاهيان ٿو. محمد علي وارا جيڪي نه فقط پاڪ جاين (حج، عمرو، زيارت) لاءِ وٺي هلن ٿا پر مختلف هوائي ڪمپنين جا ٽريول ايجنٽ به آهن. هنن منهنجي ٽڪيٽ کليل ئي رکي. ”ايران جو هوائي جهاز هر اربع تي ڪراچي اچي ٿو.“ هنن ٻڌايو، ”جنهن هفتي توهان موٽڻ چاهيو ان جي اربع ڏينهن تهران جي ايئرپورٽ تي پهچي وڃجو.“
    دراصل پهرين منهنجو خيال هو ته ايران فقط اهي وڃن ٿا جيڪي شيعا آهن، پر اسان جي ڳوٺ هالا کان ايران ويندڙ سڃاڻن ٻڌايو ته ايران هڪ لبرل ملڪ آهي جتي هر ڪو آزادي سان مذهبي، تواريخي، قديمي ۽ ماڊرن جايون ڏسڻ ۽ خريداري لاءِ اچي سگهي ٿو ۽ هاڻ جڏهن پنهنجي ايران وڃڻ جي پروگرام کي پنهنجي هڪ عرب دوست ڪمانڊري عبدالجبار الشهري سان ڳالهه ڪيم ته خبر پئي ته هو به ڪيترا دفعا موڪلن جا ڏينهن گذارڻ لاءِ ايران، مشهد ۽ اصفهان ۾ اچي چڪو آهي ۽ هاڻ اسان ”چا بهار“ جي نيول اڪيڊمي ۾ گڏ ملڻ جو پروگرام ٺاهيو، جتي جا ڪجهه پروفيسر صاحب اسان جي گروپ ۾ هئا جڏهن اسان ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، عالمن سئيڊن مان پوسٽ گريجوئيشن گڏ پئي ڪئي.


    وڃڻ کان اڳ ايران بابت رايو

    ايران وڃڻ به منهنجي لاءِ وڏو تجربو هو. وڃڻ کان اڳ آءٌ عجيب وهمن وسوسن ۾ هوس، ظاهر آهي جنهن مغرب جي دنيا (يورپ ۽ آمريڪا) سان منهنجو واسطو رهيو. اتي ٿي نه ٿو سگهي ته ڪنهن جا ڪن ايران بابت تعريف ٻڌي سگهن. ڇو جو مغرب جي ميڊيا ايران خلاف هر وقت زهر اوڳاڇيندي رهي ٿي. مون کي ته ائين لڳندو هو ته مون کي ايئرپورٽ تان ئي موٽائي ڇڏيندا ته تون سني ٿي ڪري ايران ڇو آيو آهين؟ ڪڏهن سوچيندو هوس ته آءٌ ايران تي سفر نامون لکڻ لاءِ ٿو وڃان جنهن لاءِ فوٽو به ڪڍڻ چاهيندس پر ايران جهڙو ملڪ جنهن لاءِ منهنجي دماغ ۾ اهوئي هو، بلڪ دماغ ۾ وڌو ويو هو ته اهو هڪ ڪٽر قسم جو مسلمان ملڪ آهي جتي جون عورتون سخت پردي ۾ ٿيون هلن. جتي گهٽي ۾ گهٽي ۾ مولوي صاحب واعظ ڪن ٿا، اتي فوٽو ڪڍڻ جي اجازت ڪيئن هوندي.مون کي خيالن خيالن ۾ لڳندو هو ته ايران ۾ ڪنهن عورت يا مرد جو ته ڇا ڪنهن عمارت جو فوٽو ڪڍڻ تي به ايراني مولوي مون کي ورائي ويندا ته فوٽو ڇو ٿو ڪڍين. ڪٿي آمريڪن ايجنٽ ته نه آهين. ڪٿي اسان جي ملڪ جو راز فاش ته نه ڪندين، جيئن اسان وٽ بندرگاهه ۾ ڪئميرا کڻي وڃ ته ورائي ويندا ته فوٽو نه ڪڍ. هي Secret جايون آهن. جيتوڻيڪ جناح برج تان لنگهه ته سڄو بندرگاهه پيو نظر اچي ۽ جنهن کي وڻي سڄي بندرگاهه جي مووي ڀري وٺي.
    اهو به سوچيو ٿي ته منهنجو پاسپورٽ ڏسي (جنهن تي آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جو جيڪي ايران کي صبح شام گاريون ڏين ٿا. ويزائون لڳل آهن) مون کي ته تهران مان ئي نه واپس ڪري ڇڏين. آخر ڇو نه ڪن جڏهن آمريڪا جهڙو ههڙو طاقتور ملڪ (جنهن کي ايران جهڙي ملڪ جي ته پرواهه ئي نه هجڻ کپي) اهو جڏهن ڪنهن مسافر جو ٻڌي ٿو ته هو ايران مان ٿي آيو آهي ته هن کان سندن ڌرتي تي پهچڻ تي ڏهه سوال ڪيا وڃن ٿا. پر تعجب جي اها ڳالهه ته ايران پهچڻ ۽ ايران ۾ رهڻ دوران مون کي ايتري به تڪليف يا رڪاوٽ پيش نه آئي جيتري ڪنهن ٻئي مسلمان عرب ملڪ ۾ ٿئي ٿي، پاڪستان مان وڃڻ وقت يا موٽڻ وقت به ڪافي گهل ٿئي ٿي. هتي ايران ۾ اها به نه ٿي، ڄڻ ڪراچي کان لاڙڪاڻي پهتو هوس. جتان جيڏانهن وڻيم بس، رڪشا، ٽانگي يا ٽرين ۾ آرام سان هليو وڃان. ڪڏهن ڪنهن پاسپورٽ جو به نه پڇيو. ايئرپورٽ مان نڪرڻ ۾ به منٽ ٿي ويا. اميگريشن جو ٺپو هڻڻ واري توڙي Entry ڪرڻ واري جو ڪمپيوٽر خراب نه هو، جيڪا مصيبت اڪثر عرب ملڪ ۾ ٿئي ٿي ۽ پئسنجر ٻگهه پکي وانگر ڪڏهن هڪ ٽنگ تي ڪڏهن ٻي ٽنگ تي بيٺو انتظار ڪري جيسين ڪو فلپينو يا مصري اچي ڪمپيوٽر کي ٺيڪ ڪري ڇو ته عربن کي ته اهي ڪم اچن ڪونه. پر ايراني ان معاملي ۾ تيز آهن. ڪن ڳالهين ۾ هو يورپين کان به تکا آهن. ان ڳالهه جي شاهدي آءٌ به ڏئي سگهان ٿو. جڏهن سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ اسان پوسٽ گرئجوئيشن ڪري رهيا هئاسين ته هي ڪمپيوٽر PC ٽائيپ نوان نوان نڪتا هئا. ٿيسز لکڻ لاءِ تن ڏينهن جا اوائلي پروگرام استعمال ڪبا هئا. ”ورڊ پرفيڪٽ“ انهن ڏينهن ۾ اڃا نڪتو هو، سو به آمريڪا ۾ هو، يورپ پاسي اڃان نه پهتو هو، نه ڪنهن ۾ همت هئي ته اتان cd گهرائي. جنهن جي قيمت انهن ڏينهن ۾ ٽيهه هزار رپيا کن هئي. يونيورسٽي جا ڇهه ايراني اسٽوڊنٽ مون وٽ آيا ته هنن مان هڪ کي اهو پروگرام اچي ٿو ۽ هو ڦوڙي ڪري اها cd آمريڪا مان گهرائين ٿا جنهن ۾ هو مون کي به شامل ڪرڻ چاهين ٿا آءٌ خوش نصيب چئبس جو مون هنن کان سکي ورتو ۽ اسان پنهنجي ٿيسز بهتر نموني سان ٽائيپ ڪري ورتي. جنهن ڳالهه اسان جي يورپي ساٿين کي به حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. بهرحال اڄ جي دور ۾ ته الائي ڪهڙا ڪهڙا پروگرام نڪري پيا آهن ۽ اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي ڪاپي رائيٽ جي سختي ناهي اتي ته 40 رپين کان به گهٽ اگهه تي cd ملي ٿي ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ڳوٺ ڳوٺ ۾ عام ٿي وئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان ۽ عرب ملڪ اڃان به سست رفتاري سان اڳيان وڌون پيا پر انڊيا ۽ ايران ته حيرت انگيز ترقي ڪري ورتي آهي نه رڳو ڪمپيوٽر ۾ پر هر فيلڊ ۾. تڏهن ته ايران جهڙو ننڍڙو ملڪ پاڻ کان طاقتور ملڪن سان اکيون ملائي ڳالهائي سگهي ٿو.
    هوائي جهاز ۾ چڙهڻ وقت مون کي حيرت ٿي جڏهن هوائي جهاز جي در وٽ اسان مسافرن جو آڌرڀاءُ ايراني ايئر هوسٽس ڪيو. مون سمجهيو ته ايران جي جهاز تي مسافرن جو خيال رکڻ يا Save ڪرڻ لاءِ مرد اسٽيورڊ ئي هوندا پر هتي ته عام اڏامن وانگر ايئر هوسٽس ڇوڪريون ئي هيون. ائين به نه ته ڪي پوڙهيون يا چٻيون سٻيون هيون، ننڍيون نيٽيون ۽ بيحد خوبصورت هيون. ايران جا ماڻهو رنگ ۾ يورپين وانگر سفيد ته آهن ئي ڀر ۾ ويٺل رحمت علي به شايد اهائي ڳالهه سوچي رهيو هو جو جيئن ئي ايئر هوسٽس ٽڪيٽون ڏئي وئي ته هن چيو ”جنهن ملڪ ۾ عورتن کي ايئر هوسٽس ٿيڻ جي اجازت آهي ان لاءِ اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته اتي جي عورتن کي گهر ۾ قيد رکيو ويو آهي.“
    رحمت علي به مون واري گروپ سان گڏ ايران هلي رهيو آهي. هي هن گروپ کي قافلو ٿا سڏين ڇو جو ٽيهن ڄڻن جي قافلي جو ايران وڃڻ فقط ان مقصد سان آهي ته اتي جي پاڪ جاين جي زيارت ڪجي. رحمت علي گذريل 14 سالن کان ڪئناڊا ۾ رهي ٿو. کيس ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي ۽ هينئر هو ٻارن ۽ زال سان گڏ ايران هلي رهيو هو. هو به مون وانگر گهٻرايل هو ڇو جو هن جي دماغ ۾ به ايران بابت فقط منفي ڳالهيون ويٺل هيون ۽ هر ان ڳالهه هن کي به مون وانگر حيرت ۾ ٿي وڌو، جيڪا دماغ ۾ پهرين کان ويٺل ڳالهين جي ابتڙ درپيش آئي ٿي. هن ايران جي عورتن بابت اهو ئي سوچيو هوندو ته هو به افغان عورتن وانگر برقعو پائي ٿيون هلن. بلڪ سڄو ڏينهن گهر ۾ ويٺيون آهن. ڪنهن ضروري ڪم لاءِ گهر جي پوڙهي برقعو پائي ٻاهر ئي نڪري ۽ هن جو ڪنهن مرد سان ڳالهائڻ جو ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. پر هوائي جهاز ۾ ايئر هوسٽس ۽ تهران جي ايئرپورٽ تي اميگريشن ۽ ڪسٽمس ۾ اڌ کان وڌيڪ عملو عورتن تي مشتمل ڏسي اسان کي اڃان به وڌيڪ حيرت ٿي. هو تمام سٺي انگريزي ۾ ۽ تمام ڦڙتي سان هر ڪم سرانجام ڏئي رهيون هيون ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ هلڻ ۾ به سمارٽ لڳي رهيون هيون. منهنجو مطلب آهي ته اسان جي ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙ ڇوڪرين وانگر Lazy نه هيون جن سان ڳالهاءِ يا معلومات خاطر ڪجهه پڇ ته ڄڻ ته ڪي بيبيون هجن جن جو ڪم رڳو ڌاڳو شوڪاري ڏيڻ آهي.
    بهرحال اڄ آءٌ خوش هوس جو آءٌ اهڙي ملڪ ڏي وڃي رهيو هوس جيڪو اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي. جيڪو خوبصورت آهي. جنهن ۾ ڪيترائي ولي، اولياءَ، حاڪم شهنشاهه ۽ اديب شاعر ٿي گذريا ۽ جنهن ملڪ آمريڪا جهڙي طاقتور ملڪ کي ڇتو ڪري رکيو آهي.
    اسان جو سفر ايران جي قومي هوائي ڪمپني ايئر ايران جي هوائي جهاز ذريعي ٿي رهيو هو جنهن جو جهاز هر اربع ڏينهن تهران کان ڪراچي هڪ بجي پهچي ٿو ۽ اڍائي بجي ڌاري ڪراچي کان مسافر کڻي ٽن ڪلاڪن جي سفر بعد چئين بجي ڌاري تهران پهچي ٿو. ايران ۽ پاڪستان جي وقت ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جو فرق آهي ۽ تهران جيئن ته ڪراچي کان گهڻي مٿانهين ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهي (اسلام آباد کان به گهڻو مٿي اتر ۾ آهي) ان ڪري اڄڪلهه جي سياري جي موسم ۾ ڪراچي کان اڌ منو ڪلاڪ کن اڳ ۾ سج لهي ٿو. يعني اڄڪلهه ڪراچي ۾ پوڻي ڇهين بجي سج لهي ٿو ته تهران ۾ مڪاني وقت موجب پنجين بجي سج لهي ٿو سو ان ڏينهن اسان جو جهاز جيئن ئي تهران جي ايئرپورٽ تي لٿو ته سج لهڻ تي هو ۽ جيسين اميگريشن ۽ ڪسٽم مان ڪليئر ٿي ٻاهر نڪتاسين ته سج لهي ويو هو ۽ ڪراچي جي مقابلي ۾ ڪافي ٿڌڪار محسوس ٿي رهي هئي. ڪراچيءَ مان نڪرڻ وقت ٻانهن تي رکيل جيڪو سيئٽر ۽ گرم ڪوٽ کائي رهيو هو ۽ اهو پئي سوچيم ته هي اجايو بار کڻي ٿو هلجي، اهو هاڻ وڻڻ لڳو هو ۽ سيئٽر پائي الله جا شڪر ڪيم ته سٺي مت آئي جو کڻي نڪتس نه ته ههڙي سيءُ ۾ گهمڻ جو مزو نڪري وڃي ها ۽ مشهد ۾ ته اڃان به وڌيڪ سيءُ هوندو. مشهد جيڪو اسان جي ايران ۾ پهرين منزل ٿيندو، اهو اڃان به وڌيڪ اتر ۾ آهي. ياد رهي ته ڪراچي 25 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهي، لاهور ساڍن 31 تي، پشاور 34 تي، تهران ان کان به مٿي اتر ۾ 35 ڊگرين تي آهي ۽ مشهد 36 تي، جيئن جيئن مٿي اتر قطب ڏي وڃبو ته (Latitude) وڌندو ويندو ان سان گڏ ٿڌڪار به وڌي ٿي پر ڏينهن جي Daration گهٽبي ويندي جي سياري وارا مهينا آهن ته ۽ جي اونهاري وارا مهينا آهن ته جيئن جيئن اتر ۾ وڃبو ته رات ننڍي ۽ ڏينهن وڏو ٿيندو ويندو. ڊسمبر جي مهيني ۾ سئيڊن جي شهر اسٽا ڪهوم ۾ (جيڪو 60 ڊگرين کان به مٿي آهي) ڏينهن پنج ڪلاڪن جو مس ٿئي ٿو ۽ رات 19 ڪلاڪن جي سنگاپور ۽ ڪوالا لمپور جهڙن شهرن ۾ جيڪي خط استوا (يعني زيرو ڊگري (Latitude)) جي ويجهو آهن. ٻارهوئي، چاهي ڊسمبر هجي يا جون جولاءِ، ڏينهن رات هڪ جيڏا، ٻارهن ڪلاڪن جي لڳ ڀڳ ٿين.
    ڪراچي کان تهران وڃڻ کان اڳ مون اهو معلوم ڪرايو ته جي پنهنجي ملڪ جي هوائي ڪمپني PIA جي ڪا اڏام ويندي هجي ته جيڪر ان ۾ سفر ڪجي. اهو ته چئي نٿو سگهجي ته اسان جا جهاز ايران نه ويندا هجن. مون کي ياد آهي ته اڄ کان ويهارو سال اڳ ملائيشيا جي شهر ملاڪا (جتي جي مئرين اڪيڊمي ۾ اٺ سال کن نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو) ۾ هڪ ٽريول ايجنٽ جي آفيس جي شيشي جي در تي PIA جو هڪ پوسٽر لڳل هوندو هو جنهن تي ايران جي مشهور شاعر عمر خيام جي مقبري جي تصوير لڳل هئي جنهن تي سهڻي چٽسالي ۽ ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي. پوسٽر تي PIA جي اڏام جو لکيل هوندو هو. پر هاڻ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته PIA جي ايران ڏي اڄڪلهه اڏام بند آهي. ان بابت مون کي منهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ خالد مخدوم فون ڪري ٻڌايو.
    ”اڄڪلهه بند آهي! “مون طنز طور ڪندي خالد کي چيو.
    ”ها خبر ناهي ڪڏهن شروع ٿئي. “هن وراڻيو، ”ڪوالا لمپور ڏي اڏام به بند آهي. ٽوڪيو ڏي به بند آهي....“
    ”تڏهن ته مون ظفر خان کي PIA جو چيئرمن ٿيڻ تي مبارڪ ڏيڻ بدران عذر خواهي ڪئي.“ مون چيومانس اسان جو دوست ظفر خان نه رڳو اسان جو انٽر تائين ڪلاس ميٽ هو پر خالد مخدوم جو روم ميٽ به هو. رٽائرمينٽ جي جڏهن ويجهو پهتاسين يعني سٺ سالن جا ٿياسين ته اسان سڀني پوڙهن ۾ ظفر خان سمارٽ ۽ صحتمند هو. ظفر تمام قابل ۽ محنتي ماڻهو آهي پر PIA جنهن تباهه ٿيل حالت ۾ کيس هلائڻ لاءِ ڏني وئي آهي ان ۾ خالد مخدوم کي ڊپ آهي ته ظفر کي هاڻ بلڊپريشر ڄاڻ ته ٿيو. بهرحال خالد جي گهر تي اڃان به مون کي شڪ هو ته PIA جي ايران ڏي اڏام بند ٿيل آهي. پر پوءِ مشهد ۾ اوچتو PIA جي ميئنجر جعفري صاحب سان ملاقات ٿي وئي.
    ”مون ته ٻڌو آهي ته ايران لاءِ PIA سروس بند ٿي وئي آهي.“ مون پڇيومانس.
    ”ها. صحيح ٿا چئو،“ هن وراڻيو، ”ڪافي عرصي کان نقصان ۾ پئي وئي سو بند ڪئي وئي. باقي آفيس ۽ اسٽاف هتي ايران ۾ موجود آهن.“
    خبر ناهي اسان جي قومي هوائي ڪمپني جي ايران لاءِ سروس ڪڏهن شروع ٿئي تيسين مشهد ۽ تهران جي اسٽاف ۽ آفيس جو خرچ حڪومت کيسي مان پئي ڀري جيڪو خرچو ڦري گري اسان عوام کي ٽئڪس ۾ ڏيڻو ٿو پوي.


    پاڪستاني ههڙا پاڳل آهن

    هوائي جهاز رستي جيڪي پاڪستاني زائرين ايران پهچن ٿا، خاص ڪري مشهد ۽ قم لاءِ يا ڪربلا (عراق) وڃن ٿا اهي گهڻو ڪري ايران جي قومي جهاز ران ڪمپني Air Iran ذريعي تهران پهچن ٿا، جتان پوءِ ڊوميسٽڪ اڏامن ذريعي ايران جي مختلف شهرن ڏي وڃن ٿا. يا بس ذريعي ڪربلا پهچن ٿا، جيڪو ٻارهن ڪلاڪن جو سفر ٿئي ٿو. آءٌ پڻ ايئر ايران جي اربع ڏينهن واري فلائيٽ ۾ تهران وڃي رهيو هوس. ان کان علاوه ٻي ڪا Choice به نه هئي جو اسان جي پنهنجي هوائي ڪمپني PIA جا جهاز اڄڪلهه ايران نٿا وڃن،PIA جون گذريل باب ۾ جيتوڻيڪ گلائون ڪري چڪو آهيان پر هن جون ڪي تعريف جوڳيون ڳالهيون به آهن ۽ ڪو زمانو هو جو پي آءِ اي جي ڪري اسان پاڪستانين جو پنهنجي ۽ ڌارين ملڪن ۾ مٿانهون ڳاٽ هو، ڪجهه ڳالهيون جيڪي هن وقت ياد اچي رهيون آهن.
    PIA ايشيا جي ملڪن جي پهرين هوائي ڪمپني آهي جنهن کي سپر Constellation جهاز اڏائڻ جو اعزاز نصيب ٿيو. ان بعد جيٽ ايئر ڪرافٽ به پهرين PIA هلايو.
    * اسان جي هوائي ڪمپني PIA ايشيا جي پهرين ايئر لائين آهي جنهن کي آمريڪا جي FAA (فيڊريل ايوئيشن ايڊمنسٽريشن) ۽ برطانيه جي CAA (سول اويئشن اٿارٽي) طرفان مرمت جو Approval مليو.
    PIA پهرين غير ڪميونسٽ ايئر لائين آهي جنهن کي چين لهڻ جي اجازت ملي ۽ ماسڪو مان ٿيندي يورپ وڃڻ جي موڪل ملي.
    PIA ايشيا جي پهرين هوائي ڪمپني آهي جنهن پنهنجي فلائٽ ۾ بوئنگ 737 ۽ بوئنگ 771 جا جهاز شامل ڪيا.
    PIA پهرين هوائي ڪمپني آهي جنهن جي هوائي جهازن ۾ اڏام دوران فلمون ڏيکاريون ويون.
    * دنيا ۾ PIA پهرين ڪمپني آهي جنهن Scheduled هيليڪاپٽر سروس شروع ڪئي.
    هاڻ توهان پاڻ سوچيو ته PIA جي ۽ ان ڪري اسانجي پاڪستان جي دنيا ۾ ڇا لئه ويٺل هئي. هر ڪو اسان کي وڏو قابل ۽ پڙهيل لکيل سمجهندو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنگاپور، ملائشيا، سري لنڪا جهڙن ملڪن جون هوائي ڪمپنيون توڙي پاڻي جا جهاز اسان پاڪستانين شروع ڪرايا پر اڄ اسان جي ملڪ توڙي هوائي ڪمپني جو اهو حال آهي جنهن لاءِ شاهه جو ”اڳي ائين هئام جو پنهون ڌوتم ڪپڙا“ وارو بيت يا اردو جو کهنڊرات بتاتي هين ڪه، عمارت عجيب تهي“ ياد ٿو اچي.
    PIA جي شروعات پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان هڪ سال اڳ 1946ع ۾ ٿي، جڏهن مرزا احمد اصفهاني جهڙن ڪارخانيدارن ڪلڪتي ۾ اورينٽ ايئرويز نالي هوائي ڪمپني رجسٽر ڪرائي جيڪا پوءِ ڪراچي ٽرانسفر ڪئي وئي. سندس اڏامون ڪراچي، ڍاڪا ۽ ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور هلڻ لڳيون. 1955ع ۾ حڪومت طرفان ٺاهيل نئين قومي هوائي ڪمپني ۾ اورينٽ ايئر لائنز به ملائي PIA جوڙي وئي جنهن جو اڏامون پهرين سال کان لنڊن، قاهره ۽ اٽلي هلڻ لڳيون ۽ 1962ع کان نيويارڪ ڏي به وڃڻ شروع ٿي ويون. 1968ع ۾ جڏهن آءٌ پهريون دفعو بحري جهاز وٺي نيويارڪ پهتو هوس ته انهن ڏينهن ۾ PIA جو نيويارڪ آفيس جو مئنيجر منهنجو هم نام الطاف نالي هو. آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ اسان جي هوائي ڪمپنيءَ جو وڏو نالو هو. اسان جي ملڪ جا هوائي جهاز دنيا ۾ هڪ طرف هلي رهيا هئا ته پاڻي جا جهاز ٻئي طرف. ڪاروبار ايترو سٺو هليو پئي جو اسان جو ملڪ هڪ ٻئي پويان ويو پئي هوائي جهاز ۽ پاڻي جا جهاز خريد ڪندو. ايتريقدر جو اسان وٽ هلائڻ وارا نه پئي مليا. جيسين اسين پاڪستان مئرين اڪيڊمي جا گرئجوئيٽ جهاز جا چيف انجنيئر ۽ ڪپئٽن ٿيون تيسين ڪيترا سال اسان جي ڪيترن جهازن تي انگلينڊ، ترڪي، پولينڊ، جرمني جهڙن ملڪن جا آفيسر نوڪريون ڪندا رهيا. هي اهو زمانو هو جڏهن ملائيشيا، سنگاپور، سري لنڪا جهڙن ملڪن کي نه جهاز هئا ۽ نه تعليمي ادارا. سعودي عرب کان ملائيشيا تائين جا ”نوجوان ڪئڊٽ“ اسان جي نيول اڪيڊمي ۽ مئرين اڪيڊمي جهڙن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندا رهيا ۽ بعد ۾ جڏهن انهن ملڪن پنهنجيون هوائي ۽ سامونڊي جهازن جو ڪمپنيون ڪڍيون ته اسان جي ماڻهن کين شروع ڪري ڏنيون. ڪيترن سالن تائين انهن ملڪن جا نه فقط جهاز اسان جا پاڪستاني آفيسر هلائيندا رهيا پر انهن جي آفيس جا سربراهه به اسان جا پاڪستاني هئا. جن مان ڪيترا ته منهنجا ڪلاس ميٽ ۽ سينئر هئا. جهڙوڪ: ايران جي گوڪل ڪمپني جو چيف انجنيئر انور لوڌي، مسٽر سئٽنا، ظفر زيبري، ڪئپٽن عمران انصاري، ڪئپٽن عرفان فاروقي، ڪئپٽن مظهر زيدي، چيف انجنيئر آصف غيور، ابراهيم شريف، اسلام مصطفيٰ، مرزا اقبال، ڪئپٽن ايم جي سعيد، جنهن اڄ جي سنگاپور جي PIL جهاز ران ڪمپني جو 1968ع ۾ بنياد رکيو، اهڙي طرح ڪئپٽن جلال بيگ سري لنڪا جي ”سيلان ڪارپوريشن“ ٺاهي، جنهن وٽ اڄ اسان کان گهڻا جهاز آهن. بهرحال ستر ۽ اسي جو ڏهاڪو اسان جي اوج ۽ عزت جو دور هو ۽ پوءِ جو اسان جي ترقيءَ جو گراف ڪرڻ لڳو آهي ته ڪرندو وڃي. اهي جيڪي اسان کان سکيا، اهي جن اسان کان گهڻو گهڻو پوءِ جهاز ران ڪمپنيون ۽ مئرين اڪيڊميون کوليون، اهي اسان کان گهڻو گهڻو اڳتي نڪري ويا. اسان پٺيان بيهي انهن کي سڪڻن ٻارن وانگر بيٺا تڪيون. خبرناهي ڪنهن جي نظر اسان جي ملڪ ۽ ان جي ادارن کي کائي وئي آهي.
    ايران جي قومي هوائي ڪمپني جو نالو Iran Air آهي اها پڻ PIA وانگر 1946ع ۾ وجود ۾ آئي. ايران جي ڪجهه بزنيس مين گڏجي هي هوائي ڪمپني شروع ڪئي. جيڪا ان وقت Iranian Airway سڏبي هئي. هن جا جهاز مسافر ۽ سامان کڻي ملڪ جي مختلف شهرن، تهران، مشهد، اصفهان، شيراز وغيره ويندا هئا ۽ هفتي ۾ هڪ فلائيٽ يورپ جي روٽ تي به هلي ٿي. 1954ع ۾ پرشين ايئر سروس (PAS) نالي هڪ ٻي پرائيويٽ هوائي ڪمپني شروع ٿي جنهن جا جهاز 1960ع کانپوءِ ايران جي شهرن کان علاوه لنڊن، جنيوا، پئرس برسلس ۽ فرئنڪفرٽ به هلڻ لڳو.
    1962ع ۾ هي ٻئي هوائي ڪمپنيون ايران ايئر ويز ۽ PAS هڪ ٻئي سان گڏجي هيءَ ايران ايئر نالي ڪمپني ٺاهيائون جنهن جي ”ايئربس 300“ جهاز ۾ اسان ”اولهه-اتر“ جو رخ ڏئي اسان واري بلوچستان صوبي جا شهباز قلات، پنجگور، قلعا خدابدن، واشاپ، دوزاب، قلعا لدگاشت جهڙا شهر يا ڪي ٻيا گذري رهيا هوندا. تهران وڃڻ لاءِ هوائي جهاز پاڪستان جو بلوچستان صوبو لتاڙي پوءِ ايران ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ بام، ڪرمان ۽ يزد شهرن ڏي رخ رکي ٿو ۽ پوءِ اصفهان ۽ قم شهرن مٿان اڏامي تهران پهچي ٿو. مشهد لاءِ جهاز کي وري اوڀر ڏي ۽ ٿورو مٿڀرو اتر ڏي وڃڻو پوي ٿو. بس سمجهو ته جيئن ايران جو شهر زاهدان بلوچستان جي بارڊر جي ويجهو آهي، توهان کي زاهدان واري علائقي ۾ اسان جا ڪيترائي بلوچ ڀائر نظر ايندا. تيئن مشهد، افغانستان ۽ ترڪمنستان جي بارڊر سان مليل هجڻ ڪري اتي نه فقط انهن ملڪن جا گهڻا ماڻهو نظر ايندا پر ڪيترا مڪاني ايراني به افغاني ۽ ترڪماني نڪ نقشي جا ۽ افغاني ۽ ترڪي زبانون سمجهڻ وارا نظر ايندا، هوڏانهن اولهه ۾ ايران جو مشهور شهر تبريز، ترڪي ۽ آذربائيجان ملڪن جي بلڪل بارڊر ڀرسان آهي. تهران جي بيهڪ ان حساب سان وچ واري آهي. دنيا جو خوبصورت ۽ سٺي موسم سٺي ڪناري وارو سمنڊ Caspian جنهن کي فارسي زبان ۾ درياءِ خزر سڏين ٿا، تهران کي ائين ويجهو آهي جيئن ڪراچيءَ کان نوري آباد. ايران جي هن قومي ايئر لائين Air-Iran ۾ جنهن جو سندن فارسي زبان ۾ نالو ”هوا پيمائي ملي ايران“ آهي. اڄڪلهه ڪيترائي ننڍا وڏا ۽ ماڊرن جهاز شامل آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ جي مختلف شهرن کان علاوه دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ اچن وڃن ٿا. آمريڪا ۽ يورپ طرفان لڳندڙ Sanctions (سختين) جي باوجود ايران ڪيئن اڏول آهي. ڪيئن پر عزم آهي، ڪيئن هو هر راهه تي ترقي ڪري رهيو آهي اها دنيا لاءِ حيرت جوڳي ڳالهه آهي ۽ اسان جهڙا ماڻهو ان مان اتهاس (Inspirantion) ۽ سبق حاصل ڪري سگهن ٿا. بقول اسان جي هڪ آسٽريليا جي دوست جي (جيڪو ايران مان تمام گهڻو متاثر آهي) جيڪو چرچي چرچي ۾ اسان پاڪستانين کي چوندو آهي ”ايران جهڙو ملڪ توهان جي پاڙي ۾ آهي. ان کي ڏسي به نٿا سڌرو!“
    ايران ۾ هن ”ايئر ايران“ هوائي جهاز ڪمپني کان علاوه ٻيون به ڪجهه پرائيويٽ ڪمپنيون آهن جيئن ته ”ماهان ايئر“ جنهن جا هوائي جهاز اندرون ملڪ ۽ ٻاهر اچن وڃن ٿا. جيئن اسان وٽ شاهين، ايئرو ۽ بلو لائين جهڙيون هوائي ڪمپنيون آهن. پر ايران جي هن ڪمپني ماهان (Mahan) وٽ ويهن کان مٿي جهاز آهن.
    ايران ۾ هڪ ٻي هوائي ڪمپني Kish Air نالي پڻ آهي جيڪا 1989ع کان شروع ڪئي وئي. هن ايئر ڪمپني جي سٺي ڳالهه اها آهي ته اها، ايران جي ڪجهه تعليمي ادارا به هلائي ٿي. اسان واري هوائي جهاز ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ايئر هوسٽس کان پڇيم ته هنن سٺي انگريزي ڳالهائڻ ڪٿان سکي آهي ته هن ڪيش ايئر جي انسٽيٽيوٽ بابت ٻڌايو. ڪيش ايئر وارن جا تعليمي ادارا پنهنجي جهازي ڪمپني وارن کي انگريزي سيکارڻ لاءِ کوليا هئا پر سٺي معيار ڪري هن مان هر اداري جا ماڻهو انگريزي سکن ٿا. ايران ايئر جي هن ايئر هوسٽس ٻڌايو ته ”ڪيش ايئر وارن وٽ ٻارهن کن جهاز آهن ۽ ٽوٽل ڪم ڪندڙ (Employees) 310 آهن.“ ڪم ڪندڙن جي حساب سان ڏٺو وڃي ته اسان جي PIA سڀ ۾ امير ترين آهي جنهن جا جهاز جهونا ٿي گوڏن ڀر بيٺا آهن، ڪيترن ئي شهرن ڏي ويندڙ اڏامون بند ڪيون ويون آهن پر PIA ۾ پگهار وٺندڙ نوڪرين وارا 19300 جي لڳ ڀڳ آهن ۽ هن ايئر ايران ڪمپني ۾ جنهن ۾ اسين تهران وڃي رهيا آهيون، 7500 ماڻهو Employees ڪم ڪن ٿا.
    ايران جي هڪ ٻي هوائي ڪمپني SAHA ايئر نالي پڻ آهي جنهن جي بوئنگ 300-707 هوائي جهازن جو حادثو 20 اپريل 2005ع تي تهران جي پراڻي هوائي اڏي مهرآباد تي ٿيو هو. جهاز جي لهڻ (Landing) وقت جهاز جي گيئر يا شايد ڦيٿو ڦاسي پيو هو. جهاز مقرر ٿيل رفتار کان وڌيڪ رفتار ۾ لهي رهيو هو ۽ رن وي جي ٻي ڇيڙي تان به ٽپي وڃي ڍنڍ (Creek) ۾ پيو هو ۽ مسافرن کي ڪڍڻ دوران ٻه مسافر ۽ هڪ جهاز جو Crew ٻڏڻ ڪري مري ويا هئا.
    بهرحال ايئر ايران جي هن جهاز ۾ سفر سک ۽ شانتي سان گذريو مون کي حيرت ٿي ته جهاز ۾ مسافرن کي جيڪا ماني ڏني وئي اها اسان جي جهازن کان ته سٺي هئي پر امارات جي جهازن کان به سٺي هئي، جن جي ماني لاءِ چوندو هوس ته سڀ ۾ بهتر آهي پر هاڻ ايران جي جهازن جي ماني ۽ سروس پڻ بهتر لڳي. اڳتي تهران کان مشهد جيڪا ڪلاڪ کن جي مسافري ڪا مس هئي. ان ۾ سئنڊوچ ۽ Snacks ڏنائون، اهي به لذيذ هڪ طرف هئا ته مقدار ۾ به گهڻا هئا. ڪافي يا چانهه کان علاوه جيوس جو دٻو ۽ پستن جو پاڪيٽ پڻ سڀني کي ڏنائون. مانيءَ مان جيڪو بهترين هڳاءُ (خوشبوءَ ) آئي پئي. ان لاءِ منهنجي ڀر ۾ ويٺل ڪئناڊا جي پاڪستاني رحمت علي چيو ته اها خوشبو زعفران جي آهي. ”ايران ۾ زعفران ۽ پستا تمام گهڻا ٿين ٿا.“ رحمت علي ٻڌايو، ”مون کي ڪيترن دوستن ايران مان زعفران آڻڻ لاءِ چيو آهي.“ هن کان اڳ مون سمجهيو ته زعفران فقط اسپين ۾ ٿئي ٿي. جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ جڏهن به اسپين جي بندرگاهه بارسلونا يا ڪئناري (Canary) ٻيٽن تي وڃڻ ٿيندو هو ته سنگاپور جي هڪ واقفڪار هندو سنڌي فئملي ڀوڄواڻي (هرڪشن) مون کي هميشه هنن لاءِ زعفران آڻڻ لاءِ چوندو هو. پستا ڏوڏين سميت ته اسان جتي ڪٿي ڏٺا آهن. جيڪي خشڪ ميوي Dry Fruit ۾ شامل آهن ۽ جي اهو ڊراءِ فروٽ آهي ته تازا پسته (فريش فروٽ) ڪهڙو ٿيو؟ اسان مان ڪيترن اهو نه ڏٺو هجي. مون به هتي ايران ۾ اچي پهريون دفعو ڏٺو. اسان جي گروپ جي هڪ ساٿي سجاد مُکيءَ، جڏهن به بس ٻهراڙي مان هلي ٿي ته هن اتان ورتو ٿي. هو ڪيترائي دفعا ايران، عراق ۽ شام اچي چڪو آهي ۽ هن کي ان جي ڄاڻ هئي جو جيئن ئي مشهد جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ نڪتاسين ته هن اهي تازا پستا وٺي اسان کي کارايا. هنن جو سواد ساڳيو ٿئي ٿو پر انهن جي مٿان ٻن حصن ۾ سخت ( Cover )ڏوڏي هجڻ بدران نرم ۽ آلي کل ٿئي ٿي جنهن اندر پستو ڍڪيل رهي ٿو ۽ اها کل ٿوروئي نهن هڻڻ سان ڇڄيو پوي.
    هن سفر ۾ هڪ بدمزدگي ضرور ٿي. ماني کائڻ بعد اسان جي اڳيان ويٺل، هڪ پاڪستاني مسافر، سگريٽ دکائي ڇڪڻ لڳو. اڄڪلهه ننڍي سفر واري هر هوائي جهاز ۾ سموڪنگ تي بندش آهي. ڊگهين ڊگهين ڏهه ٻارهن ڪلاڪن جي مسافري واري اڏامن ۾ سگريٽ ڇڪڻ لاءِ جهاز جي هڪ ڪنڊ، خاص ڪري ٽئاليٽ ڀرسان مقرر ڪئي وڃي ٿي. سگريٽ جي پهرين ئي ڪش سان زعفران ۽ موتئي جي هٻڪار ۽ نيراني هير جهڙي ٿڌڙي جهاز جو ماحول ڄڻ ته ڏنگجي پيو. ”دونهون نظر پيو اچي.“ ڪنهن چيو: ”سگريٽ جي ڌپ پئي اچي.“ منهنجي ڀرسان ويٺل ڪئناڊا ۾ رهندڙ رحمت چيو، ”لڳي ٿو ڪو سگريٽ پيو ڇڪي.“
    ۽ اهو ”ڪو“ سگريٽ ڇڪڻ وارو خبر پيئي ته اسان جي اڳئين قطار ۾ منهنجي بلڪل اڳيان ويٺو هو. ايئر هوسٽس به وڏي دير کان پوءِ ڳولهي لڌس. ايئر هوسٽس کيس سگريٽ وسائڻ لاءِ چيو پر هن ڄڻ ته ايئر هوسٽس کي نه ڏٺو نه ٻڌو. نٺر ٿي ٻيو ڪش هنيو. ايئر هوسٽس وئي سا اسٽيوورڊ مرد کي وٺي آئي. ان اچي هن مسافر کي سگريٽ ڇڪڻ کان منع ڪئي پر هن وسائڻ بدران هٿ جي مٺ ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ اسٽيوورڊ جهڙو ئي مڙيو ته هن وري ڪش هنيو. اسٽيوورڊ ڏسي ورتس ۽ ڪاوڙ مان چيس ته سگريٽ وساءِ نه ته هاڻ هٿ ڪڙيون هڻندو سانءِ ۽ هو هٿن سان هٿ ڪڙين جا اشارا ڪري اڳيان پائلٽ واري ڪاڪ پٽ طرف تکو تکو وڌيو. اسان واري فلمي هيري جو ساهه سڪي ويو. يڪدم سگريٽ وسائي شريف ماڻهو ٿي ويهي رهيو.
    مون وانگر ٻين پاڪستانين کي به ضرور ڏک ٿيو هوندو ۽ هنن به اهوئي سوچيو هوندو ته هڪ مڇي سڄي حوض کي خراب ڪري ٿي. جهاز جو ايراني ڪئنم ڪريو توڙي اوسي پاسي ۾ ويٺل ايراني مرد ۽ عورت مسافرن، اسان لاءِ ڪيڏو غلط امپريشن ورتو هوندو. هڪ ماڻهوءَ جي خراب ڪم سان سڄو ملڪ بدنام ٿيو وڃي. هي ايراني ماڻهو گهر وڃي ائين هرگز نه چوندا ته فلاڻي يا فلاڻي نالي واري جهاز ۾ هينئن چريائپ ڪئي پر اهو ئي چوندا ته پاڪستاني ههڙا پاڳل آهن.


    بندر روڊ گلاب جي پاڻي سان ڌوتو ويو ٿي

    ايران جي سٺين ڳالهين مان هڪ سٺي ڳالهه اها به آهي ته هتي يورپ وانگر دڪان صبح جو سوير ئي کليو وڃن! نه رڳو کير ڊبل روٽي وارن جا پر هر شيءَ جا. ويندي ڪپڙن، ٿانون، اليڪٽرڪ جي سامان جا، فوٽو گرافرن واڍن، درزين جا. اسان وٽ يارهين ٻارهين بجي دڪان کلن، معنيٰ ڪا شيءَ وٺڻ لاءِ آفيس يا فيڪٽري ڇڏي اچجي، ان وقت ٽرئفڪ به جئم رهي ٿي. پنجن منٽن جو فاصلو اڌ ڪلاڪ ۾ پورو ٿئي ٿو ۽ گاڏي پارڪ ڪرڻ جو مسئلو الڳ. هتي ايران ۾ ڪنهن آفيس واري کي پنهنجي لاءِ يا گهر ٻارن لاءِ ڪجهه وٺڻو آهي ته صبح جو ستين بجي ئي خريد ڪري پوءِ اٺين بجي آفيس وڃي. مشهد ۽ قم جهڙن شهرن ۾ ته مڪي، مديني، هردوار، بنارس، پينانگ ۽ هانگ ڪانگ وانگر خبر ناهي ڪيڏي مهل دڪان کلن ٿا ۽ ڪيڏي مهل بند ٿين ٿا. يا شايد بند ئي نٿا ٿين. جنهن وقت هوٽل کان ٻاهر نڪر ته دڪان کليا پيا آهن. ماڻهن جي چهل پهل ۽ گهوريئڙن جي هوڪن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. قم جي بازار قم، بازار سجل يا مشهد جي بازار امام رضا نه ڏس يا ننڍين سوڙهين گهٽين واريون بازارون نه ڏس. هر وقت مردن کان وڌيڪ عورتون نظر اينديون. ان جي معنيٰ ته امن امان جي حالت تمام سٺي آهي جو سڄي رات ماڻهو امام علي رضا جي روضي ۽ مسجد گوهر شاد ۾ پيا وڃن ۽ واپسي تي بازارين مان خريداري پيا ڪن.
    مون کي صبح جي وقت پنهنجي اسٽائيل جي چانهه جي سخت ٻاڙ لڳندي هئي پر اهي مزا پنهنجي ملڪ ۾ آهن يا وري هندستان ۾. اسان وٽ توڙي انڊيا جي ڳوٺ ڳوٺ جي هر هوٽل ۾ چانهه لاءِ کير جو هنڍو چڙهيو پيو هوندو ۽ آيو ويو دُود پتي جو ڪوپ يا گلاس پي پوءِ آفيس يا مارڪيٽ پيو ويندو. پيٽ ۾ ڀلي کڻي ان جا ٻه گراهه به نه هجنس. اهو به چڱو جو ايران جي هوٽلن ۾ هر فلور تي هڪ ننڍڙو ڪچن آهي ۽ ڪيترين هوٽلن جي ڪمرن ۾ به هڪ ننڍڙو چلهو ڏنل آهي. جنهن تي هرڪو چانهه ٺاهڻ کان علاوه هلڪو ڦلڪو رڌ پچاءُ به ڪري سگهي ٿو. اڄڪلهه دُود پتي چانهه ٺاهڻ لاءِ فريش کير وٺي اچڻ جي به ضرورت ناهي. ڪيترن ئي قسمن جا پائوڊر کير ۽ ڪافي ميٽ نڪري پيا آهن جن سان دُود پتي نموني جي چانهه ٺاهي سگهجي ٿي. مون به پاڻ سان لپٽن چانهه جون ٿيلهيون ۽ نيسلي جو 400 گرامن جو ”ايوري ڊي“ کير جو پائوڊر ۽ هڪ Evaporated کير جو دٻو وٺي رکيو. جنهن نموني جي چانهه تي دل چيو ٿي ٺاهي پيتم ٿي. ملائيشيا ۾ چانهه بدران ڪافي عام آهي ۽ جتي جتي چانهه ملي ٿي اها Condensed مٺي کير مان هڪ چاش جهڙي مٺي چانهه ٺاهي وڃي ٿي.
    ايران ۾ جتي ڪٿي سليماني چانهه، يعني ڪاري چانهه هلي ٿي. هي ان ۾ کنڊ ملائي پيئڻ بدران کنڊ جو ڪيوب جنهن کي فارسي ۾ قند سڏين وات ۾ جهلي چانهه جو ڍڪ ڍڪ ڀرين. کنڊ جي ڪيوب کي وات ۾ اهڙي طرح سان پاسي کان رکن جيئن ان مان ضرورت مطابق چانهه جي ڍڪ سان مٺاڻ ڳري. يورپ ۾ مون سان گڏ جيڪي ايراني رهندا هئا اهي يونيورسٽي جي ڪنئٽين ۾، توڙي سندن ٻار گهرن ۾ اهڙي طرح چانهه پيئندا هئا. ڪيترا ايراني جن سان منهنجو ٻه سال سئيڊن ۾ واسطو رهيو رات جي ماني گجراتين (انڊيا جي صوبي گجرات جي ماڻهن) وانگر مٺي (Sweet Dish) سان شروع ڪن.
    ايران ۾ صبح ساڻ مردن ۽ عورتن جي وڏي رش ماني (نان) خريد ڪرڻ ۾ نظر ايندي، ايران ۾ اٽو حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهي. هر شهر جي گهٽي گهٽي ۾ سرڪاري بيڪريون آهن جن تي مختلف قسمن جا سنها، ٿلها، ڊگها، گول، سادا، ترن وارا نان ٺهن ٿا، جيڪي هر ڪو قطار ۾ بيهي خريد ڪري ٿو. ان ڳالهه کي مغرب جي پريس تنقيد هيٺ آڻي ٿي پر اسان جي ملڪن وانگر ايران ۾ اٽي جي کوٽ يا ان جو اگهه غريب جي پهچ کان ٻاهر ته نٿو نڪري، پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جيڪو ائگريڪلچرل ملڪ آهي جتي اناج جي پوک ۾ ڪڻڪ آساني ۽ گهڻائي ۾ پوکي وڃي ٿي. اتي ڇلر جهڙو نان به چار رپيا ٿي ويو آهي ۽ هتي ايران ۾ اسان واري سادي نان کان ڊيگهه ۾ ٽيڻو نان پاڪستاني ٻن رپين ۾ آهي. ان بعد ٻيا ترن ۽ گيهه ۾ پچايل ٿلها نان آهن جن جي قيمت ڪجهه وڌيڪ آهي، سو هڪ غريب کي پنج منٽ کن قطار ۾ بيهڻو پوي ٿو پر هن جو ٿورن پئسن ۾ روزانو پيٽ ته ڀرجي وڃي ٿو. ڪيترائي ماڻهو سوير ئي قطار ۾ بيهي ٽيهه چاليهه نان خريد ڪري انهن بيڪرين اڳيان روڊ تي ويهي ڪجهه وڌيڪ پئسن ۾ وڪڻن ٿا. حڪومت ان ڳالهه کي پسند نٿي ڪري ۽ رکي رکي ڇاپا به لڳندا رهن ٿا پر ان مان اهو فائدو ضرور آهي ته اهي ماڻهو جيڪي امير آهن ۽ اهي جيڪي وقت جو بچاءُ چاهين ٿا اهي اتان فٽ پاٿ تان وٺيو وڃن، جنهن سان غريب وڪڻندڙن جو روزگار پڻ ٿيو وڃي ۽ خريدار کي ٻن رپين بدران ٽن رپين ۾ به سستو پوي ٿو. ٻي ڳالهه ته مختلف گهٽين جي بيڪرين ۾ مختلف قسم جا نان ٺهن ٿا. سو ڪنهن کي جي ٻن يا ٽن قسمن جا نان وٺڻا آهن ته هو هڪ بيڪري اڳيان قطار ۾ بيهي پوءِ ٻئي قسم جي نان لاءِ ٻي گهٽي جي بيڪري جن وٽ هر قسم جا نان ٿين ٿا. هو مختلف گهٽين جي بيڪرين مان مختلف قسمن جا نان خريد ڪري هڪ هنڌ اچيو وهن جتان واٽهڙو توڙي گاڏين وارا لنگهندي خريد ڪري سگهن ٿا.
    نان دراصل فارسي لفظ آهي جيڪو اسان جي ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي زبانن ۾ جذب ٿي ويو آهي. نان معنيٰ ماني، جنهن مان ٻيا فارسي جا لفظ جيڪي گهٽ ۾ گهٽ سنڌي، اردو، پنجابي ۽ ملئي زبانن ۾ ڪتب اچن ٿا. هن ريت آهن، ناندان يعني نان ۽ کاڌي رکڻ جو ڄاري وارو ڪٻٽ، نان ختائي- مٺو بسڪيٽ، نانوائي معنيٰ نان ٺاهڻ وارو (بورچي)، نان فروش معنيٰ نان وڪڻڻ وارو وغيره پر مشهد ۾ مڪاني ماڻهو نان کي نون سڏين ٿا.
    اڄڪلهه ايران جون مارڪيٽون به چيني شين سان ڀريون پيون آهن، جن جي خريداري ايران جي ڳوٺن کان آيل زائرين ڪن ٿا يا اوسي پاسي جي ملڪن افغانستان، آذربائيجان، ازبڪستان، آرمينستان ۽ ترڪمنستان جهڙن ملڪن کان آيل زوار ڪن ٿا. اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ اسان جا پاڪستاني ان قسم جا ٽيپ رڪارڊر، ڪئلڪيوليٽر، واچون، گڏيون ۽ ٻيا رانديڪا، پينون ۽ ٻيو فئنسي اسٽيشنري جو سامان، ايمرجنسي ٽارچون ۽ ٽيليفون پيس، مڪي، مديني، هانگ ڪانگ، دبئي ۽ سنگاپور جي بازارين مان وٺي ايندا هئا پر هاڻ اهي شيون ڪراچي جي جمعي ۽ آچر بازارين،گارڊن، بولٽن مارڪيٽ ۽ موتنداس مارڪيٽ ۾ اڃان به سستيون ۽ کوڙ ملن ٿيون. ان ڪري پاڪستانين جي هتان ايران مان هڪ محدود قسم جي خريداري نظر اچي ٿي. مرد ته ڪجهه به نٿا ڪن باقي عورتون برقعي بدران اوڍڻ جون چادرون ۽ مٿي ڍڪڻ لاءِ حجاب جنهن کي هتي روسري سڏين، خريد ڪن ٿيون. سٺي چادر گهڻو ڪري ڪارن يا ناسي گلن واري يا هڪ ئي ڪاري رنگ جي چئن کان نَونَ هزار تُمن ۾ ملي ٿي يعني ٽن کان ڇهن سو رپين ۾.
    پاڪستان جو هڪ رپيو ايران جي 15 تُمن 150 ريالن برابر آهي ايران جي نوٽن تي تُمنن بدران ريال لکيل آهن يعني نو هزار تُمن واري چادر وٺڻ لاءِ توهان کي نوي هزار ريال ڏيڻا پوندا. يعني هڪ لک ريالن جو نوٽ ڏيندائو ته دڪاندار چادر سان گڏ ڏهه هزار ريالن جو نوٽ توهان کي واپس ڪندو. مٿي کي ڪور ڪرڻ لاءِ ايراني نموني جا حجاب ڏيڍ هزار کان ٽن هزار تُمنن (يعني هڪ سو کان ٻه سو رپين) ۾ تمام سٺا ملن ٿا.
    چادرن ۽ حجابن کان علاوه ٻي خاص شيءِ جيڪا پاڪستاني خريد ڪن ٿا اها زعفران آهي. ائين ته ايران جو ڊراءِ فروٽ- خاص ڪري پستا تمام مشهور آهن جيڪو عرب ۽ آفريڪا جي ملڪن جي ماڻهن خوب خريد ڪيو ٿي پر اسان جي ماڻهن ان ڪري نه جو اهي شيون، پستا، بادام، اخروٽ ويندي ڪشمش ۽ ڀڳڙا اسان وٽ به تقريباً ان اگهه تي ملن ٿا. هتي ٻه اکر زعفران جنهن کي انگريزي ۾ Saffron ۽ ننڍي کنڊ ۾ قيصر به سڏين ٿا لکڻ بي محل نه ٿيندو .هن جو مان ۽ بلند درجو ايامن کان نه فقط اسان جي ننڍي کنڊ ۾ آهي پر جپان، چين، ڪوريا ۽ ملائيشيا کان مصر ۽ موراڪو تائين آهي ۽ هاڻ ته ڪجهه صدين کان يورپ ۽ ويندي آمريڪا تائين، زعفران جي ناموس آهي. ايتريقدر جو زعفران انڊيا، ايران ۽ موراڪو کان وڌيڪ يونان، اٽلي ۽ اسپين ۾ پوکي وڃي ٿي. زعفران کي دنيا ۾ The Golden Spice سڏجي ٿو. زعفران سڀ کان گهڻو خوشبوءَ لاءِ کاڌن ۾ ۽ ٻئي نمبر تي دوائن ۾ ڪم اچي ٿي. چين، جپان، انڊيا جي ڪيترين قومن ۾ اهو وهم ويٺل آهي ته جيڪا ڳورهاري عورت Expectant Mother کير ۾ زعفران ملائي پيئي ٿي ان جي ٻار جي چهري جي سونهن سوڀيا بهتر ٿيو پوي.
    زعفران سنهڙي ڪکن بلڪ ڌاڳن جهڙي گيڙو رنگ جي ٿئي ٿي جيڪا گلن جي مٿان وچ ۾ ٿئي ٿي. اهو گل سئفران ڪروڪس سڏجي ٿو. جنهن جو سائنسي نالو Crocus Sativa آهي. ننڍي کنڊ ۾ اهو جمعون ۽ ڪشمير ۾ ٿئي ٿو. هر گل مان زعفران جا ٽي چار انچ ڏيڍ جا ڌاڳا نڪرن ٿا جيڪي سڪايا وڃن ٿا. بارسلونا (اسپين) جي دڪان تان آءٌ دوستن لاءِ زعفران خريد ڪندو هوس ان جي مالڪ هڪ دفعو اسان جي جهاز جي سڄي عملي کي پنهنجي سئفران ڪروڪس گلن جي پوک به ڏيکاري. هن ٻڌايو ته هڪ سو گرام (يعني هڪ ڪلو گرام تور جو ڏهون حصو) زعفران حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه هزارن کان ست هزار گل ٿا کپن! ان ڪري زعفران دنيا جو مهانگي ۾ مهانگو مصالحو (Spice) سڏيو وڃي ٿو. هن ٻڌايو هو ته زعفران جي اصل ڌرتي ايران وارو خراسان صوبو آهي. جنهن ۾ هي شهر مشهد به اچي وڃي ٿو. هڪ ڏينهن مشهد کان ٽئڪسي ذريعي نيشاپور وڃي رهيو هوس (جتي عمر خيام ۽ فريدالدين عطار جهڙن جا به مقبرا آهن) ته رستي تي قدمگاهه کان اڳ ملڪ آباد نالي هڪ ڳوٺ آيو جتان منهنجي ٽئڪسي ڊرائيور گاڏي بيهاري سائلنسر جو پائيپ ويلڊ ڪرايو. هي ٻهراڙي وارو علائقو هو جتي جي ريسٽورنٽ ۾ ويٺل ڳوٺ جي هارين ٻڌايو ته هنن جو سفر گذر زعفران تي آهي. ”هاڻوڪي صدر محمود احمد نزاد کان اڳ کين سندن فصل جا تمام ٿورا پئسا ٿي مليا. وڏو فائدو وچ وارا دلال کائي ويندا هئا پر هاڻ حڪومت اسان کان سنئون سڌو زعفران خريد ڪري ٿي ۽ اسان کي ان جو وڏو اگهه مليو وڃي ۽ هاڻ اسان تمام گهڻو خوش آهيون.“
    مون واري ڊرائيور جنهن ترجمي جو به ڪم ڪيو ٿي تنهن هنن هارين جي ڳالهه ترجمو ڪندي ٻڌايو ته زعفران جي پوک تي وڏي محنت ٿي گهرجي. ”هن صوبي خراسان کان علاوه ڪرمان ۾ به ڇهه هزار کن هيڪٽرن تي زعفران اونهاري ۾ گرم ۽ خشڪ ته سياري ۾ ٿڌ واري موسم زعفران جي پوک لاءِ بهتر آهي.“ زعفران جي پوک لاءِ ڌرتي جو سڌو ۽ بنا وڻن جي هجڻ ضروري چيو وڃي ٿو جيئن سج جا ڪرڻا سڌا پون. هن ٻڌايو ته ايران جا هاري زعفران جي پوک ۾ ڪوبه ولائتي ڀاڻ Fertilizer استعمال نٿا ڪن يعني هنن جي پوک سو سيڪڙو Oraganic آهي.
    ”زعفران جي پوک ۽ لڻائي تمام گهڻي محنت طلب ۽ ڏکي ٿئي ٿي. جنهن لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن جي ضرورت آهي،“ هن ٻڌايو، ”لڻائي وقت هڪ هڪ گل ڪري پٽجي ٿو ۽ ان مان هي خوشبوءَ وارا زعفران جا ڌاڳا Stigmas ڪڍجن تا. هي ڪم صبح جو سوير سج اڀرڻ کان اڳ ڪيو وڃي ٿو ۽ گلن جو صحيح طرح کڙڻ جو مدو فقط 15 کان 20 ڏينهن تائين رهي ٿو.“
    گلن مان زعفران جا هي ڌاڳا Stigmas ڪڍڻ بعد انهن کي ڇانوري ۾ اهڙي هنڌ سڪايو وڃي ٿو جتي ڪجهه تپش ۽ خشڪ هوا هجي. اهي پنجن کان ستن ڏينهن تائين سڪايا وڃن ٿا، ان بعد انهن کي پئڪ ڪيو وڃي ٿو.
    ايران ۾ هڪ ڳالهه سٺي آهي ته هتي جي ٻهراڙين ۾ ملائشيا ۽ پنجاب وانگر (جتي جي ڳوٺاڻي آدم شماري پڻ سو سيڪڙو مسلمانن جي آهي) مرد هارين سان گڏ سندن زالون ۽ ڌيئرون به ڪم ڪن ٿيون. اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪو ڦٽين جو چونڊو وغيره هارين جو زالون ڪنديون هيون اهو به هاڻ پئسا ڏيئي ڏهاڙي جي باگڙي مزورن ۽ انهن جي زالن کان ڪرائين ٿا ان کان علاوه اڄڪلهه جي ٽي وي چئنلن ۽ ڪئبلن ڪري اسان جي سنڌ جي هاريءَ کان پره ڦٽيءَ کان اڳ اٿيو نٿو ٿئي. رات جو دير تائين ٽي وي ڏسي سمهڻ ڪري هن جي جڏهن صبح جو اک کلي ٿي ته پاڇا مٿي چڙهي چڪا هوندا آهن. ان گهٽ ( Input)محنت ڪري فصل جي Output ۽ ڪمائي ۾ ڪافي کوٽ اچي ٿي T.v وغيره جيتوڻيڪ هتي ايران ۽ هوڏانهن ملائشيا ۾ پڻ آهي. پر اتي جو هاري ۽ ڳوٺاڻو اڄ به سوير سمهي ٿو ۽ سوير اٿي ٿو.
    بارسلونا (اسپين) جي مٿئين دڪاندار ۽ زعفران جي پوک جي ان زميندار ٻڌايو ته زعفران جي پوک سندن ملڪ اسپين ۾ عرب مسلمانن سن 961ع ڌاري شروع ڪئي.
    اهڙي طرح دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ زعفران جي پوک عام ٿي. اڄڪلهه آمريڪا ۾ رهندڙ ايراني ڪئليفورنيا رياست ۾ زعفران پوکڻ جو تجربو ڪري رهيا آهن. بهرحال هر ملڪ ۾ اتي جي ڌرتي Soil ۽ موسم بابت ڪجهه مختلف رنگ ۽ خوشبوءَ سان زعفران ٿئي ٿي پر بنيادي طرح معياري طور هر ملڪ جي زعفران کي خراسان (ايران) جي زعفران سان ئي ڀيٽو وڃي ٿو.
    انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ زعفران ڪپڙا رڱڻ جي به ڪم اچي ٿي جو هن ۾ Crocin نالي ڪيميڪل آهي جيڪو رنگ جي ڪم ٿو اچي. پراڻي زماني ۾ انڊيا ۾، خاص ڪپڙا زعفران سان رڱيا ويندا هئا. گوتم ٻڌ جي مرڻ کان پوءِ هن جي ٻارن پنهنجن ڪپڙن جو زعفراني (گيڙو) رنگ مقرر ڪيو.
    زعفران مصالحي توڙي رنگ ۽ خوشبوءَ طور قديم زماني کان هلندي اچي. ڪلوپيٽرا جي ڪهاڻي پڙهڻ وارن کي خبر هوندي ته هوءَ زعفران مليل پاڻي جي ٽب ۾ وهجندي هئي. مصر جا حڪيم بادي، قبضي ۽ دستن جهڙين بيمارين جو علاج زعفران سان ڪندا هئا. يونان جا شهنشاهي محل، ڪورٽون، ٿيٽر ۽ ناچ جا ڪمرا زعفران سان معطر ڪيا ويندا هئا. اهي ڪهڙا ته سکر ۽ سهڻا ڏينهن هئا جڏهن نيرو اٽلي جي شهر روم ۾ داخل ٿيو هو ته روم جي گهٽين کي زعفران سان ڌوتو ويو هو. اسان لاءِ ته ڪراچي جا اهي ڏينهن به سهڻا ۽ سڪون وارا هئا. جڏهن ڪراچي جو ميئر جمشيد نسرونجي هو ۽ روزانو بندر روڊ (سعيد منزل کان ٽاور تائين) واري رستي تي گلاب جي پاڻيءَ سان ڇڻڪار ٿيندو هو!


    ايران جون اخبارون ۽ نوٽ

    نئين ملڪ جي خبر ان جي پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مان به پئجي ٿي. ڪنهن نئين ملڪ ڏي ويندو آهيان ته منهنجي اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته ان ملڪ جي اخبار سفر دوران هوائي جهاز ۾ ئي ملي وڃي ته سٺو ۽ هوائي جهاز ۾ جيڪا اخبار ملي ٿي اها ملڪ جي سڀ کان گهڻو ڇپجندڙ ۽ پاپولر اخبار ئي ٿئي ٿي.
    جهاز ۾ وهڻ سان هڪ ايئر هوسٽس اخبارون به ورهائي رهي هئي. منهنجي سيٽ جهاز جي آخري حصي ۾ هئي سو ان ڊپ کان ته متان مون تائين پهچڻ ۾ اخبارون ختم ٿي وڃن سو اٿي بيٺس ۽ ايئر هوسٽس کان اشاري سان اخبار گهرڻ لڳس. هوءَ مون تائين هڪ اخبار بچائي اچي پهتي. اخبارون ئي ڪي ڏهاڪو کن هيس ۽ مون کان سواءِ نه ڪنهن ان جي گهر ڪئي ۽ نه وري ڪنهن ملڻ تي منهن تي مرڪ آندي. ان مان اندازو لڳايم ته هن جهاز ۾ چڙهندڙ پاڪستاني توڙي ايراني اخبار پڙهڻ سان دلچسپي نٿا رکن. هونءَ به هن جهاز ۾ نوي سيڪڙو اهڙا ماڻهو هلي رهيا هئا. جيڪي جهاز ۾ پنهنجي مائينڊ کي عبادت لاءِ Set ڪري ويٺا هئا. اخبار ته بزنيس ۽ نوڪري پيشو ماڻهو چاهه ۽ تجسس سان پڙهي ٿو. هن وقت جيڪڏهن ڪو ان ڪئٽگري مان جهاز تي موجود آهي ته به هن جو ذهن دنيا جي ڳالهين کان وڌيڪ عبادت ڏي وڌيڪ آهي. هي ماڻهو هي مسافر جيڪي هن وقت مون سان گڏ هن جهاز ۾ آهن انهن ۾ ڪيترا ڪپڙي گنديءَ مان اهڙا به غريب لڳي رهيا آهن جن کي هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ گهمڻ لاءِ بس جو ڀاڙو به نه هجي پر هو پنهنجي مذهبي جاين جي زيارت لاءِ خبر ناهي ڪيترن سالن کان رپيو رپيو جوڙي هن سفر جي خواب جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ نڪتا آهن. افسوس جو آءٌ پنهنجي ذهن ۽ مائينڊ کي ان قالب ۾ وجهي نه سگهيو آهيان ۽ مون کي اها Feeling محسوس نه پئي ٿئي. جيڪا حج يا عمري ويندي ٿي هئي. شايد ان ڪري جو مون هي سفر ايران ۾ فقط مذهبي جايون ڏسڻ لاءِ نه پر ادبي، سياسي، معاشرتي ۽ سوشل جايون، جڳهيون، پارڪ، ٿيٽر ۽ انهن سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان ملڻ جي ارادي سان شروع ڪيو آهي. جيئن آءٌ هڪ عدد سفرنامو هن پاڙيسري ملڪ تي پڻ لکي سگهان. سو دنيا جون ڳالهيون دل ۾ رکي ظاهري طرح عبادت جو ڍونگ ڪريان، پاڻ سان ۽ ٻين سان دوکو ۽ ڪوڙ ٿيندو. تڏهن ته منهنجو گروپ جڏهن نيشاپور ۾ امام زادي محروق جي مقبري تي سمورو وقت عبادت ۾ مشغول هو ته آءٌ اتان جلدي نڪري عمر خيام جي مزار تي هليو ويو هوس. فريد الدين، عطار جي آستان تي هليو ويو هوس. مشهد ۽ قم کان علاوه ٻيا شهر ڏسڻ ۽ پنهنجي ايراني جهازن سان واسطو رکندڙ دوستن سان ملڻ لاءِ مون کي ايران ۾ وڌيڪ رهڻو پيو جنهن جو فيصلو ايران ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ بعد ڪري ورتم.
    اخبار ته مون کي ملي وئي پر ”ڪيهان“ نالي فارسي ۾ هئي. ائين ته ٿي نٿو سگهي ته ايران جهڙي ملڪ ۾ ڪا انگريزي اخبار نه ڇپندي هجي. آءٌ پنهنجي سيٽ تان اٿي پٺيان ويس جتي اخبار ڏيڻ واري هوسٽس ننڍڙي پئنٽري (جهاز جي ڪچن) ۾ سامان Set ڪري رهي هئي.
    ”انگريزي اخبار هوندي؟“ مون پڇيو.
    ”توهان هلي ويهو ته معلوم ڪري ٿي اچان.“ هن چيو.
    جڏهن جهاز ٽيڪ آف ڪري مٿي وڃي سنوت ۾ اچي ويو ۽ جڏهن بيلٽ ٻڌڻ واري بتي وسامي ويئي ته هيءَ هوسٽس اڳيان وڃي پائلٽ کان يا بزنس ڪلاس جي مسافرن کان هڪ انگريزي اخبار وٺي آئي ۽ منهنجي حوالي ڪئي. اخبار جي پني جي سائيز سکر مان نڪرندڙ مڪاني اخبارن واري هئي. ڇپائي عبرت ۽ سنڌوءَ جهڙي هئي. فوٽو به پراڻي ٽيڪنالاجي وارا ته ڇپائي به اهڙي مس سان جيڪا هٿن کي پئي لڳي. اخبار جي نالي Tehran Times هيٺيان لکيل هو Since 1979 يعني هن اخبار کي هلندي اچي ٽيهارو سال ٿيا آهن. 16 صفحن جي هن اخبار جا فونٽ ايڏا ڇڊا هئا جو اسان جي ملڪ جي اخبار ۾ اهو سمورو مواد چئن صفحن ۾ سمائجي وڃي. خبرن، جرنلزم ۽ مضمون جي لحاظ کان به منجهس ڪو ايڏو دم نه هو. اڄڪلهه جي دور ۾ اهڙي اخبار پڙهڻ يا نه پڙهڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي. جيئن اڄڪلهه اسان جي حڪومت ايمرجنسي جي شروع وارن ڏينهن ۾ خانگي چئنل بند ڪيا ته ماڻهن ٽي وي کولڻ ڇڏي ڏني. جرنلزم جي معاملي ۾ ايران ۾ هڪ ڌارئين ماڻهوءَ کي ٻوسٽ ضرور محسوس ٿئي ٿو. مڪاني ماڻهو شايد ان جو عادي ٿي ويو آهي ته ڪنهن به ريت حڪومت تي تنقيد جو رواج نه ايندو يا هنن کي انهن ڳالهين جي پرواهه ئي نه هجي. ايران جي عوام کي واقعي فڪر ۽ پرواهه هجڻ به ڇو کپي. ملڪ جي غريب کي سستي اگهه تي بهترين اٽي جي ماني پئي ملي، بسين ۾ سفر ڪرڻ مفت برابر، هر هڪ کي اعليٰ تعليم پئي ملي، هر هڪ نوڪري ۽ روزگار کي لڳو پيو آهي ملڪ ۾ امن امان ۽ انصاف آهي. ايترو سک ۽ لا ۽ آرڊر ته سعودي عرب توڙي يورپ ۽آمريڪا ۾ به نه آهي! اخبار جي قيمت 2000 ريال پڙهي حيرت ٿي ته ايڏي گهڻي قيمت! اهڙي مهانگي اخبار ڪير وٺي پڙهندو، پر پوءِ ايران پهچي ايران جي سڪي جي خبر پيئي ته اهو انڊونيشيا ۽ پولنڊ وانگر آهي. 2000 ريال ٻه سو تُمنن برابر آهن ۽ هڪ رپئي ۾ پنڌرهن تُمنن جي حساب سان ان اخبار جي قيمت 13 رپيا ٿي. پر ڏٺو وڃي ته اهڙي اخبار لاءِ 13 رپيا به گهڻا آهن. ايترن پئسن ۾ ته اسان وٽ آچر جي ڊان اخبار ٿي ملي.
    بهرحال اهڙي اخبار پڙهڻ لاءِ ڏهه منٽ به ڪافي آهن. هڪ خبر جنهن جو واسطو اسان جي ملڪ سان هو تنهن منهنجو ڌيان ڇڪايو ۽ اها پڙهي خوشي ٿي ته ايران جي هڪ ليکڪ ”محمد بقائي مڪان“ کي اسان جي ملڪ جو سفير تهران ۾ تمغه امتياز ڏنو آهي جو هن اسان جي ملڪ جي مفڪر ۽ شاعر ڊاڪٽرعلامه اقبال تي 24 بابن تي مشتمل ڪتاب The Retrospective of the thoughts & works of iqbal لکيو آهي ۽ اقبال جي 130 هين يوم ولادت جي موقعي تي هانگ ڪانگ ۾ يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ جيڪا ڪانفرنس ڪري رهي آهي ان ۾ بقائي صاحب ڊاڪٽر اقبال جي شاعري تي مقالو پڙهندو.
    ايڊيٽوريل واري صفحي تي جنرل مشرف جي تصوير سان گڏ هن تي ۽ هن جي حڪومت تي نجم سيٺي جو هڪ وڏو تنقيدي مضمون هو جيڪو هڪ ڏينهن اڳ ۾ آمريڪا جي ڪنهن اخبار ۾ ڇپيو هو، جتان تهران ٽائيمس وارن کڻي هتي ڇاپيو آهي. نجم سيٺي اسان جي ملڪ جو هڪ انگريزي اخبار جو ايڊيٽر ۽ مفڪر ۽ دلير صحافي آهي. سچ جي صحافت ڪرڻ تي هو جيل به ڀوڳيندو رهيو آهي. چئبو ته ايراني اخبارن ۾ ملڪي سربراهه ۽ حڪومت تي تنقيد ڇپجي ٿي پر ٻئي ملڪ جي. مون کي هڪ پراڻو لطيفو ياد آيو ته هڪ آمريڪن، روسي همراه کي چيو ته ڏس اسان جي ملڪ ۾ ڪيڏي آزادي آهي. ”اسان چاهيون ته ڪنهن به چوواٽي تي بيهي آمريڪي صدر کي گاريون ڏيئي سگهون ٿا.“
    ”ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي.“ روسيءَ چيو، ”اسان به ماسڪو جي ڪنهن به چوراهي تي بيهي آمريڪن صدر کي گاريون ڏيئي سگهون ٿا.“
    سو ٿوري دير اڳ ۾ جيڪو سوچي رهيو هوس ته پنهنجي ايراني دوستن کي چوندس ته ”اسان جي ملڪ ۾ ٻي ڪا آزادي هجي يا نه، پر پريس جي آزادي آهي. اسان جي اخبار مشرف (ملڪ جي صدر) خلاف به مضمون ڏئي سگهي ٿي.“.... ته ٿي سگهي ٿو هو روسي وارو ئي جواب ڏئي ته سندن اخبار ۾ به مشرف خلاف ايندو رهي ٿو.
    بهرحال چرچو پنهنجي جاءِ تي پر هن قسم جا اسان جي ملڪ ۽ ان جي حڪومت جي غلط ڪارين جا مضمون پڙهي ڌارين ملڪن جا ماڻهو اسان بابت ڇا رايو پيدا ڪندا هوندا ته اسان جو ملڪ ڇا آهي ۽ اسان جو اخلاق ڇا آهي. اسان سڌريل هوندي ڪهڙي کڏ ۾ وڃي ڪريا آهيون ۽ ايران، ملائشيا، ڪوريا ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ به ڪيڏي ترقي ڪري ويا آهن. تڏهن ته حق تي مشهد ۾ مليل هڪ پاڪستاني ايرانيءَ (مستان علي نالي) چيو هو ته اسان پاڪستاني پنهنجو تعارف ڪرائڻ مهل ڪنڌ هيٺ ٿا ڪريون پر هن ملڪ جو باشندو اهو ٻڌائيندي ته هو ايران جو رهاڪو آهي فخر کان ڳاٽا مٿاهون ٿو ڪري.
    اخبار ۾ ڪيترين ئي ريسٽورنٽن جا اشتهار هئا جن جو واسطو يورپ ۽ آمريڪا سان آهي. ويندي ولائتي سافٽ ڊرنڪس ۽ آئيس ڪريمن جو به هو. دل ۾ مون سوچيو ته آخر ايران به ته اسان وانگر هڪ مسلمانن جو ملڪ آهي ۽ ڏٺو وڃي ته ڪيترين ئي ڳالهين ۾ اهو اسان کان وڌيڪ اسلامي آهي. اتي به ته هي ولائتي شيون هلي رهيون آهن.ا سان وٽ ڪابه ڳالهه ٿيندي ته ڀڃ ڊاهه مئڪڊونالڊ، KFC يا ٽيلينور موبائل فون جي دڪانن جي ٿيندي. ڪير به اهو نه سوچيندو ته اهي اسان جي پاڪستاني ڀائرن جا ئي دڪان آهن انهن کي ئي نقصان رسندو. ڪئسٽن جي دڪانن تي مذهبي علم جا به ڪئسٽس ٿين ٿا. روڪٿام لاءِ ڇا بم ڦاڙي مارڻ ۽ پرائيويٽ ۽ پبلڪ پراپرٽي ساڙڻ ضروري آهي، بهرحال اخبار ۾ ڪنهن پيزا جي ريسٽورنٽ جو پنهنجي پيزا جي تعريف ۾ ڏنل اشتهار پڙهي منهنجي چپن تي مرڪ اچي وئي.
    Our Pizza sauce is made with iltalian herbs and our dough is classic of Naples…..
    اخبار ۾ هڪ ٻي ڳالهه به ڌيان ڇڪايو. ڪيترين ئي آفيسن ۽ اپارٽمينٽن جي اشتهارن ۾ انهن جي مسواڙ يا وڪري جو اگهه ايراني ڪرنسي بدران آمريڪي ڊالرن ۾ لکيل نظر آيو. هاڻ ٿو سوچيان ته شايد ننڍو انگ ڪرڻ خاطر.جيئن هڪ گهر جي قيمت هڪ لک ڊالر آهي. پر اها ايراني ڪرنسي ۾ 01500000ريال ٿي، جو هڪ آمريڪي ڊالر جي لڳ ڀڳ هڪ هزار ريال آهن. بهرحال ايران جي ڪرنسي واري ڳالهه مون کي ايران جي حق ۾ مائينس لڳي جو هيترا ڏينهن ايران ۾ رهڻ بعد به مون لاءِ مونجهارو آهي. چانهه جو ڪوپ پيئڻ لاءِ سوچڻو پوي ٿو ته گهڻو ڏجي.
    ايران مون کي دنيا جو پهريون ملڪ لڳي ٿو جتي جيڪو پئسو نوٽن تي لکيل آهي ان بدران ٻيو چئجي ٿو. جنهن جي Value به مختلف آهي، ايراني نوٽن جو نالو ريال آهي پر ڪوبه دڪاندار توهان کي ريالن ۾ اگهه نه ٻڌائيندي هو هميشه تُمنن ۾ ٻڌائيندو ۽ جي فقط اگهه جو انگ ٿو ٻڌائي ته توهان کي سمجهي وڃڻ کپي ته هن جو مطلب تُمنن سان آهي ۽ نه ريالن سان. هڪ تُمن ۾ ڏهه ريال آهن، هڪ سو تُمنن جي شيءِ جو توهان کي هڪ هزار ريال جو نوٽ ڏيڻو پوندو. هي ائين آهي جيئن اسان وٽ نوٽ ته رپين جا آهن پر هر شي جو اگهه پئسن ۾ ٻڌايو وڃي ها. صوف گهڻي ڪلو؟ ۽ دڪاندار ٽيهن رپين بدران ٽي هزار پئسا چوي. اهڙي صورت ۾ اسان کي هر اگهه 100سان ونڊ ڪري رپيا ڏيڻا پوندا. اهڙي طرح ايران ۾ هر اگهه کي 10 سان ضرب ڏئي ريال ڏيڻا پون ٿا ۽ اها به پڪ اٿم ته هر هر اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جي باوجود توهان وري به منجهندا رهندائو. ان لاءِ ايران جي حڪومت کي ئي ڪجهه ڪرڻ کپي. مشهد ۾ آخري ڏينهن تي ڪنهن فوٽو گرافر بازار علي رضا ۾ پنهنجي ڪئميرا جي سم تان cd تي فوٽو ٽرانسفر ڪرائي رهيو هوس. ان دڪان ۾ آيل فقير جي پهرين جملي تي هن 500 ريالن جو ڪڙڪ نوٽ ڪڍي هن جي هٿن تي رکيو. فقير نوٽ وٺي رمندو رهيو. مهرباني جا ٻه ٻول به نه چيائين ۽ نه وري هن فوٽو گرافر جنهن جو نالو دائود هو ڪو ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو. بهرحال آءٌ دائود جي سخاوت مان ڏاڍو Impress ٿيس. پر پوءِ هوٽل تي پهچي فقير مان متاثر ٿيس. جنهن وڏي دل ڪري ان نوٽ کي قبول ڪيو ڇو جو مون حساب ڪيو ته 500 ريالن جو نوٽ 50 تمن برابر ٿيو جيڪي اسان جي ٽن رپين برابر ٿيا. اسان وٽ ڪيترائي اهڙا مٿي ڦريل فقير آهن. جيڪي پنجين رپئي جو سڪو موٽايو ڏين.
    جهاز جي لئنڊنگ وقت منهنجي ساڄي پاسي دري واري سيٽ تي ويٺل مسافر مون کان اها اخبار گهري. هو سڄي واٽ عبدالڪريم مشتاق جو ڪتاب ”صرف ايڪ راسته“ پڙهندو رهيو. هو شايد هاڻ گهر وڃي ان اخبار کي پڙهي. هن ٻڌايو ته هو بغداد وڃي رهيو آهي جنهن لاءِ تهران ۾ لهي اتان بس ذريعي ڪربلا ويندو. ڪراچي ايئرپورٽ تي پنهنجي اڏام جو انتظار ڪرڻ دوران اتي ڪيترائي بوهري مرد ۽ عورتون نظر آيون جيڪي پنهنجي خاص ڊريس مان پڻ سڃاتا وڃن ٿا. مون سمجهيو هو سنگاپور يا ممباسا پيا وڃن جو اتي تمام گهڻا بوهري رهن ٿا. منهنجي پڇڻ تي هڪ ٻڌايو ته هو سڀ ڪربلا وڃن پيا ۽ هو پڻ اسان واري ئي جهاز ۾ چڙهيا. هنن جو تعلق حيدرآباد ۽ ڪراچي سان هو. بوهري هڪ واپاري ۽ امن پسند ڪميونٽي آهي. مون کي ياد آهي ته سنگاپور ۾ جڏهن منهنجو رهڻ ٿيو هو ۽ مسواڙ تي گهر مهيا ڪرڻ واري ايجنٽ جڏهن پڇيو هو ته ڪهڙي علائقي جي ڪهڙي گهٽي ۾ رهڻ چاهيندس ته مون وراڻيو هئوته: ”ڪهڙي به گهٽي هجي پر پاڙيسري امن پسند هجن.“
    ”ته پوءِ تون بوهرين يا احمدي مسلمانن سان گڏ رهه.“
    هن جواب ڏنو هو. ڪراچيءَ ۾ به شروع جا سال بوهرين ۽ آغا خانين جي پاڙي ۾ رهيس. تحسين نالي هڪ بوهري چيف انجنيئر سان مون ڪيترائي سامونڊي سفر ڪيا. هو ٻڌائيندو هو ته فاطمي خلافت واري دور ۾ امام المستنصر جي ڏينهن ۾ اسماعيلي شيعن جي هڪ ڪميونٽي بوهرا ٿي. بوهرن ۾ جعفري بوهرا، دائودي، سليماني، عليا ۽ ٻيا آهن پر گهڻائي دائودي بوهرن جي آهي. جيڪي پاڪستان ۽ انڊيا ۾ به رهن ٿا. هي واپار توڙي پئسي ڏوڪڙ ۾ امير آهن. بوهرين جو خاص ڌنڌو هارڊ ويئر ۽ رنگ وڪڻڻ جو آهي. چاهي هنن جا دڪان حيدرآباد، ڪراچي، احمد آباد، بڙودا، ۾ هجن يا سينگاپور، ڪولا لالمپور، ممباسا ۽ ڪمپالا ۾. هاڻ مڙيئي هو ٻين فيلڊن ۾ به اچي رهيا آهن جيئن اسان جو مئرين انجنيئر تحسين آهي. بوهرا ڪميونٽي جي هاڻوڪي داعي محمد برهان الدين ۽ هن کان اڳ واري طاهر سيف الدين تعليم، ويلفيئر، مذهب جي خدمت لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. پاڻ 1915ع ۾ ڄائو ۽ 1965ع ۾ وفات ڪيائين. هن جو ننڍي کنڊ توڙي آفريڪا جي ملڪن ۾ وڏو مان ۽ عزت هئي جو هو هڪ وڏو اسڪالر ليکڪ، شاعر، داعي ۽ Visionary هو.
    بوهرن جي هڪ ٻي ڳالهه به قابل ڌيان آهي ته هو مذهبي هجڻ سان گڏ زيارتن تي به وڏي حب سان وڃن ٿا. شل نه جهاز بصري (عراق پهچي). اسان جي چيف انجنيئر تحسين کي لنڊن يا نيويارڪ گهمڻ جو ايڏو شوق نه هوندو هو. جيترو پاڪ جاين جو. عراق ۾ اڄڪلهه جنگ جي حالتن ڪري ڌارين کي فقط ڪربلا ۽ نجف اچڻ جي اجازت آهي نه ته عراق ۾ تمام گهڻن شهرن ۾ اسان جا ماڻهو زيارت لاءِ وڃن ٿا.
    ڪربلا اهو شهر آهي جتي حق ۽ باطل جي جنگ ٿي. ڪربلا 100 کن ڪلوميٽر بغداد جي ڏکڻ ۾ فرات ندي جي ڪناري تي آهي. حضرت امام حسين عليه السلام (اسان جي نبي سڳوري ﷺجو ڏوهٽو) هتي دفن ٿيل آهن. سندن ويجهو حضرت علي اصغر ۽ حضرت علي اڪبر جون قبرون آهن. ٿورو اڳيان حضرت عباس علمبردار جو سونو قبو نظر اچي ٿو. ڪربلا کان نجف 80 کن ڪلوميٽر آهي جتي حضرت علي رضه جو مقبرو آهي. نجف کان 8 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي عراق جو شهر ڪوفو آهي. جتي جي ڪوفا مسجد ۾ حضرت علي رضه کي ظالمن ان وقت بيدردي سان قتل ڪيو جڏهن هو نماز پڙهي رهيا هئا.


    هي ڪٿان جا مولوي ٿي سگهن ٿا....؟

    ايئر هوسٽس فارسي ۾ ۽ ان بعد انگريزي ۾ فلائيٽ جو آخري اعلان ڪيو ته ايئر ايران جي جهاز ۾ سفر ڪرڻ لاءِ مهرباني، سفر سٺو گذريو هوندو جيسين جهاز بيهي ۽ ڏاڪڻ لڳي تيسين هر مسافر پنهنجي سيٽ تي ويٺو رهي ۽ بيلٽ ٻڌل ئي رهي. اهو ٻڌي ماڻهن بيلٽ کوليا ۽ جهاز اڃان رن وي ڏاڪڻ ڏانهن وڌي رهيو هو ته اڌ کان وڌيڪ ماڻهو اٿي کڙا ٿيا. ايئر هوسٽس هٿن جي اشاري سان کين گهڻو ئي ويهڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪندي رهي پر هاڻ جوڳي نه ڪنهن جا مٽ. هر هڪ پنهنجا پنهنجا ٿيلها سيٽن مٿان ٺهيل شيلفن مان ڪڍي جهاز جي گيٽ ڏي گپا گيهه ڪرڻ لڳا. ”ٺهيو! چئبو ته هن فلائيٽ ۾ اڌ کان وڌيڪ اسان جا پاڪستاني آهن.“ مون سوچيو ۽ ضرور ٻين ملڪن جي مسافرن به سوچيو هوندو، ڇو جو اهي ڪم پاڪستانين جا آهن. جهاز جو دروازو کلندي کلندي ڏهه منٽ ته لڳي ويا تيسين مسافرن سان گڏ سندن ٻار، ساهه گهٽجڻ ڪري رئندا ۽ رڙيون ڪندا رهيا. خبر ناهي ڇو اسان پاڪستانين جو اهو ڪلچر ٿي ويو آهي ته جهاز مان آرام ۽ صبر سان لهڻ بدران ائين هڻ وٺ ڪنداسين ڄڻ ٽوڪيو جي سب وي جي ريل ٿي ڇٽي، اسان جا ماڻهو جهاز مان جلد لهي پنج منٽ ضرور بچائيندا پر پوءِ ساڳيو ايئر پورٽ تي اميگريشن ۽ ڪسٽمس جي چڪرن ۾ يا ايئرپورٽ کان ٻاهر ٽئڪسي واري سان پنجاهه رپين تي ڪلاڪ بحث پيا ڪندا.
    جهاز جي گيٽ کان اميگريشن تائين پهچڻ ۾ چڱو فاصلو هو. آءٌ آهستي آهستي، مون سان لٿل مسافرن ۽ ايران جي هن نئين ايئرپورٽ ”بين المللي امام خميني فرودگاهه“ جي اڏاوت ۽ ڀتين تي لڳل خوبصورت تصويرن جو جائزو وٺندو هليس. تصويرن ۾ ايران جي ڪجهه شهرن جا نظارا هئا ته ڪجهه ۾ عمارتون ۽ اسلام کان اڳ جي دور جي مورتين جون تصويرون پڻ هيون. چئبو ته ايران پنهنجو ثقافتي ورثو قائم رکندو اچي. هنن اسان ۽ افغانستان وارن وانگر پراڻي زماني جا يادگار Statue ڊاهي نه ڇڏيا آهن. ملائيشيا جهڙي مسلمان ملڪ ۾ به اڃان تائين. هندن جا مندر ۽ ديوتائن جون مورتيون توڙي راڻي وڪٽوريا ۽ پورچو گالي ٻاون جا Statue، تاريخ کي قائم رکڻ لاءِ اڃا به قائم آهن. اسان وٽ ڀڃ ڊاهه جو ڪلچر خبرناهي ڇو وڌي ويو آهي. ايتري ۾ ڇهه ڄڻا قداور ۽ ڳري جسم جا، ڊگهين ڏاڙهين ۽ ڄاريءَ جي ٽوپين سان مون اڳيان گذري ويا. لڳي ٿو هي پڻ اسان واري جهاز ۾ سفر ڪري رهيا هئا. هڪ ڄڻي مون ڏي نهاريو ته مون سلام ڪيومانس ۽ هن مون ڏي وڌي هٿ ملايو. اميگريشن هال ۾ پهتس ته قطارون ڊگهيون ٿي چڪيون هيون ۽ هاڻ آخر ۾ بيهڻ بدران بهتر آهي ته ڪرسي تي ويهي رهجي. چوڌاري رکيل ٽيهارو کن ڪرسين مان ڪيترن تي بوهرا مرد ۽ عورتون ويٺل هيون. هڪ هنڌ هي ڇهه ڄڻا جيڪي جهاز کان هيڏانهن ايندي وقت مليا، پنهنجا ٿيلها جهولين ۾ رکي ويٺا هئا. ٿيلهن ۾ پڪ قرآن شريف ۽ ٻيا مذهبي ڪتاب هوندن. هو پنجاهه کان سٺ ورهن جي ڄمار جا ٿيندا. رنگ جا افغانين ۽ پٺاڻن وانگر برف جهڙا اڇا پر قد ۽ نڪ نقشي مان هو افغاني نٿي لڳا. سندن چهرن تي اڇي چاپئين ڏاڙهي ۽ نور ٿي ٻهڪيو. مون کي کين پهرين دفعي ٿي ڏسڻ سان ساڻن ڳالهائڻ لاءِ ڇڪ محسوس ٿي هئي. ڪير ٿي سگهن ٿا؟ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. ايراني ته هرگز نه آهن. ايران کڻي آءٌ نه رهيو آهيان پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ايرانين سان ملي ايترو ضرور سمجهي ويو آهيان ته گهڻي ڀاڱي ايرانين جي ڏاڙهي ننڍي (ڏيڍ نمبر واري مشين سان سنواريل) ٿئي ٿي ۽ مڇون ڪجهه وڏيون ٿين ٿيون. هنن همراهن جون ڏاڙهيون وڏيون آهن ۽ مڇون زيرو نمبر جي بليڊ واري مشين سان ڪٽيل آهن. ايراني گهڻو ڪري ٽوپين بنا نظر اچن ٿا. هو نماز به ٽوپي بنا پڙهن ۽ هنن جي مٿي تي مسجدن جي امامن واري ڄاري واري ٽوپي آهي جنهن کي ملائيشيا ۾ ”حاجي ٽوپي“ سڏين. حج تان آيل ملئي ڪجهه ڏينهن اهڙي ڄاريءَ واري ٽوپي پائي هلندا آهن جيئن جنهن کي خبر نه هجي اهو به سمجهي وڃي ته هي حاجي سڳورا آهن. ايراني ورلي ڪو ٿلهو نظر ايندو، هو هلڻ چلڻ ۾ به تکو ۽ سمارٽ هوندو. ايران جا مولوي ۽ امام به نوڪريون ۽ مزدوريون ڪن ۽ صحتمند ۽ سنها نظر اچن، پر هي ننڍي کنڊ جي انهن مولوين وانگر ٿلها متارا لڳي رهيا هئا جن جو ڪم فقط نڪاح پڙهائڻ ۽ شادي جي دعوت ۾ ٻوڙ پلاءَ ۽ حلوو کائڻ آهي. هڪ ڳالهه هئي ته هنن جي ٿولهه Obesity (گهڻي کائڻ ڪري پيٽ نڪرڻ واري) نه هئي. هنن جي جسامت اهڙي هئي جيئن هڪ پٺاڻ بنگاليءَ کان، هڪ ڪشميري تامل ۽ مدراسي کان ڀريل جسم جو ٿئي ٿو. ڳري جسم جا هجڻ جي باوجود هو سمارٽ لڳي رهيا هئا تڏهن ته هلڻ ۾ مون کان به اڳيان نڪري ويا.
    مون کي تڪيندو ڏسي مون لاءِ هنن پنهنجي وچ ۾ ڪرسي خالي ڪئي ۽ مون کي وهڻ جي دعوت ڏني ۽ منهنجي وڌڻ تي هو اٿي بيهي مونسان مليا. ايڏي عزت ماڻڻ ڪري آءٌ هڪ گهڙي لاءِ وائڙو ضرور ٿي ويس پر پوءِ جلدي ئي خيال آيم ته صحيح ته آهي. هو کڻي پنجاهه ۽ سٺ جي وچ ۾ آهن پر آءٌ به ته اڇي ڏاڙهي سان سٺ ۽ ستر ورهيه جي ڄمار جي وچ ۾ آهيان. هينئر آءٌ ٽيهه سال اڳ واري دور ۾ ته نه آهيان. جڏهن ههڙن ايئرپورٽن تي ڪو پير مرد يا عورت مون کي چوندي هئي ته پٽ هي بئگ ته رولر تان کڻي ٽرالي ۾ رکي ڏي يا ڪنهن وڏي عمر واري جپاني يا ملئي عورت کي ڏسي پنهنجي سيٽ خالي ڪري چوندو هوسانس، ”سوا تائي ڪدا سائي“ يا ”پوليح دودڪ ماڇي“. (ماسي ويهه آءٌ بيهان ٿو) هنن اردو ۾ خير عافيت ڪئي ته پڇيو مان افغاني آهيو؟
    ”نه، نه“
    ”پاڪستاني آهيو؟“
    ”نه، نه“
    ”ايراني آهيو؟“ مون هاڻ اهو ئي سوچيو ته ايران جي ڪنهن اهڙي صوبي جا هوندا جيڪو ترڪي يا ترڪمنستان جهڙي سابق روسي رياست سان ملي ٿو.
    ”نه اسان امو درياهه جي ڪناري ازبڪستان ۾ رهون ٿا ۽ توهان؟“ هنن مون کان پڇيو. مون کين ڪراچي جوئي ٻڌائڻ چاهيو ٿي جو هو وڌ ۾ وڌ ڪراچي جا واقف هجن. ملائيشيا، انڊونيشيا يا ڪنهن ٻي اهڙي ملڪ مان ٿيندا هي ڪراچي مان هن ايراني هوائي جهاز ۾ چڙهيا هوندا، پر ٻي گهڙيءَ منهنجي وات مان حيدرآباد نڪري ويو.
    ”حيدرآباد ۾ ڪٿي؟“ هنن پڇيو. حيدرآباد ۾ ڪٿي سان هنن جو ڇا مطلب! ڇا هو حيدرآباد شهر کان واقف آهن يا ڄامشوري ۽ ڪوٽڙي کان هي ته ائين ئي ٿيو ته آءٌ کانئن پڇان ته امودرياءَ جي ڪناري ڪهڙي ڳوٺ يا شهر جو نالو ٻڌائين ته مون کي ڪهڙي خبر. اسان مان ڪيترا آهن جن کي ازبسڪتان جي وڏي ۽ گادي واري شهر تاشقند جي ڄاڻ آهي؟ بهرحال مون ٻڌايومان ته آءٌ حيدرآباد کان ٻاهر هڪ ڳوٺ جو رهاڪو آهيان.
    ”ڪهڙو ڳوٺ؟ مٽياري، ٽنڊو آدم، نيو سعيد آباد، شهدادپور...“
    ”هالا. هالا. آءٌ هالن جو رهاڪو آهيان.“ مون وراڻيو.
    ”ڪهڙو هالا؟ نئون هالا، پراڻو هالا؟“ هنن مان هڪ يڪدم سوال ڪيو. ڪمال آهي هي امودرياهه جا ازيڪستاني ماڻهو آهن يا جن، اچين ته اردو به پوري پني ڪانه ٿي پر جاگرافيائي معلومات تمام گهڻي اٿن.
    ”توهان اردو ڪٿان سکي ۽ هالا کان ڪيئن واقف ٿيائو؟ ڇا وهٽن جو بزنيس ڪريو ٿا؟“ مون پڇيومان، جو هر مهيني جي پهرين سومر تي اسان جي ڳوٺ هالا ۾ وهٽن جي وڏي پڙي لڳي ٿي، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان کان سوين واپاري اٺن، مينهن، ڍڳين ۽ ٻڪرين جي خريد و فرخت ڪن ٿا.
    ”نه اسان ڪراچيءَ جي هڪ مدرسي مان گهڻو گهڻو اڳ ديني تعليم حاصل ڪئي هئي.“ هنن ٻڌايو، ”هنيئر اسان تبليغ لاءِ نڪتا هئاسين. اسان جي اجتماع کي هالا نوان ۾ اچي ملڻو هو.“
    ”هينئر ايران زيارت لاءِ مشهد ۽ قم هلي رهيا آهيو؟“ مون پڇيومان جو اسان جو ۽ ٻين زائرين جو ايران اچي اهو ئي پروگرام رهي ٿو.
    ”نه اسين هاڻ باءِ روڊ اشڪ آباد، سمرقند ۽ بخارا ۾ ڪجهه ڏينهن رهي ڳوٺ وينداسين. هتي ايران ۾ اسان کي زاهدان وڃڻو آهي.“
    مون کان پڇڻ تي مون هنن کي ٻڌايو ته آءٌ سفرناما لکندو آهيان.
    توهان اسان وٽ به ڪڏهن اچو ۽ اسان جو اهو درياهه اچي ڏسو.“ هنن چيو ته مون دل ۾ سوچيو ته امودرياه وچ ايشيا جي ملڪن ۾، خاص ڪري تاجڪستان، ازبڪستان ۽ ترڪمنستان ۾ بيشڪ وڏي اهميت رکي ٿو. اهو 2400 ڪلوميٽر ڊگهو آهي جنهن جا 1450 کن ڪلوميٽر اڄ تائين Navigable ۾ آهن يعني ان ۾ ٻيڙيون، لانچون، بارجون ۽ ننڍا جهاز هلي سگهن ٿا. اسان جي ملڪ جي سنڌو درياهه ۾ به هڪ صدي اڳ تائين امودرياه کان به بهتر نيويگيشن ٿي سگهي ٿي ۽ پورچو گالين ۽ انگريزن جا جهاز ڪيپ آف گڊ هوپ کان مڙي، ائٽلانٽڪ، هندي وڏي سمنڊ لتاڙي عربي سمنڊ جي بندرگاهه فقط ڪراچي تائين اچي. لنگر نٿي ڪيرايائون پر ڪراچي کان اڳيان سنڌو ندي ذريعي ملتان تائين پهچي ويا ٿي جيئن اسان مسي سپي ۽ چائنگائو ندين ۾ اندر گهڙي آمريڪا جي بندرگاهه نيو اورلينس ۾ پهچون ٿا يا ٿائيلنڊ جي بندرگاهه بئنڪاڪ ۾ اچي لنگر ڪيرايون ٿا. هي اسان جو سنڌو درياه جيڪو هينئر ٻارن جي کيڏڻ لاءِ ڪرڪيٽ جو ميدان ٿي پيو آهي يا بلڊنگ ڪنسٽرڪشن وارن لاءِ واري کڻڻ جو گدام، ان ۾ ڪنهن زماني ۾ ڇولين سان پاڻي به وهيو ٿي جنهن لاءِ شاهه لطيف کي چوڻو پيو هو ته،
    دهشت دم درياهه ۾ جت لڙ، لهرون، لس، ليٽ
    آڻي اوڀارن ۾ پانڌي ٻوڙي ٻيٽ
    جت چڪنئي چيٽ، ات ساهڙ سير لنگهياءِ تون...
    هنن آذربائيجاني ملن جو هالا کان ايندي ويندي ڄام شورو واري پل تان لنگهندي، سنڌو درياءَ تي ضرور نظر پيئي هوندي، جنهن مان اڄ ڪلهه ڌوڙ پيئي اڏامي- تڏهن ته هو مون کي سندن ملڪ جو درياهه امودرياه گهمڻ لاءِ دعوت ڏيئي رهيا آهن...
    ”توهان اُمودرياه بابت ٻڌو ته ضرور هوندو؟“ گهڻي دير تائين مون کي خاموش ۽ ذهني طرح غائب ڏسي هنن مون کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”جي ها. جي ها.“ مون هائوڪار ڪئي.“ يورپ ۾ آءٌ پڙهندو هوس ته منهنجو هڪ ڪورس ميٽ آذربائيجان جي ڪامرس ڊپارٽمينٽ جو آفيسر هو. هُو ٻڌائيندو هو ته اُمودرياه وچ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو درياه آهي جيڪو ٻن درياهن وخش ۽ پنج جي ڳانڍاپي سان شروع ٿئي ٿو جيئن اسان جو سنڌو درياءَ راوي، چناب، جهلم، ستلج وغيره جي ميلاپ سان شروع ٿئي ٿو. هو ٻڌائيندو هو ته مڪاني ماڻهو امودرياه کي جيحون ندي سڏين ٿا جيڪا انهن چئن ندين مان هڪ سمجهي وڃي ٿي جيڪي جنت مان هن ڌرتيءَ تي لٿيون.“
    ”اسلامي تاريخ نويسين به هن نديءَ کي ان نالي يعني جيحون سڏيو آهي. يونانين جي پراڻن ڪتابن ۾ هن ندي جو نالو آڪش آهي.“ هنن ٻڌايو.
    بهرحال هن نديءَ يعني اُمودرياه، ايران جي قديمي سلطنت ۽ سڪندر اعظم جي فتحن ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو. موجوده دور ۾ روسين هن درياه ذريعي ۽ اڳتي پنج ندي مان افغانستان تي حملا ۽ فوجي آپريشنون ڪيون. اڄ ڪلهه افغانستان ۾ آمريڪن جو دٻدٻو آهي. هنن افغانين کي خوش ڪرڻ لاءِ هن درياه جي مٿان وڏو خرچ ڪري.“ تاجڪ افغان دوستي پل ٺاهي آهي. هي درياه ارل سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، جيڪو هڪ ڍنڍ مثال آهي. اُمودرياه تي اريگيشن جو ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ هاڻ درياه جي آخر ۾ ٿورو ئي پاڻي بچي ٿو. نتيجي ۾ ارل سمنڊ ڏينهون ڏينهن وڃي سسندو.
    ازبڪستان جي هنن مولوين ٻڌايو ته هو سني آهن ۽ ٻن ڏينهن جي تبليغ لاءِ زاهدان وڃي رهيا آهن، جتي هو مڪي مسجد ۾ رهندا. ايران ۾ گهڻي ڀاڱي شيعا رهن ٿا پر ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾ جيڪو پاڪستان جي بلوچستان سان ملي ٿو سني پڻ رهن ٿا. زاهدان ايران بلوچستان صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي. جيئن ڪوئيٽا اسان واري بلوچستان جو آهي. اسان واري بلوچستان جي بارڊر واري شهر ڪوه تافتان کان زاهدان ايترو پري آهي جيترو ڪراچي کان نوري آباد يا ٺٽو يعني 100 کن ڪلوميٽر. منهنجي عمر جا پڙهندڙ زاهدان کي ان حوالي سان ضرور ياد ڪندا هوندا جو ايران جي انقلاب تائين يعني شهنشاهه ايران جي ڏينهن ۾ ريڊيو اسٽيشن ايران زاهدان پاڪستان جي ماڻهن جي دلپسند ريڊيو اسٽيشن هوندي هئي جتان هر وقت انڊين گانن جي فرمائش هلندي هئي. ايران جي ٻين شهرن وانگر زاهدان ۾ به جمعي نماز پڙهڻ لاءِ جامع مسجد آهي. ان سان گڏ سني مسلمانن لاءِ ”مڪي مسجد“ نالي تمام وڏي مسجد آهي جنهن جي بناوت ۽ منارن جو نمونو ننڍي کنڊ جي آرڪيٽيڪچر سان ملي ٿو. زاهدان جي هيءَ مڪي مسجد سڄي ايران ۾ وڏي ۾ وڏي سنين جي مسجد آهي. اميگريشن جو ٺپو هڻائڻ وارين قطارن ۾ هاڻي باقي ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا هئا. اسان جي قافلي جي اڳواڻ Guide محمد علي پنهنجن ٽڙيل پکڙيل ماڻهن کي سڏ ڪيو ته هاڻ اچي اميگريشن لاءِ قطار ۾ بيهو. مون سان گڏ هي ازبڪستان جا مولوي به اٿيا. آخر انهن کي به ايران ۾ داخل ٿيڻ جو Entry ٺپو اميگريشن وارن کان هڻائڻو هو پوءِ ڀلي ايران جي شهر زاهدان ڏي وڃن يا اصفهان، تبريز يا ڪنهن ٻئي شهر ڏي، ايران جي ويزا جي اها ڳالهه سٺي آهي ته ايران ۾ داخل ٿي ڪنهن به شهر ۾ وڃي سگهو ٿا ۽ ٽن مهينن تائين جنهن شهر ۾ جيترو وقت وڻي رهي سگهو ٿا، پر ڪيترن ملڪن ۾ ائين نه آهي. جيئن جپان ۽ انڊيا جهڙن ملڪن ۾ توهان فقط ٽن يا چئن پريفيڪچرن (صوبن) ۾ وڃي سگهو ٿا. اٿڻ مهل مون هنن تبليغي جماعت جي مولوين جي تصوير ڪڍڻ لاءِ کانئن اجازت گهري پر هو راضي نه ٿيا. هڪ ڄڻي جيتوڻيڪ هائوڪار ڪئي پر ٻين کي انڪار ڪندو ڏسي هن به فوٽو ڪڍرائڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو.


    فارسي ۽ اسان جون ٻوليون

    تهران جي هوائي اڏي تي اميگريشن وارن کان ايران اندر داخل ٿيڻ جي اجازت جو Entry ٺپو لڳرائڻ ۾ ڪا خاص ڏکيائي نه ٿي. جنهن قطار ۾ آءٌ اچي بيٺو هوس ان ۾ هڪ ڇوڪري (اميگريشن آفيسر) بدران به هئي. ٻي ٽريننگ هيٺ هئي. هي ٻئي ڄڻيون بار بار منهنجي پاسپورٽ کي غور سان ڏسي پاڻ ۾ ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪنديون رهيون. هر گذرندڙ سيڪنڊ، منهنجي دل ۾ اهو خوف ٿي پيدا ڪيو ته ويزا هجڻ باوجود مون کي شايد هتان ئي موٽايو وڃي. جنهن جو سبب ٻيو ته نه، پر اهو ئي ٿي سگهيو ٿي ته هو منهنجي پاسپورٽ تي آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جون ويزائون ڏسي دل من هڻي رهيون هجن ته هي پنهنجي زندگي آمريڪا ۽ يورپ جي گهٽين ۾ برباد ڪري هاڻ ٻڍاپي ۾ هتي جي مسجدن ۾ مٿي ٽيڪڻ جو ڍونگ ڪرڻ آيو آهي. آخر مون کان رهيو نه ٿيو ۽ پاڻ کي هن ذهني عذاب مان ڪڍڻ لاءِ اميگريشن آفيسرياڻي کان انگريزيءَ ۾ پڇيم ته ڪو مسئلو آهي.
    ”جي ها.“ هن سٺي لهجي واري انگريزي ۾ هائوڪار ڪندي چيو ته ”توهان جي والد جو نالو ڇا آهي؟“
    ٺهيو. ڳالهه به ايتري آءٌ هنن جو مسئلو سمجهي ويس. ”گل محمد“ مون ٻڌايومان.
    ”جي؟هڪ دفعو وري چئجو.“ هن پنهنجو ڪن اسان جي وچ ۾ لڳل شيشي جي سوراخن وٽ جهليندي چيو، مون زور سان پنهنجي پيءُ جو نالو ورجايو ۽ مون کين پني تي اردو ۾ لکي ڏيڻ جي آفر ڪئي.
    ”نه بس مهرباني اسان جو مسئلو حل ٿي ويو.“ هن چيو ۽ ان سان گڏ هن ڪمپيوٽر جي چاٻين کي دٻائي فارسي ۾ منهنجي نالي هيٺيان گل محمد لکيو.
    ازبڪستان جي مولوين سان ڳالهائڻ ۾ ڌيان تان لهي ويو نه ته منهنجو جهاز مان لهڻ کان وٺي اهو ارادو هو ته ڪنهن پني ڀور تي پنهنجو ۽ پيءُ جو نالو اردو ۾ لکي اميگريشن وارن کي ڏيندس ته هنن نالن ۾ جيڪي اکر توهان جي الف- ب ۾ ساڳيا هجن اهي لکو باقي جي بدران جيڪي وڻيوَ اهي لکو. ڇو جو انگريزي ۾ لکيل ALTAF مان اها خبر نٿي پوي ته ٽي (T) اگر مان مطلب ٽي آهي، ”ط“ آهي يا ”ت“؟ اڳئين دور ۾ ڪمپيوٽرن تي رڳو انگريزي لکي ويندي هئي ۽ هر ملڪ ۾ جيڪي نالو پاسپورٽ تي لکيل هوندو هو اهو ئي ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪيو ويندو هو. پر هاڻ ڪميپوٽرن ذريعي هر زبان لکي سگهجي ٿي. ۽ جيئن عرب ملڪن ۾ عربي الفابيٽ ۾ نالا فيڊ ڪيا وڃن ٿا تيئن هتي ايران ۾ فارسي ۾ ڪن ٿا ۽ جيئن سنڌي جا ڪيترا فقط اردو ۾ نه آهن تيئن اردو جا ڪيترا لفظ انگريزي، عربي يا فارسي ۾ نه آهن. اسان جو اکر ”ش“ انگريزي ۽ ملئي زبانن ۾ ناهي، جنهن لاءِ انگريز sh لکن ٿا ۽ ملئي sy لکن ٿا. ان مان ڪٿي مونجهارو به ٿئي ٿو جيئن اسحاق جي نالي Ishaq کي انگريز اشاق به پڙهيو وڃن. ”خ“ اکر جو اچار جرمني زبان ۾ آهي پر انگريز ان اچار بدران kh لکن ٿا. غ بدران انگريز Gh ٿا لکن. عربي زبان ۾ گ جو اچار ناهي. اهي گ بدران ق لکن. ڪويت ۾ ڪجهه وقت آءٌ اتي جي بندرگاهه جو چيف انجنيئر هوس ته ڳچي ۾ جيڪو نالي وارو ٽئگ وجهي هلندو هوس ان تي عربي ۾ گل محمد بدران قل محمد لکيل هوندو هو. ۽ ڪي ڪويتي عرب مون کان پڇندا هئا ته هي ڪهڙو نالو آهي.
    ايران ۾ فارسي کي رومن ۾ لکڻ لاءِ اهي فارسي جا اکر جيڪي انگريزي ۾ نه آهن انهن کي هنن پاڻ ائين ٺاهيو آهي جيئن انگريز خ لاءِ Kh استعمال ڪن ٿا پر هنن ڪي اکر اهڙي نموني سان Romanized ڪيا آهن. جو اسان اردو ۽ سنڌي پڙهڻ وارن کي مونجهارو ٿئي ٿو. ايران وارا فارسي جي اکر ق لاءِ Gh استعمال ڪن ٿا جيئن فارسي جو لفظ قيامت رومن انگريزي ۾ لکڻ وقت Ghiamat لکيو وڃي ٿو. يورپ ۾ مون سان گڏ پڙهندڙن حسين قلي زادو پنهنجي ذات Gholizadeh لکندو هو ۽ اسان ۽ ٻيا يورپي سندس ٽئگ ڪارڊ تي نالو پڙهي غليزادو سڏيندا هئاسين ته دل ۾ ڪندو هو. اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي نالا ايران ۾ رهڻ دوران نظر آيا جن کي پڙهڻ ۾ اسان کان غلطي ٿيو وڃي. جيئن ته Enghlab Ave انقلاب ايوينيو آهي. Moghadam مقدم آهي. Taghi تقي آهي.
    جيئن اسان وٽ مختلف ڪمپنين جون Mineral Water جون بوتلون آهن. جهڙوڪ Ave، نيسلي، آب حيات، وغيره وغيره. تيئن هتي جي هڪ ڪمپني جو عقيق نالي منرل واٽر آهي. جنهن جي بوتل جي هڪ پاسي فارسي ۾ عقيق لکيل آهي ته ٻي پاسي انگريزي ۾ Aghiqh آهي جنهن کي ڌاريان ماڻهو عقيق بدران عغيغ پڙهن ٿا. اهڙي طرح عبدالقيوم کي انگريزي ۾ Abdul Ghayoon يا ٺلهو Abdul Gayoom لکيو وڃي ٿو. جيئن مالديپ جو صدر پنهنجو نالو لکي ٿو. سو هنن اميگريشن جو ٺپو هڻڻ وارين ڇوڪرين جو انگريزي ۾ Gul لفظ پڙهيو ته هو منجهي پيون ته اهو لفظ سندن فارسي جوئي گل آهي يا رومن انگريزي جو جنهن صورت ۾ هنن کي فارسي الفابيٽ جي ڪمپيوٽر تي فل لکڻو پوندو.
    بهرحال ايران جي مختلف شهرن ۾ رهڻ دوران جڏهن دڪانن مٿان فارسي نالا پڙهان ٿو يا رستن تي لڳل بل بورڊ (اشتهار) يا اطلاع پڙهان ٿو ته فارسي جي ڪيترن لفظن تي حيرت ٿي ٿئي جو انهن لفظن لاءِ مون سمجهيو هو ته اهي اصل ۾ سنڌي يا اردو جا آهن.
    جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ مٽي، بهه ۽ پاڻي ملائي، جيڪو لنبائي لاءِ گارو ٺاهيو وڃي ٿو ان کي گچ سڏيون ٿا. هتي ايران ۾ اچي اها خبر پيئي ته گچ به فارسي لفظ آهي. اسان جي ڳوٺ هالا ۾ ڪاشي جو ڪم يعني هٿ سان رنگين سرون ٺاهيون وڃن ٿيون. جيڪي گهڻو ڪري مسجدن ۽ مقبرن تي استعمال ٿين ٿيون. مشهد کان نيشاپور ويندي خبر پيئي ته ”ڪاشي“ فارسي جو لفظ آهي ۽ اهو ڪاشي جو ڪم ايران کان سنڌ جي شهرن هالا، نصرپور ۽ ملتان ۾ آيو. ايران جي ان هاءِ وي تي ڪيترائي ڪاشيءَ جا ڪارخانا ۽ دڪان نظر آيا ۽ ايران جي ڪاشيءَ جي اعليٰٰ ڪم جو ڪو ملڪ مقابلو به ڪري سگهي ٿو؟
    ايران جي مختلف شهرن ۾ دڪانن مٿان لڳل فارسي جا بورڊ پڙهي پنهنجائپ جو احساس ٿو ٿئي ته ڄڻ هيءَ ڪا پنهنجي زبان هجي. اهي لفظ جيڪي آءٌ سمجهندو هوس ته ٺيٺ يا نج سنڌي ۽ اردو جا آهن، هتي اچي احساس ٿيو آهي ته اهي فارسي جا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسان جي زبانن مان جي فارسي لفظ ڪڍي ڇڏجن ته باقي بچندو ڇا؟ عربي اسان جي مذهب جي زبان آهي، انگريزن اسان جي ملڪ تي ٻه سئو سال حڪومت ڪئي سو ظاهر آهي اسان جي زبان ۾ ڪيترائي عربي ۽ انگريزي جا لفظ شامل ٿي ويا آهن. اهي لفظ جيڪي اسان سمجهون ٿا ته سنڌيءَ جا آهن. جيئن ته بس، لاري، ڊم، بم، بائڪاٽ، گلاس وغيره، اهي اصل ۾ انگريزي جا آهن پر هاڻ ايران ۾ رهي اهو محسوس ڪيو اٿم ته عربي ۽ انگريزي جا لفظ ته اسان جي زبان ۾ ڄڻ نه برابر آهي. اها ته سڄي فارسي سان ڀري پئي آهي.... خيابان، شاهراهه، بيابان، گلستان، جوهر، گلشن، اقبال، راهه، راهنما ۽ همعصر کان وٺي پنجاب، تاج، شڪار، سرڪار، وزير، زميندار، صوبيدار، سرشتيدار (رڪارڊ رکندڙ)، شاهين، شاميانو، پنير، پروانو (Written Pass) سرمو، سرخي (Lipstick)، زن (عورت)، زر (دولت)... وغيره وغيره سڀ فارسي جا لفظ آهن جيڪي اسان پنهنجا ڪري استعمال پيا ڪريون. ويندي تعليمي لفظ تقسيم، ضرب، منفي، مثبت، اقليت، اڪثريت، درجه حرارت، سرد، گرم، فهرست، نرخ، بازار (بهازار)، ايجاد، گرفتاري، شيشه آئينه ورزش، آزادي. زبان، مرغ، مغز.... هي سڀ فارسي جا لفظ آهن.
    ڪي ڪي ته سنڌي جا لفظ جيڪي آءٌ سمجهندو هوس ته نج سنڌي جا آهن، هتي اچي معلوم ٿيو آهي ته فارسي جا آهن جيئن صندلي، ديهه، داروغو، دمبو، چهبڪ، چادر، چاڪر (نوڪر) وغيره. ان کان علاوه چارپائي (چار پيرن وارن)، ٽپائي (ٽن پيرن وارن)، گلقند (گل+قند) معنيٰ مٺو، جاگير (جاءِ + گير معنيٰ Holding)، بالڪني (بالا + خانه)، ڪارڪن (ڪار +ڪندن معنيٰ ڪم ڪرڻ وارو)، شامت (شاهه +مت) معنيٰ Death to King جيڪو وارننگ اڪثر شطرنج راند ۾ ڏنو ويندو آهي. جمعدار (جمع + دار)، ناخدا (نائو+خدا معنيٰ ٻيڙي جو مالڪ)، ڪوهنور (ڪوهه+ نور يعني جبل جو نور، هيرو)، پاپوش (پاءِ معنيٰ پير ۽ پوش معنيٰ ڪور) يعني چمپل، بزدل (بز معنيٰ ٻڪري+ دل) معنيٰ ٻڪري جي دل وارو سو ٿيو ڪمزور دل، ڊڄڻو، فروشگاهه (دڪان)، آرمگاهه (آرام جي جاءِ) يعني مقبرو، قبر وغيره وغيره. هن قسم جا لفظ ته سمورا فارسي جا آهن. جهڙوڪ خبردار، چوڪيدار، عملدار، يا ميزبان، بيابان، دربان، ڪوچبان، يا وري مددگار، خدمتگار، طلبگار وغيره.
    اسڪول جي ڏينهن ۾ هڪ دفعي اسڪول ماستر رومال لفظ جي معنيٰ سمجهائيندي چيو هو ته اهو فارسي جي لفظ روءِ+ مليدن مان نڪتو آهي. يعني منهن کي صاف ڪرڻ وارو. ۽ هاڻ ايران جي هڪ هوٽل جي باٿ روم ۾ رکيل دستمال مان سمجهان ٿو ته اهي ننڍڙا ٽوال هٿن صاف ڪرڻ لاءِ آهن. جو دست فارسي جا لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي. هٿ، دست مان ڪيترائي ٺهيل فارسي جا لفظ اسان جي سنڌي، پنجابي، سرائڪي ۽ اردو زبانن ۾ به اچي ويا آهن. جهڙوڪ دست سناش، دست ڪاري، دستياب، وغيره بلوچي ۽ مڪراني زبان ۾ ته اڃان به گهڻا فارسي لفظ آهن. اردو سنڌي ته گهٽ ۾ گهٽ آئيگا ته پنهنجا آهن. مڪراني زبان ۾ ته اهي به فارسي جا انگوبيا ۽ برو وغيره آهن.
    فارسي جا ڪي لفظ عجيب ۽ کل جهڙا به لڳن ٿا. مشهد ۾ پهرين ڏينهن هڪ ريسٽورينٽ شاپ جي ٻاهران مغز، زبان، دل، مرغ وغيره لکيل پڙهي اهي ته سمجهي ويس، جو اسان وٽ به ساڳيا نالا استعمال ٿين ٿا پر هڪ لفظ مون کي عجيب لڳو ۽ سوچڻ لڳس ته اهو ”تخم مرغ“ ڇا ٿي سگهي ٿو. پنهنجي هوٽل ۾ اچي الحرمين جي سلمان رضوي کان پڇيم ته هن ٻڌايو ته تخم معنيٰ ٻج. ڪڪڙ جو ٻج معنيٰ بيضو! اهڙي طرح ڪجهه ٻيا دلچسپ لفظ نوٽ ڪيا اٿم. آب ميوه (فروٽ جوس)، آب معدني (منرل واٽر)، بازار بزرگ مرڪزي (سينٽرل گرانڊ بازار) اسان جي ذهن ۾ بزرگ لفظ سان درويش هڪ مذهبي، ڏاڙهي وارو ماڻهو اڀري ٿو پر ايران ۾ بزرگ معنيٰ وڏو جيئن بزرگ بازار معنيٰ وڏي بازار، ايران وارا ڪاوڙ مان آمريڪا کي بزرگ شيطان به سڏين ٿا. نيشاپور ويندي هڪ عمارت مٿان وڏن اکرن ۾ ”بيمارستان رضوي“ لکيل ڏسي سمجهي ويس ته فارسي ۾ بيمارستان معنيٰ بيمار ماڻهن جي رهڻ جي جاءِ يعني اسپتال. اهڙي طرح فارسي جو هڪ لفظ آهي. ”صندلي چرخدار“ معنيٰ Wheal Chair. جنهن تي بيمار ماڻهوءَ کي وهاري هلائبو آهي. ڪيترين آفيسن ٻاهران حمل و سڪت جهڙا لفظ پڙهي سوچڻ لڳس ته آيا اها مئٽرنٽي ڪلينڪ آهي جو اهو ته سمجهيم ٿي ته حمل معنيٰ پيٽ آهي ڇو جو اسان وٽ پيٽ سان عورت کي حمل واري عورت سڏين ٿا. ٻين به ڪيترن هنڌن تي حمل جو لفظ نظر آيو پر مٿين معنيٰ Pregnancy واري ان سان صحيح نٿي بيٺي. پوءِ هڪ ڏينهن پاڻي جي ٽئنڪر تي ”حمل آب“ ڏسي سمجهي ويس ته حمل جي صحيح معنيٰ کڻڻ آهي. حمل آب معنيٰ پاڻي کڻڻ وارو يعني واٽر ٽئنڪر.
    آب تان ياد آيو ته فارسي جو اهو لفظ اسان وٽ عام استعمال ٿئي ٿو جيئن ته آب هوا، دوآب، پنجاب وغيره. پر فردوسي جي مقبري تي طوس شهر ۾ پهچي سخت اُڃ لڳي ته سمجهه ۾ نه آيو ته پاڻي کي فارسي ۾ ڇا ٿا چون جيتوڻيڪ هر نئين ملڪ ۾ پهچڻ کان اڳ جيڪي ڏهاڪو کن لفظ ان ملڪ جي ٻولي جا ياد ڪندو آهيان انهن ۾ هڪ پاڻي به آهي ۽ ٻيو ٽئاليٽ پڻ. پر ان ڏينهن انهن شين جا فارسي نالا ڌيان ۾ نه اچڻ ڪري مون کي مڪاني ماڻهن سان ڪافي مغز ماري ڪرڻي پيئي جيئن هو منهنجي ضرورت سمجهي سگهن.بعض ۾ جڏهن خبر پيئي ته پاڻ تي کل آئي ته اهي لفظ ته اسان وٽ (ننڍي کنڊ ۾) ڪيترن ئي زبانن ۾ ساڳيا آهن جيئن پاڻي لاءِ آب جيڪو دراصل فارسي لفظ آب مان ئي نڪتو آهي. اهڙي طرح پيشاب يعني پيش+ آب معنيٰ اڳيون پاڻي!
    فارسي زبان جو اسان جي ملڪ تي وڏو اثر آهي. اسان جي ملڪ جو نالو فارسي زبان جو آهي. اسان جي ملڪ جي قومي تراني ۾ نوي سيڪڙو فارسي جا لفظ آهن ۽ اسان جي ملڪ جي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جا اڌ کان وڌيڪ نالا فارسي زبان جا آهن. نموني خاطر هتي آخر ۾ ڪجهه ايراني ڇوڪرين جا نالا لکان ٿو، جيڪي اسان وٽ پاڪستان ۾ پڻ عام آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ڪيترن کي اها خبر نه هجي ته اهي فارسي زبان جا آهن. هي نالا لکائڻ ۾ منهنجي مرحوم دوست اسلام مصطفيٰ جي ٻارن منهنجي مدد ڪئي آهي. اسلام مصطفيٰ منهنجو چٽگانگ ۾ مئرين انجنيئرنگ پڙهڻ دوران ڪلاس مئٽ رهيو. گڏجي جهاز هلاياسين ۽ هڪ ئي وقت چيف انجنيئر جي عهدي تي پهتاسين. هو ايران ۾ فرخنده نالي هڪ ايراني ڇوڪري سان شادي ڪري هتي ايران ۾ ئي Sattle ٿي ويو. 2001ع ۾ کيس هارٽ اٽئڪ ٿي پيو ۽ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. کيس ٽي ڌيئرون ۽ هڪ پٽ علي آهي. جيڪي تهران ۾ پنهنجي ماءُ سان گڏ رهن ٿا. اسلام جي گهرواري فرخنده ۽ ٻار اردو پڻ ڳالهائين ٿا. هيٺ ڏنل نالا لکائڻ ۾ اسلام مصطفيٰ جي ڌيئرن عاليه ۽ فائزه مدد ڪئي آهي.
    ڇوڪرين جا ڪجهه نالا جيڪي فارسي زبان جا آهن.
    جهان آرا، جهان بانو، گل افشان، گل اندام (سهڻي جسم واري)، گلبهار، گلبانو، گلبرگ (گل جي پتي Petal) ، گلنار، گلناز، گلپري، دلشاد، گلشن خاتون (عورت)، خورشيد (سج)، ڪوڪب (تارو)، درناز (قيمتي)، فهيما (ڄاڻو)، فرح (خوشي)، فرين (Best)، فرزانه (عقلمند)، غزل، غزاله، غنچا، فريال (سهڻي پکي جو نالو)، ياسمين (يڪتا)، زيبا، زينت، زرفشان، مهه جبين، ماهه لقا، ماهراز، ماهرخ، ماهناز، مهوش، نغمه ناديا (خواهش)، ناهيد (تارو)، ناز پري، نگار (پياري)، نگين، نوشين، نوين، پري ناز، پري رو، پري چهره، ريحانه، رخسانه، شيرين، شهناز، شهربانو، آفرين (واکاڻ)، افروز (چمڪندڙ)، عاليه (Noble)، الماس (هيرو)، انيتا (ٻوٽي جو نالو)، آرزو، ارمغان (تحفو)، آرميتا (نيڪ)، آتيشه (باهه)، بنفشه (گل)، اختر (تارو)، دريناز (درياه ناز Glory of Sea) ، دل آرا (پياري)، دلڪش، ديبا (پروڪيڊ)، دينا (حج)، تهمينه (مضبوط، رستم جي زال جو نالو) رخسانه (سڪندر اعظم جي ايراني زال جو نالو Rexona).) هو.


    ويزائن جون ٺڳيون ۽ پرديس ۾ پريشانيون

    تهران جي ايئرپورٽ تي اميگريشن وانگر ڪسٽمس جو مرحلو به منٽن ۾ طئي ٿي ويو. اسان جو پاڪستاني پاسپورٽ ڏسي اسان کي اجايو سجايو تنگ نه ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪا ضروري يا غير ضروري پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، نه ته اهي خواريون دنيا جي هوائي اڏن تي اسان پاڪستانين لاءِ نارمل ڳالهه ٿي پيئي آهي. ان ۾ ڪجهه اسان ماڻهن جو به ڏوهه آهي. اسان جي ڪيترن ماڻهن جا سفري ڪاغذات پاسپورٽ کان ويزا تائين نقلي، اڻ پورا يا نقص وارا هجڻ ڪري وٺ پڪڙ ٿئي ٿي ۽ پوءِ سڪن سان گڏ آلا به ٻرن ٿا. ڌارئين ملڪ جي واسطيدار کاتي کي چڙ لڳي ٿي ته هي ڪهڙا ٺڳ سندن ملڪ ۾ گهڙي رهيا آهن جن جو پاسپورٽ Expiry تاريخ جي ويجهو آهي يا جعلي آهي يا ٻئي جي پاسپورٽ تي پنهنجو فوٽو هنيو اٿس. نالي Spelling ۾ فرق آهي يا ڄم جي تاريخ صحيح ناهي. بهرحال اڄڪلهه اسان جي ملڪ جو پاسپورٽ Readable هجڻ ڪري ان قسم جي ڪافي ٺڳين کان اسان جا ماڻهو گريز ڪن ٿا. جو اليڪٽرانڪ مشين ذريعي، سفر ڪندڙ ماڻهوءَ جا، ضروري Particulars ويندي فنگر پرنٽس نوٽ ٿيو وڃي، جيڪي ملڪ ڇڏڻ تي به چيڪ ڪيا وڃن ٿا جيئن خبر پوي ته اهو ساڳيو ماڻهو جيڪو Enter ٿيو، اهو ئي ان ڌارئين ملڪ مان نڪتو. ائين نه ته ان جي جاءِ تي ڪو ٻيو نڪتو.
    ايران لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. هزار يا ٻارهن سو رپين جي في ۽ بلڊ رپورٽ جمع ڪرائڻ سان ٽن مهينن جي ويزا مليو وڃي. اڄڪلهه پاڪستان ۾ سلهه جي بيماري وڌڻ جي افواهن ڪري ايران جو قونصل خانو ايران ويندڙ مسافر جي ڦڦڙن جو ايڪسري به گهري ٿو. ان لاءِ هنن هر شهر ۾ ڪو ڊاڪٽر يا ڪلينڪ مقرر ڪري ڇڏي آهي. جيئن ڪراچي ۾ عيسيٰ خان لئبارٽريز آهن جن جون ڪلفٽن، ڊفينس، ناظم آباد، صدر ۽ ٻين هنڌن تي برانچون آهن. ويزا ۾ سنگل انٽري به ٿئي ٿي ته ڊبل به. اهي جيڪي فقط ايران جي زيارتن لاءِ وڃن ٿا انهن لاءِ سنگل ويزا ڪافي آهي باقي عراق ۽ شام ويندڙن لاءِ ڊبل ويزا ضروري آهي، جو هنن کي ايران اچي پوءِ بس ذريعي ڪربلا (عراق) ۽ شام وڃڻو پوي ٿو جتان وري هنن کي ٻيو دفعو ايران اچڻو پوي ٿو. ان ڪري انهن لاءِ ڊبل انٽري ضروري آهي. بهرحال هي ڪم توهان پاڻ به ڪري سگهو ٿا. هڪ ڏينهن ايران جي قونصلر سيد مجدد دين افقا سان ملڻ ويس ته قونصل خاني ٻاهران ڪيترائي ٻهراڙي جي ڳوٺن جا اڻ پڙهيل ۽ پوڙها ويٺل نظر آيا جن ٻڌايو ته هو پاڻ ويزا لاءِ فارم ڀريندا آهن ۽ ٻن ڏينهن بعد وٺي ويندا آهن. افقا وٽ عبدالهادي نالي هڪ پاڪستاني آفيسر، جنهن فارسي به سٺي ڳالهائي ٿي. تنهن پڻ ٻڌايو ته گهربل ڊاڪومينٽ صحيح آهن ته اسان ڪنهن کي به ويزا ڏيڻ ۾ دير نٿا ڪريون. اسان جي گروپ جي ماڻهن پنهنجو پنهنجو پاسپورٽ، بلڊ رپورٽ، ايڪس ري ۽ ويزا في الحرمين ٽريول ايجنٽس کي ڏني. جيڪي گذريل ٽيهن سالن کان مختلف زيارتن ۽ ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ ٽڪيٽون ۽ گروپ ٺاهي هنن کي حج، عمري، ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي وٺي هلن ٿا ۽ جتي ڪٿي رهائش، کاڌي پيتي ۽ گهمائڻ لاءِ بسين جو بندوبست ڪن ٿا، هنن جي آفيس ايم اي جناح روڊ تي امام بارگاهه علي رضا جي سامهون آهي. مون کي به هنن سان منهنجي جهاز جي شيعا دوستن ۽ ڳوٺ جي ماڻهن ملرايو. جيڪي سالن کان هنن جي رهنمائي ۾ وڃن ٿا ۽ هي فائدي کان وڌيڪ اجر خاطر ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهن. بهرحال ايران وڃڻ ڪو اهڙو ڏکيو ڪم ناهي ۽ نه وري ايران جي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ جهد پٽڻا ٿا پون يا وڏو خرچ ڪرڻو پوي ٿو، پر افسوس جي اها ڳالهه ته ڪيترائي اسان جا پنهنجا ماڻهو هن نيڪ ڪم ۾ به اٻوجهه ۽ سادن ماڻهن کي چند رپين جي فائدي لاءِ رلائيندا رهن ٿا. هنن کان پئسا وٺي ٻي نمبر جون جعلي ويزائون هڻرائي ڏين ٿا. پوءِ غريب ڳوٺاڻا پرديس ۾ يا بارڊر وٽ دربدر ٿيو وڃن. اهي ٺڳيون گهڻو ڪري باءِ روڊ اچڻ وارن سان بلوچستان واري بارڊر تي ٿين ٿيون. قم ۾ ٻه شيعا مولوي مولانا غلام شبير وڌهو ۽ زوار خان محمد چانڊيو مليا جيڪي ڳوٺ جي ٽيهارو کن ماڻهن کي وٺي ايران ۽ عراق جي زيارتن لاءِ آيا هئا. هنن ٻڌايو ته هو باءِ روڊ يعني ڪوئيٽا کان ٿيندا پهتا آهن.
    ”اسان کان فلاڻي همراه پئسا وٺي چيو ته توهان کي اسلام آباد مان ايران جي ويزا لڳرائي ٿو ڏيان.“ مولانا غلام شبير ٻڌايو اهو ٻڌي اسان جي گروپ جي هڪ همراهه ٻڌايس. ”پهرين ڳالهه ته اسلام آباد مان ويزا نٿي لڳي. ٻي ڳالهه ته اهو ماڻهو ته مشهور ٺڳ آهي. اهو ان قسم جا دو نمبري ڪم ڪري ماڻهن کي مصيبت ۾ وجهي رهيو آهي.“
    ”بس مون کي ته خبر نه هئي.“ مولانا شبير چيو ”اسان ته ان وقت وائڙو وياسين جڏهن ڪوه تافتان (پاڪستان جي بارڊر واري شهر) کان ايران واري بارڊر واري شهر مير جاوا کان روانا ٿياسين. ايران جي اميگريشن پوليس اسان کي اتي ئي وهاري ڇڏيو. توهان پاڻ سوچيو ته اسان جو قافلو جنهن ۾ گهڻا پوڙها مرد ۽ عورتون هيون، جيڪي دادو ضلعي کان سفر ڪري ڪوئيٽا پهتا جتان پوءِ سڄي رات بلوچستان جي ڀڳل رستي تان سفر ڪري بارڊر تي پهتا ته هنن کي واپس پئي ڪيو ويو.“
    مولانا غلام شبير ٻڌايو ته ”پوءِ ڪجهه سڀني جي دعائن جي اثر ڪري ۽ ڪجهه منهنجي ايران ۾ سڃاڻپ ڪري، جو هتي مون ڪيترائي سال درس، تدريس جو ڪم ڪيو آهي. اسان کي ايران اندر گهڙڻ جي اجازت ڏني وئي نه ته منهنجي ڳوٺ ۾ ڇا عزت رهي ها. ڇو جو ڪيترائي ماڻهو اٻوجهه عوام کي زيارتون ڪرائڻ جي چڪر ۾ بيوقوف بڻائيندا وتن.“
    ان وقت مون سان گڏ الحرمين جو عابد جعفري به هو تنهن نالو وٺي هڪ ايجنٽ لاءِ ٻڌايو ته اهو اهڙو ٺڳ آهي جو سنڌ ۽ پنجاب جي ڳوٺن جي ماڻهن کان سواِ سوا لک رپيا وٺي کين حج ڪرائڻ بدران هيڏانهن ايران وٺيو اچي. ”کين مشهد ۾ امام رضا جي روضي تي آڻي چوي ته هي مڪي شريف ۾ اچي ويا آهيون ۽ پوءِ قم ۽ حضرت معصوما جي درگاهه تان گهمائي کين چوين ته اها مسجد نبوي آهي. توبه توبه! ڪهڙا ٺڳ ۽ ظالم ماڻهو آهن. غريبن سان دوکو ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڄڻ هنن کي ٻئي جهان ۾ هلڻو ئي ناهي. اهڙن ٺڳن جا ته توهان کي نالا لکڻ کپن ته جيئن عوام خبردار ٿئي.“ عابد چيو.
    هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته ڪوئيٽا کان تافتان (سڄو نالو ڪوه تافتان) 630 کن ميل آهي. رستي تي نوشڪي، احمد وال، پاڊاگ روڊ، دلبندين، يڪمچ ۽ نوڪ ڪنڊي جهڙا ننڍا ڳوٺ اچن ٿا. رستو ايڏو خراب آهي جو رستي تي ترسندي ٻيو ڏينهن ٿيو وڃي. يعني گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪ لڳيو وڃن. پاڪستان جو بارڊر ٽپڻ بعد ٽن چئن ڪلوميٽرن بعد ايران جو پهريون شهر ميرجاوا اچي ٿو ان بعد100 کن ڪلوميٽرن بعد ايران جو هڪ وڏو ۽ بلوچستان جي گادي وارو شهر زاهدان اچي ٿو ۽ پاڪستان جي مقابلي ۾ ايران جا رستا ايڏا ته ويڪرا ۽ پر امن آهن جو 100 ڪلوميٽرن جو فاصلو هڪ ڪلاڪ ۾ پورو ٿيو وڃي ۽ اسان ڏي نوڪ ڪنڊي کان ڪوه ڪوفتان جو 120 ميل رستو طيءَ ڪرڻ ۾ ڏهن ڪلاڪن کان مٿي وقت لڳيو وڃي. پر اهو آهي ته باءِ روڊ ايران اچڻ سان وڏو خرچ بچيو پوي جو ان جي مقابلي ۾ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ تمام گهڻي مهانگي آهي.ايران ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو سامان به ايترو مهانگو ناهي. خاص ڪري عرب ملڪن جي مقابلي ۾. ڪي شيون ته اسان کان به سستيون آهن. ڪي شيون انڊيا ۽ پاڪستان کان کڻي سستيون نه هجن پر صاف سٿريون ۽ هائيجنڪ ته آهن. ايران جي شهرن جي ٽئپ واٽر يعني نلڪن جو پاڻي به پيئڻ لائق آهي. ٻيو ڇا کپي! اسان وٽ اڌ کان وڌيڪ بيماريون پاڻي جي آلودگي ۽ بيمار وهٽ کائڻ ڪري آهن، اهو ئي سبب آهي جو ايراني اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن کان تندرست آهن ۽ گهٽ کائڻ ۽ گهڻي پنڌ ڪرڻ ڪري ڀر وارن ملڪن جي عربن کان سنها ۽ سمارٽ آهن. ايران جي حڪومت کي ان ڳالهه تي ڪريڊٽ نه ڏيڻ سخت بخيلپڻو ٿيندو ته هن عوام جي سواري لاءِ سک ڪري ڇڏيا آهن. ايران جي هر شهر ۾ تهران مشهد هجي يا قم، اصفهان يا تبريز ۽ شيراز، بس جو ڀاڙو نه برابر آهي. ايران جي هر شهر ۾ واندڪائي وقت بس ۾ چڙهي شهر جا چڪر هڻڻ منهنجو ايران ۾ خاص مشغلو رهيو ٿي. توهان کي جي رستن جي ڪجهه ڄاڻ ٿي وڃي ته چار ماڻهو هلڻ واريون ٽئڪسيون به سستيون آهن، جن بابت مون کي به پهريون دفعو قم ۾ خميني مدرسي جي هڪ آفريڪي طالب علم ٻڌايو. ايران جو هي وڏو بين الاقوامي مدرسو ڏسي بس لاءِ اچي بيٺس ته ڪانگو جو هي ذوالقعد نالي شاگرد جيڪو مدرسي جي هاسٽل ۾ رهي ٿو، مون کي چئن ماڻهن واري ٽئڪسي ۾ بازار قم ۾ وٺي آيو. کيس سٺي انگريزي آئي ٿي سو مونکي هتي جي هنن ٽئڪسين جو سسٽم سمجهائي ڇڏيو. قم جي هن مشهور امام خميني مدرسي جو احوال ڪٿي اڳتي هلي ڪنداسين جتي منهنجي ڪيترن ئي ملڪن جي عالمن ۽ شاگردن سان پڻ ملاقات ٿي.
    مٿي ذڪر ڪيل مولانا غلام شبير وڌهو هتي جي عالمن ۽ تعليم يافته ماڻهن مان آهي پاڻ مولانا عبيد الله جو فرزند آهي ۽ سندن ڳوٺ تعلقي شهدادڪوٽ جو چاڪياڻي نالي آهي. جتي سندس جنم پهرين مارچ 1961ع تي ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم ڳوٺ ميرو خان ۾ مرحوم مولانا اختر حسين چانڊيو کان ورتائون خاص ڪري جامع المقدمات ۾. ان بعد ڪجهه عرصو ڪوئيٽا ۾ جامع امام صادق علمدار روڊ واري مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي. ”ان کان پوءِ.“ مولانا شبير ٻڌايو ته ”ايران آيس جتي حوزه علميه قم ۾ آيت الله سيد محمد مفتي الشيعه اردبيلي وٽ هي درس ورتم.
    نهج البلاغه
    صحيفه سجاديه
    ڪتب اربع
    اصول ڪافي
    من لايحضر الفضيه
    الاستبصار
    تهذيب ۽
    علوم تاريخ.“
    مولانا غلام شبير ٻڌايو ته هن قم ۾ انهن سبجيڪٽن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان ”امام زمانا مهدي موعود“ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. هو ڪيترائي دفعا ڪربلا ۽ شام زيارت لاءِ توڙي ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃي چڪو آهي. پاڻ تمام سٺي فارسي ڳالهايئين ٿي. ساڻس گڏ دادو ضلعي جي ماڏو ڳوٺ جي زوار فيض محمد چانڊيو جو فرزند زوار خان محمد چانڊيو پڻ هو. سندس ڏاڏو زوار رئيس مرحوم جان محمد چانڊيو شيعن جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. جنهن 1952ع ۾ سنڌ ۾ پهريون مناظرو ڪرايو هو. زوار خان محمد ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه مان ايم. اي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان M.Ed حاصل ڪئي آهي.


    تهران هوائي اڏو ۽ سئيٽرن جي گمشدگي

    تهران جي ايئرپورٽ تي اميگريشن بعد ڪسٽم مان جلدي واندو ٿي ٻاهر اچي بيٺس. سامان ۾ مون وٽ فقط هڪ ننڍڙي بئگ هئي. جيڪا جهاز ۾ پاڻ سان ئي رکي هيم ۽ جهاز مان لهڻ وقت پاڻ سان کڻي لٿس. منهنجي گروپ جا ٻيا ساٿي- خاص ڪري اهي جن پاڻ سان تمام گهڻو سامان آندو هو، اهي پنهنجين بئگن جو انتظار ڪرڻ لڳا، جيسين اهي جهاز مان لهي رولنگ بيلٽ تي اچن، گروپ ۾ سفر ڪرڻ ۾ جتي ٻيا فائدا آهن اتي اهو به نقصان آهي ته سڀني لاءِ انتظار ڪرڻو پوي ٿو. جنهن ڪري وقت جو زيان ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻن ڄڻن جي سستي ڪري ريل يا ڳنڍيندڙ اڏام Connecting Flight جي ڇٽي وڃڻ جو به انديشو ٿئي ٿو، جيئن هينئر اسان کي ٽن ڪلاڪن اندر مشهد لاءِ ويندڙ مڪاني اُڏام تي پهچڻو هو. پاڪستان کان ايندڙ ايئر ايران جي هيءَ پهرين فلائيٽ آهي جو تهران جي نئين هوائي اڏي IKIA امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿي آهي. هن کان اڳ ڪراچي واري اڏام هميشه تهران جي پراڻي هوائي اڏي مهرآباد ايئرپورٽ تي لهندي هئي. جيڪو هوائي اڏو (امام خميني ايئرپورٽ) شهر کان 35 کن ڪلوميٽر ”تهران- قم“ هاءِ وي تي آهي. ايران جون اندروني Domestic اڏامون اڃان تائين پراڻي هوائي اڏي تان هلن ٿيون. هونءَ اسان جو جهاز مهرآباد هوائي اڏي تي لهي ها ته ڪو مسئلو نه ٿئي ها جو اتي ئي سامان رکي ٽرالين ۾ ڇڪي ان گيٽ ڏي واڪ ڪندا پهچي وڃون ها جتان مشهد لاءِ جهاز کي اڏامڻو هو. پر هاڻ اسان ان گيٽ کان 35 ڪلوميٽر پري بيٺا هئاسين ۽ بس يا ٽئڪسين ذريعي اهو فاصلو ۽ ڪجهه حصو تهران شهر جو اڪرڻو هو ۽ تهران جي ٽرئفڪ ڪراچيءَ جو سڪون ٿي لاهي. اسان واري جهاز مان لهندڙ هڪ هڪ ٿي بسين ۽ ٽئڪسين ۾ تهران يا ٻين شهرن ڏي روانا ٿي ويا. اسان ٽيهن ڄڻن جي گروپ لاءِ بس به ڪا اهڙي کتي ٿي جنهن ۾ سامان رکڻ لاءِ ڇت تي يا هيٺ جاءِ هجي. ان لاءِ سڀني جي گڏ ٿيڻ تي اسان جي گروپ جو گائيڊ محمد علي ئي بندوبست ڪري سگهيو ٿي. آءٌ تيسين هن نئين ايئرپورٽ جي بناوٽ ۽ ٻاهر جو نظارو ڪرڻ لڳس. پري پري تائين هاءِ وي ۽ ان تي ٻرندڙ مرڪري بلب ڏسندو رهيس. منهنجي اڳيان ڪجهه سنڌ جا ماڻهو جن بابت بعد ۾ محمد علي ٻڌايو ته خيرپور جا آهن. ٽئڪسي وارن سان اڌ فارسي اڌ سنڌي گاڏڙ اردو ۾ ڀاڙي تي بحث ڪري آخر ڪنهن ڀاڙي تي راضي ٿي روانا ٿي ويا. هو پهرين به ايران آيل لڳا ٿي جو هو پر اعتماد هئا. ڄڻ سکر کان روهڙي پئي ويا. اتي هڪ يورپ کان به اڏام پهچي وئي هئي جنهن مان هڪ نوجوان کي وٺڻ لاءِ سندس مائٽ، مٽ، دوست يار ۽ پريس وارا مووي ڪئميرائن سان اچي بيٺا. هن جي ٻاهر نڪرڻ سان کيس گلن جا هار وڌائون ۽ اتي موجود سڀني کي هڪ هڪ گلاب جو گل ڏنائون. يورپ کان آيل هي سنهو ڊگهي قد جو نوجوان ٽائي بنا سوٽ ۾ هو. ٽائي ته ايراني ولايت ۾ به نه پائيندا آهن. مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ ويهارو کن ايراني تعليم وٺي رهيا هئا تن ٻن سالن ۾ ڪڏهن ٽائي نه پاتي. يونيورسٽي جي سالياني ڊنر ۾ به هو بنا ٽاءِ جي ايندا هئا. يورپ کان آيل هن همراهه کي ايران جي اهم شخصيت سمجهي هڪ ٻن همراهن کي اشارن سان منٿ ڪري پنهنجي ڪئميرا سان هن سان گڏ فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيم. ساڳي وقت هن نوجوان کان انگريزي ۾ پڇيم ته آيا هو ڪنهن فٽ بال يا هاڪي جو رانديگر آهي يا سندس ڪنهن ٻي Sport سان واسطو آهي. پر هن کي انگريزي سمجهه ۾ نه پئي آئي ۽ فارسي منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئي. پر پوءِ پڇ پڇ ڪري نيٺ معلوم ڪيم ته هي همراهه جرمني مان ڪيمسٽري جي اعليٰ تعليم ۾ مٿاهون نمبر کڻي موٽيو آهي سو ايران جا ماڻهو خوشي ٿا محسوس ڪن. ڪاميابي جي ڪري هن نوجوان جي چپن تي آيل مرڪ ڏسڻ وٽان هئي. ان سان گڏ اهو به ڏسڻ وٽان هو ته هو ڪيئن پنهنجي پوڙهي ماءُ پيءُ ۽ ماسيءَ جي پيرن تي هٿ رکي مليو. ان وقت هنن سان گڏ اسان جي اکين ۾ به خوشيءَ جا لڙڪ تري آيا. سئيڊن ۾ به ڏسندو هوس ته ايراني شاگرد تمام گهڻي محنت ڪندا هئا. يونيورسٽي جي ڪلاسن کان ڪڏهن به گسائيندا نه هئا. اڳين سيٽن تي وهندا هئا. هنن سان سندن سفارتخاني جا آفيسر ۽ ملڪ کان آيل سياستدان يا وزير وقت به وقت ملندا رهندا هئا ۽ کين محنت ڪري سٺي پوزيشن کڻڻ جي تلقين ڪندا هئا. سندن سٺي اخلاق ۽ سٺي پڙهائي ڪري دنيا جي ٻين ملڪن جا شاگرد هميشه ايران مان Impress رهندا هئا جيتوڻيڪ مغربي پريس هر وقت ايران جي خلاف پروپئگنڊا ڪندي رهندي هئي ته ايراني جاهل آهن ڄٽ آهن. پر حقيقت ڪجهه ٻي ئي تصوير ڏيکاريندي هئي.
    فارسيءَ ۾ ايئرپورٽ کي پڪ فرود گاهه سڏيندا هوندا تڏهن ته تهران جي هن نئين ايئرپورٽ تي انگريزي ۾ Imam Khomeini Interntional Airport سان گڏ فارسيءَ ۾ ”بين الملي امام خميني فرود گاهه“ لکيل آهي. تهران جو هي نئون ايئرپورٽ تهران شهر کان 35 ڪلوميٽر کن ڏکڻ ۾ آهي ۽ پراڻو وارو يعني مهرآباد ايئرپورٽ شهر جو اولهه ۾ ۽ شهر جي حدن ۾ آهي. هن نئين ايئرپورٽ بابت شهنشاهه ايران جي ڏينهن ۾ ئي سوچيو ويو هو ته شهر کان پري ڪو وڏو ايئرپورٽ ٺاهيو وڃي جيڪو ايران جي وڌندڙ هوائي ضرورت کي منهن ڏيئي سگهي ۽ هن هوائي اڏي جو نالو پهرين احمد آباد ايئرپورٽ سوچيو ويو پر پوءِ 1979ع واري ايراني انقلاب جي باني آيت الله روح الله خميني نالي رکيو ويو. هن ايئرپورٽ جو ٺيڪو پهرين ٻاهر جي ڪمپني کي ڏنو ويو پر انقلاب بعد اهوئي سوچيو ويو ته هي ايئرپورٽ پنهنجن ئي ماڻهن کان ٺهرائجي هن ايئرپورٽ ۾ ڪافي رنڊڪون درپيش اينديون رهيون. اٺ سال ته ايران ۽ عراق جي وچ ۾ هلندڙ جنگ جي ڪري ايئرپورٽ تي ڪڏهن ڪم هليو ٿي ته ڪڏهن رڪجي ويو ٿي. بهرحال سال ڏيڍ کن اڳ ايئرپورٽ جو ڪم Operational حالت ۾ پهچي ويو پر هن ايئرپورٽ جي رن وي تي جهاز لهڻ ڪو هن سال کان شروع ٿيو آهي ۽ ڪراچي کان ايندڙ هيءَ اسان جي پهرين اڏام آهي جنهن کي هن ايئرپورٽ تي هاڻ لهڻ جي اجازت ملي آهي. ان سان اسان پاڪستانين کي فائدي بدران نقصان ئي ٿيندو جو اسان جي ماڻهن کي تهران هوائي اڏي تي لهڻ بعد مشهد وڃڻو ٿو پوي جنهن لاءِ هنن کي ٽئڪسي جو ڀاڙو ڀري وري پراڻي ايئرپورٽ مهرآباد وڃڻو پوندو.
    ايران ايئر جي هوائي جهازن جي اها ڳالهه هتي لکندو هلان ته ايران ايئر جي ڪنهن به جهاز تي شراب Serve نٿو ٿئي. ايران جي سڀني هوائي جهازن تي حلال کاڌو ملي ٿو. ايران جون سڀ اڏامون Non Smoking آهن. يعني ڪنهن به جهاز تي سگريٽ ڇڪڻ جي اجازت ناهي. ايران جي بين الاقوامي سڀني اڏامن تي نماز پڙهڻ لاءِ جاءِ ڇڏيل آهي. هما ڪلاس هتي جو Executive Class آهي جنهن ۾ ٽنگون ڊگهيون ڪرڻ جي وڌيڪ جاءِ آهي ۽ مانيءَ جي پڻ ڪافي ورائٽي آهي. يعني ٻن ٽن ڊشن مان توهان پنهنجي پسند جو ڊش چونڊي سگهو ٿا.
    تهران جي هن نئين ايئرپورٽ IKIA لاءِ آخر ۾ ايترو چوندس ته دنيا جي صاف سٿرن هوائي اڏن مان هڪ آهي. اميگريشن ۽ ڪسٽمس جا معاملا جهٽ پٽ ٿيو وڃن ۽ هڪ ٿڪل مسافر کي وڌيڪ پريشان ۽ بيمار نٿو ٿيڻو پوي. ايئرپورٽ جو اسٽاف مسافرن کي خوش اخلاقي سان رهنمائي ۽ مدد ڪري ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه جتي ڪٿي وهڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪرسيون نظر اچن ٿيون. جيئن اسان به وارو اچڻ تائين ڪرسين تي ويٺا رهياسين، نه ته گهڻو ڪري سڀني هوائي اڏن تي اميگريشن ۽ ڪسٽمس وارن ڪمرن ۾ بيهڻو پوي ٿو. بس رڳو شهر کان ڏور هجڻ جي مسافرن کي تڪليف رهي ٿي جنهن لاءِ هتي ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙن ٻڌايو ان لاءِ ميٽرو (شهر کان ايئرپورٽ تائين هلندڙ ريل) جو ڪم مڪمل ٿيڻ تي آهي. ان بعد هي ايئرپورٽ شهر جي وچ سان ائين ڳنڍجي ويندو جيئن نيويارڪ جو هوائي اڏو IJFK نيويارڪ شهر سان آهي. في الحال شهر کان هوائي اڏي تي پهچڻ لاءِ ٽيڪسي ڪرڻي پوي ٿي جيڪا هڪ لک ريال يعني ڏهه هزار تُمن وٺي ٿي. اها رقم اسان جي ست سو رپين (ٻارهن آمريڪن ڊالرن) برابر ٿي. بهرحال ڪي ٽئڪسي ڊرائيور پنجاهه سو رپيا گهٽ به وٺن ٿا ۽ جي توهان ٽي ڄڻا گڏجي هڪ ٽئڪسي ڪريو ٿا ته پوءِ ٻن سو رپين ۾ ڪراچي کان به سستو ٿيو جو ڪراچي ۾ ميٽرو ٽئڪسي وارا ايئرپورٽ کان صدر تائين ٽي سو رپيا وٺن ٿا.
    ايران جي هوائي جهاز جي اڳئين ڪلاس يعني بزنس ڪلاس جو نالو ”هما“Homa هجڻ کان علاوه ايران ايئر جي نالي جي آخر ۾ پڻ هما لکيل آهي ۽ ان سان گڏ هڪ پکي جي ٺهيل شڪل ڇا جي آهي؟ هما دراصل ديو مالائي پکي آهي. جنهن جي تاريخ ايران جي قديمي شهنشاهن Achaemenid کان وٺي آهي ۽ تخت جمشيد Persepolis جي محلات ۽ ٻين عمارتن جي ٿنڀن مٿان ٺاهيو ويندو هو. ايراني لوڪ ڪهاڻين مطابق بادشاهه جي مرڻ تي هي پکي جنهن جي مٿان اچي وهندو هو ان کي بادشاهه چونڊيو ويندو هو. بهرحال هن خيالي Mythological پکيءَ جي پرشين آرٽ ۾ وڏي اهميت آهي. ان ڪري (شايد) ايران ايئر وارن پنهنجي هوائي ڪمپني جو نشان هما چونڊيو آهي. هونءَ به ايئر ايران جي فارسي نالي ”هوا پيمائي ملي ايران“ جو شارٽ فارم (مخخف) ”هما“ ٿو ٺهي.
    آخرڪار اسان جي گروپ جا سڀ ماڻهو ايئرپورٽ جي ٻاهران پهچي ويا. ان وقت هڪ به ٽئڪسي نه بچي هئي. پري کان ٻه بسيون (هڪ ننڍي هڪ وڏي) بيٺيون هيون. جن مان هڪ وڏي اسان لاءِ ڪافي هئي پر جيئن ته انهن بسين ۾ سامان رکڻ جي مٿي ڇت تي يا هيٺ الڳ جاءِ نه هئي ۽ پاڻ سان رکڻو هو ان ڪري اسان جي ٽوئر آرگنائيز ڪرڻ وارن کي ٻه بسيون ڀاڙي تي ڪرڻ جي چٽي پئجي وئي. پوئين 30 سيٽن واري بس ۾ هن ٽوئر جو انچارج محمد علي، آءٌ ۽ هڪ فئملي جنهن ۾ زال مڙس ۽ چار ٻار هئا. اهي ٺهي سگهيا. هنن سان گڏ کانئن وڌيڪ وڏيون ڪنگ سائيز بئگون هيون جيڪي مهيني اڌ جي سفر لاءِ نه پر ڪنهن ملڪ ۾ ٻه يا ٽي سال نوڪري ڪرڻ بعد جڏهن اهو ملڪ ڇڏبو آهي ته ان سائيز جون بئگون کڻبيون آهن. هر هڪ تعجب ۾ هو ته هنن هيڏيون وڏيون بئگون ڇو کنيون آهن جيڪي کڻڻ وقت کين ئي سورن ۾ ٿيون وجهن. بعد ۾ خبر پيئي ته هنن انهن ۾ صبح شام بدلائڻ لاءِ وڳا ۽ کاڌي پيتي جون شيون کنيون آهن. سچي ڳالهه اها آهي ته گهمڻ لاءِ نڪرڻ وقت سکيو مسافر اهو ٿو رهي جيڪو پاڻ سان گهٽ سامان ٿو کڻي. خاص ڪري ايران جهڙي ملڪ ۾ جتي عورتن لاءِ ته ٻه وڳا به ڪافي آهن جو هنن کي هر وقت چادر ۾ ڍڪجي هلڻو پوي ٿو ۽ ڪير ٿو ڏسي ته ڪنهن جو وڳو ڪهڙي ڪپڙي يا سلائي جو آهي. استري ٿيل آهي يا اڻ استري آهي. مردن کي به کپي ته ٻن بدران کڻي ٽي وڳا کڻن ۽ شلوار قميص بدران هو ٽرائوزر (پجامي جهڙي ڍري پتلون يا ڪارگو پينٽ)۾ تڪليف نٿا محسوس ڪن ته اها سڀ ۾ بهترين آهي هو ان جي کيسن ۾ توهان سفري ڪاغذات، پئسا ۽ پاسپورٽ وڌيڪ سهولت سان رکي سگهو ٿا. هتي جا ايراني ماڻهو به توهان کي اهڙين ٽرائوزرن ۾ نظر ايندا، ڪو هزارين ۾ هڪ، توهان کي شلوار قميص ۾ نظر ايندو جنهن کان پڇڻ تي خبر پوندي ته هو خيرپور، ملتان يا سبيءَ جو آهي. کاڌي پيتي جي معاملي ۾ به ايران جهڙو بهتر ملڪ ٿي نه سگهندو. ائين ته انڊيا ۽ ملائيشيا به ان معاملي ۾ ايران وانگر آهن پر انڊيا ۾ ڪٿي ڪٿي اسان جي ملڪ وانگر غير صحتمند کاڌي جو خوف به رهي ٿو ۽ ملائيشيا ۾ حلال کاڌو عام ملي ٿو پر اتي ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌندي وڃي. ايران ۾ ٿورا ڊش آهن پر سٺا ۽ سستا آهن زغفران جي خوشبوءَ ڪري ايران جا رکا چانور به ڀلا لڳن ٿا سو اهڙي ملڪ ۾ پنهنجي گهران ٻوڙن جا پئڪ دٻا کڻي نڪرڻ بيوقوفي آهي.
    اسان جي گائيڊ محمد علي ٻنهي بسين جي ڊرائيورن کي هاڻ جلد تهران جي مهرآباد ايئرپورٽ هلڻ لاءِ فارسي ۾ انسٽرڪشن ڏنا. هاڻ وقت سوڙهو ٿيندو پئي ويو جو اسان کي مشهد وڃڻ لاءِ ٻي فلائيٽ مهرآباد ايئرپورٽ تان پڪڙڻي هئي. اڳيان وڏي بس ٿي. پويان اسان جي ننڍي، رستا ويڪرا، سڌا ۽ روشن هجڻ ڪري بسيون ڄڻ ترنديون پئي ويون. اڃان ڪي ڏهه پندرهن ڪلوميٽر مس سفر ڪيوسين ته اسان سان ويٺل فئملي جي ٻارن (جيڪي پڻ ماشاءُ الله جوان آهن) ان بعد سندن ماءُ پيءُ هاءِ گهوڙا مچائي ته اسان جي سئيٽرن ۽ جئڪٽن جو ٿيلهو ته ايئرپورٽ جي ٻاهران ئي رهجي ويو. هو هڪ ٻئي تي ڏوهه مڙهڻ لڳا ته بس ۾ ڇو نه رکئي. ”هتي ئي ڪيڏي ٿڌ آهي مشهد ۾ ڇا ٿيندو.“ هو چوڻ لڳا ۽ هنن محمد علي کي بس موٽائڻ لاءِ چيو جيئن هو اها گرم ڪپڙن جي ٿيلهي کڻي سگهن ٿا. اهو لکڻ وسري ويو ته اسان کان علاوه اسان جي بس ۾، اسان جي ٽولي جي هڪ ٻي به عورت هئي جيڪا ايران جي هن سفر تي اڪيلي نڪتي هئي اها هن وقت پاڻ ته اسان جي بس ۾ هئي پر سندس بئگ اڳيان ويندڙ وڏي بس ۾ هئي. سو بس جي واپس هلڻ جون ڳالهيون ٻڌي هن دانهون ڪيون ته سندس بئگ جو ڇا ٿيندو جو اڳيان ويندڙ بس مهرآباد هوائي اڏي تي ماڻهو ۽ سامان لاهي هلي ويندي ۽ هن جي بئگ جي ڪير سنڀال ڪندو. آءٌ سوچڻ لڳس ته هاڻ ڇا ٿيندو. گروپ کي وٺي هلڻ وارو به عجيب سورن ۾ پئجيو وڃي. پر محمد عليءَ اسان جي گائيڊ ڏاڍي سڪون سان ان خاتون کي سمجهايو ته ”هر هڪ کي پنهنجي سامان جو پاڻ خيال ڪرڻ کپي جو آءٌ پنهنجو سامان کڻان يا ٻين جي سامان جي نظرداري ڪريان. منهنجو ڪم بس مهيا ڪرڻ ۽ ان کي ڀاڙو ڏيڻ آهي.“ جن جا گرم ڪپڙا ايئرپورٽ ٻاهران رهجي ويا هئا انهن کي چيو ته پاڻ هن وقت واپس موٽي نٿا سگهون جو هن هاءِ وي تي ڪٿي توهان کي U-Turn نظر اچي ٿو جو واپس ايئرپورٽ ڏي ويندڙ رستي تي چڙهي سگهون ۽ ٻي ڳالهه ته هاڻ انهن سئيٽرن پٺيان جي وينداسين ته ٽيهن ماڻهن جي مشهد واري اڏام نڪري ويندي. ان ڪري بهتر اهو ٿيندو ته مشهد مان هلي نوان سئيٽر وٺجو. ايران جهڙا سٺا ۽ سستا سئيٽر ڪٿي به نه ملندا.
    خميني ايئرپورٽ کان تهران تائين جو 30 ڪلوميٽر جو فاصلو ته مني ڪلاڪ ۾ طيءَ ٿي ويو پر تهران شهر جي هڪ لارينس روڊ ۽ گارڊن جهڙي علائقي مان گذري مهرآباد ايئرپورٽ تائين پهچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳي ويو. ايئرپورٽ تي پهچي بس مان سامان لاٿوسين ته جن جا سئيٽر رهجي ويا هئا. انهن جي ئي وڏين بئگن هيٺيان سئيٽرن وارو شاپر به پيو هو، جيڪو هنن سمجهيو پئي ته شايد ايئرپورٽ تي رهجي ويو آهي. سڀني شڪر ڪيو. ان ڳالهه جو نه ته سئيٽر ۽ جئڪيٽون ملي ويون پر ان ڳالهه جو ته چڱو جو محمد عليءَ عقلمندي ڪئي ۽ بس کي ايئرپورٽ ڏي نه موٽايو نه ته سڀني کان مشهد واري اڏام ڇُٽي وڃي ها.


    هچ احساس نادرم

    تهران جي ايئرپورٽ کان تهران شهر وڃي رهيا هئاسين. رات جو وقت هو. هاءِ وي مٿان بلبن جو جهالرون هيون ۽ گاڏيءَ کي Beam تي بتيون رکي سامهون ايندڙن جون اکيون ڪڍڻ جي ضرورت نٿي پئي. شهر اڃان پري هو ۽ سنسان ٻهراڙي ۾ انيڪ بتين جي روشني ۾ امام خميني جو مقبرو نظر آيو.
    ”خميني جي جنازي نماز تي آءٌ ۽ منهنجا ڀائر سلمان ۽ عمران به ايران آيا هئا.“ اسان جي گروپ جي گائيڊ محمد علي ٻڌايو، ”دراصل وڃڻو وڏي ڀاءُ کي هو. اسان کيس ڪراچي ايئرپورٽ ڇڏڻ آيا هئاسين. اتي خبر پيئي ته سرڪاري طرح جهاز ايران پيو وڃي ۽ ويزا جي به ضرورت نه آهي سو اسان بنا پاسپورٽ ۽ ويزا جي چڙهي پياسين ۽ واپسي تي غلام اسحاق صاحب سان گڏ آياسين.“
    محمد علي ٻڌايو ته امام خميني کي دفنائڻ وقت لکين ماڻهو هئا ۽ چڱو جو پاڪستان جو سربراهه اتي پهتو. ايران وارن ڏاڍو Appreciate ڪيو هو جو ٻئي ڪنهن به ملڪ جو هيڊ نه پهتو هو. هن ٻڌايو ته سندس خميني سان ٽي دفعا ملاقات ٿي هئي. آخري دفعي ته هو ايڏو بيمار ۽ ڪمزور ٿي ويو هو جو آڱرين جي اشاري سان نماز پڙهندو هو. آخري يارهن ڏينهن امام خميني اسپتال ۾ رهيو. سندس Internet Bleeding کي روڪڻ لاءِ آپريشن ٿي جتي پوءِ دل جي دوري ڪري هن جو موت ٿيو. اهو جون جو مهينو هو ۽ سال 1989ع ان وقت امام خميني جي عمر 88 سال هئي.
    انهن ڏينهن ۾ آءٌ ملائيشيا ۾ هوس جتي اسان ٽي وي تي ڏٺو ته جون جي سخت گرم مهيني ۾ ماڻهو گهرن کان نڪري سمنڊ وانگر اٿلي پيا هئا. کين نه اڃ ۽ بک جي پرواهه هئي ۽ نه گرمي جي، ڪيترائي ماڻهو رش ۾ چيپاٽجڻ ڪري مري ويا. گرمي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سرڪاري فائربريگيڊ جو گاڏيو ماڻهن مٿان پاڻي هارينديون رهيون. چون ٿا ته جنازي تي آيل ماڻهن جو تعداد ٽيهه لکن کان به مٿي هو. جيڏانهن ٿي نظر ويئي اوڏانهن ماڻهو ئي ماڻهو هئا. مرد ڪارن ڪپڙن ۾ عورتون چادرن ۾، رستن تي نڪري پيون هيون. ڏهه سال اڳ امام خمينيءَ ايران ۾ انقلاب آندو هو. ان وقت شاهه (محمد رضا پهلوي)جي حڪومت جو خاتمو ٿيو هو. ان وقت امام خميني هن ميدان تي جتي کيس دفن ڪيو ويو تقرير ڪئي هئي. اها فيبروري جي پهرين تاريخ ۽ سال 1979ع هو. سڄي دنيا هن کي غور سان ڏسي رهي هئي. اسان سندس اها تقرير جپاني دوستن سان گڏ ٽوڪيو جي شپ يارڊ I.H.I ۾ ٻڌي هئي.... ”الله نه ڪري پر جي شاهه جي حڪومت اڃان ڪجهه عرصو هلي ها.“ خميني لکين ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو، ”ته اڄ هو اسان جي ملڪ جو سمورو تيل ڌارين کي ڏيئي ڇڏي ها. اسان ڌارين جا غلام ٿي رهون ها. اهو سوچي اسان دانهون ٿا ڪريون. اهو ئي سبب آهي جو ايران جون گهٽيون اسان جي نوجوانن جي خون سان ڳاڙهيون ٿي ويون....“ تقرير ٻڌندڙ نعرا هڻندا رهيا ته آمريڪا وڏو شيطان آهي... آمريڪا شل موت اچنئي... اسان خميني جي فارسي تقرير ۽ نعرن جو انگريزي ۾ ترجمو پڙهندا رهياسين. ”آمريڪا ۽ ان جا ڇاڙتا عرب ليڊر دهشتگرد ۽ قزاق آهن.“ امام خميني پنهنجي وصيت ۾ ان جو اعلان ڪيو جيڪا ٻئي ڏينهن ريڊيو تهران تان ٻڌائي وئي ۽ بي بي سي ۽ CNN جهڙي ٽي وي چئنلن انگريزي ۾ ترجمي سان دنيا کي ٻڌايو. ”شل الله انهن کي غارت ڪري.“
    ٽوڪيو ۾ رهندڙ ايرانين جيڪي گنزا جي پٺيان فٽ پاٿ تي مصالحن ۽ حلال شين جي مارڪيٽ هڻندا هئا انهن ٽي ڏينهن مارڪيٽ بند ڪري ڇڏي، ”امام خميني اسان جي پيءُ برابر آهي.“ هنن چيو، ”هن جو وڃڻ سان اسان يتيم ٿي ويا آهيون.“
    مشهد، نيشاپور ۽ قم شهرن ۾ ڪجهه عرصو رهڻ بعد هڪ دفعي تهران اچي رهيو هوس ته رستي ته امام خميني جي مقبري وٽ لهي پيس. امام خميني جنهن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي اهو ايران جو سڀ ۾ وڏو قبرستان ”بهشت زهره“ جي نالي سان سڏجي ٿو. اهو ميٽرو ريل رستي تهران شهر سان ڳنڍيل آهي. هن قبرستان ۾ ”ايران-عراق“ جنگ ۾ شهيد ٿيل ٻن لکن کان مٿي شهيدن جون قبرون آهن. امام خميني جو مقبرو پنج هزار ايڪڙن تي آهي جتي اسلامي تعليم جي يونيورسٽي شاپنگ مال ۽ مدرسو ٺهي رهيا آهن. امام خميني جو مقبرو به اڃان تائين ٺهي رهيو آهي. جنهن تي 1989ع کان ڪم شروع ٿيو آهي. اندر مسجد به آهي جتي مون مغرب جي نماز پڙهي اٽڪل ٻه سو کن ماڻهو ٿيندا جيڪي ان وقت هن مقبري جي زيارت لاءِ آيل هئا. نماز مهل ڪيترائي مون وانگر هٿ ٻڌي نماز پڙهي رهيا هئا ان مان اندازو لڳايم ته نه رڳو شيعا پر دنيا جي مختلف ملڪن جا سُني پڻ اچن ٿا. اڇي رنگ جي عمامه (پٽڪي) ۾ هڪ سيالڪوٽ جي مولانا ٻڌايو ته امام خميني جي هن سڄي پروجيڪٽ تي سرڪار هڪ ريال به خرچ نه ڪيو آهي. هي جيڪو ڪم هلي رهيو آهي سو سڀ عوام جي ڏنل پئسن مان آهن. مون ڏٺو ته زيارت لاءِ آيل ڪيترائي ايراني مرد ۽ عورتون پنهنجي عظيم ليڊر جي هن درگاهه لاءِ سندس قبر جي چوڌاري شيشي جي ڀتين ۾ ٺهيل سيرن مان نوٽ وجهي رهيا هئا ۽ چوڌاري نوٽن جا ڍير هئا.
    سيالڪوٽ جي مولويءَ ٻڌايو ته هر سال 21 سيپٽمبر تي خميني جي جنم ڏينهن تي هي پئسا ڪڍي ڳڻيا وڃن ٿا. آيت الله خميني (سندس نالو سيد روح الله) سال 1902ع ۾ ايران جي صوبي مرڪزي جي هڪ شهر خومين ۾ ڄائو ۽ 88 ورهن جي ڄمار ۾ جون 1989ع تي تهران ۾ گذاري ويو. هتي سندس زندگي ۽ انقلاب بابت ڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو جو ايران ۾ هر وقت ان جو ذڪر توهان کي ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ انهن کي چڱي طرح سمجهڻ بنا ايران جي سفر تي نڪرڻ يا ايران جو سفر نامو پڙهڻ اجايو لڳندو.
    امام خميني ويهين صديءَ جو وڏو عالم، طاقتور ليڊر، نيڪ انسان هو جنهن پنهنجي سڄي زندگي پاڻ کي ڏکيو رکي، انسانذات جي ڀلائي ۽ سک لاءِ پاڻ پتوڙيو. پاڻ وڏو ليکڪ ۽ مقرر هو جنهن کي ايران جي عوام توڙي دنيا جي مسلمانن سچي دل سان عزت ۽ پيار ٿي ڪيو. هن انسان، جيڪو جسماني توڙي مالي طور ڪمزور ۽ غريب هو، هڪ طاقتور، ظالم ۽ مغرب پرست حڪومت جو تخت ڊاهي پنهنجي ملڪ ۾ اسلامي حڪومت جو بنياد رکڻ جو انقلاب آندو.
    امام خميني 24 سيپٽمبر 1902ع (20 جمادي الثاني 1320 هجري) تي خمين نالي شهر ۾ ڄائو جنهن ڪري هو خميني سڏجي ٿو. خمين شهر تهران جي ڏکڻ ۾ ايران جي مرڪزي صوبي ۾ تهران کان 300 ڪلوميٽر (180 ميل) پري آهي. امام خميني جي والد جو نالو آيت الله سيد مصطفيٰ موسوي ۽ والده جو نالو حاجي آغا خانم هو. امام خميني جو تعلق سيد خاندان يعني حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي نياڻي بيبي فاطمه زهرا جي اولاد مان ستين امام موسيٰ الڪاظم (745-799) جي معرفت هو.
    امام خميني جي ڏاڏي ”سيد احمد موسوي هندي“ جو تعلق خراسان صوبي جي شهر نيشاپور سان هو (جتي عمر خيام، فريدالدين عطار ۽ امام زادي سيد محمد محروق جا مقبرا آهن) هن کي هندي ان ڪري سڏيندا هئا، جو هن شيعا مذهبي اڳواڻ جي حيثيت سان هندستان ۾ ڪيترائي سال تعليم ڏني. اتان موٽڻ بعد هو خومين ۾ اچي Settle ٿيو جتي سندس ٽين زال سڪينه مصطفيٰ (امام خميني جي والد) کي 1856ع ۾ جنم ڏنو. هي اهي ڏينهن هئا. جڏهن انڊيا ۾ جتي ڪٿي انگريزن خلاف هنگاما ٿي رهيا هئا ۽ 1857ع جو مشهور وڳوڙ ٿيو.
    امام خميني جو نانو مرزا احمد مجتهد خنساري به ايران جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. جنهن جي ڏينهن ۾ جڏهن شهنشاهه ايران برطانيه جي هڪ سگريٽ ڪمپني کي ايران ۾ ڪارخانو کولڻ جي اجازت ڏني ته امام خميني جي ناني مسلمانن کي سگريٽ ڇڪڻ کان منع ڪئي. مجبور ٿي شاهه کي پنهنجو حڪم نامون ڪئنسل ڪرڻو پيو ۽ ان واقعي کان پوءِ حڪومت کي خبر پيئي ته ملڪ جي سياست تي مذهبي عالمن جو وڏو اثر آهي.
    امام خميني جي ڄم جي تاريخ اها ئي آهي جيڪا بيبي فاطمه الزهره جي آهي. امام خميني جو نالو روح الله موسوي آهي ۽ هن جي نالي سان ٻه لقب استعمال ٿين ٿا. آيت الله ۽ امام. آيت الله مذهبي اڳواڻ جو لقب آهي پر ايران ۾ اهو لقب سڀ ۾ وڏو نه آهي خميني کي اهو لقب ايران ۾ انقلاب آڻڻ وقت ڏنو ويو. ان بعد جلد ئي خميني کي شيعا اسلام جو سڀ کان وڏو لقب امام ڏنو ويو. امام خميني جو والد سيد مصطفيٰ موسوي جيڪو پڻ آيت الله هو (نجف عراق مان ديني تعليم حاصل ڪرڻ بعد هو خمين ۽ ڀر وارن ڳوٺن جو ليڊر ٿيو) امام خميني جي ڄمڻ کي چار مهينا به ڪي مس گذريا ته سندس والد آيت الله مصطفيٰ کي ڪجهه ڌاڙيلن ارڪ ڏي ويندڙ رستي تي قتل ڪري ڇڏيو. ان وقت هو 47 سالن جو هو. امام خميني کي سندس ماءُ ۽ ماسي نپائيندي رهي، ان بعد جڏهن پندرهن سالن جو ٿيو ته سندس والده ۽ ماسي ساڳي سال هڪ ٻئي پويان گذاري ويون. اهڙين حالتن جي باوجود امام خمينيءَ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق جاري رکيو. هن ڪجهه وقت پنهنجي وڏي ڀاءُ ”آيت الله سيد مرتضيٰ پسنديده“ وٽ علم حاصل ڪيو. ان بعد هن ارڪ جي هڪ ديني مدرسي مان مختلف اسلامي سبجيڪٽ ۽ عربي ادب پڙهيو. ان بعد هن قم شهر ۾ اچي 1927ع ڌاري اعليٰ مذهبي تعليم مڪمل ڪئي ۽ فقه، فلسفي، عرفان ۽ اخلاقيات جهڙن سبجيڪٽن ۾ Specialization ڪئي. هن کي ملڪ جي حاڪمن (پهلوي خاندان)۽ حڪومت جون مغربي ۽ غير مغربي ۽ غير اسلامي پاليسيون پسند نه هيون جنهن خلاف هو آواز اٿاريندو رهيو، جيتوڻيڪ حڪومت هن جي چرپر تي پابندي لڳائيندي رهي.
    ان وقت جي وڏي شيعا عالم آيت الله بوروجردي جي وفات بعد ايران جي عوام ۽ عالمن امام خميني کي هن جي جاءِ تي مذهبي ليڊر يعني آيت الله چونڊيو. ان بعد امام خميني جو شهنشاهيت خلاف جهاد زور وٺڻ لڳو.هيءَ 1961ع جي ڳالهه آهي. اها تحريڪ 1963ع تائين عروج تي پهچي وئي. ان سال 3 جون تي امام خمينيءَ تاريخي تقرير ڪئي جنهن ۾ هن شاهه جي حڪومت کي مغرب تي ڀاڙڻ تي سخت نديو. انهن ڏينهن ۾ ايران اسرائيل کي Support ٿي ڪيو ايتريقدر جو شهنشاهه ايران پنهنجي ملڪ جي نوجوانن کي تعليم لاءِ اسرائيل موڪلڻ پسند ڪندو هو، خميني ان جي خلاف آواز بلند ڪيو ۽ هن تقرير ۾ اهو به چيو ته ملڪ هلائڻ لاءِ عالمن کي به اهم ڪردار ادا ڪرڻ کپي.“ اهو ٻڌي شهنشاهه ايران جيڪو هي ملڪ ”ايران“ پنهنجي بابي ڏاڏي جي ملڪيت سمجهيو ويٺو هو. اهو ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي باهه ٿي ويو. ٻن ڏينهن بعد امام خميني کي گرفتار ڪيو ويو. هي اهي ڏينهن هئا جن ۾ ڪو ماڻهو گرفتار ٿيندو يا ڪو حاڪم جي خلاف ڳالهائيندو هو ته هو هميشه لاءِ غائب ٿي ويندو هو. ان ڪم لاءِ شهنشاهه جو جاسوسي ادارو SAVAK پنهنجن ظلمن کان دنيا ۾ مشهور هو. امام خميني جو به منهن ڏسڻ لاءِ ماڻهو سڪندا رهن ٿا پر هن جي جوشيلي تقرير ٻڌڻ بعد قم جا ماڻهو گهٽين ۾ نڪري آيا ۽ جيئن جيئن خميني کي گرفتار ٿيڻ جي خبر ملڪ ۾ پکڙي ته سڀني وڏن شهرن ويندي تهران جي آرڊر تي فوج ٽئنڪن ذريعي هن وڌندڙ تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪئين هزارين ماڻهو قتل ڪيا پر ماڻهن جو جذبو ماٺو نه ٿيو. ويتر ليڊرن ۽ عالمن جو دٻاءُ ايترو ته وڌي ويو جو هنن خميني کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو ته هن جي غير موجودگي ۾ ماٺ ٿي ويندي. اهو سال 1964ع هو جنهن جي 4 نومبر تي خميني کي پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو. هن کي پهرين ترڪي Deport ڪيو ويو جتي هو سال کن ازمير ۽ برسا ۾ رهڻ بعد هن کي آڪٽوبر 1965ع ۾ عراق موڪليو ويو. جتي هو تيرهن سال نجف ۾ رهيو. جتي هو ڪتاب لکندو رهيو. تقريرون ڪندو رهيو جيڪي گانن وارن ڪئسٽن تي ٽيپ ڪري ايران موڪليون ويون ٿي ۽ انهن تان ماڻهن وڌيڪ ڪئسٽ ٽيپ ڪري عوام ۾ ورهايا ٿي. آخر ايران ۽ عراق حڪومت اهو فيصلو ڪيو ته خميني کي عراق مان ڪڍيو وڃي. ان وقت عراق جو نائب صدر صدام حسين هو جنهن خميني کي زوريءَ عراق مان ڪڍيو، جنهن بعد هو ٽوئرسٽ ويزا تي فرانس جي شهر Neauphle-le-chateau ۾ اچي رهيو. پٺيان ايران ۾ ڏينهون ڏينهن پهلوي شهنشاهه جي خلاف مظاهرا وڌندا ويا. جڏهن شهنشاهه ڏٺو ته بچڻ جو ڪو آسرو ناهي ته هو 16 جنوري 1979ع تي ايران ڇڏي هليو ويو. حاڪمن جو سر بچائڻ لاءِ ملڪ ڇڏڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي پر شهنشاهه ايران جي هن ڪيس ۾ انسان لاءِ وڏو سبق آهي ته جيستائين هن جي ايران تي حڪومت هئي هن پاڻ کي وڏو طاقتور ٿي سمجهيو ۽ عوام کي مکيون ماڪوڙيون ٿي سمجهيو. هن سڄي ايران کي پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو. کيس پٽ جو اولاد نه ٿيو ته پريشان ٿي ويو ۽ پٽ خاطر ٻي شادي ڪيائين، چي هيڏا مال ملڪيتون ۽ پاڪستان کان آذربائيجان تائين، افغانستان کان ترڪي تائين، بحر احمر کان ڪئسپيئن سمنڊ تائين سڄو ايران سندس آهي ان جو ڪو والي وارث نه ٿئي. هن کي ٻي زال مان پٽ به ٿيو پر سندس مرڻ کان اڳ کين اهي سڀ محل ماڙيون ۽ خوبصورت ملڪ ڇڏڻو پيو. نه رڳو ڇڏڻو پيو پر دنيا جو ڪو ملڪ کين رهائڻ لاءِ تيار نه هو. آمريڪا جهڙو ملڪ جنهن جي هن سڄي عمر غلامي ڪئي ان به هن کي اڇوت ڪري ڇڏيو. بنا سڏ جي آمريڪا پهتو ته هن به چيس ته ٻيلي جلدي پنهنجو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائي اسان جي جان ڇڏ. هيڏي وڏي ملڪ جو هيڏو وڏو بادشاهه شاهن جو شاهه آخري ڏينهن ۾ ڪئنسر جي مرض ۾ تڙپندو رهيو. جيئن هن جي ڏاڏي ٺڳي ڪري هي ملڪ ۽ حڪومت حاصل ڪئي تيئن ئي هنن جي هٿن مان نڪري وئي. چوندا آهن ته رهندو نانءُ الله جو، پهلوي خاندان جو ذڪر ڪنهن ٻئي هنڌ هلي ڪنداسين ته هو ڪيئن شهنشاهه ٿيا.
    ايران جي پهلوي شهنشاهه جي ملڪ ڇڏڻ بعد پورن ٻن هفتن بعد پهرين فيبروري 1979ع تي خميني 15 سالن جي جلاوطني بعد پنهنجي وطن آيو. جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته امام خميني جي اها واپسي اسان جپان ۾ ٽي وي تي ڏٺي. ABC ٽي وي جو نمائندو پيٽر جيننگس هن سفر ۾ امام خميني سان گڏ هو ۽ هن واقعي جي رپوٽنگ ڪري رهيو هو تنهن تهران جي هوائي اڏي جي ويجهو پهچڻ تي امام خميني کان پڇيو.
    “What do you feel in returning iran?”
    امام خميني فارسي ۾ جواب ڏنو.
    ”هچ احساس نادرم“. يعني آءٌ ڪجهه به محسوس نٿو ڪريان خميني جي هن جواب کي ڪيترا خميني جا مغربي مخالف، خميني جي ڪٺور دل هجڻ جي ثابتي ٿا ڏين.
    خميني جي واپس اچڻ تي ايران جي ماڻهن سچي دل سان هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. مغربي اخباري نمائنده موجب تهران ۾ پنجاهه لک کان مٿي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. مهرآباد هوائي اڏي تي لهڻ بعد امام خميني پهرين بهشت زهره قبرستان تي اچي انهن شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن هن انقلاب جي تحريڪ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو جيڪي شاهه جي ظالم فوج ۽ پوليس هٿان مارجي ويا. عوام اسلام ريپبلڪ لاءِ ووٽ ڏنو ۽ اهڙي طرح دنيا جي گولي تي 1400 سالن بعد پهرين اسلامي رياست وجود ۾ آئي. 1979ع کان 1989ع تائين امام خميني سڀ کان گهڻيون تقريرون ڪيون، ليڪچر ۽ واعظ ڏنا. ڪيترن ئي سياسي مسئلن جا حل ڏنا. اسلام ۽ اخلاق جون ڀلايون بيان ڪيون ۽ پنهنجي ملڪ جون خارجي ۽ اندروني پاليسيون اسلام جي بنياد تي قائم ڪيون.
    ڏهه سال حيات رهڻ بعد 3 جون 1989ع تي امام خميني پاڻ هن جهان مان هليو ويو پر پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن کي ٺاهي ويو. ۽ بقول هڪ ڌارئين ٽورسٽ جي!
    “The Islamic Republic of Iran like a beacom shines out across the globe and embraces the oppressed.”


    تهران جي ٽرئفڪ

    ڪراچي کان تهران اچڻ وقت ايران جي هوائي ڪمپني Iran Air جي هوائي جهاز اسان کي تهران جي نئين هوائي اڏي ”امام خميني ايئرپورٽ“ IKIA تي اچي لاٿو، جيڪو شهر کان ٽيهه ميل پري آهي. ايران ايئر جي عملي ٻڌايو ته ڪراچي کان اسان جي هيءَ فلائيٽ پهرين آهي جيڪا هن نئين ايئرپورٽ تي لٿي آهي نه ته هن کان اڳ ڪراچي کان ايندڙ هوائي جهاز کي تهران جي پراڻي هوائي اڏي تي لاٿو ويو ٿي جنهن جو نالو مهرآباد ايئرپورٽ آهي. اهو ايئرپورٽ کڻي پراڻو ۽ ننڍو آهي پر اسان جهڙن مسافرن لاءِ ته سٺو هو ،جو اهو ڪراچي جي ايئرپورٽ وانگر شهر ۾ ئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ ۾ امن امان جي صورت بهتر نه هجڻ جي ڪري ٽوئرزم وڌي نه سگهي آهي ۽ ”هوٽلون جيڪي آهن اهي ئي گذريل ويهه يا ٽيهه سالن کان ساڳيون آهن نه ته ايران، انڊيا، ملائيشيا يا سري لنڪا ۽ سنگاپور وانگر اسان وٽ به گهٽي گهٽي ۾ هوٽلون هجن ها ته ڪراچي گهمڻ وارو ايئرپورٽ تي لهي هوٽل ۾ رهائش لاءِ صدر تائين به نه اچي ها. اتي ايئرپورٽ وٽ يا شاهراهه فيصل جي منهن وٽ ئي رهي پوي ها. پر ايئرپورٽ وٽ جيڪا هڪ فور اسٽار مڊي وي هوٽل هئي سا به بند ٿي ويئي. نتيجي ۾ شهر ۾ ڪڏهن اوچتو گهڻي بارش ٿي ٿئي يا هنگاما ٿا ٿين ته ماڻهو ايئرپورٽ تائين نٿو پهچي سگهي. خاص ڪري ڌاريون ٽوئرسٽ جيڪو هوٽل ۾ رهي ٿو ۽ جيڪو اهڙين هنگامي حالتن کي نظر ۾ رکي ايئرپورٽ يا ريلوي اسٽيشن جي ويجهو رهڻ چاهي ٿو. بهرحال تهران جو پراڻو ايئرپورٽ تهران شهر جو ئي هڪ حصو ٿي ويو آهي. شهر جا اهم رستا ۽ چوراها سڀ ويجها اٿس.
    آيت الله سعيدي روڊ جيڪو ميدان فتح واري چوراهي کي ميدان آزادي واري رائونڊ ابائوٽ سان ملائي ٿو ۽ اهو رستو ميدان آزادي واري چوراهي کان پوءِ محمد علي جناح روڊ (بزرگراه محمد علي جناح) ٿيو وڃي جتان شهر جي مختلف حصن ڏي ويندڙ ميٽرو لنگهي ٿي ۽ ميدان آزادي وٽ بس ٽرمينل آهي جتان بسون مشهد، قم، زنجان، همدان ۽ ٻين شهرن ڏانهن وڃن ٿيون ۽ انهن ٻن اهم رستن ۽ چوراهن سان ڪيترائي ٻيا اهم رستا، ڪميل، مالڪ اشتر، هاشمي، دامپزشڪي، طوس، آزادي. استاد معين، صالحي، جيحون وغيره اچيو ملن، جن تي ڌارين مسافرن ۽ مختلف ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن جي کيسي جي سگهه مطابق هر قسم جون هوٽلون آهن.
    هن وقت اسان امام خميني ايئرپورٽ تي لٿا هئاسين پر اسان کي تهران جي پراڻي هوائي اڏي مهرآباد تي ان ڪري پهچڻو هو جو مشهد وڃڻ لاءِ اسان کي مهرآباد هوائي اڏي تان جهاز ۾ چڙهڻو هو. مشهد ڪراچي کان ته گهڻو مٿي اتر ۾ آهي پر تهران کان ٿورو اتر ۾ ۽ 500 کن ڪلوميٽر اوڀر ۾، افغانستان ۽ ترڪمنستان بارڊرن وٽ آهي. هونءَ مشهد ڏي سڌي اڏام هجي ها ته اسان جا هي 500 ڪلوميٽر سفر جا ته بچن ها پر ڪراچي کان ايندي وقت به 460 کن ڪلوميٽر بچن ها. ڇو جو ڪراچي کان تهران هوائي جهاز جو مفاصلو 1920 ڪلوميٽر آهي پر ڪراچي کان مشهد فقط 1450 ڪلوميٽر آهي. مون کي افسوس ته انهن مسافرن تي ٿي رهيو هو جيڪي پشاور جا هئا. هنن کي پشاور کان ڪراچي ۽ پوءِ ڪراچي کان تهران ۽ هاڻ تهران کان مشهد هلي رهيا هئا. پشاور ۽ مشهد جي وچ ۾ ڪا ڊئريڪٽ اڏام هجي ها ته هو ڪڏهوڪو پهچي وڃن ها جو پشاور وارن لاءِ مشهد ڪراچي کان به 150 ڪلوميٽر ويجهو آهي.
    اسان هاڻ بس ۾ ”قم-تهران“ هاءِ وي وٺندا، تهران جي نئين اڏي کان پراڻي اڏي تي اچي رهيا هئاسين. رستي تي امام خميني جو مقبرو به اچي ٿو. جيڪو تهران جي قبرستان ”بهشت زهرا“ ۾ آهي جيڪو شهيدن جو قبرستان سڏيو وڃي ٿو، هن ۾ ٻن لکن کان وڌيڪ شهيد ته عراق ۽ ايران واري 8 سال هلندڙ جنگ جا آهن، ٻيا اهي شهيد آهن جيڪي خميني جي آندل انقلاب ۾ گذريل حاڪم شهنشاهه پهلوي جي ظالم جاسوسي اداري ساواڪ ۽ فوج هٿان قتل ٿي ويا. اسان جو هڪ مصري ڪلاس ميٽ ڪئپٽن حنفي ايران جي ڪلاس ميٽ (هاڻ ايران جي شپنگ جو ڊئريڪٽر جنرل) ڪئپٽن صحابا کي چيڙائيندي چوندو آهي ته: ”بهشت زهرا ۾ ڪجهه جاءِ بچائي به اٿانو يا ڀرجي وئي آهي.“
    ”ڇو ڇو؟“ ڪئپٽن صحابا پڇندو هوس.
    ”ان ڪري جو افغانستان ۽ عراق بعد هاڻ جڏهن آمريڪا ايران تي حملو ڪندو ته شهيدن کي ڪٿي دفن ڪندائو؟“
    جواب ۾ صحابا (مون ڏي به اشارو ڪري) هن کان پڇندو هو ته ”توهان مصرين جو ڇا ٿيندو؟“ ته ڪئپٽن حنفي پنهنجي اسٽائيل واري کل کلندي چوندو هوس اسان جي ڳالهه ئي ڇڏي ڏي ڇو جو: ”اسان ته آهيون آمريڪا جا چمچا... اسان بي غيرتن جو اڳتي هلي الائي ڇا حشر ٿيڻو آهي، منهنجا ايراني ڀاءُ...!“
    اسان ٽئي ڄڻا ۽ ٻيا ڪيترائي عرب ملڪن جا توڙي آفريڪا، ايشيا، ڏکڻ آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جا، ٻه سو کن جهازي آفيسر سئيڊن جي شهر مالمو ۾ ٻه سال گڏ رهيا هئاسين. قاهره Cairo جو رهاڪو ڪئپٽن حنفي ايران گهمڻ لاءِ ايندو رهي ٿو ۽ ايران مان تمام گهڻو متاثر آهي.“
    جيڪو ملڪ ايران ۽ عراق جي اٺ سال لڙائي ۾ تباهه ٿي ويو، ايتريقدر جو نوجوان نسل جو وڏو حصو ختم ٿي ويو، جتي ڪٿي پوڙها ۽ ٻار نظر آيا ٿي، جنهن ملڪ تي اڄ تائين يورپ ۽ آمريڪا طرفان سخت پابنديون لڳل آهن تڏهن به ايراني ڪيڏي عظيم ۽ مثالي قوم آهي جنهن پنهنجي ملڪ کي هڪ سکيو ستابو ملڪ بنائي ڇڏيو آهي. جتي امير توڙي غريب خوش آهي. ٽي وقت ماني ٿو کائي ۽ عزت جي روزي ٿو ڪمائي، جيڪو ملڪ سئي سڳي کان بسون ٽرئيڪٽر ٿو ٺاهي...“
    ڪئپٽن حنفي جي انهن ڳالهين سان آءٌ به سهمت آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وطني دوستن سان ايران جي ترقي جي ڳالهه ڪري پاڻ تي افسوس ڪندو آهيان ۽ کل کل ۾ کين چوندو آهيان ته اسان پاڪستاني ڪهڙا ماڻهو آهيون جو اڃان نٿا سڌرون! ڪئپٽن حنفيءَ جي فقط هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي جڏهن هو تهران جي ڪاليجن، يونيورسٽين، پارڪن، اسپتالن، بسين ۽ ريل گاڏين جي تعريف ڪندي تهران جي ٽرئفڪ جي به واکاڻ ڪري ويندو آهي. يارو تهران جي ٽرئفڪ مٿي جو سور آهي. وقت ٿورو هجي ته ڪڏهن به تهران جي ناظم آباد کان ملير ڏي نه نڪرندي ڪا خبر نٿي پوي ته ڪيترو ٽائيم لڳي وڃي. هينئر به اسان جي بس خميني ايئرپورٽ کان ٽيهه ڪلوميٽر هاءِ وي جا ته اڌ ڪلاڪ ۾ پورا ڪري ڇڏيا پر تهران شهر جا ٽي چار ميل لنگهي مهرآباد ايئرپورٽ تائين پهچڻ لاءِ دعائون پيا گهرون ته جلدي پهچون متان مشهد ويندڙ اسان واري فلائيٽ هلي نه وڃي. جيتوڻيڪ اسان وارو ڊرائيور بهشت زهرا کان وٺي شهر جي ٻاهر کان ۽ وڏن رستن تان وٺيو پيو هلي جيئن جلد پهچي نارٿ بهشت زهرا روڊ، خليج فارس روڊ، شهيد ڪاظمي روڊ، آيت الله سعدي روڊ ۽ ڪٿي ڪٿي وري اندريان رستا برادران بهرامي روڊ، نارٿ حيدري روڊ، ميدان معمل، تختي روڊ، 45 متري زرند روڊ وٺيو پيو هلي پر هر هنڌ ڪراچي جي جامع ڪلاٿ مارڪيٽ ۽ پاپوش جهڙا علائقا اچيو وڃن. هڪ طرف پيدل هلندڙن جو جتان ڪٿان رستو ڪراس ڪرڻ ٻئي طرف موٽر سائيڪل وارن جو غلط رستي تان اچي ڦاسڻ آهي. جنهن بسن يا ڪار واري کي جنهن وقت ڀر واري لين ۾ ٿوري جاءِ ملي ٿي ته پنهنجي سائيڊ ڇڏي ان ۾ هليو وڃي ٿو. خبرناهي ڪئپٽن حنفي تهران جي ٽرئفڪ جي تعريف ڪيئن ٿو ڪري! اها ته ڪراچيءَ کان به خراب آهي. اڃان به چاڪيواڙي، بغدادي ۽ لي مارڪيٽ جو هتان اچي نڪري ته هن کي هتي مونجهه ٿيڻ بدران هو ويتر فرحت محسوس ڪري پر هاڻ ٿو سوچيان ته حنفيءَ جو ڏوهه ناهي. هن جو واسطو ڪولمبو ۽ ڪوالالمپور جهڙن شهرن سان ناهي پر ڪيرو (قاهره) سان آهي جتي بسين، ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي وچ ۾ گڏهه گاڏيون. اٺ ۽ سائيڪل گاڏين سان گڏ ڪتا ٻلا به رستو ٽپندي نظر اچن ٿا. ڪيرو ۾ ته اسان جو مڪراني به منجهي پوي. ان حساب سان تهران ۾ فقط چئن ڦيٿن تي پيٽرول ۽ گئس تي هلندڙ گاڏيون آهن. ڪتا ٻلا تهران ۾ ته نه پر مشهد شيراز ۽ اصفهان ۾ به نظر نٿا اچن. ايران جي هر شهر جي هر گهٽي اوور فلو ٿيندڙ گٽرن ۽ گند ڪچري کان پاڪ آهي. ايران گهمي ايندڙ پاڪستانين کان هر وقت ٻڌبو آهي ته ايران جو گهٽيون خبر ناهي ڪيئن ٿيون صاف رهن. گند ڪچرو خبر ناهي ڪيڏانهن ٿو وڃي ۽ پوءِ هڪ ٻه دفعو مشهد ۽ شيراز ۾ رات جو ٻارهين کان پوءِ پهتس ته شهري حڪومت جا ڀنگي سخت سردي جي باوجود ٻهارن سان گهٽيون صاف ڪري رهيا هئا ۽ گند ڪچرو ٽرڪن ۾ ڍوئي رهيا هئا. اسان وٽ ڪراچي جي ڊفينس جهڙي علائقي ۾ به صحيح طرح صفائي نٿي ٿئي.
    صبح پهر صاف سٿري يونيفارم ۾ ڍير ڀنگي اهم رستن جي چوراهي تي نظر ضرور ايندا، جيئن آفيس ويندڙ ڊفينس آفيس ۽ ڪلفٽن ڪئنٽونميٽ بورڊ جا فوجي آفيسر کين ڏسي وٺن. ان بعد هو وڻن هيٺيان ويٺا سگريٽ ڇڪيندا. اهم رستن کان علاوه باقي گهٽين ۾ هو عيد واري ڏينهن تي ئي نظر اچن ٿا. گهر گهر جو بيل وڄائي عيد جي خرچي وٺڻ لاءِ.
    ڪنهن چيو ته مون کي تهران جي ٽرئفڪ جي گلا ڪرڻ نه کپي. دراصل صحيح ڳالهه نه لکڻ سان هن پاسي ايندڙ زائرين يا ٽوئرسٽ غلط فهمي جو شڪار ٿي سگهن ٿا. جيئن پنهنجي مصري دوست جي ڳالهين ۾ اچي آءٌ ذهني طرح ايران جي رستن ۽ گاڏين جا قانون ۽ ان تي ٿيندڙ عمل ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ، جپان جهڙن ملڪ جهڙو سمجهڻ لڳو هوس. جتي پيدل هلندڙ رستو ٽپڻ لاءِ جيئن ئي پهرين وک فٽ پاٿ تان لاهي روڊ تي رکي ٿو ته ايندڙ گاڏين کي بريڪ لڳيو وڃي. هتي اهڙي حالت آهي جهڙو موت جي گولي ۾ هلڻو پوي ٿو. پهرين ڏينهن ئي مشهد ۾ رستو ٽپندي لاري مٿان چڙهي. هتي بسين ٽئڪسين وارا ۽ پيادا هڪ ٻئي کي ڊيڄاري پاڻ اڳيان وڌن ٿا. فٽ پاٿ تان ڊڄندي ڊڄندي هيٺ لهندائوَ ته سامهون ايندڙ گاڏين وارا رفتار گهٽائڻ بدران هارن ڏيئي توهان کي ڊيڄاري هڪ هنڌ بيهڻ لاءِ مجبور ڪندا، پر جي توهان بي خوف آهيو ۽ پُر عزم آهيو ۽ ويتر هڪ بدران ٽي چار ڄڻا آهيو ته پوءِ گاڏين وارا بريڪ هڻي بيهي رهندا ۽ توهان کي رستو ڪراس ڪرڻ جي عزت بخشيندا. مون ان بعد ان خوف تي حاوي ٿيڻ ۽ پڪو ارادو پيدا ڪري رستو ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون کي هر دفعي لڳو ٿي ته ٽئڪسي وارو، بس وارو، موٽر سائيڪل وارو پنهنجي گاڏي سلو ڪري مون کي لنگهڻ جو موقعو ڏيڻ بدران مون مٿان چاڙهي ويندو. ان بعد مون ايران جي هر شهر ۾ رستو ٽپڻ لاءِ فٽ پاٿ تي انتظار ٿي ڪيو جيسين ٽي چار ڄڻا گڏجي رستو ڪراس ڪن. مون به انهن جي پاسي کان (يعني ايندڙ ٽرئفڪ طرف، پر ٻئي پاسي کان) هنن جي آڏ ۾ رستو ٽپي ٿي ورتو. پيدل هلندڙ ايراني ان قسم جا سرڪسي ڪرتب ڪري اهڙو ته هوشيار ۽ تيز ٿي ويا آهن جو ڪڏهن ڪڏهن ٽريفڪ کي رفتار به گهٽائڻي نه پوندي آهي هو انگڙ ونگڙ ڪري اک ڇنڀ ۾ رستو ٽپي وٺن ٿا ۽ گاڏين هيٺيان چپجڻ لاءِ آءٌ رهجي ويندو آهيان جو هن عمر ۾ مون کان اهڙو تکو نٿو هليو ٿئي. انڪري منهنجي پوري ڪوشش هوندي آهي ته ڊگهين چادرن وارين عورتن، خاص ڪري پوڙهين سان گڏ رستو ڪراس ڪيان. ڇو ته جان جانور کي به پياري آهي. مشهد ۽ قم جهڙن شهرن ۾ ته ايترا مرد ۽ انهن کان وڌيڪ عورتون هر وقت رستو ٽپندي نظر اچن ٿيون، جو لڳي ٿو ته انهن شهر جي گهرن ۾ ته فقط ٻار ئي هوندا ۽ ايران جي هر شهر ۾ ٽرئفڪ جو حال ڏسي لڳي ٿو ته سڀ گاڏيون رستن تي ئي آهن. گئريج ۾ بيٺل گاڏيون به رستن تي پارڪ ٿيل آهن. رستن تي گاڏيون ئي گاڏيون ڇو نه نظر اچن جڏهن ايران پاڻ گاڏيون ٺاهي ٿو ۽ عوام لاءِ قيمت گهٽ رکي وئي آهي ۽ پيٽرول ته هتي ايڏو سستو آهي جو هڪ ليٽر پاڻي جي بوتل جي قيمت ۾ ٽي ليٽر پيٽرول ٿو ملي. تهران ۾ هڪ ڏينهن هڪ فارين ٽوئرسٽ تهران جي ٽرئفڪ کي ڌيان ۾ رکي هن شهر کي واهه جو بيان ڪيو.
    Different Cars….
    Flimsy Mountains…
    Old Trees…
    Beautiful Scane…
    Cool Weather….
    Busy Life…
    هونءَ ايران جي شهرن ۾ ٽرئفڪ جي گپا گيهه ضرور آهي پر بدامني ناهي ۽ پوليس وارو ڪو ورلي نظر اچي ٿو. ٽرئفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ چوراهن تي هڪ يا ٻه ۽ ڪٿي ڪٿي ٽي به ٽرئفڪ پوليس وارا پستول يا شارٽ گن سان بيهن ٿا ۽ پوءِ اهڙي حالت ۾ گاڏين وارا سنگلن تي فضيلت سان بيهن ٿا. Lonely Planet گائيڊ وارن تهران جي ٽرئفڪ لاءِ واه جو لکيو آهي ته:
    The traffic of Tehran is homicidal and no rules are observed traffic lights indicators, footpaths, and the like are totally ignored.
    …. The willingness of a car to stop at a red light at a busy intersection is directly proprtional to the number of armed traffic police the driver can see within riffle range.


    ايران جي رستن تي نظر ايندڙ ڪارون

    جڏهن کان ايران آيو آهيان مون کان ڪيترائي پاڪستاني دوست ۽ واقفڪار ايران بابت ٻيون ڳالهيون پڇڻ سان گڏ اهو به پڇن ٿا ته ايران جي رستن تي ڪهڙيون ڪارون نظر اچن ٿيون؟
    ڳالهه هيءَ آهي ته ايراني انقلاب کان اڳ جڏهن ايران تي پهلوي شهنشاهه جو راڄ هو تڏهن ملڪ جي ڌن دولت شاهي گهراڻي جي ڀاتين ۽ انهن جي خاص ماڻهن، فوجي ۽ سول اعليٰ عملدارن جي هٿ ۾ هئي غريب سورن ۾ هئا اميرن عيش ٿي ڪيو. ايتريقدر جو ملڪ جا سٺا رستا به فقط شاهي خاندان جي ماڻهن ۽ انهن جي خوشامندڙين لاءِ هئا. آمريڪا ياري دوستي جي ناتي ۾ ايران جي تيل ۽ ناڻي مان جاوا پئي ڪيا ۽ ايران جا امير ماڻهو آمريڪا جي هر شيءَ مان Impress هئا. عوام وٽ سفر لاءِ ڀلي کٽارو بس نه هجي پر امير ماڻهن جي گهرن اڳيان هڪ کان هڪ آمريڪن ڪار نظر آئي ٿي. بقول هڪ نقاد جي:
    Iran was once playground for u.s outomakers.
    ايران جي رستن تي آمريڪا جي فورڊ ۽ GM ڪمپنين جون ٺهيل ڪارون، شيورليٽ Navas، بيوڪ جهڙيون وڏيون ڪارون نظر آيون ٿي. پر انقلاب اچڻ ۽ خاص ڪري 1981ع ۾ آمريڪن سفارتخاني تي حملي بعد آمريڪي شهرين کي يرغمال ڪري رکڻ بعد ٻئي مال سان گڏ آمريڪا کان ڪارن اچڻ جو سلسلو به بند ٿي ويو. اڄ تهران جي ڳتيل ٽرئفڪ وارن رستن ۽ گهٽين ۾ پوڙهن ماڻهن کي اهي سٺ ۽ ستر جي ماڊل واريون شيون ۽ ڪئڊلڪ ڪارون هلائيندو ڏسجي ٿو. ان کان علاوه جيڪي ڪارون تمام گهڻيون نظر اچن ٿيون. اهي هتي جون لوڪل ميڊ آهن، يعني ايران جو ٺهيل ڪارون پيڪان (Paykan)، سامند (Samand) سورين (Soren)، سارير (Sorir)، لوگان، سائيپا 141، سبا (Saba)، نسيم ڪار، نسيم سفاري، پارس کودرو، ايران کودرو ڊيزل، موراتاب، هندائي سوناتا، ڪرمان کودرو، ڪش کودرو، سيناد- ڪجهه ڪارون ائين آهن جيئن اسان وٽ سوزوڪي جون مهراڻ، الٽو، ڀلينو وغيره، ايران ۾ ويندي ملائيشيا جون گاڏيون ٺهن ۽ Assamble ٿين ٿيون. جيئن ته پروٽان ساگا، پروٽان، ويرا، پروٽان امپيان پروٽان Gan2 وغيره.
    ايران ۾ اڄڪلهه تيرهن کن سرڪاري ۽ خانگي ڪارين جا ڪارخانا آهن جنهن مان ٻه ”ايران کودرو“ ۽ ”سائيپا“ تمام وڏا آهن جن ۾ سمجهو ته ايران ۾ هلندڙ گاڏين مان نوي سيڪڙو ٺهن ٿيون. ايران کودرو ڪمپني جي ڪار پيڪان (فارسي لفظ جنهن جي معنيٰ تير آهي) ايران ۾ ائين نظر اچي ٿي جيئن ڪنهن زماني ۾ انڊيا ۾ موروتي ڪار هئي. ان جي جاءِ تي هاڻ ٻن سالن کان ايران کودرو وارن ساماند (Samand) نالي نئين ڊيزائين جي ڪار ڪڍي آهي.
    سائيپا ڪمپني وارن جون ڪارون ٻئي نمبر تي آهن جن ۾ صبا، نسيم، سائٽرون Xantia وغيره اچي وڃن ٿيون. ان بعد ننڍي پئماني تي ڪارون ٺاهڻ وارا آهن. ڪرمان موٽرس ڪمپني، ڊاهمن گروپ ڪمپني، ڪش کودرو ڪمپني، رانيران تراڪتور سازي (يعني ٽريئڪٽر مئينيوفيڪچر) شهاب کودرو ۽ ٻيون ڪجهه ڪمپنيون آهن جيڪي ملڪ جي ضرورت جو ڏهه سيڪڙو ڪارون ٺاهين ٿيون.اهي سموريون ڪمپنيون ڪارن کان علاوه موٽر سائيڪلون بسيون، وئن، ننڍيون وڏيون ٽرڪون، ٽرئڪٽر ۽ مني بسون وغيره ٺاهين ٿيون. بهرحال ايران جهڙي ملڪ کي شاباس هجي جو هن ڌارين ملڪن تي مدار ناهي. پاڻ ئي هر قسم جي گاڏي ٺاهين ٿا ۽ نه فقط پنهنجي ضرورت پوري ڪن ٿا پر ڪيترن ئي ملڪن کي وڪڻن ٿا. ايران وچ اوڀر جي سڀني ملڪن ۾ ڪارون ۽ بسيون، ٽرڪون ٺاهڻ ٽاپ تي آهي ۽ دنيا ۾ سورهين نمبر تي آهي.
    ايران ۾ ڪارن ٺاهڻ جي سڀ کان وڏي ڪمپني ايران کودرو Iran Khodro Industrial Group آهي جنهن کي ڏسڻ جو مون کي موقعو مليو 1962ع ۾ ٻن ڀائرن احمد ۽ محمود خاياميءَ شروع ڪئي. جنهن جو شروع ۾ نالو ”ايران نئشنل“ رکيو ويو ۽ پوءِ 1979ع واري اسلامي انقلاب بعد هن جو نالو ”ايران کودرو“ رکيو ويو. کودرو فارسي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آٽو موبائيل آهي. هيءُ ڪمپني ٽيهن سالن تائين پيڪان نالي ڪارون ٺاهيندي رهي جيڪي برطانيه جي ڪار هلمن هنٽر جي ٻي صورت آهن.
    2005ع کان هن ڪمپنيءَ پيڪان ڪار بند ڪري 1.8 ليٽر جي سرمند ڪار ٺاهڻ شروع ڪئي آهي. جيڪا ڊيزائين به ايران ۾ ڪئي وئي آهي پر هن جو بنياد Peugeot 405 جي پليٽ فارم تي رکيو ويو آهي. جيڪا پڻ ايراني ڪار آهي. سرمند فارسي نالو آهي. جنهن جي معنيٰ تکو ڊوڙندڙ گهوڙن جو نسل آهن. ايران کودرو ڪمپني جي ٽيڪنيڪل مئنيجر ٻڌايو ته هن ڪار جو اهو نالو (سرمند) ايران جي اڳوڻي صدر محمد ختامي Propose ڪيو هو. جيڪو نالو فردوسيءَ جي ڊگهي شهر Epic شاهنامي تان کنيو ويو آهي.
    ايران جي هيءَ ڪار سرمند دبئي ۽ دوحا (قطر) جي به رستن تي نظر اچي ٿي. اها ڪار عرب امارات کان علاوه روس، بلغاريا، تاجڪستان، پولنڊ ۽ افغانستان به ايڪسپورٽ ڪئي وڃي ٿي. ان کان علاوه هيءَ ڪار بيلا روس ۾ يونيسن ڪمپني، آذربائيجان ۾ اسٽار ڪمپني ”الصمند عزيز“ جي نالي سان ٺاهي ٿي. ڪمپني جي هڪ همراهه ٻڌايو ته هن سال کان هيءَ ڪار شام Syria ۾ پڻ ”سامند شام“ جي نالي ٺهڻ شروع ٿي رهي آهي.
    سامند ڪار کي هتي ايران ۾ ڪي ماڻهو ”نئين پيڪان“ (پيڪان نو) پڻ سڏين ٿا. بهرحال هن ڪمپني جي پراڻي ڪار پيڪان جيڪا ٽن ڏهائين تائين ايران ۾ ٺهندي رهي ان جي ”آٽوموبائل پروڊڪشن لائين“ سوڊان جي هڪ ڪمپني ”خارطوم ٽرانسپورٽيشن ڪمپنيءَ“ خريد ڪري ورتي آهي. جتي هو شايد ساڳي نالي سان يا ڪنهن ٻئي نالي سان ڪار ٺاهڻ شروع ڪن.
    شاهه جي زماني جي هڪ پوڙهي همراهه کان جڏهن پڇيم ته هن کي ايراني ڪار پيڪان ڪيئن ٿي لڳي ته هن شڪل ٺاهيندي چيو.
    The paykan or arrow is a four cylinder time capsule. The design has barely changed since the first model was copied from the British hillmar hunter.
    هو پنهنجي چاليهه سال پراڻي شيورليٽ ڪار سان خوش هو جنهن جا جيتوڻيڪ بقول سندس نه اسپيئر پارٽس ملن ٿا ۽ نه وري ڪا وڪامي ٿي.
    هڪ ٻئي اهڙي ناراض همراهه پڻ ايران جي هن ڪار پيڪان (جيڪا ستر سيڪڙو ايران جي رستن تي نظر اچي ٿي) لاءِ چيو ته هيءَ ڪار آهي! انقلاب کان اڳ وارين ڪارين (يعني آمريڪن ڪارن بيوڪ ۽ ڪنڊلڪن) اڳيان بوٽن رکڻ جو کوکو لڳي ٿي.
    بهرحال آمريڪا جي اهڙين شين پٺيان ايران کوکلو ٿيندو ٿي ويو. چڱو جو امام خميني جهڙي نيڪ انسان ايران ۾ انقلاب آندو ۽ ايران کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو نه ته ايران ۾ ٽٿ پيسٽ ۽ سائيڪل به آمريڪا کان آئي ٿي. ايرانين کي هاڻ فخر هئڻ کپي ته پيڪان ۽ سامند جهڙيون ڪارون جيڪي هو هلائين ٿا اهي سندن ملڪ ۾ ٺهن ٿيون. جيڪي غريب غربو خريد ڪري سگهي ٿو. اسان کي پيڪان گاڏي جي فئڪٽري گهمائڻ واري انچارج چيو ته ”ايران جي ڪار پيڪان هن ملڪ جي سون برابر آهي. توهان هن جي مرمت به ڪرائي سگهو ٿا ته دل چوڻ تي ڪٿي به وڪڻي سگهو ٿا، کڻي ڇا به ٿي پوي پيڪان ڪار هميشه ايران جو اٽوٽ انگ رهندي.“


    ٽئڪسيون فقط عورتن لاءِ

    ايران ۾ گاڏيون ٺاهڻ واري وڏي ڪمپني ايران کودرو سائي رنگ جون ٽئڪسيون، عورت ٽئڪسي ڊرائيورن لاءِ پڻ ٺاهي ٿي. مون جهڙا ماڻهو جيڪي مغربي دنيا ۾ گهڻو رهيا ۽ جن جي دماغ ۾ مغربي ميڊيا هميشه اها ڊس انفارميشن وڌي ته ايران ۾ عورتن سان ظلم آهي ۽ عورتن کي ڪا آزادي ناهي. انهن کي ايران اچي حيرت ٿيندي هوندي جڏهن هو ايران جي ايئرپورٽ تي لهڻ سان خوبصورت، سمارٽ ۽ سنهڙين ايراني ڇوڪرين کي اميگريشن ۾ ڪسٽم آفيسرياڻين جي روپ ۾ ڏسندا هوندا. بازارين ۽ سپر مارڪيٽن ۾ ايراني عورتن کي اڪيلي سر، ساهيڙين سان يا پنهنجي فئملي سان شاپنگ ڪندي ڏسندا هوندا، صبح جي وقت ايراني ليڊي ڊاڪٽر، پروفيسر، ۽ ٻين سرڪاري ۽ غير سرڪاري نوڪرين وارين کي بسين ۽ ٽئڪسين ۾ ويندو ڏسندا هوندا يا هنن کي پنهنجون ڪارون پاڻ ڊرائيو ڪندي ڏسندا هوندا. نه فقط ايترو پر توهان کي تعجب لڳندو ته ملئي عورتن وانگر هتي جون ايراني عورتون بسيون به هلائين ٿيون. تهران کان ڪاراج شهر ويندڙ بس معصوما بولاقي نالي هڪ ايراني عورت هلائي ٿي جيڪا هن کان اڳ ۾ نرس هئي. ڪاراج شهر تهران کان ايترو پري آهي. جيترو هالا کان نوابشاهه يعني 60 کن ڪلوميٽر.
    مغربي دنيا جي ماڻهن کي اهو به تعجب ٿيندو ته ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۾ عورتون ٽئڪسيون هلائين ٿيون ۽ گذريل سال کان “Women-Only” ٽئڪسيون تهران ۾ به هلڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ فقط بس هلائيندڙ مٿين عورت معصوما پروفيشنل ڊرائيور ناهي. منهنجي خيال ۾ سڀ ۾ وڌيڪ نامياري ۽ پهرين ٽئڪسي ڊرائيور زهرا القادري آهي جنهن بابت ڪيترين ئي مڪاني ۽ مغربي اخبارن ۾ اچي چڪو آهي. مون به پهريون دفعو هن عورت بابت CNN تي ٻڌو هو. هوءَ قم ۾ ان قسم جي ٽئڪسي هلائي ٿي ۽ آل وومين نساءَ ٽئڪسي سروس جي ملازم آهي. قم ۾ ان قسم جي ٽئڪسين کي هلندي ٻه سال ٿي ويا آهن. هن ڪمپني جي مالڪياڻي نيره آغا جو چوڻ آهي ته هن اها ڪمپني عورتن کي هن سوسائٽيءَ ۾، حق ڏيارڻ ۾ مدد خاطر کولي آهي. هي ڪمپنيءَ جو ٽيڪسيون پڻ ٻين ”وومين اونلي“ ٽئڪسين وانگر فقط عورتن ۽ ٻارهن سالن کان ننڍا ٻار کڻن.
    ”زال ۽ ٻار اسان جي ٽئڪسي ۾ ضرور چڙهي سگهن ٿا.“ هن ٽهڪ ڏيندي جرمني جي خبر رسان ايجنسي Reuter وارن کي ٻڌايو هو. ”پر مڙس کي واڪ ڪرڻي پوندي.“
    تهران ۾ جنهن ايراني دوست جي گهر رهيس ان جي زال ٻڌايو ته ”هن قسم جون ٽئڪسيون عورتن لاءِ وڏو سک آهن ڇو جو ڪي مرد ڊرائيور ٽئڪسي جي آرسيءَ مان عجيب نظرن سان ڏسندا رهن ٿا.“
    هن جي پاڙيسري عورت پڻ ساڳي ڳالهه ڪئي ته هوءَ هاڻ هن قسم جي ٽئڪسين ۾ پنهنجي آفيس وڃي ٿي. ڪنهن جوان مرد ٽئڪسي ڊرائيور مان روز روز وڃڻ سان مڙس به شڪجيو پون. ”هاڻ پاڙي ۾ رهندڙ ٽئڪسي ڊرائيور عورت روزانو پهرين ٻارن کي اسڪول ڇڏي اچي ٿي ۽ پوءِ مون کي آفيس وٺي هلي ٿي. عورت هجڻ ڪري آءٌ بي فڪر رهان ٿي ۽ ٻارن سان گڏ وڃڻ ضروري نٿي سمجهان.“ هن ٻڌايو. حڪومت طرفان اهو قانون مقرر ٿيل آهي ته فقط شادي شده عورت ٽئڪسي ڊرائيور ٿي سگهي ٿي.
    منهنجي ايراني دوست ٻڌايو ته لوڪل ڪارون ۽ پيٽرول سستو هجڻ ڪري ايران ۾ ٽئڪسي جو ڀاڙو يورپ يا ايشيا جي ٻين ملڪن وانگر گهڻو ناهي ۽ هر ماڻهو افورڊ ڪري سگهي ٿو. سو ڪيتريون ئي عورتون هن قسم جي ٽئڪسين ۾ چڙهن ٿيون ۽ ٽئڪسي هلائيندڙ عورت جي سٺي ڪمائي ٿيو وڃي. ڪيتريون ئي غريب ۽ اڪيليون عورتون پنهنجي گهر ٻار کي هلائڻ لاءِ پنهنجو خرچ ٽئڪسي هلائڻ مان ڪڍيو وٺن ۽ هنن کي خوشي آهي ته هو هن سوسائٽي تي بار نه آهن.
    ايران جي پهرين ٽئڪسي ڊرائيور زهرا جو اهو جملو ماڻهن کي ڏاڍو وڻي ٿو ته: ”آءٌ ٽئڪسي ان ڪري نٿي هلايان جو اهو ڪو ٽاپ جاب آهي. (يعني جنهن مان گهڻي ڪمائي ٿي ٿئي) پر مون کي ان ڳالهه جي خوشي ٿي ٿئي ته اها عورت طرفان هڪ وڏي Achievement آهي ته هوءَ اهي ڪم به ڪري سگهي ٿي. جيڪي فقط مردن لاءِ سمجهيا ويا ٿي.“ هن ٽي وي تي انٽرويو ڏيندي اهو به چيو ته ”هن مذهبي شهر (يعني قم جي هوءَ ٽيڪسي هلائي ٿي) جي مرد ماڻهن کي اهو به ڏسڻ کپي ته عورتون فقط رڌ پچاءُ لاءِ نه آهن.“
    هونءَ مغرب جي دنيا جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ايران جي عورتن کي والي بال ۽ ملهه Wrestling جا مقابلا به ڏسڻ جي اجازت آهي بشرطيڪ هنن کي مردن کان ڌار وهاريو وڃي. ايران جون عورتون نه فقط ننڍين نوڪرين ۾ آهن پر ڪيترين اهم سرڪاري نوڪرين ۽ پارليامينٽ ۾ پڻ آهن ۽ هنن جي اها ئي سوچ آهي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ عورت ۽ مرد کي ڪم ڪرڻ کپي. ان لاءِ امام خميني توڙي اڄ جا عالم ڪڏهن به عورت کي ڪنهن حق حلال جي پورهئي يا نوڪري کان نٿا جهلين. هو فقط عورت ۽ مرد کي هڪٻئي سان گهاٽو ٿيڻ يا اڪيلائي ۾ گڏ رهڻ کان روڪين ٿا. اها سختي ته ملائيشيا ۾ به آهي. ڪوبه مسلمان ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ڪوالالمپور يا ملاڪا جي پارڪ ۾ بينچ تي گڏ ويهي ته ڏيکاري. هن کي پوليس يڪدم خلوت جي ڪيس ۾ گرفتار ڪريو ڇڏي. پر ڳالهه اها آهي ته ايران تي وڏي چاچي آمريڪا جي چڙهجڻ ڪري سندس ڀائيٽا ۽ يورپي ملڪ به وتن ايران تي ڇوهه ڇنڊيندا. هنن کي هر وقت اهو ٿو نظر اچي ته امام خميني ايران ۾ اسلامي انقلابي آڻي هڪ ته ايران کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ٻيو ايران جي عورت کي قيدياڻي بڻائي ڇڏيو آهي.
    ڏٺو وڃي ته، بقول هڪ مغربي جنرلسٽ گارٿ سمٿ جي ته آيت الله خمينيءَ ايران جي عورت لاءِ حجاب ضروري ڪري هنن کي وڌيڪ آزادي ڏني آهي. سڀ عورتون مٿو حجاب (روسري) سان ۽ جسم چادر سان ڍڪي ٿيون هلن پر هنن کي سڄو منهن ته کولي هلڻ جي اجازت آهي. هنن کي بسين ۽ ٽرينن ۾ سفر ڪرڻ جي ته موڪل آهي. هنن کي بازار ۽ مارڪيٽ ۾ اڪيلي يا ساهيڙين سان گڏ خريداري ڪرڻ جي ته اجازت آهي. ڪيترائي عرب ۽ ايشيا جا پاڪستان ۽ افغانستان جهڙا ملڪ آهن. جتي جا ماڻهو توڙي ملان منجهيل آهن. هو هڪ راءِ تي نه آهن. ڪي عورتون منهن ۽ مٿو اگهاڙو ڪيو پيو هلن ته ڪي منهن کي به ڍڪي پوءِ ٿيون نڪرن، ڪي ته برقعي ۾ ٿيون نڪرن ته به انهن تي آڱريون کنيون ٿيون وڃن. ان لحاظ کان ته ايران جي عورت خوش نصيب آهي. جو هوءَ جينز (Jeans) جون برانڊيڊ پتلون ۽ مرداني فيشن جون ڪالرن واريون قميصون به پائي ٿي ۽ گهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هن کي فقط رومال سان مٿو ڍڪڻو پوي ٿو. ۽ جسم جي چوڌاري چادر ورائڻي پوي ٿي. ان بعد مجال آهي ڪو مرد ان کي شاپنگ کان يا بس ۾ چڙهڻ کان جهلي سگهي. مجال آهي جو ڪو اوڙي پاڙي وارو هن تي آڱر کڻي سگهي ته هوءَ منهن اگهاڙو ڇو پئي ڪري. ايران ۾ عورت لاءِ فقط حجاب ۽ چادر ضروري آهن. ان بعد ڪو ڪنهن جي گلا ٿو ڪري ته هوءَ منهن اگهاڙي پئي هلي ته هو پنهنجي دماغ جو علاج ڪرائي جو سڄي ايران ۾ جوان ڇوڪريون توڙي پوڙهيون ائين منهن اگهاڙو ڪري پيو هلن. جيڪڏهن ڪو مرد گهڻو مولوي بڻجي پنهنجي زال يا ڌيءُ کي افغاني برقعو پائڻ تي زور ٿو ڀري يا منهن کي به ڍڪرائي ٿو ته پوءِ هن لاءِ بهتر آهي ته قم جي ڪنهن مدرسي ۾ وڃي وڌيڪ اسلامي تعليم حاصل ڪري ۽ معلوم ڪري ته عورت لاءِ ڪيترو پردو ڪافي آهي...
    سو ان خيال کان امام خمينيءَ سڄي ملڪ جي ماڻهن جو لباس مقرر ڪري هن عوام ۽ ملڪ لاءِ بهتري ڪئي آهي. هونءُ به مغربي دنيا امام خميني تي ڪجهه وڌيڪ ئي بهتان ٿي هڻي. نه ته ڏٺو وڃي ته هن مولويءَ ته ڪڏهن اسان جي چيف منسٽر ارباب رحيم جيتري به عورتن لاءِ سختي يا گهٽتائي نه ڪئي آهي. امام خميني جا عورت بابت هڪ ٻه Quotaion ڌيان ۾ اچي رهيا آهن.
    * هر ٻار جو پهريون اسڪول ماءُ جي گود آهي.
    * انساني حقن جي خيال کان، عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ ڪوبه فرق ناهي ڇو جو ٻئي انسان آهن. عورتون به پنهنجي مستقبل جو فيصلو مردن وانگر پاڻ ڪري سگهن ٿيون.
    * اسان جي هن دور ۾ عورت اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته جنگ ۾ اهي به مردن سان گڏ گڏ بلڪ مردن کان به اڳيان رهي دشمن جو مقابلو ڪري سگهن ٿيون.
    * هن تحريڪ ۽ انقلاب ۾ ايران جي عورتن کي مردن کان به وڌيڪ پاڻ ملهائڻو پوندو.
    * اسان شيعا عورتن کي سماجي زندگي جي آکاڙي مان ٻاهر رکڻ بدران هنن کي اعليٰ انساني بلندين جو سرپرست ٿيندو ڏسڻ چاهيون ٿا.
    بهرحال هتي پاڻ عورتن جي ٽئڪسي ڊرائيور ٿيڻ بابت ڳالهائي رهيا آهيون ته ايران جون عورتون ٽئڪسي به هلائين ٿيون.. دراصل ايراني عورت جي آزاد هجڻ جو اهو پڻ وڏو ثبوت آهي. ايران ۾ مرد ۽ عورتن کي برابر جا حق هجڻ جو وڏو مثال آهي.
    گذريل سال سنگاپور يا شايد ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي ايران جي پارليامينٽ جي هڪ ميمبر عورت جميلان ڪاديور اخباري نمائندن جي پڇيل سوال جو واهه جو جواب ڏنو هو.
    “…If meritocracy and rule of law are to be held up, men and women must be proveded with equal apporunities in all fields.”
    دي گارجين اخبار جي 2 فيبروري 2007ع، جمعي واري پرچي ۾ ايران جي ٽئڪسي ڊرائيور بابت هڪ خبر ڇپي آهي. جنهن جو خاطر رابرٽ نئٽ انگريز آهي جيڪو هتي تهران ۾ ئي رهي ٿو.
    ايران ٽئڪسي جي هڪ ڪمپني مردن بدران فقط عورتن کي ڊرائيوري جي نوڪري ڏيئي رهي آهي. هڪ مرد ٽئڪسي ڊرائيور هڪ سنسان علائقي ۾ خاتون شريئتي نالي مسافر عورت سان کيچل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن کي اها ڄاڻ نه هئي ته ان جو ڇا انجام ٿيندو. هن ته اهوئي سمجهيو ته هڪ عورت ذات جيڪا ننڍڙي ٻار سان گڏ هن جي گاڏي ۾ ويٺي آهي. اها هن کي ڇا ٿي ڪري سگهي. پر مرضيده خاتون ڪا جُوڊو ڪراٽي جي انسٽرڪٽر هئي. هن مڪن ۽ ٺونشن سان ٽئڪسي ڊرائيور جا هڏ گڏ ڀڃي رکيا ۽ پوءِ کيس ڪار جي ڊڪيءَ ۾ وجهي پوليس اسٽيشن تي اچي ڦٽو ڪيو. ان کان هن اهو ئي سوچيو ته هوءَ ٽئڪسيءَ ڊرائيور ٿي ملڪ جي عورتن جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهي ٿي.
    ان تان ياد آيو ته All Women ٽئڪسين وانگر ايران ۾ آل وومين پوليس اسٽيشنيون يعني ٿاڻا پڻ آهن. جتي اعليٰ عملدار کان وٺي سپاهي ايراني عورتون آهن. هن قسم جا ٿاڻا ايران ۾ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. جو اتي مظلوم عورتون سولائي سان پهچي وڃن ٿيون ۽ ويندي پنهنجي کريل يا ٽوٽي مڙس جي پڻ شڪايت ڪري سگهن ٿيون. پنهنجي دوست جي زال معرفت مشهد جي بازار امام علي رضا جي بس اسٽاپ تي بيٺل 23 سالن جي هڪ ٽئڪسي ڊرائيور نوجوان عورت ثمرين مظهاريءَ سان خبر چار ڪيم. هن ويجهڙائيءَ ۾ هائي اسڪول مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ٽئڪسي ڪمپني جي اشتهار ڏيڻ تي هن ڊرائيور ٿيڻ لاءِ انٽرويو ڏنو. هنن کي 50 ڊرائيور عورتن جي ضرورت هئي جن مان پاڻ هڪ آهي. ثمرين ٻڌايو ته ”هن چونڊ ۾ ڪمپني وارن پهرين انهن عورتن کي چونڊيو جيڪي بيوه آهن ۽ ٻئي نمبر تي شادي شده عورتون جيڪي غريب آهن.“
    ”ڪيترن ئي هنڌن تي جتي ماڻهو ڇيڻو ناهي اتي توهان کي ڊپ نٿو ٿئي؟“ مون پڇيامانس.
    ”نه هرگز نه.“ هن ٻڌايو ”ان ڪري جو گاڏين ۾ الارام سسٽم آهي ۽ اسان سان گڏ هر وقت وائرليس سيٽ رهي ٿو. جنهن ذريعي اسان پنهنجي مرڪزي آفيس کي هر هر اطلاع ڏينديون رهون ٿيون ته اسين ڪافي آهيون.“
    ٽئڪسي هلائڻ لاءِ انهن ڊرائيور عورتن کي به وڌيڪ ترجيح ڏني وڃي ٿي جيڪي ڪا ڌارئين زبان خاص ڪري عربي، ترڪي، افغاني، آذربائيجاني، انگريزي يا فرينچ به ڄاڻن ٿيون. جيئن هو فارينرس سان سندن زبان ۾ ڳالهائي سگهن. ثمرين ٽئڪسي ڊرائيور ٻڌايو ته هن جي شادي کي چار سال ٿيا آهن. کيس ٻه ٻار آهن جن وٽ ڏينهن جي وقت سندس مڙس ويهي ٿو ۽ شام جي وقت جڏهن هوءَ گهر پهچندي آهي ته پوءِ مڙس ڪنهن هوٽل تي ڪم لاءِ نڪرندو آهي. ”اسان مشهد کان ويهارو کن ڪلوميٽر ڏکڻ جي هڪ ڳوٺ دوشيب جا آهيون.“ هن ٻڌايو ”اسان ڪي امير نه آهيون پر منهنجي نوڪري ڪرڻ سان چڱي بچت ٿيو وڃي.“


    سکر جا همراهه ۽ طباطبائي يونيورسٽي

    بس تهران شهر جي هڪ ڪنڊ واري علائقي مان گذري اچي تهران جي پراڻي واري هوائي اڏي مهرآباد تي لاٿو جتان اڃا تائين ڪجهه بين الاقوامي اڏامون ۽ تقريباً سڀ اندروني Domestic اڏامون پرواز ڪن ٿيون . بس مان ٻاهر نڪتاسين ته جهڙو ڪراچي جي صدر واري ريلوي اسٽيشن اڳيان بيٺا هجون. اها ئي بسن، موٽر سائيڪلن ۽ ٽئڪسين جي گپاگيهه، اهي ئي دڪان ۽ هوٽلون! بس رڳو فرق اهو هو جو فضا ۾ دونهون ۽ مُٽ جي ڌپ نه هئي. ان ڪري جو هتي جي ٽرئفڪ پوليس يا جيڪو به اختياري وارو ادارو آهي اهو گاڏي جي Exhaust خارج ڪيل دونهين ۽ گئس تي نظر ٿو رکي، هر قسم جي گاڏيءَ جو مالڪ پنهنجي گاڏيءَ جا پسٽن ۽ سلينڊر صحيح ٿو رکي جو ٻي صورت ۾ وڏو ڏنڊ آهي. تهران توڙي ايران جي ٻين شهرن ۾ ڪچري کڻڻ جو صحيح بندوبست آهي. ۽ ملائشيا ۽ سنگاپور وانگر هر گهٽي صاف نظر اچي ٿي ۽ ڪٿي به گٽر اوور فلو ٿيندي نظر نٿو اچي. تهران ۽ ايران جي ٻين شهرن جون ڀتيون- جيڪڏهن ڳالهائي يا سوچي سگهنديون هونديون ته ايران جي حڪومت ۽ شهر جي ناظمن Mayors کي ٻڪ کڻي دعائون ڪنديون هونديون جن شهرين ۽ پرديسين لاءِ جتي ڪٿي ٽئاليٽ ٺهرائي ڇڏيا آهن ۽ ماڻهو مجبور ٿي ڀتين جي پاڙن ۾ پنهنجا مثانا خالي نٿا ڪن.
    جيسين اسان جي بس جا ٻيا مسافر پنهنجو ڳرو ڳرو سامان لاهين ۽ ان کي ڍوئڻ جو بندوبست ڪن، تيسين آءٌ ٻن وڳن واري ست ڪلو جي هلڪي بئگ کڻي پاڻ جهڙن هڪ ٻن ٻين Travel Light جي فلسفي ۾ يقين رکندڙن سان گڏ، مهرآباد ايئرپورٽ جي بلڊنگ ڏي وڌڻ لڳس. سفر دوران پاڻ سان گڏ گهٽ سامان کڻڻ ۾ ڪيترو ته سک آهي. گهڻا وڳا کڻڻ کان ته ساڳيو وڳو ڌوئي پيو پائجي ته اهو بهتر آهي. پر گروپ ۾ گهٽ سامان سان سفر ڪرڻ به ڪڏهن ڪڏهن سورن ۾ وجهيو ڇڏي. ڪي ڪي درويش هڪ ته گهران ئي گهڻو سامان کڻي نڪرندا. ٻه ٻه ٽوال کڻندا، هيٺ وڇائڻ لاءِ الڳ چادر کڻندا، مٿان وجهڻ لاءِ الڳ ، جو هنن کي ڊپ هوندو آهي ته متان هوٽل جي ٽوالن ۽ چادرن ۾ جراثيم هجن. ڀائي اهڙو جي صحت جو خيال آهي ته پوءِ گهران ئي نه نڪرجي. پاڻ سان صابڻ جي وڏي چڪي، شيمپو ۽ يوڊي ڪولون جي نئين بوتل، چمپل،بوٽ، هر ڏينهن لاءِ هڪ عدد شلوار قميص رات جو سمهڻ لاءِ سليپنگ سوٽ... پوءِ ظاهر آهي اهڙي طرح هنن جي بئگ وڏي ۽ ڳري ٿيو پوي ۽ پوءِ خريداري به سڀ کان گهڻي ڪندا. پستا، بادام، ڪپڙو، ٻارن لاءِ رانديڪا، بوٽ، سئيٽر، ڪوٽ وغيره. جيڪي سموريون شيون پنهنجي وطن ۾ به ان ئي اگهه تي ملن ٿيون. بلڪ بولٽن مارڪيٽ، کوڙي گارڊن، موتن داس مارڪيٽ جهڙن علائقن مان اڃا به سستيون. بهرحال حد کان وڌيڪ خريداري ڪري پوءِ کانئن سامان نه کڄڻ تي ٻين مون جهڙن کي جيڪي گهٽ سامان ڪري ننڍي بئگ يا ٿيلهو کڻي پيا هلن. انهن کي چوندا ”ڀائو هٿين خالي آهين ڪجهه سامان ته کڻائي هل.“ هاڻ ڪهڙو انڪار ڪجي، خاص ڪري جيڪڏهن ڪو وڏي عمر جو مرد يا ڪا عورت سامان کڻڻ لاءِ منٿ ٿي ڪري، توهان جي ها چوڻ ته هو سڀ ۾ ڳري بئگ توهان جي حوالي ڪري ٿو. اهڙي صورت ۾ اندر ئي سڙيو وڃي ته اسان گهٽ سامان پنهنجي سک لاءِ کنيو آهي يا ٻين جو ڍوئڻ لاءِ! يورپ ۾ جهاز سازي جي ڇهن مهينن واري فيلڊ ٽرپ ۾، جنهن ۾ اسان کي هر هفتي مختلف ملڪ ۾ وڃڻو پيو ٿي ۽ ڪڏهن ته ان ملڪ ۾ پهچڻ لاءِ هوائي جهاز، ٽرين ۽ ٽئڪسي ۾ به سواري ڪرڻي پيئي ٿي ته ڪڏهن فيري ۽ بس ۾ به. اسان جي 15 کن ڄڻن جي گروپ ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتون هيون جيڪي ڪجهه شو بازي لاءِ ڪجهه سيءَ جي ڪري گهڻي سامان سان ٽريول ڪنديون هيون پوءِ سامان اسان جي مٿي ۾ هڻنديون هيون ته توهان وٽ سامان گهٽ آهي مدد ڪريو. هاڻ هڪ ئي گروپ ۾ ڪم ڪندڙن سان ڪهڙو انڪار ڪجي، ڪهڙو جهيڙو ڪجي؟ پر سگهوئي يمن جي انجنيئر محمد مبارڪ جان بچائي ۽ هن جي پلاننگ موجب ان بعد سامان اهو ئي ٿورو کڻندا هئاسين پر وڏي بئگ ۾ وجهي. ڪو چوندو به هو ته مبارڪ يڪدم ورندي ڏيندو هوس ته ڏسين نٿو اسين پنهنجو ئي نٿا کڻي سگهون. مشهد جي بازار (امام رضا ۾ ٻن ايراني ماسترياڻين ٻڌايو ته هو چئن قميصن ۽ ٻن جينز جي پتلونن ۾ سڄو سال گذاريو وڃن. منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه اسان جي گروپ ۾ سفر ڪندڙ اسان جي پاڪستاني عورتن لاءِ سبق هئڻ کپي جيڪي هفتي جي سفر لاءِ اٺ وڳا ۽ ٽي جوڙا چئپلن جا کڻي هليون هيون. سو به ڪي دعوتون Attend ڪرڻ نه پر عبادت ڪرڻ لاءِ.
    مهرآباد ايئرپورٽ اندر ايراني مردن ۽ عورتن جي پيهه پيهان لڳل هئي. لڳي ٿو ته هتي جا ماڻهو تمام گهڻو سفر ڪن ٿا. ان جو هڪ سبب سستا ڀاڙا ۽ ملڪ ۾ امن امان آهي. سڀ عورتون مردن سان به گڏ نه آهن. بلڪ چوڌاري مردن کان وڌيڪ عورتون نظر اچن ٿيون ۽ ڪيتريون ئي عورتون مردن بنا ٻارن کي ساڻ وٺي يا اڪيلي سر ٽريول پيون ڪن. چوڌاري ڪيترائي ڪائونٽر هئا جن مٿان ايران جي مختلف شهرن جا نالا لکيل هئا جيڪي هتان تهران کان هوائي جهاز وڃي رهيا هئا. زاهدان، يزد، ڪرمان، تبريز، شيراز، همدان وغيره وغيره. اسان مشهد واري ڪائونٽر اڳيان ٺهيل قطار ۾ اچي بيٺاسين. مردن جي قطار الڳ هئي ته عورتن جي الڳ، مون ٽڪيٽ ڏئي بورڊنگ ڪارڊ ورتو- يعني منهنجي سيٽ رزرو ٿي وئي. هاڻ مون بنا جهاز نه اڏامندو- جي اڏامندو به ته ان کان اڳ ٽي چار دفعا منهنجو نالو وٺي انائونس ڪندا، ان بعد منهنجي بئگ ڳولهي جهاز مان ڪڍندا ۽ پوءِ هوائي جهاز آجو اُڏام ۾ اڃا وقت هو اُن دوران آئون واش روم مان ٿي، اچان ۽ فون به ڪري وٺان. ٽيليفون بوٿ واش روم جي ٻاهران ئي لڳل هئا. ماڻهو انهن ۾ سڪا يا ڪارڊ وجهي ڳالهائي رهيا هئا. هڪ جي هٿ ۾ ڪارڊ ڏسي اشاري سان پڇيومانس ته اهو ڪٿي ملندو. هن جي ٻڌائڻ موجب سامهون واري دڪان تي ويس جتي کاڌي جون شيون رکيل هيون. هن مون کي ٻئي دڪان جو نالو وٺي فارسي ۾ سمجهايو پر آءٌ سمجهي نه سگهيس. ان ڪري هو دڪان مان نڪري آيو ۽ سامهون واري قطار تي چار دڪان ڇڏي هڪ ننڍڙي دڪان ڏي اشارو ڪيو جيڪو هڪ عورت جو هو جيڪا ان وقت ڪنهن سان موبائل فون تي ڳالهائي رهي هئي. آءٌ انتظار ڪرڻ سان گڏ سندس فارسي زبان جو ٽون ۽ لهجو Enjoy ڪرڻ لڳس. ايران پهچڻ بعد هي پهريون دفعو ڪنهن کي لس ئي لس فارسي ڳالهائيندي ٻڌي رهيو هوس. تامل، افغاني يا ويندي چيني زبانن وانگر هن زبان جو لهجو مار ڌاڙ وارو کهرو ۽ ڪرخت ناهي. بيحد Polite ۽ نرم لڳي ٿو. يا شايد عورت جي گلي مان نڪتل هر آواز مٺو ٿئي ٿو. هن وٽ اهڙو ڪو ڪارڊ نه هو جهڙو اسان وٽ ڪراچي ايئرپورٽ تي ملندو آهي. جيڪو ٽيليفون بوٿ جي چير ۾ وجهي يڪدم ڪال ڪبو آهي. هتي ڪارڊ تي لکيل انسٽرڪشن موجب هڪڙو نمبر ملائي ٻيو ملائڻو هو. ان بعد ٽيون نمبر ۽ پوءِ ضرورت وارو نمبر، هوءَ مون کي اهو ئي ڪجهه سمجهائيندي رهي پر فارسيءَ زبان ۾ جيڪا منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئي. بهرحال منهنجي لاءِ اها به حيرت جي ڳالهه هئي ته هڪ نوجوان ايراني عورت وڏي اعتماد سان دڪان هلائي رهي هئي. ان کان اڳ امام خميني ايئرپورٽ تي ايراني عورتن کي سرڪاري نوڪري ڪندي ۽ تهران جي روڊن تي کين گاڏي هلائيندو ڏسي سوچيم ته هيءَ قوم وڃي ڪٿان جو ڪٿان پهتي آهي. اسان جا مغربي اخبار نويس بنا ڏسڻ جي ۽ بنا معلومات حاصل ڪرڻ جي ويٺا اخبارون ڪاريون ڪن ته ايراني عورتن سان ظلم آهي ۽ هو سڄو ڏينهن برقعي ۾ بند ٿي گهر ۾ ويٺيون آهن.
    ڪارڊ وٺڻ تان هٿ کڻي موٽيس. ٿي سگهي ٿو ڪارڊ تي ان جي استعمال ڪرڻ جو طريقو انگريزي ۾ به لکيل هجي پر هن وقت کيسي مان پڙهڻ جي عينڪ ڪڍي اها جانچ ڪرڻ تي دل نه چاهيو. ايراني ماڻهن جي ميلي ۾ ٽي ڄڻا پاڻ جهڙا ڏٺم جيڪي اسان جي گروپ جا نه هئا. وقت پاس ڪرڻ خاطر انهن وٽ پهتس، هو ٽيهه پنجٽيهه ورهن جا ڪافي صحتمند لڳي رهيا هئا. پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته هو به اسان وانگر پاڪستاني آهن ۽ ايران ۾ زيارتن لاءِ آيا آهن. هينئر هو به مشهد وڃي رهيا آهن جتان پوءِ قم ويندا. اسان وانگر ڪنهن قافلي ۾ اچڻ بدران هو ٽئي ڄڻا جيتوڻيڪ پهريون دفعو پر اڪيلي سر ايران آيا آهن. هنن پنهنجن مائٽن ۽ دوستن کان جيڪي ايران اچي چڪا آهن ايتري معلومات ورتي آهي جو هنن کي ڪنهن گائيڊ جي به ضرورت ناهي. واقعي ايران اهڙو ملڪ آهي جتي امن امان، سستائي ۽ مشرقي ڪلچر هجڻ ڪري اسان جي ماڻهن لاءِ وڏي سهولت آهي. ملائيشيا به ڪنهن زماني ۾ ائين هوندو هو پر هاڻ ماده پرستي جي اهڙي ته هوا لڳي آهي جو ڪنهن ڀٽڪيل مسافر کي راهه ڏيکارڻ لاءِ وقت ناهي. هتي عام ماڻهو توڙي سرڪاري ڪامورو Polite ۽ هيلپفل آهي. اهو ته نٿو چئي سگهجي ته هي مسلمان آهن. ان ڪري اهي پولائيٽ آهن. مسلمان ته سعودي عرب ۽ ڪويت ۾ به آهن پر اتي جي مڪاني عربن کي ڇا ته ٽيڙي آهي! پاڪستاني سلوني ۽ بنگلاديشيءَ سان ته هو ڳالهائيندي بي عزتي ٿا محسوس ڪن، مسلمان ته اسان جي ملڪ ۾ به آهن پر ڇا اسان جو سرڪاري ڪامورو ظالم آهي، نه ڏسندو پنهنجو نه پرديسي. هن کي ٽارچر ڏيڻ ۾ تسڪين محسوس ڪندو هو. منجهيل مسافر جي مدد ڪرڻ بدران هن جي ڪم ڊاهڻ جي چڪر ۾ رهي ٿو. ان ڪري اسان جي ملڪ ۾ ڌاريون ٽوئرسٽ ايندي گهٻرائي ٿو پر هتي ته ملتان جيڪب آباد ۽ جهلم جا ڳوٺاڻا به اچيو نڪرن.
    مشهد جي ايئرپورٽ تي مليل هي همراهه اسان کي قم ۾ به مليا ته نيشاپور ۾ به، سندن تعلق خيرپور ۽ سکر سان آهي. هي ٽئي ڄڻا پاڻ ۾ دوست سرڪاري نوڪرين ۾ آهن. ممتاز حسين ميراڻي خيرپور ۾ اريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آهي ۽ ڪريم بخش راڄڙ سکر ۾ هائي وي ڊپارٽمنٽ ۾ اڪائونٽ آفيسر آهي ، ڊاڪٽر شاهد حسين ميراڻي سکر ۾ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهائي ٿو ۽ شام جو سکر جي هڪ پرائيويٽ اسپتال ”حرا“ ۾ پرئڪٽس ڪري ٿو. 35 سالن جي هن نوجوان سرجن (سندس ڄم جي تاريخ 11- فيبروري 1972ع آهي) شاهد حسين ٻڌايو ته هن مئٽرڪ هاءِ اسڪول سکر مان ۽ انٽر اسلاميا ڪاليج سکر مان ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ڪاليج مان 1997ع ۾ گرئجوئيشن ڪئي. هائوس جاب سول اسپتال ڪراچي ۾ ڪيو جتي هن پارٽ ون جو امتحان 1999ع ۾ ۽ 2003ع ڌاري MCPS ۽ FCPS ڪئي. سندس مسز پڻ سکر جي ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهائي ٿي.
    تهران کان مشهد ويندڙ جهاز ۾ اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته منهنجي ڀرسان سوٽ ڪوٽ ۾ ويٺل ايراني جينٽل مئن انگريزي کان ڄاڻو آهي. آءٌ جيئن ئي جهاز ۾ گهڙي پنهنجي سيٽ تائين پهتس ته ان قطار ۾ دريءَ وٽ اڳواٽ ويٺل هن نوجوان مون کي صاف انگريزي ۾ چيو.”هي شايد توهان جي سيٽ آهي جنهن تي آءٌ ويهي رهيو آهيان. توهان کي جي اعتراض هجي ته آءٌ ڀر واري وچين سيٽ تي ٿي وهان.“
    ”پليز، توهان ويٺا هجو.“ چئي آءٌ سندس ڀر ۾ ٿي ويٺس. جهاز جي مٿي چڙهڻ، بيلٽ کلڻ ۽ ايئر هوسٽس طرفان يڪدم جيوس (آب ميوه) Serve ٿيڻ بعد جيئن ئي آجا ٿياسين ته مون هن کي کيڪار کڙي ڪئي. هن ٻڌايو ته سندس نالو سيد رضا نقيب السادات آهي. ”آءٌ تهران جي طباطابائي Allama Tabatabaee يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهيان ۽ ڪميونيڪشن اسٽڊيز منهنجو سبجيڪٽ آهي.“ هن پنهنجو ڪارڊ ڏيندي چيو.
    ”خوشي جي ڳالهه آهي جو منهنجي توهان جهڙي ماڻهو سان ملاقات ٿي آهي جيڪو علامه طباطابائي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي.“ مون خوشي جو اظهار ڪندي هن کي چيو.
    ”تنهنجي معنيٰ توهان هن يونيورسٽي کان واقف آهيو؟“
    ”ٿورو گهڻو واقف آهيان، ان ڪري جي مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ ويهارو کن ايراني هئا انهن ۾ هڪ ٻه ڄڻو ٻڌائيندو هو ته هو طباطابائي يونيورسٽي جو پڙهيل آهي.
    هتي پڙهندڙن لاءِ ايترو ٻڌائيندو هلان ته ايران کڻي مسلمان ملڪ آهي. پر ان ۾ ٻين مسلمان عرب ۽ آفريڪي ملڪن وانگر پڙهيل ڪڙهيل ماڻهن ۽ تعليمي ادارن جي کوٽ ناهي. ان معاملي ۾ ملائيشيا به گهڻو پٺتي پيل آهي. بلڪه اڄ به ملائيشيا ۾ ڪي گهڻا تعليمي ادارا نه آهن. پر اهو ضرور آهي ته جيڪي ڪجهه تعليمي درسگاهه آهن. انهن جو هنن معيار تمام بلند رکيو ويوآهي ۽ انگلينڊ جي صحيح قسم جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن وانگر پڙهائي تي وڏو ڌيان ڏنو وڃي ٿو. پاڪستان يا مصر ۾ پڻ تعليمي ادارا چڱا خاصا ۽ پراڻا آهن. پر اڄڪلهه اتي تعليمي معيار ڪري پيو آهي. انڊيا ۾ اڃا به بهتر حال آهي بلڪ گهڻو بهتر آهي ان ڪري اڄ به ايراني يا ملئي شاگرد پڙهائي جي معاملي ۾ ڪنهن ايشيا جي ملڪ کي ترجيح ڏين ٿا ته اهو انڊيا آهي.
    بهرحال ايران کي عرب يا آفريڪي مسلمان ملڪن (لبيا، ٽيونيشيا، موراڪو) جهڙو نه سمجهڻ کپي. ايران ۾ تمام اعليٰ معيار جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن ۽ پنهنجي ويهن سالن جي پڙهائي جي تجربي مان اهو محسوس ڪيو اٿم ته ايراني شاگرد محنتي، وقت جو قدر ڪرڻ وارا، معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ آتا ۽ هر وقت جستجو ۾ لڳا رهن ٿا ته امتحانن ۾ سٺي کان سٺو نمبر کڻي پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو سرخرو ڪريون. ايران سڄو تعليمي ادارن سان ڀريو پيو آهي، رڳو تهران شهر کي وٺبو ته ٽيهن کان مٿي فقط يونيورسٽيون آهن. ايتريون يونيورسٽيون ته سڄي ملائيشيا، موراڪو يا سعودي عرب ۾ به نه هونديون.
    ڪجهه يونيورسٽين جا نالا هن ريت آهن.
    * امام خميني يونيورسٽي
    * امير ڪبير انجنيئرنگ يونيورسٽي
    * امام صادق يونيورسٽي
    * ايران ميڊيڪل يونيورسٽي
    * ايران انجنيئرنگ (ٽيڪنالاجي) يونيورسٽي
    * اسلامڪ آزاد يونيورسٽي اتر تهران
    * اسلامڪ آزاد يونيورسٽي ڏکڻ تهران
    * اسلامڪ آزاد يونيورسٽي وچ (صدر) تهران
    * شهيد بهشتي يونيورسٽي
    * بين الاقوامي يونيورسٽي
    * تربيت معلم يونيورسٽي
    * امام رضا يونيورسٽي
    * امام علي يونيورسٽي
    * الزاهرا يونيورسٽي
    * باقر العلوم يونيورسٽي، وغيره
    تهران جي اهڙين يونيورسٽين ۾ علامه طباطابائي يونيورسٽي به هڪ آهي جنهن جو هڪ پروفيسر سيد رضا هن وقت تهران کان مشهد جي سفر ۾ منهنجي ڀرسان ويٺل هو. سيد رضا نقيب السادات ٻڌايو ته ”تهران جي هيءُ مشهور يونيورسٽي اڌ صدي کن پراڻي آهي. هيءَ يونيورسٽي 1957ع ۾ ڪاليج آف ڪامرس جي شڪل ۾ شروع ٿي هئي. ڪاليج جيئن ئي وڌڻ لڳو ته ان جو نالو تهران بزنيس ڪاليج رکيو ويو ۽ سڄي پسگردائي ۾ هي ڪاليج اڪنامڪس، ڪامرس، بزنس، اڪائونٽنگ ۽ مئنيجمينٽ جهڙن سبجيڪٽن لاءِ بهترين مڃيو ويو ٿي. 1980ع ۾ هي ڪاليج شهر جي ٻين تعليمي ادارن سان ڳنڍيو ويو ۽ پوءِ 1984ع ۾ ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيئي علامه طباطابائي يونيورسٽي نالو رکيو ويو.“
    علامه طباطابائي جنهن جي نالي پٺيان هيءَ يونيورسٽي آهي. ايران جو هڪ مڃيل ڏاهو، مفڪر، فلاسفر، ليکڪ ۽ شاگردن لاءِ هڪ اتساهه بخشيندڙ ٽيچر ٿي گذريو آهي. جنهن پنهنجي زندگي جو وڏو حصو سياست کي پاسي رکي اسلامي تعليم پکيڙي، اڄ جو هي ملڪ، اسلامي ريپبلڪ آف ايران ٺاهڻ وارن مان ڪيترائي علامه جا شاگرد هئا، جهڙوڪ مرتضيٰ موتاهاري، ڊاڪٽر بهشتي، ڊاڪٽر محمد مفاتح وغيره.
    علامه طباطابائي (سندس سڄو نالو سيد محمد حسين هو)، 1982ع ۾ تبريز ۾ ڄائو. نجف شهر ۾ فقهي ۽ اسلامي قانون ۾ تعليم وٺڻ بعد زندگي جو وڏو حصو ايران جي ديني درسگاهن جي شهر قم ۾ علم حاصل ڪيو ۽ شاگردن کي پڙهايو. پاڻ 44 کن ڪتاب لکيائين. جن مان ڪيترا تمام مشهور آهن ۽ اڄ تائين پڙهايا وڃن ٿا. انهن سڀني ۾ اهم ”تفسير الميزان“ آهي. جيڪو ويهن جلدن تي مشتمل قرآن جو فارسي ۾ ترجمو آهي. ان کان علاوه ”شيعا اسلام“ ۽ ”اصول فلسفه“ آهي.
    علامه طباطابائي شاعر به هو، سندس ڪنهن شعر جون ٻه سٽون پروفيسر سيد رضا نقيب السادات کان لکايون اٿم.
    فريب جهان مخور زينهار کهه در پاي اين گل بود خار ها
    پيا پي بکش جام سرگرم باشبهل گر بگير ند بيڪار ها.
    علامه سيد محمد حسين طباطابائي نوي ورهن جي ڄمار ۾ 1981ع ۾ گذاري ويو.


    ايران....جتي.....

    جهاز جي اڏامڻ مهل منهنجي ڀر ۾ ويٺل تهران جي طباطابائي يونيورسٽي جي پروفيسر نقيب السادات ڪجهه پڙهيو. جهاز جي سنوت ۾ اچڻ بعد پروفيسر صاحب کان پڇيم ته هن ڇا پڙهيو درود شريف يا سبحان الذي سخر...؟
    ”آءٌ جهاز توڙي ٽرين جي هلڻ مهل آيت الڪرسي پڙهندو آهيان.“ هن ٻڌايو، هن اندروني Domestic اڏام تي اسان کي هڪ ٻه دفعو صلوات پڙهڻ لاءِ پڻ چيو ويو. پروفيسر صاحب ۽ ٻين جيڪا مختصر صلوات (درود شريف) پڙهيو ٿي اهو هن منهنجي چوڻ تي مون کي لکي ڏني. ”اللهم صل علي محمّد وآل محمّد.“
    ”توهان هينئر موڪل تي ڳوٺ مشهد پيا وڃو؟“ مون ڀر ۾ ويٺل پروفيسر کان پڇيو.
    ”نه، نه منهنجو ڳوٺ به تهران آهي.“ پروفيسر ٻڌايو، ”مشهد آءٌ دراصل اتي جي هڪ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ پيو وڃان. ٻن ڏينهن بعد تهران هليو ويندس.
    مشهد پهچڻ ۽ جهاز جي هيٺ ٿيڻ تي شهر جون بتيون جهڳمڳ ڪندي نظر اچڻ لڳيون ۽ انهن جي وچ ۾ کير جهڙي اچي روشني مان ظاهر ٿي رهيو هو ته اهو امام علي رضا جو روضو مبارڪ آهي. پروفيسر صاحب دريءَ مان هيٺ روضي طرف نهاري ”السلام عليڪ يا امام علي بن موسيٰ رضا“ ٽي چار دفعا پڙهيو.
    تهران کان هن شهر مشهد ڏي ايندي منهنجي ٻئي پاسي کان ويٺل همراهه جنهن کي ۽ سندس زال جي چهري مان مون پهرين ايراني سمجهيو اهو پاڪستاني ڊاڪٽر وسيم اختر هو. ڇويهه ستاويهه سالن جي هن نوجوان ٻڌايو ته هو ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ نوڪري ٿو ڪري، هنن جي شادي کي ڪجهه سال ٿي ويا پر کين اولاد نه پئي ٿيو. ”پوءِ هتي مشهد اچي دعا گهريسين ۽ هيءَ امام رضا جي نشاني آهي.“ هن پنهنجي زال کان اٺن مهينن کن جو ٻار وٺي منهنجي حوالي ڪيو. مون هن کي ڪوڏائيندي ڊاڪٽر وسيم کان سندس پٽ جو نالو پڇيو.
    ”علي رضا“. هن وراڻيو.
    ”ماشاءِ الله! الله گهريو ته امام علي رضا جيان نيڪ ۽ ديندار ٿيندو.“ مون دعا ڏيندي ڊاڪٽر وسيم کي چيو.“ آءٌ ڪراچي کان اچي رهيو هوس ته منهنجي هڪ دوست خاص تاڪيد ڪئي ته امام رضا جي روضي تي پهچي هن جي هڪ مراد پوري ٿيڻ لاءِ دعا گهران.
    امام، ولي، اولياءُ ۽ پيغمبرن جو بلند مان ۽ رتبو پنهنجي جاءِ تي پر ڇا اهو ڪجهه عجيب نٿو لڳي ته اسان جو هنن نيڪ انسانن لاءِ پيار ۽ عزت جو جذبو ايترو وڌيو ٿو وڃي جو پنهنجون ضرورتون رب کان گهرڻ وسريو وڃن ۽ ڪٿي اسان شرڪ جهڙي گناهه ۾ پاڻ کي مبتلا ته نٿا ڪري ڇڏيون؟“
    ”بلڪل صحيح ٿا چئو.“ ڊاڪٽر وسيم چيو،“ دراصل ڪيترا ماڻهو اهو غلط ٿا سمجهن ته اسان ڪو ڪنهن امام يا ولي الله کان ڊئريڪٽ ٿا گهرون، اسان ته فقط هنن نيڪ انسانن کي وسيلو بنائي رب پاڪ کان دعا ٿا گهرون.“
    ڊاڪٽر وسيم پنهنجي زال، ٻار ۽ ماءُ پيءُ سان گڏ ٻن هفتن لاءِ ايران آيو آهي. هو اسان وانگر ڪنهن گروپ سان شامل ٿي اچڻ بدران پنهنجي منهن آيو آهي جو هو ۽ سندس والدين پهرين به ايران اچي چڪا آهن ۽ هنن لاءِ ايران جي شهرن ۾ رهڻ يا گهمڻ ڦرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي ۽ واقعي ايران انهن ملڪن مان آهي جتي شريف ۽ قانون جي پاسداري ڪندڙن لاءِ ڪنهن به قسم جو مسئلو ناهي. باقي ايران لچن لفنگن لاءِ نه آهي ان معاملي ۾ ايران جا نه فقط قاعدا قانون سخت آهن پر انهن تي عمل به ٿئي ٿو هتي جي حڪومت جي نظرن ۾ ڏوهاري ڏوهاري آهي پوءِ اهو چاهي ايراني هجي يا ڪنهن ٻي ملڪ جو، غريب هجي يا ڪنهن وزير يا سرڪاري عملدار جو پٽ. ڏوهه جي هن کي سزا ملڻي آهي.
    ايراني پروفيسر نقيب السادات کي چيم ته مون کي ايران ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. منهنجي ساٿي جهاز هلائيندڙن جا جهاز ايران ايندا هئا ته مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو هو ته منهنجو جهاز مهيني مهيني جي پنڌ تي برمودا ۽ ڪيوبا يا ناروي سئيڊن ۽ ڪئناڊا کان ته وڃيو نڪري پر ٻن ٽن ڏينهن جي پنڌ تي ايران نٿو اچي. ايران جهڙي پراڻي ۽ تاريخي ملڪ کي ڏسڻ لاءِ نيٺ کيسي مان ڀاڙو ڀري آيو آهيان.
    ”واقعي اسان جو ملڪ ۽ تهذيب پراڻي آهي.“ پروفيسر نقيب چيو. ”هيءُ سر زمين قديم زماني کان اعليٰ تهذيب ۽ تمدن، پايئه ناز معاشرت ۽ شاندار تاريخ جو ملڪ رهيو آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڄم کان ٻه صديون اڳ جڏهن دنيا جا ڪيترائي ملڪ عروج ۽ ترقيءَ جي نالي کان به واقف نه هئا. بلڪ گمنامي جي اونهائين ۾ غرق هئا ته هن ڌرتي تي ڪبير جهڙا بادشاهه حڪومت ڪندا هئا. نوشيروان جهڙو عادل بادشاهه سڄي دنيا ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويو ٿي. ان وقت ايران ۾ سياست جا واضح قانون موجود هئا. هن ملڪ جي پنهنجي لکائي هئي. مذهبي ۽ سماجي لحاظ کان ڌرتي جو هي حصو دنيا جي سڀني سلطنتن کان اتم اتاهون هو.“
    اسان ڪافي دير ايران جي ماضيءَ جا گڻ ڳائيندا رهياسين.
    هخامشي دور ۾ ايران دنيا جو اڪيلو سپرپاور هو. هن جي ٽن کنڊن تي حڪومت هئي. ان دور ۾ اڄ واري پاڪستان جا ڪجهه حصا به ايراني سلطنت ۾ شامل هئا. ان زماني جا اثرات اڄ تائين انهن علائقن ۾ نمايان آهن. اسلام کان اڳ ايران ۾ ساساني خاندان جي بادشاهت هئي. ان وقت سڄو ملڪ زرتشتي (پارسي) مذهب جو پوڄاري هو. جيڪي آتش پرست (باهه جا پوڄاري) يا مجوسي سڏجن ٿا. جن اسلام کي نه فقط دل و جان سان قبول ڪيو پر پنهنجي عمل سان ان جو حق ادا ڪري ڏيکاريو. ٿوري ئي عرصي کان پوءِ ايراني قوم اسلام جي خذمت ۾ اڳيان اڳيان نظر اچڻ لڳي. پنهنجي پراڻي لکڻي کي ڇڏي ان جي جاءِ تي عربي رسم الخط کي پنهنجو ڪيو. اهڙي طرح زندگي جي هر شعبي ۾ اسلام جي مهر نظر اچڻ لڳي.
    ”توهان کي شعر و ادب سان دلچسپي آهي.“ ايراني پروفيسر مشهد ايئرپورٽ تي لهڻ کان اڳ مون کي چيو. ”ايران فردوسي ۽ عمر خيام جهڙن شاعرن جو به ملڪ آهي.“
    ”جي ها، “ مون وراڻيومانس. ”ايران جيڪو فردوسي (1020-925)، عمر خيام (1131-1048)، جامي (1492-1414)، فريد عطار (1220-1130)، جلال الدين رومي (1273-1207)، شمس تبريزي، حافظ، سعدي (129-1184) ۽ منصور الحلاج جو ملڪ آهي.“
    آءٌ دراصل ان ئي ايران کي ڏسڻ لاءِ هتي پهتو آهيان، نه ته ٻيا به ڪيترائي ملڪ آهن جيڏانهن منهنجو جهاز وڃي نه سگهيو يا جن ملڪن کي سمنڊ ئي ناهي ته ڇا آءٌ ڀاڙا ڀري اڏوانهن وڃان؟ هرگز نه ايران جي ڳالهه ئي ٻي آهي، ايران جيڪو ابوالفضل بيهقي (تاريخ نويس)، حضرت عبدالقادر جيلاني، امام غزالي، سنائي غزنوي (شاعر)، احمد شاهه ابدالي ۽ عرخي سيستائي جو ملڪ آهي.
    ايران جنهن سان اٺين امام ابن موسيٰ رضا ۽ هن جي ڀيڻ فاطمه معصومه جو واسطو رهيو، جنهن سان خواجه اباصلت، خواجا مراد، امام زادي محمد محرق، امام زادي ابراهيم، امام زادي سيد جمال الدين، امام زادي موسيٰ مبرقع ۽ بيبي شهربانو جهڙن نيڪ ۽ عالم دين انسانن جو تعلق رهيو.
    ايران جيڪو سائرس، دائرس، ارڌشير، شاهپور، هرمزد ۽ بهرام جهڙن پرشن بادشاهن جو ملڪ آهي، جيڪو پروين دارابي (ايران جي پهرين اليڪٽرانڪس ۾ Ph.D ڪندڙ عورت)، فاروخراءِ پاروسا (وزير تعليم) شيرين عبادي (نوبل انعام يافته)، لادان ۽ ليلاح (ڳنڍيل جسم واريون ڇوڪريون)، بيهناز موزاڪا (لنڊن ۾ 2005ع ۾ بم ڦاٽڻ تي مري ويل ايراني عورت)، شرمين شاهريوار (سال 2005ع جي مس يورپ)، زهره رانا ورد (انقلاب بعد ايران جي يونيورسٽي جي پهرين وائيس چانسلر) جو ملڪ آهي.
    ايران جيڪو زرتشت (Zarathustra)، نادر شاهه، تيمورلنگ، گوهر شاد (تيمورلنگ جي پٽ شاهه رخ جي ايراني زال جنهن مڙس جي مرڻ بعد 1447 کان 1457 تائين دجله کان چين تائين حڪومت ڪئي)، ممتاز محل (عبدالحسن آصف خان ايراني جي ڌيءَ ۽ مغل شهنشاهه شاهه جهان جي زال)، نورجهان (ايران جي شهر يزد جي رهاڪو مرزا غياث بيگ جي ڌيءُ ۽ مغل بادشاهه جهانگير جي ويهون نمبر ۽ بيحد دلپسند زال) جو ملڪ آهي.
    ايران جنهن ۾ اڄ فرشد موسوي (دنيا جي آرڪيٽيڪچرل انجنئيرنگ جي اڳواڻ عورت)، آزادي تبازاد (ناسا جي سائنٽسٽ)، مريم مرزا خاني (Mathematician)، منا اسادي (اعليٰ شاعره ۽ ليکڪا)، معصومه ابتڪار (ايران جي نائب صدر) ۽ منهنجي جهازي ساٿين جو ملڪ آهي جن سان گڏ مون مئرين انجنيئرنگ ۾، سئيڊن مان پوسٽ گريجوئيشن ڪئي. حسين علي قلي زادو (هاڻ ايران جي قومي جهاز ران ڪمپني جو جنرل ڊئريڪٽر) بشير ڪامڪار (ٽيڪنيڪل مئنيجر IRISL تهران). ڪئپٽن غلام رضا ايماد ۽ ڪئپٽن شهريار مظهاري (ٻئي پروفيسر بلوچستان يونيورسٽي جي مئرين اڪيڊمي ۾، جيڪا چا بهار ۾ آهي ۽ جتي هنن مون کي مشهد ۽ قم گهمڻ بعد ليڪچر ڏيڻ لاءِ دعوت ڏني آهي). بهزاد محمد سيف الاهي (مئنيجنگ ڊئريڪٽر، بنياد شپنگ ڪمپني تهران)، غلام رضا ساسائي (ڊئريڪٽر جنرل، تهران) هي ٻئي سئيڊن جي شهر مالمو ۾ منهنجا پاڙيسري هئا ۽ هن بابت مون، ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون پنهنجي Scandinavian وارن ڪتابن. ڪراچي کان ڪوپن هيگن، يورپ جا ڏينهن وغيره وغيره ۾ لکيون آهن). سيد علي ايستري (ڊي جي بندر عباس پورٽ اٿارٽي). وغيره- هي اهي ايراني آهن جن سان مون زندگي جا ٻه سال يورپ جي مختلف شهرن ۽ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ گذاريا. جتي اسان سان گڏ دنيا جي هڪ سو کان به مٿي ملڪن جا ٻيا به نمائنده هئا. هو مون کي پنهنجي ملڪ جون دلچسپ ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ ايران اچڻ جي تڏهن ۽ ان بعد به دعوت ڏيندا رهيا. ايراني سچائي، نهٺائي ۽ پاڪ صاف زندگي گذارڻ جي علامت هئا. ولايت ۾ اسلام جو صحيح Image فقط ۽ فقط ايراني رنگينين ۾ مدهوش ٿي ويندا هئا اتي ايراني ڪڏهن به خطا نه ٿيا. جيتوڻيڪ هو سڀني ۾ خوبصورت، جوان ۽ سمارٽ هئا. سندس اصول ۽ ايمانداريءَ جي ڳالهين يورپين کي به Impress ڪيو ٿي.
    اڄ آءٌ هنن جي ملڪ ايران ۾ اچي ويو آهيان جنهن جو مون اڃان تائين ڪنهن به پنهنجي ايران دوست ساٿي کي اطلاع نه ڪيو آهي. پهرين پنهنجي گروپ جي ماڻهن سان هنن جي مقرر ڪيل پروگرام موجب مشهد، نيشاپور ۽ قم مان ٿي پوءِ پراڻيون ياديون ورجائڻ ۽ پڙهائي جا ڏينهن ياد ڪرڻ لاءِ انهن دوستن وٽ تهران، تبريز، اصفهان ۽ چا بهار وڃڻ جو ارادو رکان ٿو.
    مشهد جو هوائي اڏو شهر کان ڪو گهڻو پري ناهي. ايئرپورٽ مان نڪرڻ بعد ٽئڪسين ۾ ويٺاسين ته جلد ئي شهر جي روشنين ۾ پهچي وياسين.ا سان جي هن ٽوئر جو بندوبست ڪرڻ وارن- الحرمين ٽريول ايجنسي جنهن هوٽل رضوان ۾ اسان جي رهائش جو بندوبست ڪيو آهي اها بلڪل وچ شهر ۾ امام علي رضا جي روضي مبارڪ کان ٻن منٽن جي پنڌ تي آهي. ان بعد قم ۾ به جن هوٽلن، هوٽل نگين قم ۽ هوٽل اپاراٿا (بيبي معصومه جي) روضي مبارڪ جي بلڪل سامهون هيون، جتان هر شيءَ- شاپنگ سينٽر، بس اسٽاپ، بازاريون پنڌ پهچڻ واري فاصلي تي هيون.


    ايران جي مختصر تاريخ

    تهذيب و تمدن، ٻولي، ادب، حڪومتي نظام، شهرن ۽ ڳوٺن جي جوڙجڪ ۽ سڌاري ۾ يا بادشاهت ۾ ايران جي مقابلي ۾ ملائيشيا، ٿائيلينڊ، چين، جپان جهڙا ملڪ به مقابلو نه ڪري سگهندا. 1971ع ۾ شهنشاهه ايران محمد رضا پهلويءَ ايران جي بادشاهت جي 2500 هين سالگره وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي هئي- سائين ڇا ڳالهه ڪجي! دنيا جي ملڪن جا صدر ۽ وزير اعظم اچي گڏ ٿيا هئا ۽ انهن لاءِ ڇا ته بندوبست ٿيا هئا، ڇا ته خرچ ٿيا هئا. روز اخبارن ۽ ريڊيو تان اسين ان جشن جو خبرون ٻڌي، هڪ ٻئي سان ٽيڪا ٽپڻي ڪندا هئاسين ۽ اهو به تعجب لڳندو هو ته ايران ۾ 2500 سالن کان هڪ ٻئي پويان بادشاهي نظام هلندو اچي يعني حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به 500 سالن کن اڳ کان وٺي! اها ٻي ڳالهه آهي ته 2500 سالن کان هلندڙ هيءَ بادشاهت، هن اعليٰ نموني جي جشن بعد، ڏهن سالن اندر ڀڄي ڀري ڀسم ٿي وئي. هڪ پوڙهي ماڻهوءَ امام خميني بنا ڪنهن تلوار جي فقط تقريرن ۽ تحريرن ذريعي انقلاب آڻي ڇڏيو. اڄ ايران جو نالو ”اسلامي جمهوريه ايران“ آهي جتي صحيح طرح جو اسلامي نظام ۽ عوامي حڪومت هجڻ جي دعوي ٰڪئي وڃي ٿي.
    هتي، ايران جي سفرنامي جي، هن اسٽيج تي ايران جي ڊگهي، جهوني ۽ طاقتور تاريخ کي مختصر لفظن ۾ لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيئن پڙهندڙ منهنجي ايران بابت لکيل هنن مضمونن کي پڙهڻ بعد ايران کي بهتر نموني سان سمجهي سگهن.
    سڀ کان پهرين ڳالهه ته ايران جي هيءُ سر زمين، بادشاهه ۽ انهن جون بادشاهتون، جيڪي اسان اڍائي هزار سالن کان به مٿي پراڻيون سڏيون ٿا، ان ڌرتيءَ ۾ دفن ٿيل اڄ کان سو سال اڳ جو ماڻهو جيڪڏهن اڄ جيئرو ٿي پوي ۽ توهان هن کان سندس ملڪ ايران جو پڇندائو ته هو حيران ٿي ويندو ته اهو ڪهڙو ملڪ آهي دراصل هن ڌرتي جو صدين کان نالو پرشيا (فارس )ضرور هو پر ايران نه هو. هتي جي تهذيب، ادب، شعر و شاعري کي انهن ئي نالن سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. فارسي زبان، فارسي شاعري، پرشن ٻلي. پرشن غاليچو.... وغيره وغيره.
    هن ملڪ جي آخري سلطنت- پهلوي گهراڻي جي آخري بادشاهه محمد رضا شاهه جي پيءُ رضا شاهه پهلويءَ، 1935ع ۾ هن ملڪ جو نالو ايران رکيو. بهرحال هتي پرشيا- جنهن کي هاڻ ايران سڏيون ٿا. ان تي حڪومت ڪندڙ بادشاهن ۽ شاهي گهراڻن بابت ڪجهه احوال ڪيون ٿا.
    حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ولادت کان به ٻه هزار سال اڳ روس ۽ وچ ايشيا جي علائقن کان آرين جا ٽولا هن ڌرتي تي اچي رهڻ لڳا. جنهن کي اسين اڄ ايران سڏيون ٿا. ايران نالو به قديمي فارسي لفظ آريانام مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي. ”ريا ماڻهن جي زمين“. هي آريا بدو قبيلا جيڪي اتر کان لڏي هتي آيا. اهي آدمشماري ۾ وڌڻ کان علاوه پنهنجو پاڻ ۾ آرگنائيز به ٿيندا ويا ۽ اڳتي هلي اهي ٻن وڏن گروپن ۾ ورهائجي ويا. هڪ اهي جيڪي اڄ واري ايران جي اتر ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ رهي پيا جيڪي ميدس سڏجڻ لڳا ۽ ٻيا پرشن جيڪي پارس يا فارس صوبي ۽ ٻين ڏاکڻن علائقن ۾ Settled ٿي ويا. ايران ۾ اچي رهندڙ هنن آرين جو احوال انجيل مقدس ۽ پارسين جي مقدس ڪتاب اوستا ۾ به آهي.
    ميدس Medes باقي قبيلن کان وڌيڪ تهذيب يافته هئو. هنن پنهنجي حڪومت جو بنياد اڪتبانا (همدان) ۾ 700 ق.م رکيو. يعني هيءَ ڳالهه حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به ست سو سال اڳ جي ٿي.
    ميدس قبيلي جي مقابلي ۾ پرشن گهراڻو (فارس ۾ رهڻ وارا) هئا. 546 ق.م ڌاري پرشن قبيلي جي ماڻهن سائرس (Cyrus the Great) جي سرداريءَ ۾ ميدس وارن تي حملو ڪري سوڀ ماڻي ۽ سڄي ملڪ جو سائرس حاڪم ٿي ويو. اهڙي طرح هن پنهنجي هخامنشي (جنهن کي اهڪي ميند Achaemenid به سڏجي ٿو) گهراڻي جو بنياد وڌو. سائرس جنهن کي فارسي ۾ ”ڪوروش ڪبير“ ۽ ڪوروش بزرگ“ به سڏجي ٿو. 590 ق.م ۾ ڄائو ۽ 530 ق.م وفات ڪيائين. پاڻ ايران تي 29 سال حڪومت ڪيائين. 559 ق.م کان مرڻ تائين.
    * سائرس (ڪوروس ڪبير يعني ”سائرس دي گريٽ) تاريخ جو هڪ اهم بادشاهه ٿي گذريو آهي، هن جو ذڪر بائيبل ۾ به آهي. ڪيترن اهم مسلمان عالمن جو اهو خيال آهي ته قرآن ۾ ذوالقرنين نالي جنهن شخصيت جي ڳالهه آهي اهو هي سائرس دي گريٽ آهي. اها ٿيوري اسان جي ننڍي کنڊ جي عالم ۽ مفڪر ابوالڪلام آزاد جي ڏنل آهي. جنهن کي ٻين به ڪيترن شيعا ۽ سني عالمن Support ڪيو آهي. جيئن ته شيعن جي عالم علامه طباطابائي پنهنجي لکيل تفسير ”الميزان“ ۾، ۽ مقرم شيرازيءَ ابو اعليٰ مودودي پڻ Endose ڪيو آهي.
    * آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ هن بادشاهه سائرس جي مورتي Statue لڳل آهي جيڪو 1994ع تي سائرس (ڪوروش) جو 2600 جنم ڏينهن ملهائڻ تي لڳايو ويو هو. اڄڪلهه اهو چئن ميٽرن جو Statue (يعني انسان جي قد کان ٻيڻو) سڊني اولمپڪ پارڪ ۾ رکيل آهي.
    * 1992ع ۾ مائيڪل هارٽ، هڪ سو اهم ماڻهن جو ڪتاب List of Influential People لکيو ان ۾ سائرس جو نالو 87 هين نمبر تي آهي.
    * سائرس هڪ عدل و انصاف وارو ۽ رعيت جو خيال رکندڙ بادشاهه ٿي گذريو آهي. هن جي دل ۾ خدا جو خوف رهيو ٿي. چون ٿا ته پاڻ هڪ خدا کي مڃڻ وارو هو پر هن پنهنجي رعيت کي جن مختلف ديوتائن جي عبادت ڪئي ٿي، تنگ نٿي ڪيو. هو وڏو فاتح ٿي گذريو آهي. جنهن پهرين پنهنجين ٻن قومن ميدس ۽ پرشن کي ملائي پنهنجو پاڻ کي اهڙو ته طاقتور بنايو جو ان وقت جي دنيا ۾ هن جو مقابلو ڪرڻ وارو ڪوبه رهيو نه هو. هن اوڀر طرف ڪاهون ڪري پنهنجي سلطنت کي ترڪستان تائين ملايو ۽ اولهه طرف آئونيا Ionia کان وڃي نڪتو. اتر طرف ڪاڪئسيا تائين ڌرتي سندس حڪومت هيٺ اچي وئي.
    * سال 2003ع جو نوبل انعام جڏهن ايران جي خاتون شيرين عبادي کي مليو ته ان کي قبول ڪرڻ واري تقرير ۾ هن سائرس جي ياد تازي ڪندي چيو،
    “I am an Iranian, a descendent of Cyrus the Great. This emperor proclaimed at the pinnacle of power 2500 years ago that he ‘would not rein over the people if they did not wish it? He promised not to force any person to change his religion and faith and guaranteed freedom for all. The charter in the history of human rights…”
    سائرس دي گريٽ بادشاهه مان نه فقط مشرق جا پر اڄ جي مغرب جا ماڻهو به بيحد متاثر آهن، سائرس جي طرز حڪومت بابت آئسلنڊ جهڙي ڏورانهين ملڪ جي يونيوريسٽي ۾ به پڙهايو وڃي ٿو. اڄ جي آمريڪا USA جي سياستدانن جي ڪيترن ابن ڏاڏن سائرس جي زندگي بابت Cyropaedia جهڙن ڪتابن مان اتساهه حاصل ڪيو. اها ڳالهه مشهور آهي ته آمريڪا جو صدر ٿامس جيفرسن وٽ هن ڪتاب جون هميشه ٻه ڪاپيون رهنديون هيون ۽ آمريڪا جي هر اعليٰ حڪومتي عملدار ۽ Statesment لاءِ اهو ضروري هو ته هو ٻه ڪتاب ضرور پڙهي. هڪ هي سائرس وارو Cyropaedia ۽ ٻيو مئڪياولي جو لکيل ڪتاب ”دي پرنس“. بهرحال بنا ڪنهن شڪ شبهي جي سائرس تاريخ جو هڪ وڏو بادشاهه ٿي گذريو آهي. سندس مقبرو ايران جي هڪ قديم ۽ ڊٺل شهر پاسارگاد Pasargadae ۾ آهي. سائرس جي وفات کان ٻه سو کن سالن بعد 330 ق.م ڌاري جڏهن يونان جي سڪندر اعظم ايران تي حملو ڪري ان وقت جي گادي واري شهر پرسيپولس Persepolis کي تباهه ڪيو، ان وقت هو سائرس جي قبر تي حاضري ڀرڻ لاءِ هن قديمي شهر پاسارگاد ۾ به آيو هو. پراڻا تاريخ نويس ٻڌائين ٿا ته سائرس جي مقبري تي لڳل ڪتبي تي جيڪو هينئر غائب آهي، هي لکيل هوندو هو.
    ”اي واٽهڙو! آءٌ اهو ايشيا جي عظيم بادشاهه آهيان جنهن پرشن سلطنت جوڙي. ان ڪري منهنجي هن معمولي مقبري تي حسد نه ڪر جنهن جي مٽيءَ هيٺ منهنجو لاش دٻيل آهي.“
    * سائرس جي پيءُ جو نالو ڪئمبيسس Cambyses هو جيڪو هن پنهنجين ٻن پٽن مان وڏي جو رکيو ۽ اهو ”ڪئمبسس دوم“ سڏبو هو. سائرس جي وفات بعد سندس ٻئي پٽ، هڪ اٺن سالن لاءِ ۽ ٻيو هڪ سال لاءِ تخت تي ويٺو پر ڪا اهڙي ناموس نه ڪڍيائون. پرشيا جو تخت ان بعد ڦري گري داريس Darius جي حوالي ٿيو جيڪو پڻ سائرس دي گريٽ وانگر داريس دي گريٽ سڏجي ٿو. شايد هنن ايراني بادشاهن مان متاثر ٿي يونان جي بادشاهن سڪندر اعظم به پاڻ کي اليگزئنڊر دي گريٽ (سڪندر اعظم) سڏرايو.
    داريس دي گريٽ Darus I جنهن کي اڄڪلهه جي ماڊرن فارسي زبان ۾ داريوش ۽ هندي زبان ۾ دارايو سڏين ٿا. 549 ق.م ۾ ڄائو ۽ 65 سالن جي ڄمار ۾ سن 485 ق.م تي وفات ڪيائين. پاڻ ايران تي يعني ان وقت جي پرشيا تي جيڪو هڪ پاسي ترڪي تائين هو ته ٻئي پاسي روس افغانستان ۽ چين تائين هو، 37 سال حڪومت ڪيائين.


    ڪابه عورت وفادار ناهي

    داريس(Darius I) ڪير هو؟
    شروع ۾ آءٌ ٻڌائي چڪو آهيان ته ايران ۾ جيڪي اتراهن ملڪن کان آريا آيا انهن ۾ وڏا ٽولا يا قبيلا ٺهي ويا. هڪ ميدس ۽ ٻيو پرشن، جنهن جو سردار سائرس هو جنهن جو هن کان اڳ ذڪر ٿي چڪو آهي. جنهن وقت سائرس ميدس قبيلي تي حملو ڪري هن کي پاڻ سان ملايو، ان وقت ميدس Medes قبيلي جو سردار ارساميس Arsames هو. داريس دي گريٽ، هن سردار اساميس جو پوٽو هو. سائرس جي حملي ڪرڻ تي ميدس جي سردار ارساميس پنهنجي سرداري پڳ تان هٿ کڻي پنهنجو تخت و تاج سائرس حوالي ڪيو. سائرس هن جي پٽ هستاسپيس Hystaspes کي ايران جي ٻن علائقن (پارٿيا ۽ فريگيا) جو گورنر ڪري رکيو. داريس هن گورنر هستاسپيس جو پٽ هو. سائرس جي مرڻ بعد سندس ٻنهي پٽن ۾ هيڏي وڏي ملڪ تي حڪومت هلائڻ جو حال نه هو. انهن جي مرڻ بعد داريس ايران (يعني سڄي پرشيا) جو بادشاهه ٿيو. هونءَ به داريس جي هنن سان مائٽي به ٿي. سائرس کي چار ٻار هئا. ٻه پٽ جيڪي پيءُ جي مرڻ بعد هڪ هڪ ٿي تخت تي ويٺو ۽ جنگين ۾ مارجي ويا ۽ ٻه ڌيئرون شهزادي آرتي اسٽون ۽ شهزادي اتوسا Atossa. هنن ٻنهي ڀيڻن جي شادي داريس سان ٿي هئي. داريس بعد هن جو پٽ زرقيس Xerxes I جيڪو تخت تي ويٺو، اهو ڄڻ ته سائرس جو ڏوهٽو ئي ٿيو. هن 486 ق.م کان 465 ق.م تائين حڪومت ڪئي ۽ پنهنجي پيءُ ۽ ناني وانگر ناليرو بادشاهه ٿيو.
    داريس به پنهنجي سهري سائرس، يا کڻي چئجي ته اسان واري شير شاهه سوري وانگر ملڪ ۽ رعيت لاءِ ڀلا ڪم ڪيا. داريس هڪ ئي ڌڻي اهورا مزدا Ahura Mazda جي عبادت ڪئي ٿي. زوروسٽرين عقيدي مطابق اهورا مزدا اها وڏي هستي آهي جنهن کي جنهن به نه خلقيو. ان ڪري زوروسٽرين عقيدي کي مزدا يا سنا به سڏيو وڃي ٿو. يعني مزدا جي عبادت.
    * داريس بهترين سياستدان، آرگنائيزر ۽ ائڊمنسٽريٽر هو.
    * هن پنهنجي پرشن سلطنت کي 20 صوبن ۾ ورهايو ۽ هر هڪ تي ستراپ (گورنر) مقرر ڪيو.
    * هن سائرس واري گادي جو شهر ڇڏي اڄ واري شيراز ڀرسان پرسيپولس Persepolis نالي نئون شهر اڏرايو. سڪندر اعظم ايران تي حملي دوران هن شهر کي لُٽي، ڦري آخر ۾ تباهه ڪري ڇڏيو پر هن جا ڪجهه کنڊر اڃان قائم آهن جن کي دنيا جا ماڻهو ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.
    * داريس پنهنجي جيئري ئي پنهنجو مقبرو هن شهر جي ڀرسان هڪ ٽڪريءَ کي ڪٽائي ان اندر ٺهرائي ڇڏيو.
    * هن بادشاهه نيل نديءَ کان وٺي سئيز شهر تائين ڪئنال ٺهرايو. ياد رهي ته ان وقت جي ايران (پرشيا) ۾ مصر به اچي ويو ٿي. مصر جي تاريخ ۾ داريس جي تمام گهڻي تعريف لکيل آهي جو هن مصر جي عوام لاءِ به ڀلا ڪم ڪيا ۽ انصاف سان حڪومت هلائي. هو مصر جو فرعون پڻ سڏبو هو.
    * هن چوڌاري رستن جي ڄار وڇائي ماپ ۽ تور جا وٽ ۽ ماپا مقرر ڪيا.
    * بهستون شهر جي ڀرسان هڪ پهاڙي تي داريس طرفان لکرايل عهد ناما ايران ۾ ايندڙ ٽوئرسٽن لاءِ ڏسڻ وٽان آهن.
    * ٻين پرشن بادشاهن وانگر داريس به غلاميءَ جي خلاف هو.
    بهرحال 485 ق.م ۾ داريس جي وفات بعد سندس پٽ زرقيس اول 465 ق.م تائين تخت تي ويٺو ۽ ان بعد ٻيا به ڪيترائي بادشاهه ٿيا. پر هخامنشي (يعني اهڪيمينڊ) گهراڻي جا اهي ٽي ڄڻا سائرس، داريس ۽ زرقيس مشهور ترين بادشاهه ٿيا. هن گهراڻي جي سلطنت جيڪا 550 ق.م کان شروع ٿي سا سڪندر اعظم 330 ق.م واري حملي تي دنگ ٿي. سڪندر جي ان وقت عمر پنجويهه سال ڪا مس هئي. هو يونان جي شهر مقدونيا کان لشڪر وٺي دنيا کي فتح ڪرڻ جو خواب پورو ڪرڻ لاءِ نڪتو هو. هن کي ايران (پرشيا) فتح ڪرڻ ۾ ڪا دقت نه ٿي، جو ملڪ ۽ حڪومت جا حال هيڻا ٿي چڪا هئا. پر هن کي ايران ايترو ته پسند آيو جو هن روخسانا نالي هڪ ايراني ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي ۽ پنهنجن ٻين جنرلن کي به چيائين ته اعليٰ خاندان جي پرشن ڇوڪرين سان شادي ڪريو. سڪندر اعظم 32 سالن جي ڄمار ۾ سن 323 ق.م ۾ وفات ڪئي. هن کي ڪو اولاد نه هو. هن جا جنرل هيڏي وڏي ملڪ تي حڪومت ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ اٽڪي پيا. آخر انهن مان هڪ سيليوڪس Seleucues نالي جنرل سوڀارو ٿيو ۽ هن سيلوڪي گهراڻي Selencid Dynasty جو بنياد رکيو جنهن جي ڏيڍ سو کن سالن تائين حڪومت رهي. ان بعد ايران ۾ رهندڙ پارٿيا قوم يونانين کي شڪست ڏئي پارٿيا گهراڻي Parthian Dynasty کي قائم ڪيو. هنن جي حڪومت اٽڪل 500 کن سال- 247 ق.م کان وٺي عيسوي سن 224 تائين هلي پارٿين ايران جي حڪومت کي وڌائي آرمينيا کان انڊيا تائين ڪري ڇڏيو. پارٿين ملڪ کي وڌائي ضرور ڇڏيو پر هنن تي لڳاتار افغانين ۽ رومين جا حملا ٿيندا رهيا. ان کان علاوه شهري لڙائين هن حڪومت کي ڪمزور بنائي ڇڏيو. ان بعد سن 224ع ۾ هڪ پرشن آرڌر شير نالي پارٿين تي حملو ڪري هنن کي شڪست ڏني ۽ ايران جي حڪومت هڪ دفعو وري ايرانين (پرشن) جي قبضي ۾ آئي ۽ ساساني گهراڻي جي حڪومت وجود ۾ آئي. ساساني Sasanid گهراڻي جي ڏينهن ۾ ايران جي سلطنت جو نالو ايران شهر رکيو ويو. ساساني سلطنت جي 224ع کان 651ع تائين اٽڪل ساڍا چار سو کن سال حڪومت هلي جنهن ۾ 33 کن بادشاهه ٿا. (يونانين جي سيلوڪي گهراڻي جي حڪومت ۾ 12 بادشاهه ٿيا ۽ پارٿين گهراڻي جي ڏينهن ۾ 42 بادشاهه ٿيا.)
    ساساني گهراڻي جي ايران تي جيڪا 450 سال کن حڪومت رهي انهن جي ڪجهه بادشاهن جا نالا اڄ به مشهور آهن ۽ اهي نالا اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ آتش پرست Zoroastrain ڌرم جي ماڻهن (جن کي اسان وٽ عام طرح پارسي سڏين ٿا) ۾ عام آهن. جهڙوڪ:
    ارڌ شير
    شاهپور
    هرمزد
    پيروز
    خسرائو، وغيره....
    سائرس، داريس، زرقيس، ڪئمبيسس، بادشاهن جو ”هخا منشي“ گهراڻو هو جيڪو ( Achaemenid اهڪي ميند) پڻ سڏبو هو. هنن جي ايران تي 330 ق.م تائين 220 سال حڪومت رهي. انهي دوران هنن جي 14 کن مشهور بادشاهه ٿيا جن پرشيا (اڄ واري ايران ۽ ڀروارن ملڪن جي حصن) تي حڪومت ڪئي. هن گهراڻي جو آخري بادشاهه جنهن جو نالو داريس هو پر اهو ”داريس سوم“ سڏجي ٿو. يونان کان آيل سڪندر اعظم جو مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ پوءِ هن ڌرتيءَ تي يونانين جي حڪومت هلي جن کي مڪاني ماڻهن ڌاريون ئي سمجهيو ٿي. هنن ڌارين جي حڪومت جو سلسلو 330 ق.م کان 224ع تائين ساڍا پنج سو سال هليو جنهن ۾ Selucid, Argead ۽ پاريٿن Atscid گهراڻن جا 60 کن بادشاهه سڄي ايران تي يا ايران جي مختلف صوبن تي حڪومت ڪندا رهيا. ان بعد ساساني گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي جن جو تعلق ايران سان هو جن جي ڪجهه بادشاهن جا نالا مٿي لکي چڪو آهيان. ساسانين بعد هن ملڪ تي عربن جي حڪومت ٿي. عربن جي حڪومت دوران ايران جي وڏي آدمشماريءَ جيڪا روزوسٽرين (باهه جي پوڄاري) هئي، اسلام قبول ڪيو ۽ نه فقط اسلام قبول ڪيو پر پنهنجو پاڻ کي سٺو مسلمان ثابت ڪيو. انهن مان ۽ انهن جي اولاد مان ڪيترائي اسلام جا وڏا عالم ۽ مفڪر پيدا ٿيا. بهرحال هخامنشي (اهڪي ميند) گهراڻي بعد ساساني اهڙو گهراڻو آهي. جنهن جو تعلق هن ڌرتيءَ سان هو. ان ڪري اڄ به ايران ۾ انهن گهراڻن جي بادشاهن جا نالا ۽ مورتيون جتي ڪٿي عام آهن ۽ انهن کي وڌيڪ پنهنجو سمجهيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ساسانين جي دور جا حاڪم توڙي رعيت زوروسٽرين ۽ يهودي هئا ۽ هخامنشي جي دور ۾ به اهو عالم هو. ظاهر آهي ان دور جي آخر تائين اڃا حضرت عيسيٰ به نه ڄائو هو، سڪندراعظم جي ايران فتح ڪرڻ کان 330 سالن بعد حضرت عيسيٰ عليھ السلام جو جنم ٿيو. ۽ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي ولادت ساساني سلطنت جي ايڪيهين بادشاهه خسرو اول جي ڏينهن ۾ 571ع ۾ ٿي. خسرو اول جي ايران تي 48 سال (531 کان 579) تائين حڪومت رهي. ان بعد هرمزد چهارم يعني هرمزد چوٿين جي 579 کان 590 تائين حڪومت رهي. يعني هن جي مرڻ گهڙي تائين اسلام جي تبليغ شروع نه ٿي هئي، جو حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن تي نزول وحي 611 ۾ ٿيو. هرمزد چوٿين بعد ايران جو بادشاهه اهو مشهور خسرو پرويز (خسرو دوم) بادشاهه هو جنهن کي روم جي بادشاهه سان گڏ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن اسلام قبول ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو. بهرحال ساساني توڙي هخامنشي مسلمان نه هئا پر جيئن ته انهن جو واسطو ايران جي سرزمين سان هو ان ڪري اڄ به توڙي کڻي سڄو ايران مسلمان ملڪ آهي پر ڪيترن ئي مسلمانن جي هوٽلن، گهرن، پبلڪ عمارتن ۽ سائرس ۽ داريس يا ساساني ايرانين جا نالا ڪروش (سائرس)، داريس، فيروز، بهرام، شاهپور، خسرو، ارڌشير، رخسونا (سڪندر اعظم جي ايراني زال)، رستم ۽ سهراب ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته اهي مسلمان ته نه هئا. ايران جي حڪومت کان علاوه هنن جي ادب، شعر و شاعري، ڪلچر جو اثر اسان جي ننڍي کنڊ تي رهيو آهي. ۽ هنن جي ديکاديکيءَ ۾ اسان وٽ به رستم ۽ سهراب جهڙا نالا عام آهن نه رڳو اهي پر زرينا جهڙا نالا پڻ جيڪا روس جي حاڪم زار جي راڻي هئي.
    * مٿي ساساني بادشاهه خسرو اول جو نالو لکڻ مهل ياد آيو ته خسرو اول جي ڏينهن ۾ گندي شاهپور جو ڪاليج جيڪو چوٿين صدي ۾ کوليو ويو هو، سڄي دنيا ۾ ٽاپ جو تعليم گاهه مڃيو ويو ٿي. جنهن جي انگريز به واکاڻ ڪن ٿا ته اهو ڪاليج The greatest intellectual center of time هو. هونءَ به ساسانين جي حڪومت ۾ تعليم، ادب، شاعري ۽ آرٽ جهڙين شين تمام گهڻي ترقي ڪئي جنهن جا ثبوت اڄ به ”طاقِ بوستان“ ۽ ”نقش رستم“ جي تصويرين مان ملن ٿا.
    * الف ليليٰ ڪهاڻيون جن کي انگريزي ۾ One thousand and one night سڏجي ٿو. عربي ۾ ”ڪتاب الف ليليٰ“ فارسي ۾ ”هزار و يڪ شب“ سڏجي ٿو ان جي بنيادي شروعات ساساني دور جي افسانوي شهنشاهه شهر يار کان شروع ٿي. پوءِ وقت سان مختلف ملڪن ۾ ۽ مختلف دورن ۾ وڌيڪ ۽ مختلف ڪهاڻيون ملايون ويون. اهي ڪهاڻيون ساساني بادشاهه شهريار کي سندس راڻي شهزاديءَ ٻڌايون. ساساني بادشاهه شهريار کي جڏهن خبر پئي ته هن جي پهرين زال هن سان وفادار ناهي ته هُن هِن کي قتل ڪري ڇڏيو. شهريار کي ان کان پوءِ دماغ ۾ اهو ئي اچي ويٺو ته ”ڪابه عورت وفادار ناهي“ هو ڏهاڙي نئين زال سان شادي ڪندو هو ۽ صبح ٿيڻ تي هن کي قتل ڪري ڇڏيندو هو. ايتريقدر جو ڪنواري ڇوڪرين جو تعداد ختم ٿي ويو ۽ بادشاهه سلامت جو وزير پريشان ٿي ويو ته هاڻ ڇا ڪجي. ان تي وزير جي ڌيءَ شهزاديءَ پنهنجي پيءُ تي زور آندو ته هن جي شادي شهريار بادشاهه سان ڪرائي وڃي. شاديءَ رات نئين ڪنوار شهزاديءَ بادشاهه سلامت کي هڪ آکاڻي ٻڌائي پر اُن کي صبح تائين ختم نه ڪيو. بادشاهه سڄي ڪهاڻي ٻڌڻ جي شوق ۾ هن نئين ڪنوار کي ماري نه سگهيو. ٻي رات هن اها ڪهاڻي پوري ڪري وري ٻي شروع ڪئي ۽ صبح تائين ان جو انجام رهجي ويو. سو اهڙي طرح هڪ هزار هڪ راتيون گذاري ورتائين. انهن ڪهاڻين جي سلسلي ۾ هڪ رات (91 هين رات) شهزادي خسرو پرويز (خسرو دوم 590 کان 628 تائين حڪومت ڪرڻ واري ساساني) جي پڻ ڪهاڻي ٻڌائي ٿي. هي اهو ساساني بادشاهه هو جنهن لاءِ لکي آيو آهيان ته هن کي اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن اسلام قبول ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو. شهزاديءَ جي ڪهاڻي جو عنوان هو.
    ”خسرو، شيرين ۽ مهاڻو“. شيرين خسرو پرويز جي عيسائي زال هئي جيڪا آرمينيا جي هئي.
    بهرحال الف ليليٰ جو هي داستان جيڪو اسان وٽ به مشهور آهي ان جي شروعات جو واسطو ايران جي ساساني دور سان آهي. جنهن بابت ايران جي هڪ شاعر ابو منصور قطران تبريزي سن 1000ع ڌاري چيو آهي ته:
    هزاره صنف هفت خوان و ريين دز
    فرو شنديم و خواندم من از هزار افسان
    (مون ”هزار افسانه“ ۾ هزار دفعا ”هفت خان“ ۽ رويين ديز“ جو قصو پڙهيو ۽ ٻڌو )
    بهرحال هي اهو داستان آهي جنهن کان اڄ نه فقط مشرقي دنيا پر مغربي دنيا به واقف آهي ۽ اڄ تائين خبر ناهي ڪيتريون فلمون ۽ ٽي وي سيريز ٺهي چڪيون آهن. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ Arabian Night نالي هڪ فلم تمام مشهور ٿي آهي. هن ۾ فلم ائڪٽريس ملي اويتال شهزادي ٿي آهي ۽ ڊوگري اسڪاٽ شهريار ٿيو آهي. مون کي به انگلينڊ جي ٽيليويزن BBC One تان ان فلم کي ڏسڻ جو موقعو مليو.


    ڪيڏانهن ويا عظيم ساساني...

    ايران تي جن ڏينهن ۾ عربن جي حڪومت ٿي ۽ ايران ۾ اسلام آيو انهن ڏينهن ۾ ايران ۾ ساساني گهراڻي جي حڪومت هئي. ساساني گهراڻي لاءِ لکي چڪو آهيان ته انهن جي ايران تي عيسوي سن 224 کان 651 تائين حڪومت رهي جنهن ۾ هنن جا ٽيهن کان مٿي بادشاهه ٿيا جن مان ڪن ته سال اڌ حڪومت ڪئي ته ڪن ويهن کان سٺ ستر سال به حڪومت ڪئي. ساساني گهراڻي جا بادشاهه آتش پرست يعني باهه جا پوڄاري هئا. هنن جي حڪومت ۾ ايران ڪافي وڌيو ويجهيو، ادب شعر و شاعري، ثقافت ۽ ٻين فنن ۾ ترقي ڪئي. هن دور جا ڪيترائي بادشاهه اڄ به مشهور آهن ۽ هو عدل، انصاف ۽ رعيت جو خيال رکڻ کان مشهور ٿيا. دنيا جي تاريخ ۾ ساسانين کي وڏي اهميت حاصل آهي. عربن جي جڏهن ايران تي حڪومت ٿي يعني هو ساسانين جا جانشين ٿيا ته مذهب، نسل ۽ زبان جي اختلاف جي باوجود عرب ساسانين جي تمدن کان تمام گهڻو متاثر رهيا. حضرت عمر جي ڏينهن ۾ جڏهن ڪوفي ۽ بصري ۾ ڇانوڻيون قائم ڪيون ويون (جتي پهرين ساسانين جي حڪومت هئي) ته عرب حاڪمن، قبضي هيٺ آيل هنن نون علائقن جو انتظام هلائڻ لاءِ ايراني ماڻهو رکيا. ساساني سلطنت جي ائڊمنسٽريشن ايتري ته بهترين هئي جو چار سو سالن تائين ارڌ شير جو خاندان ٿي هن ملڪ، جتي حڪومت ڪندو رهيو. ارڌ شير ساساني گهراڻي جو پهريون حاڪم هو جنهن ايران تي سن 224 کان 241 تائين سترهن سال حڪومت ڪئي. پاڻ اعليٰ درجي جو جرنيل ۽ منتظم بادشاهه مڃيو وڃي ٿو. اردشير جو هڪ قول مشرق توڙي مغرب جي دنيا ۾ اڄ به مشهور آهي ته:
    ”قدرت بي لشڪر و لشڪر، بي زر و زربي، زراعت و زراعت، بي عدالت و حسن سياست نشود.“
    يعني سلطنت جو مدار فوج تي آهي. فوج بنا ناڻي جي گڏ ٿي نٿي سگهي. ناڻو بغير زراعت جي حاصل ٿي نٿو سگهي ۽ زراعت امن ۽ انصاف بنا ترقي ڪري نٿي سگهي.
    ساساني دور ۾ ارڌ شير کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ناليرا ۽ ناميارا بادشاهه ٿيا. جيئن ته شاهپور اول (272-241) ايران جا شهر جنڊي شاهپور، شاد شاهپور ۽ فارس ۾ نيشاپور هن بادشاهه آباد ڪيا. هرمز، شاهپور دوم، گور، فيروز، قباد، نوشيروان، بهرام... وغيره وغيره. انهن ساساني بادشاهن ۾ خسرائو نالي به ٻه بادشاهه مشهور ٿيا. هڪ خسرائو اول سڏبو هو جنهن عيسوي سن 531 کان 579 تائين ايران تي 48 سال حڪومت ڪئي، ٻيو خسرائو دوم جنهن کي پاڻ خسرو پرويز به سڏيون ٿا. جنهن سن 590 کان وٺي 628ع تائين اٽڪل 38 سال ايران تي حڪومت ڪئي، هي اُهو ايراني بادشاهه هو جنهن ڏي اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن مسلمان ٿيڻ جي دعوت جي سلسلي ۾ خط لکيو. خسرو پرويز جيڪو ڪسريٰ فارس سڏيو ويو ٿي. ان اسلام جي دعوت قبول نه ڪئي. بلڪ چڙ ۾ اچي حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو خط مبارڪ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ خط آڻيندڙ سفير جي بي عزتي به ڪئي. پاڻ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن ٻڌو ته فرمايائون ته الله تعاليٰ به ائين ئي هن جي بادشاهت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ جلد ئي اها اڳڪٿي پوري ٿي وئي ۽ ساسانين جي حڪومت هميشه هميشه لاءِ دنيا مان ختم ٿي وئي. اها طاقتور حڪومت جيڪا 400 سالن کان مضبوطيءَ سان هلندي آئي جنهن جو راڄ ٽن کنڊن جي ڪيترن ئي ملڪن تي پکڙيل هو، اها ٽيهن سالن اندر ساسانين کان الڳ ٿي عربن حوالي ٿي وئي. پهرين ايران جا ٻاهريان علائقا ۽ پوءِ اندروني ايران، عربن حوالي ٿي ويو. ايران تي سوڀ حاصل ڪرڻ جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق عليھ السلام جي ڏينهن کان ئي شروع ٿي ويو. 651ع ڌاري ان وقت جو سڄو ايران-شام، عراق، مصر تائين عربن حوالي ٿي ويو، جنهن کي عرب خليفن هلايو ٿي. حضرت علي عليھ السلام چوٿين خليفي کان پوءِ امام حسين عليھ السلام بدران معاويه خليفو ٿي ويٺو ۽ اُميه گهراڻي جو بنياد وڌو. اُميه گهراڻي جو ايران تي راڄ 661ع کان 750ع تائين ۽ ان بعد عباسي گهراڻي جو 750ع کان 867ع تائين. ان بعد ٻين مختلف عرب گهراڻن جو ايران جي مختلف حصن تي 1258ع تائين اٽڪل ڇهه سو سال راڄ رهيو. ايران تي اسلامي سلطنت جو خاتمو چنگيز خان جي پوٽي هلاڪو خان 1258ع ۾ ڪيو ۽ پنهنجي خان گهراڻي جو بنياد وڌو، هلاڪو خان جي نسل اڳتي هلي اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجي چين جي منگول قبيلي کان الڳ ٿي ويو.
    1335 ع کان پوءِ منگول سلطنت ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ ايران جي ڪنهن حصي تي ڪو گهراڻو راڄ ڪرڻ لڳو ته ڪنهن تي ڪو گهراڻو تيمور (جيڪو تيمور لنگ يا تيمورلين به سڏجي ٿو) ۽ چنگيز خان جي اولاد مان هو، تنهن ايران تي، منگول سلطنت کي وري قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر گهڻو هلي نه سگهي. تيمور پاڻ ايران تي 1369ع کان 1405ع تائين حڪومت ڪئي پر ان کان پوءِ اڌ صدي کان سندس پٽ ۽ پوٽا ايران جي مختلف صوبن تي حڪومت ڪندا رهيا جن مان هڪ شاهه رخ وڌيڪ مشهور آهي. جنهن 40 سال کن ايران جي اتراهن حصن تي راڄ ڪيو. سندس زال گوهر شاد جي مشهد ۾ ٺهرايل مسجد مشهور آهي جيڪا هن 1418ع ۾ ٺهرائي.
    هڪ دفعو وري ايران تي سفوي گهراڻي معرفت ايرانين جي حڪومت قائم ٿي وئي. سفوي اصل ترڪ قبيلي جا ايران ۾ رهندڙ هئا. هن گهراڻي جو بنياد 1502 ع ۾ پيو ۽ ڏهاڪو کن حاڪم ٿيا، جن ۾ شاهه عباس تمام گهڻو مشهور ٿيو. شاهه عباس به سائرس، داريس ۽ سڪندر وانگر The Great سڏجڻ ۾ اچي ٿو. يعني ”عباس، دي گريٽ“. هن حاڪم جون وڏيون خذمتون آهن. هو عمارتن جو عاشق هو. ايران جو مشهور شهر اصفهان پڻ شاهه عباس ٺهرايو جنهن کي هن پنهنجي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ ڪيو. انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ پهرين جي درٻار جا ماڻهو انگلنڊ کان خاص هلي شاهه عباس جي ٺهيل عمارتن کي ڏسڻ لاءِ ايران جي شهر اصفهان ۾ ايندا هئا. ايتريقدر جو اصفهان لاءِ چوڻي مشهور ٿي ته ”اصفهان نصف جهان“ يعني اصفهان جو شهر اڌ دنيا آهي.
    سفوي گهراڻي جو خاتمو افغانين جي حملي آندو. افغانين ايران تي حملا ڪري، اصفهان کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. پر افغاني ايران تي وڏو عرصو حڪومت نه ڪري سگهيا. جلدئي نادر شاهه، هڪ ترڪي قبيلي جي سردار نه فقط افغانين کي ايران مان ڀڄائي ڪڍيو، پر پوءِ ڪجهه سالن بعد افغانستان تي ڪاهه ڪيائين. ان دوران هن انڊيا ۾ به ڪافي تباهي مچائي. دهليءَ مان ڪوه نور هيرو ۽ مور تخت سميت هيرا جواهر لُٽي ايران کڻي آيو. 1747ع ۾ نادر شاهه قتل ٿي ويو. هن يارهن سال حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ اڌ صدي کن 1794ع تائين زند حاڪمن جي حڪومت رهي. جن ۾ ڪريم خان(1779ع-1750ع) اڄ به تاريخي عمارتن ڪري. ايران گهمڻ وارن جي ساڻس سڃاڻپ ٿئي ٿي.
    زند گهراڻي بعد ايران تي ڪوجاران جي حڪومت 1794ع کان 1925ع تائين هلي. ڪوجار گهراڻي جا ڪجهه مشهور حاڪم هئا، آغا محمد خان ڪوجار، فتح علي شاهه (1834ع-1797ع)، محمد شاهه نصيرالدين شاهه وغيره، آخري حاڪم احمد شاهه ڪوجار 1909ع ۾ تخت تي ويٺو. هن جي حڪومت ۾ رضا خان نالي هڪ فوجي هو جنهن برطانيا جي حڪومت جي مدد سان ڪوجار گهراڻي جو تختو اونڌو ڪري تاج پنهنجي مٿي تي رکي پاڻ حاڪم يعني شاهه ٿي ويٺو ۽ پهلوي گهراڻي جي شروعات ڪئي.
    رضا خان (يعني هاڻ رضا شاهه پهلوي) 1935ع ۾، هن ملڪ جو سرڪاري طرح نالو ايران مقرر ڪيو. جيڪو هيستائين پرشيا سڏبو هو. 1941ع ۾ برطانيه ۽ روس ايران تي قبضو ڪري رضا شاهه کي تخت تان لاهي ڏيهه بدر ڪيو ۽ سندس پٽ محمد رضا شاهه کي تخت تي وهاريو. محمد رضا شاهه پهلوي جيڪو پاڻ کي شهنشاهه يعني شاهن جو شاهه سڏرائڻ لڳو، اهو هن ملڪ جو آخري بادشاهه ثابت ٿيو. 1997ع ۾ آيت الله خميني جي انقلاب، ايران جي هن آخري بادشاهه کي ملڪ ڇڏي ڀڄڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو. تاريخ و ادب جي شاگردن لاءِ هتي ڪجهه دلچسپ ڳالهيون لکي رهيو آهيان.
    ساسانين جو دور علم و ادب ۽ ثقافت جي خيال کان ايران جو سڀ کان اهم ۽ با اثر تاريخي دور سمجهيو وڃي ٿو. ايتريقدر جو ايران جي تهذيب ۽ تمدن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون يورپ جي رومن سلطنت تي به اثر انداز ٿيون. رومن هن کان اڳ ايرانين کي هيٺاهون سمجهندا هئا. ساساني سلطنت ۾ هنن پهريون دفعو ايرانين کي برابري جو درجو ڏنو ۽ رومن حاڪم جڏهن پرشيا (ايران) جي شهنشاهه کي خط لکندو هو ته ”منهنجا ڀاءُ“ لکي مخاطب ٿيندو هو. ايران جي ثقافت، آرٽ ۽ ڪلچر نه فقط يورپ تائين پر آفريڪا، چين ۽ انڊيا تائين اثر انداز ٿيو.
    ايران جي ساساني حڪومت تي مسلمانن پهريون حملو 634ع ۾ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي وفات بعد يڪدم ڪيو، جنهن ۾ جيتوڻيڪ ساسانين جي سوڀ ٿي پر عرب ماٺ ڪري ويهي نه رهيا. هنن هڪ دفعو وري، خالد بن وليد جي سربراهيءَ ۾ حملو ڪيو ۽ ڪامياب ٿيا. حضرت عمر جي خلافت (644ع-634ع) دوران 637ع ۾ قدسيه جي ميدان تي جيڪا عربن ۽ ساسانين جي لڙائي ٿي ان ۾ تيسفون شهر Ctesiphon جيڪو ساسانين جي گادي جو هنڌ هو. اهو عربن حوالي ٿي ويو. هي شهر دجله ندي جي اوڀر واري ڪناري تي بغداد کان 35 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. هي شهر نه فقط ساسانين جو بلڪ ان کان اڳ جي حڪومت Arscids وارن جي به گادي جو شهر هو ۽ 800 سالن تائين ايران جي خوارواران صوبي جو حصو هو. انهن ڏينهن ۾ ساساني گهراڻي جو آخري شهنشاهه يزدگره تخت تي هو وڏي رعب تاب ۽ منظم طريقي سان سوا چار سو کن سالن کان هلندڙ ساسانين جي حڪومت، آخري پنجن سالن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي وئي. ايران جي ڪجهه شهرن ريئي، اصفهان ۽ همدان وغيره ۾ باغي قوتون، ڪجهه مهاڏو اٽڪائينديون رهيون. باقي سڄو ايران ۽ اوسي پاسي جا ملڪ جيڪي ساسانين جي قبضي ۾ هئا اهي عرب خليفن جي حڪومت هيٺ هليا ويا. ايران تي عربن جي حملن دوران ڪيترائي ايران جا شهر تباهه ۽ خالي ٿي ويا، محل ۽ پليون ڊهي ويون ۽ ڪئين خوبصورت باغ ۽ بلڊنگون برپٽ ٿي ويون. ساسانين جو هن ڌرتي تي صدين کان هلندڙ راڄ چند سالن ۾ ائين هٿن مان نڪري ويو جيئن ڪو اڻ پاليل پکي پڃري جو در کلڻ تي اڏري وڃي. ساسانين جي زوال بابت منهنجا ايراني جهازي دوست فردوسيءَ جو هڪ شعر Quote ڪندا آهن.
    ڪجان آن بزرگان ساسانيان
    ز بهر اميان تا سامانيان
    ان ئي شهر جو ڪنهن انگريزي ۾ به ترجمو ڪيو آهي.
    “To where have the great sassanids gone?”
    To the bahramids and samanids what has come upon?
    فردوسي (سڄو نالو حڪيم ابوالقاسم ”الفردوسي“ طوسي) ايران جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. جيڪو سن935 ع خراسان جي شهر طوس (مشهد ڀرسان) ڄائو ۽ اتي ئي 1020 ع ۾ وفات ڪيائين. ان ڪري کيس طوسي به سڏين ٿا جيئن اسان وٽ دهلوي، لکنوي، ناٿنشاهي، ٻنوي وغيره فردوسيءَ جو احوال اڳتي هلي سندس شهر مان ڪبو.
    ساسانين جي 651 ع ۾ حڪومت ختم ٿيڻ بعد ايران ۽ پسگردائي جي ملڪن تي عربن جي حڪومت رهي. سو سال کن اميه خاندان جي، ان بعد هڪ سو سال کن 750 ع کان 867 ع تائين عباسي گهراڻي جي، انهيءَ دوران ايران جي مختلف صوبن ۽ آس پاس جي عرب ملڪن تي ٻين عربن جي به حڪومت رهي، جيئن خراسان صوبي تي جيڪو ان وقت نه فقط اڄ وارو ايراني خراسان هو، پر ان ۾ ترڪمنستان ۽ افغانستان جو به ڪجهه حصو اچي ويو ٿي. ان تي طاهري گهراڻي 821 ع کان 872 ع تائين حڪومت ڪئي. اهڙي طرح علوي گهراڻي، زياروي، بوئي، ديالمي ۽ سفري گهراڻن جي به سوين سال حڪومت رهي پر اهي سڀ عرب گهراڻا هئا.
    ساسانين بعد ايران تي وري جنهن نج ايراني (پرشن) گهراڻي جي ايران تي حڪومت ٿي ته اهي ساماني Samanids آهن. جن جي 892 ع کان 998 ع تائين سڄي خراسان تي حڪومت رهي. هن گهراڻي جو باني ”سمن خدا“ هو جنهن 892 ع کان 907 ع تائين حڪومت ڪئي. اڳتي هلي خراسان واري علائقي کان علاوه ٽرانسو خيانا وارو سڄو علائقو جنهن ۾ سمرقند ۽ بخارا به اچي وڃي ٿو ۽ جنهن کي عرب ”ما وراءُ النهر“ ۽ فارسي ڳالهائيندڙ فرارود سڏين ٿا، ان جو ڪنٽرول سامانين جي هٿن ۾ اچي ويو. جن بابت ان دور ۾ پيدا ٿيندڙ شاعر فردوسيءَ مٿين شعر ۾ ذڪر ڪيو آهي. ان( Transoxianaفرارود/ما وراءُ النهر) واري علائقي ۾ اڄ جو سڄو ازبڪستان، تاجڪستان ۽ قراقستان جو ڏکڻ اولهه وارو حصو اچي ويو ٿي. فردوسيءَ پنهنجي شاهنامي ۾ لکيو آهي ته هي علائقو ايراني بدو قبيلن جو هو.
    سامانين جي حڪومت 998ع تائين هلي ان بعد غزنوي گهراڻي جي حڪومت ٿي. جنهن جو ٽيون نمبر حاڪم محمود غزنوي سومناٿ مندر تي حملي کان مشهور آهي. محمود جو نالو الپتگين سامانين وٽ غلام چوڪيدار (گارڊ) هو. آخري ڏينهن ۾ سامانين جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ تي هن غزني تي قبضو ڪري ورتو. ان بعد سندس ناٺي سبڪتگين تخت تي ويٺو. سبڪتگين پڻ پنهنجي سهري الپتگين وانگر سامانين وٽ ترڪ غلام هو. سبڪتگين بعد سندس پٽ محمود غزنوي تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي پاڻ کي سلطان سڏايو.
    ساسانين جي ڏينهن ۾، يعني جڏهن عربن ايران فتح ڪيو ان وقت ايران جا رهاڪو آتش پرست هئا جن کي پاڻ ”پارسي“ يا مجوسي سڏيون ٿا. هي ايران جي مشهور ڌرمي شاعر زراٿسرا کي مڃين ٿا. جيڪو حضرت عيسيٰ کان به ڏيڍ هزار سال کن اڳ ڄائو هو.
    ساسانين جي دور حڪومت ۾ زوروسٽرين (باهه جي پوڄا ڪندڙن) کان علاوه عيسائي، يهودي ۽ ٻڌ ايران ۾ رهيا ٿي. ساسانين جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ڪيترا باهه جا پوڄاري اسلام جي دائري ۾ آيا باقي بچيلن مان ڪيترا ايران جون حالتون پاڻ لاءِ بهتر نه سمجهي انڊيا جي صوبي گجرات ڏي لڏي ويا جتي هو پارسي سڏجڻ لڳا. انڊيا جي ترقي ۾ هي پارسي ان وقت کان اهم رول ادا ڪري رهيا آهن. پارسين جا ڪيترائي مندر بمبئي، احمد آباد، بڙودا کان علاوه ڪراچي ۾ به آهن. جتي هميشه باهه ٻرندي رهي ٿي. پارسي مري ويلن کي زمين اندر دفن ڪرڻ يا ساڙڻ بدران پکين کي کارائين ٿا ۽ ان قسم جي جاءِ ”خاموشي جو ٽاور“ سڏجي ٿي. ڪراچي جي ڊفينس مارڪيٽ وٽ به پارسين جو Tower of silence آهي. جتي هو لاش کي ڳجهين ۽ ڪانگن حوالي ڪن ٿا.
    پارسين جي ڪئلينڊر جو سال 632ع کان شروع ٿئي ٿو جڏهن ساسانين جو آخري بادشاهه يزدگرد III ايران جي تخت تي ويٺو هو. يزدIII جو راڄ 642 ع تائين هليو. هو عربن جو مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ آخر ۾ اشتهاري ملزم جي حيثيت سان هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ لڪندي قتل ٿي ويو. اهو شهر اڄ جي ترڪمنستان ۾ آهي. يزد III جي 642ع ۾ مرڻ بعد ساساني گهراڻي جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو، سندس پٽ پيروز ۽ ٻيا خانداني ماڻهو چين ڀڄي ويا.


    تهران کان مشهد پهچڻ

    تهران کان اسان جو جهاز مشهد جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي (جيڪو ”شاهد هاشمي نجد ايئرپورٽ“ سڏجي ٿو) رات جو ڏهين بجي ڌاري لٿو. ايئرپورٽ جي ٻاهران ڪيتريون ئي ٽئڪسيون ۽ بسون بيٺل هيون. اسان جي قافلي جي ليڊر محمد علي رضويءَ اسان لاءِ ڇهه ست ٽئڪسيون ڪيون.
    ”بس ۾ ئي کڻي هلون.“ اسان مان ڪنهن هن کي صلاح ڏني.
    ”نه بس پري هلي لاهيندي.“ محمد علي ٻڌايو. ”اسان جي هوٽل، جنهن ۾ توهان لاءِ ڪمرا بڪ ڪرايا ويا آهن. بلڪل حرم جي ويجهو سوڙهين گهٽين مان هڪ ۾ آهي. جتي بسين کي هلڻ جي اجازت ناهي.“
    محمد علي جو ڀاءُ سلمان جيڪو ايران ۾ رهي ٿو ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن اسان کي مشهد، نيشاپور ۽ قم شهر ۾ مختلف جاين تي وٺي هليو، اهو به ان وقت ايئرپورٽ تي پهچي ويو هو ۽ محمد علي کي چيائين ته هو اسان کي ٻڌائي ته ”ٽئڪسي به هوٽل جي در تائين نه هلندي جو اڃا رات جا ڏهه ٿيا آهن ۽ بازار ۾ ماڻهن جي اڃا رش آهي.“ اهو جملو ٻڌي مون کي حيرت ٿي ته ههڙي سرديءَ ۾ رات جو ڏهين وڳي به ايران جي شهرن جي بازارين ۾ خريدارن جي رونق آهي، هوٽل وٽ پهچي معلوم ٿيو ته هيءَ هوٽل حرم جي ويجهڙائي وارين گهٽين مان هڪ ۾ آهي. هي سڀ گهٽيون هوٽلن، دڪانن، روشنين ۽ زائرين سان ڀريل ائين لڳي رهيون هيون. جيئن بوهري بازار جون گهٽيون آهن. جيڪي ويڪريون هجڻ جي باوجود خريدارن جي بيپناهه رش ڪري ڪابه گاڏي اتان لنگهي نه سگهي، ڪراچيءَ جي بوهري بازار ۾ به ڪافي عورتون خريداري ڪندي نظر اچن ٿيون پر هتي مشهد جي هنن سوڙهين گهٽين وارين بازارين ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتن کي ڏسي حيرت لڳي ڪي اڪيليون، ڪي ٻارن سان، ڪي مڙسن سان دڪانن تي چڙهي ۽ لهي رهيون هيون، ۽ دڪاندارن سان اگهه تي بحث ڪري رهيون هيون. ڪي سامان جي هڙن سان هن سوڙهين بازارين مان هلي رهيون هيون. گهڻي رش ڪري ڪيترن عورتن مردن جا ڪلها هڪ ٻئي کي پئي لڳا. هي سڀ عورتون پڙدي ۾ ضرور هيون پر فقط چادر ۾- جيڪا هوا ۾ يا سندن هٿ لڳڻ تي پري ٿي وئي ٿي، هنن مان ڪيتريون جينز ۽ پتلونن ۾ نظر اچي رهيون هيون. سڀني جا منهن کليل هئا. منجهن ڪا به عورت اهڙي برقعي ۾ نظر نه آئي. جهڙي مغربي پريس ظاهر ڪندي رهي ٿي ۽ مون به اهو سمجهيو ٿي ته ايران جي عورت سخت پردي ۾ ۽ سخت هيسيل هوندي، پر هتي مشهد جهڙي مذهبي شهر ۾ به رات جي ڏهين يارهين بجي بازارين ۾ عورتن کي خوش خوش هلندو ۽ شاپنگ ڪندو ڏسي CNN ۽ ٻين مغربي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي ٽي قل پڙهڻ تي دل ٿي چوي ته هُو ڪيترو ڪوڙ کان ڪم ٿا وٺن. ڪجهه سال اڳ ايران جي عورتن تي هالي وڊ ۾ فلم ٺهي جنهن ۾ ايراني عورت جي منهن کي چمڙي جي ٽڪري سان نڪ وٽان منهن کي ڍڪيل ڏيکاريو اٿن. اهڙي قسم جي پردي ۾ ته ڪابه ايراني عورت مون کي نظر نٿي اچي. اهڙي خيالي پردي ۾ ملبوس فلم ائڪٽريس جنهن ايراني عورت جو فلم ۾ رول ادا ڪيو آهي. ان جي تصوير نئشنل جاگرافڪ مئگزين جي ٽائٽل ڪور تي به آئي هئي. پر اڄ ايران پهچي آڌي رات جو کليل بازارين ۽ انهن ۾ ٻهڪندڙ چهرن سان عورتن کي خريداري ڪندو ڏسي ملڪ جي بهتر امن امان ۽ عورتن جي آزادي جو احساس ٿئي ٿو. ايران ۾ جنهن اعتماد ۽ سڪون سان هتي جون عورتون خوش خوش شاپنگ ڪري رهيون آهن ائين ته اسان جي ملڪ ۾ ڏينهن ڏٺي جو به نظر نٿيون اچن.
    هيءَ هوٽل جنهن ۾ اسان جي رهائش جو بندوبست آهي هڪ ڇهه ماڙ بلڊنگ آهي. هتي ڪنهن زماني ۾ گهر هئا، پر زائرين جي وڌڻ ڪري
    حرم پاڪ جي ويجهو وارين گهٽين ۾، هر روز گهر ڊهي هوٽلون ۽ شاپنگ مال ٺهندا پيا وڃن. مون کي رهڻ لاءِ گرائونڊ فلور تي ڪمرو ملي ويو. رسيپشن تان پنهنجي ڪمري جي چاٻي وٺي رسيپشن جو وڏو ۽ اتاهين ڇت وارو هال لتاڙي پنهنجي ڪمري ۾ پهتس. رسپيشن واري هال يا لائونج ۾ ٽي وي اڳيان ڪجهه عراقي عربي ڊريس ۾ ويٺا هئا. هن لائونج جي هڪ ڀت تي قرآني آيتن جا فريم هئا ته ٻئي پاسي واري ڀت تي ايران جي آڳاٽي دور جي بادشاهن، ڪوروش (سائرس)، داريس ۽ اسلام جي آمد کان اڳ ساساني سلطنت جي ڪجهه بادشاهن شاهپور، هرمزد ۽ خسرو جون تصويرون هيون. اسان وٽ ائين غير مسلمانن جون مورتيون ٽنگيل هجن ته ماڻهو هوٽل کي باهه ڏيڻ ۾ به دير نه ڪن. لائونج ۾ ويٺل عربن (عراقين) مان هڪ حقو پي رهيو هو. ٽي.وي تي اميتاب بچن جي ڪا انڊين فلم هلي رهي هئي جيڪا فارسي ۾ ڊب ٿيل هئي. اسان وٽ ڪنهن سئنيما ۾ انڊين فلم هلڻ تي اسلام خطري ۾ اچي ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ ان سئنيما کي ساڙيو ويندو آهي. هتي ته سرڪاري ٽي وي چئنلن تان انڊين ۽ انگريزي فلمون پيون هلن، ڪا پرواهه ناهي. هنن پنهنجن ٻارن کي Trained ڪري ڇڏيو آهي ته هڪ ته اجائي سجائي ٽي وي ڏسڻي ناهي ۽ ٻيو ته سوير سمهڻو آهي ۽ سوير اٿڻو آهي. اسان وٽ ابتو حساب آهي. پاڙيسري ملڪ کي سڄو ڏينهن گاريون ڏيئي شام جو ان ملڪ جي فلم جو سي ڊي وٺي رات جو دير تائين پاڻ به ڏسون ۽ ٻارن کي به ڏيکاريون.
    ڪمري تي پهچي جائزو ورتم ته ننڍڙي ڪمري ۾ ٽي وي به هئي، فرج به هئي ۽ ننڍڙي ڪچن به هئي. ڪمري کي گرم رکڻ لاءِ هيٽر ضرور هو پر ايئرڪنڊيشنڊ نه هو. معنيٰ هتي سياري ۾ سخت سيءُ ٿئي ٿو ۽ اونهاري ۾ پکي جيتري هلڪي گرمي ٿئي ٿي، ظاهر آهي هي شهر هڪ ته ايران جي اتر ۾ آهي، روس جي اڳوڻي رياست ۽ هاڻ آزاد ملڪ ترڪمنستان سان ڳنڍيو پيو آهي ۽ ٻيو ته ڪوئيٽا وانگر سطح سمنڊ کان اٽڪل هڪ هزار ميٽر مٿي آهي، سو هتي جي موسم به ڪوئيٽا وانگر آهي. يعني سياري ۾ چڱو سيءُ ٿئي ٿو ۽ سال جا باقي مهينا موسم بيحد خوشگوار رهي ٿي. ملائيشيا ۽ سنگاپور واري گرمي نٿي ٿئي جنهن ۾ هڪ ٽوئرسٽ بيزار ٿيو پوي ۽ شهر گهمڻ بدران هو سڄو ڏينهن هوٽل يا وڻ جي ڇانو هيٺ گذاريو ڇڏي.
    آءٌ چانهه پي ڪجهه دير لاءِ بستر تي ليٽي پيس. چئبو ته هي آهي ايران جو شهر مشهد، جنهن بابت سالن کان ٻڌندو آيس. جنهن کان به پڇندو هوس ته ايران ۾ ڪهڙا شهر گهمڻ وٽان آهن ته هر هڪ پهرين مشهد جو نالو کڻندو هو. ايران اچڻ کان اڳ ٻه ٽي شيعا دوستن جي گهر ويس ته هر هڪ جي گهر وارن اهو ئي چيو ٿي ته امام رضا جي روضي تي وڃين ته اسان لاءِ به دعا گهرجانءَ ۽ هاڻ هي اهو شهر مشهد جو آهي. جتي اسلام جي اٺين امام علي ابن موسيٰ الرضا جو مقبرو آهي، جنهن تي حاضري ڀرڻ لاءِ روزانو لکين ماڻهو ايران جي مختلف شهرن ۽ دنيا جي ملڪن کان هن شهر مشهد ۾ اچن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن شهر مشهد کي قدرتي سونهن ۽ سٺي موسم مليل آهي پر هن شهر کي دنيا ۾، خاص ڪري مسلمان ملڪن ۾ شهرت ۽ اهميت، حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي ڌيءَ بيبي فاطمه زهرا جي پڙپوٽي ۽ امام حسين ابن جعفر جي فرزند علي الرضا جي آخري آرام گاهه ڪري آهي. امام علي رضا جو شجرو حضرت علي ابن ابوطالب ۽ بيبي فاطمه الزهره سان هن ريت ملي ٿو.
    علي ابن ابوطالب 661ع-600ع
    حسين ابن علي 680ع-626ع
    علي ابن حسين (زين العابدين) 713ع-658ع
    محمد ابن علي (الباقر) 743ع-676ع
    جعفر ابن محمد (الصادق) 765ع-703ع
    موسيٰ ابن جعفر (الڪاظم) 799ع-745ع
    علي ابن موسيٰ (الرضا) 818ع-765ع
    امام علي رضا بعد سندن فرزند محمد ابن علي (835ع-818ع ) امام ٿيو. پاڻ محمد التقي ۽ محمد الجواد به سڏيو وڃي ٿو. جنهن بعد علي ابن محمد (868ع-827ع) امام ٿيو. جيڪو علي الهادي ۽ علي نقوي به سڏيو وڃي ٿو. ان بعد يارهون امام حسن ابن علي (874ع-846ع ) ٿيو جيڪو حسن العسڪري سڏيو وڃي ٿو. ان بعد امام محمد ابن حسن (مهدي) امام ٿيو. سندن پيدائش جو سال 868 ع آهي.
    مٿين امامن ۾ حضرت عليرضه پهريون امام مڃيو وڃي ٿو ته ان بعد ٻئي نمبر تي سندن وڏو فرزند امام حسن (669ع-625ع ) آهي ۽ ان بعد سندن ٻيو فرزند ۽ امام حسنرضه جو ننڍو ڀاءُ امام حسينرضه آهي. امام علي رضارضه جي شهادت (817ع ) کان اڳ، هي شهر سن آباد (SANABAD) نالي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. امام رضا جي مقبري تي هر سال ايندڙ زائرين مان ڪيترائي هتي رهڻ لڳا ۽ هي شهر ويو وڌندو ۽ سندس اصل نالي سن آباد بدران هي شهر مشهد يعني شهيد جي آخري آرامگاهه سڏجڻ لڳو. ڪي ماڻهو هن شهر کي عزت وچان مشهد مقدس به سڏين ٿا، يعني ڀلارو مشهد يا مشهد شريف. جيئن اسان وٽ قلندر شهباز يا مخدوم نوح جي ڪري سيوهڻ ۽ هالا جهڙن شهرن کي سيوهڻ شريف يا هالا شريف سڏين ٿا. ايراني هر سال وڏي عقيدت سان مشهد ۾ زيارت لاءِ اچن ٿا. هنن لاءِ مشهد ۾ اچي امام علي رضا جي روضي تي حاضري ڀرڻ ائين آهي جيئن اسان وٽ ڳوٺاڻا ڪنهن پير، فقير، بزرگ يا درويش جي عرس تي هر سال هن جي درگاهه تي پهچن ٿا.
    مشهد جو شهر تهران بعد ايران جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي ۽ تهران جي اتر اوڀر ۾ آهي. تهران کان مشهد باءِ روڊ پهچڻ لاءِ به رستا آهن. هڪ 875 ڪلوميٽر ۽ ٻيو 925 ڪلوميٽر آهي جيئن ڪراچي کان حيدرآباد سپر هاءِ وي ذريعي به اچي سگهجي ٿو ته نيشنل هاءِ وي ذريعي ٺٽي کان ڦرندو به پهچي سگهجي ٿو.ان کان علاوه مشهد ۽ تهران جي وچ ۾ ريل گاڏي به هلي ٿي. روزانو ٽيهارو کن اڏامون ايران جي مختلف شهرن ۽ دنيا جي ملڪن کان مشهد جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ”فرودگاهه شاهد هاشمي نجد“ تي لهن ٿيون. هر روز لکين ماڻهو هي شهر گهمڻ ۽ امام رضا جي روضي مبارڪ تي حاضري ڀرڻ لاءِ اچن ٿا. ڌارين ۾ سڀ کان گهڻا پاڪستاني ۽ افغاني نظر اچن ٿا. ان کان علاوه ٻئي نمبر تي ايران جي پاڙيسري ملڪن ترڪمنستان، آذربائيجان، عراق، گلف، يمن ۽ انڊيا جا آهن. انهن ٽوئرسٽن ۾ به نه فقط شيعا فرقي جا مسلمان آهن پر سني پڻ آهن. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان عيسائي ۽ ٻين مذهبن جا به مشهد ۾ اچن ٿا. جن کي فقط امام رضا جي روضي مبارڪ ۾ اچڻ کان روڪيو وڃي ٿو. ڪن حالتن ۾ اجازت وٺڻ تي، خاص شخصيتن کي، اتي به اچڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ٿو.
    مشهد ايران جي صوبي خراسان جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ڪي اهڙا به دور رهيا جڏهن مشهد سڄي ايران جي گاديءَ جو هنڌ پڻ رهيو. مشهد جو شهر ايران جي اتر اوڀر ۾ آهي ۽ ترڪمنستان ۽ افغانستان جي بارڊر تي ائين آهي جيئن اتر اولهه ۾ ترڪي جي بارڊر تي تبريز آهي. بارڊرن تي هجڻ ڪري ايران جا هي ٻئي شهر ڌارين ملڪن کان آيل حملي آورن جي عتاب هيٺ رهيا. ٻئي شهر ڪڏهن ٺهندا رهيا ته ڪڏهن ڌارين جي حملي ڪري ڊهندا به رهيا.
    مشهد جو شهر ”بنالود ۽ هزر مسجد“ نالي جبلن جي وچ ۾ ڪشف ندي واري ماٿري ۾ آهي. هيءُ ندي هاري نديءَ مان نڪري ٿي. هي علائقو صدين کان واپار وڙي جو اهم مرڪز رهيو آهي ۽ انڊيا ويندڙ يا اتر کان ڏکڻ، ترڪمنستان کان بحر اومان ويندڙ قافلن جو لنگهه هتان ٿيندو رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻارهن سو سال اڳ (818ع کان اڳ)يعني امام علي رضا جي وفات کان اڳ، هي شهر مشهد جيڪو سن آباد نالي ڳوٺ هو ، اهو مشهور نه هو پر ان جي ڀرسان طوس نالي شهر، جيڪو هينئر ديبل ۽ ڀنڀور وانگر فقط تاريخي حيثيت رکي ٿو. هتي جو اهم شهر هو. هن صوبي خراسان جا ماڻهو، مڪي مديني ويندي وقت طوس مان لنگهندا هئا، جيڪو ان وقت ڪوٽڙي ۽ روهڙي ريلوي اسٽيشن وانگر هر طرف کان ايندڙ قافلن لاءِ مشهور جنڪشن هو.
    طوس فارسي ۾ طوس به لکيو وڃي ٿو ۽ انگريزي ۾ Tous,Toos ۽ Tus اسپيلن سان لکيو وڃي ٿو. هن شهر سان اسلام جي آمد کان پوءِ 1220ع تائين ڪيترين ئي تاريخي شخصيتن جو واسطو رهيو آهي، جيئن ته جابر بن حيان Geber جيڪو باباءِ ڪيمسٽري سڏيو وڃي ٿو. هن شهر طوس ۾ 721 ۾ ڄائو ۽ 815 ۾ وفات ڪيائين. ايران جو مشهور اسدي طوسي (ابو منصور علي ابن احمد اسدي طوسي) سن 1002 ۾ طوس ۾ ڄائو. نظام الملوڪ (ابو علي الحسن الطوسي نظام الملڪ) سلجوق سلطنت جو وزير ۽ عالم ڏاهو طوس ۾ 1018ع ۾ ڄائو ۽ 1092ع ۾ وفات ڪيائين. الغزالي (ابو حميد محمد الغزالي)اسلامي دنيا جي عالم، منصف ۽ فلاسفر 1058ع ۾ طوس ۾ ڄائو ۽ اتي ئي 1111ع ۾ وفات ڪيائين. تفسير، حديث ۽ فقي جو عالم شيخ طوسي (ابو جعفر محمد ابن حسن طوسي) به هن شهر طوس ۾ 1068 ۾ ڄائو. مئٿمئٽڪس، فلاسافي، ماهر فلڪيات ۽ طب جو ايراني ماهر نصرالدين الطوسي به طوس 1201ع ۾ ڄائو ۽ 1274ع ۾ وفات ڪيائين. ان کان علاوه فارسي جو مشهور شاعر فردوسي جنهن جي شاهنامي کان سڄي دنيا واقف آهي. پڻ هتي طوس ۾ ڄائو ۽ اتي ئي دفن ٿيل آهي. خليفو هارون رشيد به هتي ئي دفن ٿيل آهي. دراصل مشهد ايڏو وڌي ويو آهي جو طوس به هن شهر جو حصو ئي سمجهڻ کپي. جيئن لالو کيت، ملير يا ماريپور اڄڪلهه ڪراچي ئي سمجهيا وڃن ٿا.
    جيتوڻيڪ خراسان جو سڄو صوبو اسان جي بلوچستان وانگر جابلو علائقو آهي پر ڪٿي ڪٿي سرسبز چراگاهه ۽ پوک سان سايون سڌيون زمينون پڻ نظر اچن ٿيون، جن تي ڪيترائي ميوا، بادام، پستا ٿين ٿا. هتي جي نرم ۽ نازڪ صوفن کان ته اسان جا ماڻهو به واقف هوندا جيڪي اسان وٽ ”مشهدي صوف“ سڏجن ٿا. هتي جي زغفران به دنيا ۾ مشهور آهي. جنهن بابت شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان. ان کان علاوه هتي جي زرشڪ به مشهور آهي جنهن بابت شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان. زرشڪ بر بيريز Berberries جو قسم آهي جيڪي خراسان ۾ جام ٿين، جن کي سڪائي پوءِ وڪيو وڃي ٿو. زرشڪ Berries جون جئمون چٽڻيون ۽ Juices پڻ ايران ۾ وڪامن ٿيون. زرشڪ جي باغن کي ”زرشج آستان“ سڏين. مشهد جي ڳوٺن ۾ مڪاني ماڻهو ناپسنديدگي جو اظهار ڪرڻ لاءِ به هي لفظ زرشڪ استعمال ڪن ٿا. جيئن اسان چوندا آهيون.“ آڱوٺو“ يا انگريز چوندا آهن. Blowing Respberry
    مشهد نه فقط اخروٽن، بادامن، پستن، صوفن، ڏاڙهوئن، سنگتڙن، انگورن ۽ زغفران کان مشهور آهي. پر فيروزه (پٿر)، غاليچن، ريشم Wool، سڻي Silk جي شين ۽ ڪاشيءَ جي ڪم کان به مشهور آهي. خراسان جي ميوزڪ ايران جي قديمي ميوزڪ مان آهي. خاص ڪري توريت جام، توريت حيدريه، بجنورد ۽ قوچان جي خراساني علائقن جي هن صوبي (خراسان جنهن جو مشهد گادي جو شهر آهي) جا بنيادي ساز آهن. تار، دوتار، دف ۽ دهل (جي ها! دهل سنڌي جو نه پر فارسي جو لفظ آهي) مشهد غزل خاني کان به مشهور آهي ۽ هنن جي صوفي شاعرن جهڙوڪ رومي، عطار ۽ شيخ احمد جامي جا غزل ڳايا وڃن ٿا.
    اسان جو مشهد ۾ رات جي وقت اچڻ ٿيو. ڏينهن جي وقت مشهد جي هوائي اڏي تي لهڻ مهل سڄي شهر ۾ ساوڪ ۽ چوڌاري وڻن جون قطارون نظر اچن ٿيون ۽ پوءِ زمين تي لهڻ مهل اسان جهڙو سياح چوڌاري گنبذ ۽ خوبصورت منارا ڏسي وائڙو ٿيو وڃي. ڄڻ ڪنهن الف ليليٰ جي داستان جي ڪنهن ملڪ ۾ اچي ويو هجي ۽ واقعي الف ليليٰ جي اصلي ڪهاڻين جو واسطو ايران سان ئي ته هو. ان ۾ عرب ۽ هند سنڌ جون ڪهاڻيون ته بعد ۾ ڳنڍيون ويون.


    ڪجهه خراسان بابت

    اسان جي ملڪ جا لکين ماڻهو هر سال حج ۽ عمري لاءِ مڪي ۽ مديني وڃن ٿا، زيارت لاءِ مشهد ۽ قم (ايران) ڪربلا ۽ نجف (عراق) ۽ دمشق (شام) وڃن ٿا. اسان جي ماڻهن لاءِ ايران وڃڻ تمام سولو ۽ سستو آهي جو ايران اسان جي ملڪ سان بارڊر ٺاهي ٿو ۽ ڪيترائي ماڻهو باءِ روڊ ۽ ٽرين ذريعي گهٽ ڀاڙي ۾ پهچيو وڃن. ڪنهن زماني ۾ ته ترڪي وانگر ايران جي اسان کي ويزا وٺڻ جي ضرورت نه هوندي هئي پر هنيئر به ايران جي ويزا حاصل ڪرڻ جو ڪو ڏکيو ڪم ناهي. ايران جا مڪاني ماڻهو زيارت لاءِ آيل ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي نه فقط عزت سان ڏسن ٿا پر هنن جي هر قسم جي مدد ڪن ٿا. ايران هيڏو خوشحال ٿي ويو آهي پر اڄ به هتي جي ماڻهن کي ٽيڙي يا وڏائي ناهي. هو بيحد Humble آهن. ان معاملي ۾ ملائيشيا جهڙا ملڪ به وڏ ماڻهپي ۾ اچي ويا آهن ۽ عرب ته (اڄ جي دور جا عرب) ته غربت واري دور ۾ به اسان لاءِ مغرور هئا. پوءِ اهي چاهي سعودي عرب يا ڪويت جا هجن يا دبئي، بحرين، مسقط جا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو انگريزن، آمريڪن ۽ گوري کل وارن يورپين مان بيحد متاثر آهن. ۽ هيڏانهن ايرانين کي مغربي گورن ۽ آمريڪن جي ڪا پرواهه ناهي. هنن وٽ انسانيت جو قدر آهي. ان ڪري اسان جي ملڪ جو غريب کان غريب ماڻهو هتي ايران ۾ رهڻ ۽ سير ڪرڻ ۾ وڌيڪ سڪون محسوس ڪري ٿو. هن کي ايران ۾ نه فقط مذهبي جايون گهمڻ جي اجازت آهي، پر هر شهر ۾ وڃي سگهي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ايران ۾ بنيادي ضرورت جي هر شيءَ سستي آهي، ان ڪري غريب کان غريب مسافر کي به بکون ڪاٽڻيون نٿيون پون. هتي هر قسم جو نان بيحد سستو ۽ لذيذ آهي. شهر ۾ هلندڙ بسين جو ڀاڙو نه جي برابر آهي. ان ڪري هر ڪو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ گهمندو ڦرندو رهي ٿو. ايران اچڻ کان اڳ آءٌ هميشه ان ڳالهه تي تعجب کائيندو هوس ته هي اسان جي ڳوٺن جا پوڙها. اڻ پڙهيل ۽ غريب ماڻهو ڪيئن ٿا ايران ۾ ٿورن پئسن ۾ مهينو مهينو به گذاريو اچن. ايران جي هڪ ٻي پلس پوائنٽ ته هتي امن امان ڏاڍو آهي. خاص ڪري اسان پاڪستانين کي، جن کي پنهنجي ملڪ ۾ هر روز نت نين ٺڳين ۽ لچائين سان واسطو پوي ٿو. اهي هتي اچي حيرت کائين ٿا ته ڪيئن نه رات جو دير دير تائين دڪان ۽ بازاريون کليون پيون آهن. ۽ ويندي عورتون اڪيلي سر پيون سون خريد ڪن.
    اسان جا ماڻهو جيڪي ايران اچن ٿا اهي مشهد شهر ۾ ضرور اچن ٿا جو اتي امام علي رضا جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪن ٿا. ڪيترن ڳوٺاڻن کي ته اها به خبر ناهي ته هن شهر جو نالو ڇا آهي؟ هنن کان پڇبو ته ايران ۾ ڪيڏانهن ويائو ته هو يڪدم چوندا ته امام رضا جي روضي تي وياسين ۽ ٻيون به زيارتون ڪيونسين. هو جيڪي ٻين زيارتن جي ڳالهه ڪن ٿا انهن مان گهڻي ڀاڱي هتي مشهد ۽ ان جي آس پاس (يعني هن خراسان صوبي) ۾ آهن ۽ ٻيون قم ۽ ٻين شهرن ۾ آهن. هن شهر مشهد بابت گذريل مضمون ۾ احوال ٿي چڪو آهي. هتي هن صوبي خراسان بابت ڪجهه لکڻ ضروري ٿو سمجهان جنهن جو مشهد اهم شهر آهي جنهن کي پاڻ صوبي جو گاديءَ وارو شهر چئي سگهون ٿا. جيتوڻيڪ ايران ۾ اهڙي شهر کي مرڪز Center سڏين ٿا. صوبي کي فارسي ۾ اوستان سڏين ۽ صوبي جو انتظام سنڀالڻ واري کي اوستاندار سڏين ٿا. جيڪو ملڪ جو وزير داخلا ڪابينا سان صلاح مشورو ڪري مقرر ڪري ٿو. جيئن اسان وٽ هر صوبو ڊويزن ۾ ورهايل آهي (جنهن کي ڪن ملڪن ۾ Counties سڏجي ٿو) ۽ هر ڊويزن ضلعن Districts ۾ ورهايل آهي تيئن هتي ايران ۾ هر صوبو شهرستانن ۾ ورهايل آهي ۽ هر شهرستان ضلعن يعني بخشن ۾ ورهايل آهي. بخشن (ضلعن) بعد شهر ۽ ٽائون ٿين جن کي ايران ۾ شهر ۽ ديهستان سڏين. ديهستان ۾ وري ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ ٿين.
    1950ع تائين ايران ٻارهن صوبن ۾ ورهايل هو. جهڙوڪ: ڪرمان، بلوچستان (جيڪو اسان واري بلوچستان سان مليل آهي ۽ منجهس گهڻي ڀاڱي بلوچ رهن ٿا ۽ جتي جو مشهور شهر ۽ مرڪز زاهدان اسان جي ڪوئيٽا ۽ چمن کي تمام ويجهو آهي)، فارس، خزستان، لارستان، لورستان، آذربيجان (ياد رهي ته آذربائيجان ملڪ جو به نالو آهي جيڪو هن صوبي جي ڀر ۾ آهي ۽ ڪجهه سال اڳ تائين روس جو حصو هو. هي ائين آهي جيئن آمريڪا (USA) جي رياست نيو ميڪسيڪو ۽ سينٽرل آمريڪا جو ملڪ ميڪسيڪو هڪ ٻئي جي پاڙي ۾ آهن). عرق، عجم، مزنداران، گيلان، اردالان ۽ خراسان، وقت سان گڏ بهتر طريقي سان انتظام هلائڻ لاءِ حڪومت صوبن جو تعداد وڌائيندي رهي. آذربائيجان صوبو ٻن حصن ۾ ٿي ويو آهي. مشرقي آذربائيجان ۽ مغربي آذربائيجان. تازو 2004ع ۾ خراسان جي صوبي کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، اتر خراسان جنهن جي گاديءَ جو هنڌ (مرڪز) بجنورد شهر مقرر ڪيو ويو آهي. ٻيو ڏکڻ خراسان جنهن جو مرڪزي شهر برجند آهي ۽ ٽيون وچ وارو خراسان جيڪو رضوي خراسان سڏجي ٿو. جنهن جو مرڪزي شهر مشهد آهي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي تاريخي ۽ واپار وڙي کان اهميت رکندڙ شهر نيشاپور، سبزوار، خليل آباد، تربت حيدريا، تربت جام، درگاز، قوچان، گوناباد وغيره خراسان رضوي ۾ اچي وڃن ٿا.
    خراسان نه فقط اڄ جي دنيا ۾ پر آڳاٽي زماني کان وڏي اهميت رکي ٿو. خراسان ايران ۾ آهي جتي جا ماڻهو خراساني سڏجن ٿا. پر توهان افغانستان، ترڪمنستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان ۾ ويندائو ته اتي به توهان کي خراساني ملندا ۽ انهن ملڪن جو ايران جي ڀر وارو حصو خراسان سڏجي ٿو. جتي فارسي زبان ڳالهائي وڃي ٿي. دراصل ڪنهن زماني ۾ خراسان تمام وڏو ملڪ هو جيڪو ايرانين جي قبضي هيٺ هو. اڄ به اهو سڄو خراسان گريٽر خراسان (يعني عظيم يا بزرگ خراسان) سڏجي ٿو. هن سڄي خراسان جي هڪ ئي فارسي زبان، تهذيب، ڪلچر ۽ تاريخ رهي. جيئن انگريز انڊيا تي حڪومت دوران ڪڏهن ڪلڪتي کي گاديءَ جو شهر ٿي بڻايو ته ڪڏهن دهليءَ کي، تيئن ايراني (پرشن) حاڪمن، بادشاهن، شهنشاهن خراسان تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ان جي شهر طوس، بجنورد (هاڻ ايران جا شهر) کي مرڪز (گادي وارو شهر) بڻايو ٿي ته ڪڏهن مرو Merv ۽ سانجان (هاڻ ترڪمنستان ۾)، سمرقند ۽ بخارا (هاڻ ازبڪستان ۾) هرات ڪابل، غزني ۽ بلخ (هاڻ افغانستان ۾) ۽ خوجند ۽ پنجاعيت (هاڻ تاجڪستان ۾) کي گاديءَ جو شهر بڻايو ٿي. ايران جي ڊگهي تاريخ ۾ خراسان سان ڪيترن ئي فاتحن، سپهه سالارن ۽ سلطنتن جو واسطو رهيو. جيئن ته يوناني، عرب، سلجوق، ترڪ، سفوي، پشتون، افغاني ۽ ٻيا.
    جنهن تاريخي شهر سمرقند ۽ بخارا کي ڏسڻ لاءِ اڄ اسان ازبڪستان وڃون ٿا، اهو صدين تائين ايران جو حصو هو جتان ايرانين حڪومت ڪئي ٿي ۽ خراسان جا اهي شهر ايشيا جي علم و ادب، ايراني ڪلچر ۽ ثقافت جي کاڻ سمجهيا ويا ٿي. فارسي جي هڪ مشهور شاعر روميءَ جو هڪ شعر آهي ته:
    آن بخارا معدن دانش بود
    پس بخارا ايست هجرک آنش بود
    (بخارا ڄاڻ جي کاڻ آهي. اهو بخارا جو ئي ماڻهو آهي، جنهن کي علم آهي.)
    تن ڏينهن جي ايراني شهر روداق (جيڪو هاڻ تاجسڪتان ۾ اچي ويو آهي) جي نائين صدي جي فارسي شاعر ۽ ڏاهي عبدالله جعفر بن محمد ”روداڪي“ جو بخارا بابت هڪ شعر آهي ته:
    اي بخارا شاد باش ودير زي
    شاهه زي تو ميهمان آيد همي
    (او بخارا! شاد هجين، آباد هجين، خوش هجين، تو وٽ جشن ملهائڻ لاءِ ملڪ جو حاڪم مهمان ٿيو آ).
    آڳاٽي دور ۾ يورپ پاسي ماڊرن شهر روم ۾ استنبول (قسطنطيه) هو ته مشرق پاسي بلخ ۽ بخارا هو. پنهنجي گهر کي ياد ڪرڻ وارا، پنهنجي وطن جا سڪايل، پنهنجي جهوپي جي سک ۽ آرام کي دنيا جي هنن بهترين شهرن سان ڀيٽيندا هئا. چي:
    جو سک اپني چوباري ۾
    سو نهين بلخ بخاري ۾
    فارسي ادب ۽ شاعري ۾ ان وقت جي انهن جرڪندڙ شهرن بخارا ۽ سمرقند جو تمام گهڻو ذڪر ٿيل آهي. اجڪلهه جو هڪ انڊين گانو آهي جيڪو اڀيجت ڳايو آهي.
    اک چمہ تو مجھ کو ادھار دیدے
    اور بدلے میں یوپی، بھار لیلے۔۔۔
    ان جي آئيڊيا شيراز جي چوڏهين صدي جي شاعر خواجه شمس الدين محمد حافظ شيرازي جي شعر تان ورتل آهي جيڪو هن ريت آهي ته:
    اگر ان ترڪ شيرازي به دست آرد دل مارا
    به خال هندوپيش بخشم سمرقند و بخارا را
    (جيڪڏهن اهو شيرازي ترڪ محبوب منهنجي دل جيتي وٺي ته هن جي ڳل جي تر جي بدلي ۾ هيرن جهڙا شهر سمرقند ۽ بخارا قربان ڪري ڇڏيان)
    سو اهي هيرن جهڙا شهر سمرقند ۽ بخارا ان وقت ايران جي صوبي خراسان ۾ هئا جنهن جو هاڻ فقط هڪ حصو ايران ۾ وڃي بچيو آهي ۽ باقي افغانستان، ازبڪستان، ترڪستان ڏي هليو ويو آهي. حافظ لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا جي ٽن وڏن شاعرن مان هڪ آهي. سندس مٿئين شعر تان ياد آيو ته ان وقت جو بادشاهه تيمور لنگ اهو شعر ٻڌي باهه ٿي ويو. هن يڪدم حافظ کي پنهنجي دربار ۾ گهرائي چيو ته: ”نڀاڳا! مون خبر ناهي ڪهڙا جتن ڪري هي شهر پنهنجي قبضي ۾ ڪيا آهن ۽ تون آهين جو محبوب جي هڪ تِر جي بدلي ۾ انهن جي سخاوت جو اعلان ڪندو وتين؟“
    ”هائو سرڪار“ حافظ وراڻيس، ”شاهه خرچين ۽ سخاوتن ڪري اڄ آءٌ اهڙو کٽل مسڪين آهيان جو وتان ٿو ٻين جو مال قربان ڪندو.“
    چون ٿا ته تيمور لنگ اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس انعام اڪرام ڏئي روانو ڪيو.
    بهرحال هيترين صدين بعد ويهين صدي جي شروعات ۾ ملڪن جون حدبنديون ۽ بائونڊريون پختيون ٿينديون ويون. نئين جوڙجڪ ۾ آمريڪا روس، انگلينڊ ۽ فرانس جهڙن طاقتور ملڪن پنهنجي مرضي مطابق سرحدن جي ڦيرڦار ڪئي. ترڪستان کي ورهائي ان جا حصا ترڪي، عراق ۽ ايران جي حوالي ڪيا ويا، فلسطين کي ورهائي اسرائيل ۽ اردن کي وڌايو ويو. اصلوڪي خراسان يعني صدين کان هلندڙ گريٽر خراسان جو ڪو ٽڪرو افغانستان سان ڳنڍيو ويو ته ڪو ترڪمنستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان حوالي ڪيو ويو. باقي جيڪو ايران وٽ خراسان بچيو آهي اهو به ڪافي وڏو حصو آهي، جنهن جو انتظامي خيال کان ايران جي حڪومت 2004ع ۾ ٽي حصا ڪيا آهن، خراسان فارسي جو ئي لفظ آهي. خر معنيٰ سج، سان معنيٰ جاءِ يعني سج اڀرڻ جي جاءِ. خراسان ايران جي اوڀر ۾ آهي جتي سج پهرين اڀري پوءِ باقي ايران کي روشن ڪري ٿو.
    ايران ۾ اسلام جي آمد کان اڳ، ساسانين جي سلطنت ۾ خراسان ايران جي چئن وڏن علائقن (ستراپين) مان هڪ هو. خراسان اسان جي خيبر پاس وانگر، ايران ۾ ڌارين قومن جي گهڙڻ جو ڄڻ ته دروازو هو. هر ٻاهرين حملو ڪندڙ فوج پهرين خراسان ۾ اچي پوءِ باقي ايران تي قبضو ڪيو ٿي. ڏهين صديءَ ۾ غزنوي (جيڪي ترڪن جي نسل جا هئا) اهي به خراسان ذريعي ايران ۾ آيا. اهڙي طرح يارهين صديءَ ۾ سلجوق ايران ۾ داخل ٿيا ۽ پوءِ تيرهين صديءَ ۾ منگول آيا ۽ چوڏهين ۽ پنڌرهين صديءَ ۾ تيموري ايران ۾ داخل ٿيا. سورهين صديءَ جي شروعات ۾ ازبڪن خراسان تي حملو ڪيو جن کي پوءِ صفوين Safavids ڀڄائي ڪڍيو. جيڪو گهراڻو ايراني هو، پر ترڪ نسل مان هو. صفوين جي دور حڪومت کان پوءِ خراسان ڪافي عرصو انارڪي جو شڪار رهيو ۽ پوءِ ارڙهين صدي ۾ افشار گهراڻي جي نادرشاهه اچي امن امان جي حالت پيدا ڪئي ۽ مشهد کي پنهنجي حڪومت جو گاديءَ (مرڪز) مقرر ڪيو. قاچارين جي دور حڪومت ۾ خراسان جي اتراهين حصي تي اڄ جي ترڪمنستان وارا رهاڪو جنگيون جوٽيندا ۽ حملا ڪندا رهيا ۽ پوءِ نيٺ ترڪمنستان روس جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ روس (USSR) ٺهي ويو جنهن ۾ آذربائيجان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ وچ ايشيا جا ملڪ جارجيا، آرمينيا وغيره پڻ زوريءَ ملايا ويا.
    اڄ جي ايران واري خراسان جي ٽنهي حصن(اتر، ڏکڻ ۽ رضوي) جي آدمشماري ستر اسي لک کن ٿيندي ۽ ايراضي 314،000 چورس ڪلوميٽر آهي. جيڪا سڄي برطانيه کان به گهڻي ٿي جنهن جي پکيڙ فقط 244000 چورس ڪلوميٽر آهي. يعني ايران وارو هي خراسان سڄي سنڌ صوبي کان به وڏو ٿيو جنهن جي پکيڙ 141000 چورس ڪلوميٽر آهي. اسان جو بلوچستان جو صوبو ئي هڪ آهي جيڪو خراسان کان وڏو آهي جو ان جي ايراضي 347200 چورس ڪلوميٽر آهي. ايران واري خراسان جي اتر ۾ ترڪمنستان آهي ۽ اوڀر ۾ افغانستان ڏکڻ ۾ ايران جا صوبا ”ڪرمان ۽ سيستان ۽ بلوچستان“ آهن ۽ اولهه ۾ يزد، سيمان ۽ مازنداران آهن.
    سال 1968ع ۽ 1978ع ۾ خراسان ۾ تمام وڏا زلزلا آيا هئا جن مان هڪ ۾ 12000 ۽ ٻي ۾ 25000 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
    خراسان جي ڊگهي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي ڌاريون قومون ۽ مختلف زبانون ڳالهائڻ وارا ايندا رهيا جن مان ڪيترائي هتي رهي پيا. انهن جو اولاد اڄ کڻي فارسي زبان ڳالهائي ٿو پر انهن جي لهجي ۽ زبان ۾ ڪيترائي پنهنجن وڏن جي ٻوليءَ جا لفظ آهن ۽ هو پنهنجون ريتون رسمون اپڻائين ٿا ۽ هو پنهنجي وڏن جي نسل ۽ زبان جي حوالي سان سڃاتا وڃن ٿا. جيئن ڪراچي ۾ توڙي کڻي سڀئي اردو ڳالهين ٿا پر ڪي ڪاٺياواڙيءَ، مارواڙي، مدراسي، ٿري ۽ سرائڪي سڏجن ٿا ته ڪي ڪڇي، گجراتي، بنگالي، بلوچي، مڪراني وغيره، تيئن مشهد ۾ ڪيترائي علائقائي نسل ethnic سڃاڻپ رکن ٿا. جيئن ته بلوچي افغاني تيموري، جمشيدي، هزاروي، جپسي، خراساني عرب، يهودي وغيره.
    ايران جي هن صوبي خراسان ۾ جيڪي مشهور نديون وهن ٿيون اهي آهن، اتراف ندي، ڪاشف ندي، رائود ندي ۽ قاراسوئو ندي. اهو ته پهرين به لکي آيو آهيان ته ايران تعليم جي لحاظ کان عربن يا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن کان ته اڳتي آهي پر اسان کان به گوءِ کڻي ويو آهي. ٻه ڏهائيون اڳ تائين ايران جا نوجوان مختلف مضمونن ۾ ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ انڊيا ۽ اسان وٽ پاڪستان ۾ ايندا هئا. اڄ هنن جي تعليمي ادارن جو تعداد ۽ معيار اسان کان مٿي ٿي ويو آهي. تهران کان مشهد هوائي جهاز ۾ ايندي منهنجي ڀر ۾ ويٺل تهران جي طباطابائي يونيورسٽي جي پروفيسر سيد رضا نقيب السادات ٻڌايو ته هن خراسان صوبي ۾ جنهن جي آدمشماري ڪراچي شهر جي ٽئين حصي جيتري مس آهي، ٻه ڊزن يونيورسٽيون آهن انهن مان ڪجهه نالا هن ريت آهن.
    * گناباد يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
    * اسلام آزاد يونيورسٽي، گناآباد.
    گنا آباد مشهد ڀرسان مشهور ضلعو آهي. جيئن اسان وٽ نواب شاهه يا دادو وغيره. گناباد قديمي شهر آهي جتي جي گنابادي زعفران ۽ گنابادي درويش مشهور آهن.
    * مشهد يونيورسٽي آف فردوسي
    * اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف مشهد
    * سبزوار يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
    * سبزوار يونيورسٽي آف تربيت معلم
    (سبزوار مشهد کان 250 ڪلوميٽر پري اولهه ۾ هڪ قديمي شهر آهي جنهن جو پهرين نالو بيهق هو. مشهور تاريخ نويس ابوالفضل بيهقي به هن شهر جو هو ۽ 995 ۾ هتي ڄائو هو. ان وقت هن شهر بيهق جو اڃان سبزوار نالو نه پيو هو)
    * اسلامڪ آزاد يونيورسٽي تربت جام
    * اسلامڪ آزاد يونيورسٽي سبزاوار
    * اسلامڪ آزاد يونيورسٽي نيشاپور
    * امام رضا يونيورسٽي
    * يونيورسٽي آف برجند
    * برجند يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
    (برجند کي ڪوهستان به سڏين ٿا ۽ ڏکڻ خراسان صوبي جي گادي جو هنڌ يعني مرڪز آهي. سورهين صديءَ جو علم فلڪيات Astronomy جو ماهر عبدالعلي ابن محمد البرجندي جو هن شهر برجند سان واسطو هو جتي هن 1528ع ۾ وفات ڪئي. هن جا تيرهن کن ڪتاب لکيل آهن. ٻارهين صديءَ جو مشهور فرگ قلعو (ارگ فرگ) هن شهر برجند وٽ آهي.
    فارسي ۾ يونيورسٽي کي ”دانشگاهه“ سڏين ٿا جيئن ته ”دانشگاهه آزاد، اسلامي واحد، مشهد“ ۽ انسٽيٽيوٽ کي موسسه سڏين ٿا جيئن ته ”موسسه آموزش عالي سجاد“ معنيٰ سجاد انسٽيٽيوٽ آف هائير ايڊوڪيشن.


    مشهد ۽ امام رضا جو روضو

    مشهد ۾ جنهن هوٽل ۾ اسان جي رهائش جو بندوبست ڪيو ويو آهي. اها حضرت امام علي رضا عليه السلام جي روضي مبارڪ کان ٻن منٽن جي پنڌ تي آهي. هوٽل مان نڪرڻ سان بازار آهي جنهن ۾ ڊراءِ فروٽ، چادرن، حجابن، تازي ميوي، نانن، بسڪيٽن، ٽافين، فوٽوگرافرن، تحفن، سوکڙين، ٿانون ۽ اليڪٽرڪ جي سامان جا دڪان آهن. دڪانن واري هيءُ سڄي گهٽي توڙي اوسي پاسي جون ٻيون ننڍيون وڏيون بازارون هر وقت خريدارن سان ٽپ رهن ٿيون. ظاهر آهي جتي روزانو هزارين مسافر اچن ته اهو ئي حال رهندو. پر تعجب جي ڳالهه اها آهي ته هر طرف صاف سٿرائي ۽ امن امان آهي. هر هنڌ مردن کان وڌيڪ عورتون نظر اچن ٿيون. نوجوان نه برابر نظر اچن ٿا جنهن مان لڳي ٿو ته هر هڪ پڙهائي ۽ نوڪري پويان مشغول آهي. واندن جو تعداد نه برابر آهي. ڌارين مسافرن جي آمد ڪري شين جي اگهه وڌيل ناهي بلڪ هڪ ئي شيءَ جا ڪيترائي دڪان هجڻ ڪري دڪاندارن جي هڪ ٻئي سان Competation هجڻ ڪري هر هڪ گهٽ قيمت آفر ڪري ٿو، جنهن بعد به توهان ڪجهه گهٽرائي سگهو ٿا. دڪاندارن جو رويو رکو ۽ شوخ ناهي، چاهي خريدار سندن پنهنجو هم زبان ايراني هجي يا اسان جهڙن جي ملڪن جو. دراصل ايراني به گهڻي ڀاڱي امير نه آهن ۽ جي آهن ته به عربن وانگر هٿ ڦاڙ يا شوباز نه آهن. هر هڪ سوچي سمجهي خرچ ٿو ڪري، ڳوٺن جا ته تمام غريب آهن، ان ڪري هتي اهو ماحول ناهي جيڪو مڪي ۽ مديني جي بازارن ۾ عرب دڪاندارن جو آهي. عرب ته ٺهيو پر انهن جا نوڪر ۽ چمچا اسان جا پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگالي به اسان جهڙن غريب ملڪن جي خريدارن کي ڏڙهين ٿا. هو هميشه اهو چاهين ٿا ته اول ته اسان جهڙو ڪو سندن دڪان تي چڙهي سندن قيمتي وقت ضايع نه ڪري. پر جيڪڏهن ڪو چڙهي به ٿو ته ان وقت جو مراڪش، برونائي يا ملائيشيا جو امير خريدار دڪان تي چڙهي اچي ته اسان جو ڪم آهي ته ٽري وڃون.
    ويهه پنجويهه دڪان لنگهڻ بعد هڪ گرائونڊ اچي ٿو جتي ٽئڪسيون ۽ شهر ڏي ويندڙ بسين جو اسٽاپ آهي. کاٻي پاسي هتي جا اهم رستا خيابان امام رضا ۽ خيابان خسروي آهن ۽ سامهون امام علي رضا جو مقبرو آهي جنهن کي حرم پاڪ ۽ حرم مطهر حضرت امام رضا سڏيو وڃي ٿو. شهر جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ٽئڪسي واري کي حرم چوڻ سان هتي اچي ڇڏي ٿو ۽ شهر ۾ هلندڙ ڪيتريون ئي بسيون هيڏانهن اچن ٿيون. هنن جو هي آخري اسٽاپ آهي يا هتان لنگهن ٿيون. شهرکان ٻاهر وڃڻ لاءِ هتان ڪنهن به بس ۾ چڙهي ميل ڏيڍ اڳيان ”ميدان شهيد“ نالي چوراهو آهي. اتان ٻي بس ۾ چڙهي نيشاپور، طوس يا ٻين شهرن ڏي وڃي سگهجي ٿو. ان ڪري توهان جي رهائش جي حرم جي ويجهو آهي ته توهان لاءِ ان جو رستو ڳولڻ ڏکيو ناهي. اسان حرم ۾ اندر گهڙون ٿا ته پهرين پهرين صحن جامع رضوي اچي ٿو. ٻاهر نڪرڻ مهل اسان قبلي جو رخ رکي نڪرون ٿا ته اچيو هتي ميدان تي پهچون ۽ پوءِ سامهون پنهنجي هوٽل جي ڇت تي نيان سائين ۾ ”هوٽل رضوان“ نظر اچيو وڃي. ان کان علاوه هتان ڪن ٻين هوٽلن جا پڻ نالا نظر اچن ٿا. هُتل طبرستان، هُتل مدينه، هُتل الغدير، هُتل معراج، هُتل اپاتمان، جده، هُتل اپارتمان شهرام، مهمانپذير وريستوران جواد، مهمانپذير، گلشن نو.... وغيره وغيره. زائرين جي گهٽائي کي منهن ڏيڻ لاءِ مشهد ۽ قم جهڙن شهرن ۾ نه فقط هوٽلون آهن پر گهر ۽ پيئنگ گيسٽ هائوس پڻ آهن. گهرن کي مختلف ڪمرن ۽ حصن ۾ ورهائي اپارٽمينٽس ٺاهيا ويا آهن. جنهن لاءِ فارسي لفظ اپارتمان ۽ مهمانپذير آهي. پوءِ هر مسافر پنهنجي کيسي آهر رهائش ڳولهي ٿو. حرم کان جيڪي هوٽلون يا مسواڙي گهر پري آهن. اهي وڌيڪ سستا آهن. ڪيترا ته ٽي ٽي چار چار ڄڻا گڏجي هڪ ڪمري ۾ رهن. هونءَ به ههڙن هنڌن تي ڪو آرام نه پر عبادت ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ اچي ٿو جنهن ۾ هن کي چند ڪلاڪ ليٽڻ لاءِ ڪهڙي به ڇت هيٺ جاءِ ملي وڃي ته ڪافي آهي. مشهد مقدس ۾ جيڪي معزز زائرين ۽ مسافر اچن ٿا اهي امام رضا جي روضي مبارڪ تي حاضري ڀرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ انهن جو وڏو تعداد رات جو به حرم پاڪ ۾ موجود رهي ٿو.
    خراسان جو هي شهر مشهد هميشه هڪ مذهبي ۽ تاريخي مرڪز رهيو آهي. امام علي بن موسيٰ الرضا جي مقدس روضي جي ڪري هن شهر بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي آهي. امام رضا عليه السلام 148هه بمطابق 765ع ۾ مديني پاڪ ۾ ڄائو. پاڻ 55 سال حيات رهيا ۽ عمر جا 20 سال کن امامت جي عهدي تي رهيا ۽ چون ٿا ته عباسي سلطنت جي خليفي مامون رشيد جي هٿان هتي خراسان ۾ شهيد ٿيا ۽ هتي دفن ڪيا ويا. اڄ سندن روضو مبارڪ بي نظير اسلامي فنِ تعمير ۽ هنرمندي جي شاهڪار هجڻ جي خيال کان به، سڄي دنيا ۾ منفرد مقام حاصل آهي. هن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هر سال لکين عاشق، زائرين ۽ سياح اچن ٿا. منهنجو جنهن ڳوٺ هالا سان واسطو آهي اهو ڪاشي (سرن جي چٽسالي ۽ ٽائيل ورڪ) کان مشهور آهي. گذريل اڌ صدي کان آءٌ پنهنجي ڳوٺ ۾ ٺهندڙ ڪاشي جو نت نيون ڊيزائنون توڙي مخدوم نوح جي درگاهه تي لڳل صديون پراڻي ڪاشي Hand Painted Glazed Tiles ڏسندو اچان. مون ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ ڪاشيءَ جو ڪم ڏٺو آهي پر امام رضا جي هن مقبري جي ٻاهرين ڀت کان اندر تائين جي ڪاشيءَ جو نمونو، رنگ، چٽ گل، ڊيزائين، چمڪ ۽ سونهن پسي راحت اچيو وڃي. منهنجا هتي ۽ ايران جي ٻين شهرن ۾، جتي جتي ڪاشي جو ڪم نظر آيو اٿم، ڀتين کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گهوريندي گذريا هوندا ۽ انهن جون ورتل تصويرون پنهنجي مشرقي ۽ مغربي ملڪن جي دوستن کي موڪليندو E-mail ڪندو رهان ٿو.
    امام رضا جي شهادت کان اڳ هن جاءِ تي فقط هڪ باغ هو جيڪو نوغان ۽ سناباد جي وچ ۾ موجود هو ۽ جتي ٻي ڪا شيءَ نه هئي. پر امام جي شهادت کان پوءِ سندن آخري آرامگاهه جي چوڌاري آهستي آهستي ماڻهن جي رهائش وڌندي وئي ۽ هزار ٻه سو سال گذرڻ کان پوءِ هاڻ هن درگاهه هڪ عظيم علمي، معنوي ۽ ثقافتي مرڪز جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. لکين زائرين دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ۽ ايران جي سڀني شهرن مان هن امام معصوم جي زيارت لاءِ اچي حاضر ٿين ٿا. ان کان علاوه روضي جي چوڌاري ڪيتريون ئي ڏسڻ وٽان شيون آهن، جيئن ته مرڪزي ڪتب خانو، مرڪز اسناد آستان قدس، عجائب گهر، رضوي اسلامي يونيورسٽي (جنهن کي فارسي ۾ دانشگاهه علوم اسلامي رضوي سڏجي ٿو). مرڪز ثقافت، اسلامي تحقيقاتي مرڪز، مدرسه علميه، ادره تبليغات وغيره جن مان محقق، اسڪالر ۽ اهي ماڻهو جن کي مذهبي ۽ تاريخي مسئلن ۾ دلچسپي آهي فائدو حاصل ڪن ٿا. انهن بي مثال جاين مان هڪ مسجد گوهر شاد به آهي جنهن جو بنياد پنڌرهين صدي عيسوي ۾ رکيو ويو ۽ ڇهه سو سالن کان حرم امام جي ڀر ۾ پنهنجي سونهن، بناوٽ ۽ چٽسالي جي ڪم سان گڏ اسلامي فنون ۽ تمدن جي عڪاسي ڪري رهي آهي.
    حرم ويجهو هجڻ ڪري اسان جي گروپ جي ماڻهن، بنا گائيڊ جي اوڏانهن پاڻ ئي وڃڻ چاهيو ٿي پر الحرمين ٽريول طرفان مقرر ڪيل گائيڊ محمد علي ۽ سندس ڀاءُ سلمان رضوي چيو ته هو اهو بهتر نٿا سمجهن ۽ سڄو ڏينهن اسان کي هن حرم ۾ موجود جاين بابت ٻڌائيندا رهيا. دراصل هن حرم ۾ امام رضا جي روضي کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي تاريخي ۽ علمي حيثيت رکڻ واريون عمارتون آهن. هڪ نئون ماڻهو پهرين ڏينهن تي منجهيو پوي ته هو ڪيڏانهن وڃِي ڪيڏانهن وڃي. حرم ۾ اندر امام رضا جي مقبري کان علاوه ڪيترائي ادارا، آفيسون، درسگاهه، اڱڻ، ورانڊا ۽ وڏا هال آهن جن جا نالا پڻ لکيل نظر اچن ٿا. جيئن ته صحن ڪوثر، صحن جامع رضوي، صحن رضوان، صحن عدير، صحن هدايت ۽ ٻيا به ڪيترائي صحن آهن. صحن جو لفظ اسان وٽ ورانڊي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. پر هتي صحن گهڻو ڪري کليل فضا وارو پٽ آهي جتي وڇايل غاليچن تي زائرين نماز به پڙهن ٿا ته ويهي آرام به ڪن ٿا يا قرآن شريف پڙهن ٿا. اهڙي طرح بست آهن جيڪي پڻ کليل فضا وارا هال آهن ۽ صحنن جي ٻاهران يا انهن سان لاڳاپيل آهن. مقبري جي چوڌاري چار بست آهن جن جا نالا اسلام جي چئن جيد ۽ نامور علمائن نالي آهن. جيئن ته صحن انقلاب جي کاٻي پاسي بست شيخ طوسي ۽ ساڄي پاسي بست شيخ حرعاملي، مسجد گوهر شاد جي کاٻي پاسي بست شيخ بهائي ۽ چوٿون بست شيخ طبرسي آهي.
    حرم رضا جي وسيع احاطي ۾ توهان کي بست، صحن ۽ ٻيا رواق نظر ايندا. صحن امام خميني جي بلڪل ڀرسان رواق دارلعباد آهي جنهن ڀرسان کفشداري (بوٽن رکڻ جي جاءِ) نمبر 10 آهي. اهڙي طرح روضي مبارڪ جي کاٻي پاسي رواق ڌار الولايه آهي. جنهن جي ٻئي پاسي صحن جمهوري اسلامي آهي. اهڙي طرح رواق دارالسيات يا رواق دارالحفاظ آهي. جنهن ۾ وڃڻ لاءِ بوٽن کي رکڻ لاءِ ڪفشداري نمبر 11۽ 12 آهي. فارسي ۾ رواق مان مراد هال يا وڏو ڪمرو آهي جنهن جو جمع اروقا يا رواقات آهي.
    امام علي رضا جي قبر مٿان جيڪا ڌاتو Metal جي ڄاري آهي ان کي ضريح سڏجي ٿو. زائرين کي هن ڄاريءَ تائين اچڻ ڏنو وڃي ٿو پر هر وقت ايتري ته ماڻهن جي پيهه پيهان رهي ٿي جو اوستائين فقط ڪجهه خوش نصيب ئي پهچي سگهن ٿا.
    هڪ ٻيو فارسي لفظ جيڪو هتي توهان کي عام طرح ٻڌڻ ۾ ايندو، اهو آهي ”زوار“. زوار لفظ جو جمع زائر آهي. يعني ڪنهن مقدس ۽ متبرڪ مقام جي زيارت ڪرڻ وارو. اسان وٽ سنڌ ۾ پڻ زوار استعمال ٿئي ٿو. يعني هڪڙو ٽوئرسٽ. اسان وٽ اهي ماڻهو جيڪي ايران، عراق ۽ شام جي مقدس جاين جي زيارت ڪري ايندا آهن اهي زوار سڏائين ٿا، جنهن جو جمع زائرين آهي. حرم جي ٻاهران فوٽو گرافي جي اجازت آهي پر اندر ڪئميرا کڻي وڃڻ کان جهلين ٿا، بلڪ مين گيٽ وٽ آفيس ٺهي پئي آهي جتي ٿيلهو، بريف ڪيس يا ٻيو ڪو سامان جمع ڪرائڻو پوي ٿو. ويندي ڪو چاهي ته پنهنجو ٻٽون ۽ پئسا به جمع ڪرائي سگهي ٿو، جو باوجود قانون جي سختي جي جيب ڪترا ماڻهن جي هجوم ۽ پيهه پيهان جو فائدو وٺي وڃن ٿا. بهرحال جمع ڪرايل هر شيءَ جي رسيد ملي ٿي جيڪا واپسي تي ڏيکاري سامان حاصل ڪري سگهجي ٿو. عورتن کي وڏي چادر ۾ پاڻ کي اوڍي پوءِ اندر اچڻو پوي ٿو. اسان جي گروپ ۾ ٻن عورتن وٽ چادرون نه هيون. اسان سمجهيو ته هنن کي واپس بازار وڃي خريد ڪرڻيون پونديون پر کين آفيس طرفان ٻه چادرون ڏنيون ويون جيئن هو پاڻ کي اوڍي ان وقت ئي اسان سان گڏ هلي سگهن.
    زائرين جي سهولت لاءِ جتي ڪٿي بوٽن رکڻ جا ڪمرا آهن جن کي ڪفشداري سڏين ٿا. هر ڪفشداري جو نمبر آهي جيئن واپسي تي اتان پنهنجو بوٽ حاصل ڪري سگهجي. هي سسٽم ايران ۾ ٻين به مقدس جاين تي آهي جنهنڪري مسافر کي ڪابه تڪليف نٿي رسي ۽ هو جمع ڪرايل بوٽ جي رسيد يا ٽوڪن کيسي ۾ وجهي اندر گهمندو رهي ٿو. ٽئاليٽ به جتي ڪٿي ٺهيل آهن جن جي ٻاهرW.C، ليٽرين ۽ فارسي ۾ دست مسئلن جا حل ٻڌايا وڃن ٿا. ”صحن جمهوري“ وٽ هڪ ادره روابط بين الملل آهي جتي هن حرم مطابق هر ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي هن جي ٻاهران انگريزي ۾ پڻ لکيل آهي. Guidance office for foreign pilgrims. هتي مختلف زبانن جا ڄاڻو ويهن ٿا. اردو سيڪشن جي انچارج مولانا عبدالله جوهري سان منهنجي نه فقط ان ڏينهن ڪافي خبر چار ٿي پر پوءِ به ڪيترين ڳالهين بابت کانئس سندس ڏنل فون نمبر 09153242171 تي ڊائل ڪري پڇندو رهيس. هن حرم مطابق اسان جي گروپ جي ماڻهن کي ”آستان قدس رضوي“ هال ۾ اردو فلم پڻ ڏيکاري وئي.
    هن اداري جي طرف کان مقبره شيخ حر عاملي ۾ (جيڪو صحن انقلاب ۾ آهي) ظهر نماز کان پهرين اردو سمجهڻ وارن زائرين لاءِ روزانو مجلس جو اهتمام ٿئي ٿو ۽ شرعي سوالن جا جواب پڻ ڏنا وڃن ٿا. جيڪڏهن توهان جي ڪا شيءَ گم ٿي وڃي ته صحن جمهوري وٽ، جتي اداره تعليم علوم قرآن آهي اتي ”گم ٿيل شين جي حفاظت جو دفتر“ پڻ آهي، پڇي سگهو ٿا.
    هتي ايندڙ زائرين جي اطلاع لاءِ اهو لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيئن ته حرم ۾ ڪيترن هنڌن تي عورتن جي گهڙڻ جو دروازو الڳ آهي ته مردن جو الڳ. ان ڪري جيڪڏهن ڪو فئملي سان آهي ته هو اڳي ئي اهو فيصلو ڪن ته ٻاهر نڪري هنن کي ڪٿي اچي گڏ ٿيڻو آهي. بهرحال ان هوندي به هيڏي رش ۾ ڪڏهن ڪڏهن ننڍا ٻار مائٽن کان وڇڙيو ٿا وڃن، جن لاءِ هڪ الڳ دفتر ٺهيل آهي جتي اهڙن ٻارن کي پهچايو وڃي ٿو ته جيئن هنن جا مائٽ اچي وٺن.
    پاڻي پيئڻ لاءِ به مختلف هنڌن تي بندوبست آهي. صحن انقلاب ۾ ٺهيل سقاخانه نادري وٽ پاڻي پي رهيا هئاسين ته اتي ڪجهه ملتان جي ٻهراڙي جا ماڻهو به اچي پهتا. انهن ۾ هڪ پوڙهي عورت به هئي جنهن جي هٿن ۾ ڪلو کن ٻاجهري جون ٻه ٿيلهيون هيون جيڪي هن ڪبوترن کي کارائڻ لاءِ آنديون هيون. هو هڪ هڪ کي منٿون ڪندي رهي ته هي ڪبوترن کي کارايو. آخر ساڻس گڏ آيل هڪ نوجوان سمجهايس ته هتي اڱڻ ۾ هن وقت ڪير کارائيندو. بهرحال هن سبيل لاءِ رکيل ڪولرن مٿان ٺهيل ڇت تي، جتي اڳي ئي ٽي چار ڪبوتر ويٺا هئا، اتي کڻي ٻئي ٿيلهيون اڇلايون. هنن ته سمجهيو ڪو نيڪ ڪم ڪيوسين جو ملتان کان آندل ان ٻاجهري بنا مشهد شهر جا ڪبوتر مري وڃن ها پر پري کان هڪ حرم جو خدام (خذمتگار) کين ڏسي ورتو. تنهن اچي فارسيءَ ۾ کين دڙڪا ڏنا. ڪنهن چيو ته هو شايد چئي رهيو اٿن ته هيترو پري کان آيا آهيو فقط ٻه ڪلو ان آندو اٿانوَ ، توهان ڪهڙا مسلمان آهيو...؟
    پر الحرمين جي مڪاني گائيڊ جعفري، جنهن کي فارسي زبان اچي ٿي تنهن ٻڌايو ته هو چئي رهيو آهي ته توهان پاڪستانين جي هيءَ ڪهڙي فضيلت آهي جو ڪبوترن جو داڻو هتي اچيو اڇلايو ۽ پوءِ ڪبوتر سڄو ڏينهن حرم ۾ ۽ هتي پاڻي پئيندڙن مٿان وٺيون لاهيندا وتن. مشهد سڄو باغن سان ڀريو پيو آهي اتي ڇو نه ٿا وڃيو ڪبوترن کي ان ڏيو. اتي ئي صحن انقلابي ۾ هڪ ٻي وڏي پاڻي جي سبيل ”سنگا آب“ نالي آهي. هيءَ سبيل، سنگمرمر کي ڪٽي ٺاهي وئي آهي. نادر شاهه (جنهن 1736 کان 1747 تائين ايران تي حڪومت ڪئي) جي حڪم تي هي پٿر هرات (افغانستان) مان مشهد شريف آندو ويو هو. سبيل مٿان اٺن ونگن واري اڏاوت آهي. جنهن جي ڇت سون جي ڪم سان جڙيل آهي ۽ ٿنڀا سنگمرمر جا آهن.
    امام رضا جي قبر جي چوڌاري لڳل ڄاري جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته ان کي هتي ايران ۾ فارسي زبان ۾ ضريح سڏين ٿا. ان بابت اسان جي گائيڊ محمد علي رضوي صاحب ٻڌايو ته سڀ کان پهرين ڄاري (ضريح) ڪاٺ جي هئي جيڪا ڏهين صدي جي ٻئي اڌ ۾ يعني 957 هجري ۾ صفوي دور حڪومت ۾ تيار ڪرائي لڳائي وئي هئي. وقت سان گڏ ان ڪمزور ٿيڻ ۽ ٽٽڻ تي ٻي ڄاري لوهه جي جنهن تي ڪيترائي قيمتي نگ (هيرا) جڙيل هئا ۽ ”نگين نشان“ جي نالي سان سڏي وئي ٿي، اها 1160 هجري سال ۾ لڳرائي وئي. اها ڄاري نادر شاهه جي پوٽي ۽ رضا قلي جي پٽ شاهه رخ ميراز وقف ڪئي هئي. ٽي ڄاري لوهه جي سادي 1238 هجري ۾ قاچاري Qajar سلطنت ۾ ٻي واري ڄاريءَ مٿان لڳرائي وئي. 1959 عيسوي ۾ چوٿين ڄاري لڳائڻ تي اها ڪڍرائي ان کي حرم جي ميوزيم ۾ رکرايو ويو آهي. اهڙي طرح چوٿين ڄاري لڳائڻ تي ٻي ڄاري پنهنجي جاءِ تي قائم رهي. هي چوٿين ڄاري ”شِير و شَڪر“ جي نالي مشهور رهي. وقت گذرڻ تي اها چوٿين ڄاري ڪمزور ۽ پراڻي ٿي وئي ۽ 1993ع ۾ پنجين ڄاري ٺهرائي لڳائي وئي جيڪا اڄ تائين موجود آهي.
    ”هيءَ پنجين ڄاري، يعني موجوده ضريح حرم جي متولي ۽ صوبي خراسان ۾ ولي فقيه جي نمائيندي جي حڪم تي ملڪ جي نامور نقاشن ۽ هنرمندن ٺاهي تيار ڪئي آهي.“ الحرمين ٽريولز ڪراچي جي مڪاني نمائيندي سلمان رضويءَ ٻڌايو. ”هن جو وزن ٻارهن ٽن، اوچائي 4 ميٽر، ڊيگهه پوڻا پنج ميٽر ۽ ويڪر پوڻا چار ميٽر آهي. جنهن جي ٺهي راس ٿيڻ ۾ ست سال لڳي ويا ۽ سال 2001ع ۾ چوٿين ڄاري ڪڍي نئين ڄاري لڳائي وئي.“
    حرم ۾ باوجود ماڻهن جي پيهه پيهان جي، هتي جو يونيفارم ۾ عملو ايڏو ته منظم انداز ۾ ماڻهن جي گائيڊ ڪري ٿو جو هن ڄاريءَ تائين پهچڻ ۾ هر هڪ جو وارو اچيو وڃي، ٻي صورت ۾ جيڪو هر وقت ماڻهن جو تعداد ۽ جوش جذبو رهي ٿو ان ۾ جيڪر ڪيترائي چيڀاٽجي پون. ڄاري (ضريح) جي مٿين حصي تي ٻن سون ۽ چانديءَ جي پٽين تي خط ثلث ۾ سوره ”ياسين“ ۽ ”هل اتي“ تحرير ٿيل آهي.
    امام رضا جي قبر مٿان لڳل ڪتبي بابت سلمان رضوي صاحب ٻڌايو ته ”هي ٽيون ڪتبو آهي جيڪو 2001ع ۾ نئين ڄاري سان گڏ لڳايو ويو. هن جي لاءِ سائي رنگ جي اعليٰ قسم جو پٿر يزد جي معدني علائقي ”توران پشت“ مان حاصل ڪيو ويو.“
    هن پٿر تي امام رضا جا لقب، تاريخ ولادت ۽ شهادت ۽ اهو شعر درج آهي جيڪو امام رضا جي عهد جي معروف شاعر اهلبيت دعبل خزاعي جي قصيدي ۾ پاڻ وڌايو هئائون. پاسن کان قرآن جون آيتون آهن.
    هذا هو المرقد الشرف الاما التقي الصدق الشهيد وارث الانبياءَ والمرسلين، ثامن الائمته المعصومين من اهل بيت رسول ربّ العالمين حجته الله علي الخلق اجمعين سيدنا و مولانا ابوالحسن الرضا علي بن موسيٰ بن جعفر بن محمد بن علي بن الحسن بن علي بن ابي طالب صلوات الله عليهم اجمعين ولد بالمدينته في الحادي عشر من شهر ذي القعده عام 148 واستشهد بطوس في آخر صفر 203 من سنته الهجره النبويته وقبر بطوس يا لها من مصيبته الحت علي الا حشاء بالز فرات الي الحشر حتي يبعث الله قائما يفرج عنا الهم والڪربات.
    مزار قدس تي جيڪو سون جو گنبذ آهي اهو ڇهين صدي هجري کان آهي. صفوي دور کان اڳ ان تي ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل هو. عهد صفوي ۾ (932 هجري ڌاري) ان تي پهريون دفعو سون چڙهايو ويو. گنبذ جي ويجهو هڪ منارو به ٺهرايو ويو جنهن تي پڻ سون چڙهايو ويو. ازبڪن جي ڦر لٽ ۾ گنبذ جو سون به غارت ٿي ويو. جنهن کي 1016 هجري ۾ و ري تعمير ڪرايو ويو. گنبذ جي چوڌاري گولائي ۾ صفوي زماني جي مشهور خطاط رضا عباسي جو لکيل ڪتبو آهي. هڪ ٻيو چورس شڪل جو ڪتبو خوبصورت نقش و نگار سان شاهه سليمان صفوي جي زماني جو آهي. گنبذ جي اوچائي حرم جي سطح کان گنبذ جي چوٽيءَ تائين 31 ميٽر آهي.


    مشهد جي گوهر شاد مسجد

    اسان قرآني عجائب گهر ۾ هئاسين ته اسان جي گروپ ليڊر محمد علي رضويءَ ٻڌايو ته نماز جو وقت ٿي ويو آهي ۽ جماعت بيهڻ جي تيارين ۾ آهي. قرآني عجائب گهر هتي جي مرڪزي عجائب گهر (آستان قدوس ميوزم) جي ڀر ۾ آهي. جتي ڪيترائي بي بها تاريخي نوعيت جا قرآني نسخا آهن. جن ۾ گهڻا هٿ جا لکيل آهن ۽ امامن سان منسوب ٿيل آهن ۽ ڪي سونن اکرن ۾ آهن. هي عجائب گهر 1364 ۾ کوليو ويو. هن ۾ سڀ کان پراڻي لکڻي هرڻ جي کل تي ڪوفي رسم الخط ۾ آهي جنهن جو تعلق پهرين هجري صدي سان آهي. هتي رکيل قرآني نسخن ۾ هڪ هندستان جي مغل بادشاهه بابر سان به منسوب آهي. هڪ ٻيو پراڻو نسخو 393 هجري سال جو آهي جيڪو سلطان محمود غزنوي جي صاحب ديوان وزير محمد ڪثير حرم لاءِ وقف ڪيو هو. هڪ نسخو ايران جي ستين صدي جي مشهور اديب، شاعر ۽ خوشنويس جمال الدين ياقوت جو به هو جنهن جو قبلت الڪتاب لقب هو. اسان صحن امام خميني لتاڙي ٻئي پاسي آياسين ته سڄو اڱڻ غاليچن سان وڇايل نظر آيو جن تي ماڻهو نماز لاءِ صفون ٺاهي رهيا هئا. پاسي کان وڏا هال هئا جن ۾ عورتون صفون ٺاهي رهيون هيون.
    ”بالا سر مسجد آهي؟“ مون ڀر ۾ بيٺل سلمان رضوي کان پڇيو. بالاسر مسجد امام رضا جي روضي جي سيرانديءَ کان آهي جيڪا چون ٿا ته مشهد شهر ۾ سڀ کان پراڻي مسجد آهي ۽ سلطان محمود غزنوي جي ڏينهن ۾ ٺهي هئي.
    ”نه هيءَ هتي جي مشهور مسجد گوهر شاد مسجد آهي.“ سلمان ٻڌايو.
    ”زبردست“. منهنجي وات مان نڪري ويو. ”مون کي هن مسجد ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. نماز بعد ڪجهه دير هتي ترسندائو؟“
    ”ضرور، ضرور“ سلمان چيو ۽ اسان کي ٻڌائين ته نماز بعد اسان سڀ اتراهين ڪنڊ وٽ گڏ ٿيون. اهو ضروري هو جو عورتن کي نماز لاءِ اندرين ڪمرن ۾ وڃڻو هو. منهنجي خيال ۾ ههڙن مجمعن، ميلن ملاکڙن، درگاهن، راندين جي اسٽئڊيمن، ويندي آچر بازارين ۾ گروپ ۾ ٿي هلندڙن کي کپي ته ڪا اهڙي آساني سان سڃاڻپ واري جاءِ ضرور مقرر ڪن جتي هڪٻئي سان ڇڙوڇڙ ٿيڻ تي سڀ اچي گڏ ٿين. نه ته ٻي صورت ۾ هڪ ٻئي کي ڳولڻ ۽ گڏ ڪرڻ ۾ وقت ضايع ٿيو وڃي.
    ”مسجد جو سڄو اڱڻ صحن قدس“ جيڪو پنج هزار چورس ميٽر آهي. غاليچن سان ڀريل هو جنهن تي تِرَ ڇٽڻ جي جاءِ نه هئي. وضوءَ لاءِ وچ تي تالاب هو، جتان وضو ڪري نماز لاءِ بيهڻ جي جاءِ ڳوليم. ڀر ۾ بيٺل ٻن نوجوان ايرانين مان هڪ غاليچي تان هيٺ ٿي بيٺو ۽ مون کي غاليچي تي جاءِ ڏنائين. مون به اهو ٿي چاهيو جو ان ڏينهن سخت سيءُ ڪري فرش تي اگهاڙن پيرن سان بيهڻ جي مون ۾ همت نه هئي. ڏٺم ته هر هڪ جي اڳيان سجدي واري جاءِ تي مٽي جي گول ٽڪي رکيل هئي، اهو عجيب لڳي رهيو هو ته آءٌ ان بنا هوس پر پوءِ پٺين صف ۾ نهاريم ته اتي ٻيا به پاڻ جهڙا ڪجهه نظر آيا. يورپ ۾ ٻه سال ايرانين سان رهڻ دوران ايرانين کي ڏسندو هوس ته هو سجدي واري جاءِ تي مٽيءَ جي گول ٽڪي يا پن رکي نماز پڙهندا هئا. بهرحال ڪنهن مسجد ۾ جماعت سان گڏ ايران ۾ منهنجي هيءَ پهرين نماز هئي. ٽي رڪعت ۾ محسوس ڪيم ته ٻيا سڀ هٿ کولي نماز پڙهي رهيا آهن پر آءٌ هٿ ٻڌي پڙهي رهيو هوس. دل ۾ چيم ته هاڻ منهنجو خير ناهي. پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ بنا ٽوپي جي نماز پڙهندو آهيان ته نماز بعد ڪونه ڪو مُلون سمجهاڻي ڏئي ويندو آهي. جنهن ۾ سمجهاڻي گهٽ دڙڪا گهڻا هوندا آهن. پر هتي نماز بعد ڪنهن به ڪجهه نه چيو ۽ پوءِ مون ڏٺو ته هر مسجد ۾ ڪيترائي اهڙا غير ايراني لڳا ٿي جن جو تعلق ضرور سني فرقي سان هوندو تڏهن ته هنن مون وانگر نماز پڙهي ٿي. اسان کي ڪنهن به مڪاني شيعا حضرات ان ڳالهه ته نه سمجهايو ته هي نه هي صحيح آهي ۽ نه ڪنهن ٽوڪيو ٿي ته پتلون پائي ڇو نماز پڙهي رهيا آهيو. هتي هڪ ٻي ڳالهه به مون ڏٺي ته ايران جي ماڻهن کي امام رضا سان ايڏي ته عقيدت، عزت ۽ پيار آهي جو هو سندن روضي مبارڪ ۾ لڳل ڄاريءَ کي به چميون ڏيندا رهيا پر کين ڪنهن به روڪيو نٿي، اسان وٽ به ڳوٺ جا ماڻهو قلندر شهباز، لطيف يا داتا گنج بخش جي مزارن تي ائين ڪندي نظر اچن ٿا. پر حج دوران مون ڏٺو ته حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي روضي تي بيٺل خدمتگار انهن ماڻهن کي پيار محبت ۽ سختي سان منع ڪن ٿا، جيڪي ڄاريءَ کي چمن ٿا يا ٻُڪ کڻي قبر مٿان دعا گهرن ٿا. هنن جو اهو چوڻ آهي ته اهو شرڪ جو ڪم آهي. هڪ انسان کي ڪنهن بندي کان نه پر فقط پنهنجي رب پاڪ کان گهرڻ کپي.
    نماز بعد مون ڏٺو ته اڌ کان وڌيڪ مرد توڙي عورتون اتي ئي ويهي قرآن پڙهڻ لڳيون. ايران جي مسجدن ۾ نمازين کي جيترو قرآن پڙهندي ڏٺو اٿم ايترو شايد ئي ڪنهن ملڪ ۾ هجي. هو گهڻو ڪري معنيٰ سان ئي قرآن پڙهن ٿا. قم شهر جي هڪ مسجد ۾ آءٌ قرآن پڙهي رهيو هوس ته اسان جي هڪ پاڪستاني شيعا عالم مون کي اردو ۾ اچي سمجهايو ته ڪوشش ڪري معنيٰ سان قرآن پڙهان. بنا معنيٰ جي پڙهڻ فقط ڏيکاءُ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ٺلهي پڙهڻ جو به ربّ پاڪ ثواب ڏئي ٿو پر اسان کي قرآن معنيٰ سان پڙهي ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي.... مون کي سندس ڳالهيون بيحد پسند آيون. ان ڪري هتي دهرائي رهيو آهيان.
    نماز بعد مون اٿي مسجد جو هڪ هڪ دروازو، ڀتيون، ڇت، ونگ، محراب، فرش ۽ انهن تي ٿيل ڪم غور سان ڏٺو. اسان جي گروپ ليڊر ۽ گائيڊ محمد علي رضوي صاحب ٻڌايو ته هيءَ مسجد (گوهر شاد) عهد تيموري جي يادگار ۽ شاندار تاريخي مسجد آهي. تيموري بادشاهه ميرزا شاهه رخ جي راڻي ملڪا گوهر شاد 821 هجري ۾ هن جو بنياد رکيو. تعمير ۾ نفاست ۽ ڪاشيءَ جي ڪم جي خوبصورتي ۽ ڪاريگري ۾ تيموري دور جو مثال پيش ڪري ٿي. مسجد جي سڀني ڀتين تي ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي ۽ چوڌاري الله جا نالا، قرآني آيتون ۽ حديثون لکيل آهن. مسجد جي هڪ خذمتگار ٻڌايو ته هن مسجد گوهر شاد جي جملي ايراضي نو هزار چورس ميٽر آهي جڏهن ته اڱڻ وارو حصو ٽي هزار کن چورس ميٽر آهي ۽ عمارت ۾ ڇهه دروازا آهن. مسجد جي ڏاکڻي ايوان جي ايراضي 500 چورس ميٽر آهي، هي ايوان مقصوره سڏيو وڃي ٿو ۽ مسجد جي سڀني ايوانن ۾ شاندار آهي. هن ايوان تي جيڪو ڪتبو لکيل آهي اهو راڻي گوهر شاد جي پٽ بايسنفر جو لکيل آهي جيڪو خط ثلث جو بهترين ڪاتب هو. سنگمرمر جي هڪڙي وڏي ٽڪري کي تراشي محراب ٺاهيو ويو آهي. مسجد جو اتر وارو ايوان دارا سياده سڏجي ٿو.
    هتي ڪجهه دلچسپ پُئانٽس هن مسجد گورهر شاد بابت ۽ ڪجهه پُئانٽس گوهر شاد ۽ سندس مڙس شاهه رخ ۽ سهري تيمورلنگ بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪي مون پنهنجي ڊائري تي مختلف وقتن ۾ لکيون آهن.
    * هي طاقتور سلطنت جي راڻي، تيمورلنگ جي پٽ شاهه رخ جي زال، هنر ۽ آرٽ جي سرپرست ۽ پنهنجي حساب سان هڪ طاقتور شخصيت جي مالڪ، گوهر شاد اسلامي تاريخ جي هڪ اهم ۽ نمايان عورت ٿي گذري آهي.
    * گوهر شاد ۽ سندس مڙس شاهه رخ جي ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ هرات گاديءَ جو شهر هو (جيڪو هينئر افغانستان ۾ آهي ۽ جتي گوهر شاد جون ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون ٺهرايل آهن) پر مشهد ۾ ٺهرايل هيءَ پنهنجي نالي واري مسجد اڄ ڏينهن تائين صحيح بلڪ بهتر حالت ۾ هلندي اچي. هن هيءَ مسجد عيسوي سن 1410 يعني 830 هجري ڌاري ٺهرائي. سڄي مسجد 7500 کن چورس ميٽرن تي آهي. جنهن کي ٻه چاليهه ميٽر ڊگها منارا آهن، جن جي ٿولهه 6 ميٽر ٿيندي ۽ گنبذ 50 ميٽر اتاهون ٿيندو.
    * گوهر شاد مسجد ۾ رکيل منبر اخروٽ جي ڪاٺ جو ٺهيل آهي. هن ۾ ڪوبه لوهه جو ڪوڪو يا پٽي استعمال نه ڪئي وئي آهي. برطانيه جي سر پرسي سائيڪس، جيڪو هڪ سولجر، ڊپلومئٽ ۽ مشهور تاريخ نويس ٿي گذريو آهي. هن مسجد لاءِ لکيو آهي ته اها وچ ايشيا جي بهترين مسجد آهي.The Noblest mosque of central asia ۽ موجوده پوپ جو هن مسجد لاءِ چوڻ آهي ته:
    Goharshad mosque is the first and the greatest surviving Persian monument of the 15th century.
    * سن 1330 هجري ۾ جيڪا روسين بمباري ڪئي ان ۾ هن مسجد جو گنبذ ڀڄي پيو هو. 1339 هجري ۾ هي سڄو گنبذ ڊهرائي ان جي جاءِ تي نئون ۽ موجوده گنبذ ساڳي 15 ميٽر قطر جو ٺهرايو ويو. هن مسجد جي ٻه دفعا وڏي مرمت ٿي آهي. هڪ دفعو صفوي دور ۾ ۽ ٻيو دفعو ڪاچاري Qajar دور ۾.
    * هن مسجد جو آرڪيٽڪٽ ان وقت جو مشهور ڪاريگر قوم الدين شيرازي هو جنهن مختلف هنڌن تي شاهه رخ لاءِ ٻيون به عمارتون ٺهرايون جن تي شيراز ۽ اصفهان جي ڪاريگرن ۽ مزورن ڪم ڪيو ٿي. هرات (افغانستان) ۾ جيڪو گوهر شاد اسڪول آهي، اهو گوهر شاد جي حڪم تي قوم الدين ٺاهيو.
    * هن مسجد کي چئن پاسن کان چار بالڪنيون Terraces آهن. جن کي هتي ايران ۾ ايوان سڏين ٿا. ڏکڻ ۾ مقصوره نالي ايوان آهي، اوڀر پاسي واري ايوان جو نالو حاجي حسن، اتر اوڀر واري جو نالو دارو سياده ۽ اولهه واري جو آب (پاڻي) نالو آهي.
    * مٿي بيان ڪيل پاڻي جي تالاب، جنهن مان مون وضو ڪري جماعت سان ظهر نماز پڙهي. اتي پراڻي زماني ۾ هڪ عمارت هئي. جيڪا مسجد پير زان (پوڙهي مائي جي مسجد)سڏبي هئي. بعد ۾ ان جاءَ ڀرسان وقت معلوم ڪرڻ لاءِ Sundial ٺهرايو ويو جنهن ذريعي اڄ به وقت سڃاتو وڃي ٿو ۽ سج جي پاڇي مطابق نماز جي ادائگي ٿئي ٿي. اسان سان گڏ ان وقت موجود الحرمين جي نمائندي عابد جعفري ٻڌايو ته ان Sundial لاءِ چون ٿا ته اهو ان وقت جي مشهور عالم دين شيخ بهائيءَ ڊيزائن ڪيو هو.


    گوهر شاد ۽ سندس مڙس شاهه رخ

    * گوهر شاد آغا (فارسي ۾ گوهر جي معنيٰ هيرو آهي ۽ شاد معنيٰ خوش. بهتر يعني چمڪندڙ هيرو) جو هڪ اعليٰ خاندان سان تعلق هو ۽ هرات جي تيمور گهراڻي جي شهنشاهه شاهه رخ جي زال هئي. هوءُ تيمورلنگ جي هڪ اهم ۽ بااثر فوجي ليڊر غياث الدين ترخان جي ڌيءَ هئي. چون ٿا ته هن فئملي کي ”ترخان“ جو لقب چنگيز خان پاڻ اچي ڏنو هو. ملڪ جي رسم رواج مطابق گوهر شاد جو مان ۽ مرتبو شاهه رخ جي پهرين جنگي گهراڻي جي زال ملڪات آغا کان گهٽ هو پر گوهر شاد جو پنهنجي مڙس شاهه رخ سان هڪ ته اٿڻ ويهڻ گهڻو هو ۽ ٻيو ته هوءَ سياسي طرح تيز هئي ۽ پنهنجن ڀائرن سان ملي (جيڪي هرات جي تيموري ڪورٽ ۾ اهم انتظامي رتبن تي هئا). هن تيموري سلطنت جي گاديءَ جو شهر جيڪو شروع وارن ڏينهن ۾ سمرقند هو. ان جي بدلي 1405ع ۾ هرات شهر بنايو.
    * گوهر شاد جي سرپرستي ۾ فارسي زبان ۽ فارسي ڪلچر تمام وڌيو ويجهيو. هوءَ ۽ سندس مڙس شاهه رخ علم و ادب، فن، هنر، آرٽ جا وڏا رکوالا هئا ۽ هنن درٻار ۾ آرٽسٽن، انجنيئرن، فني ماهرن، فلاسافرن ۽ شاعرن جو وڏو مان رهيو ۽ دنيا ۾ انهن جو نالو پيدا ٿيو. فارسي جو شاعر جامي به انهن مان هڪ آهي.
    * 1447ع ۾ شاهه رخ جي وفات بعد هن نمونا سمونا ڪري پنهنجي دلپسند پوٽي کي تخت تي ويهاريو ۽ پاڻ ان حڪومت جي De-Facto يعني اصل حاڪم بڻجي ويٺي، جيڪا حڪومت دجله ندي (عراق) کان چين جي بارڊر تائين پکڙيل هئي. پر اها حاڪميت ڪا ڏهه سال مس هلي سگهي. سندس ڏير، ميران شاهه جي پوٽي سلطان ابو سعيد 1457 ۾ کيس مارائي ڇڏيو ۽ پاڻ هرات جي تخت تي ويٺو.
    * گوهر شاد لاءِ هڪ قصو مشهور آهي ته هڪ دفعي هرات ۾ سندس ٺهرايل مسجد ۽ مدرسي جي انسپيڪشن لاءِ هوءَ پنهنجين ٻه سو خدمتگار عورتن سان گڏ پهتي. ان کان اڳ مدرسي ۾ رهندڙ خٿابين کي ٻاهر ڪڍيو ويو هو، پر هڪ خٿابي ننڊ ۾ هجڻ ڪري اتي ئي پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ ستو رهيو، جنهن کي گوهر شاد جي هڪ خذمتگار ٻانهي نه رڳو ڏسي ورتو پر هن سان هم بستري به ڪئي. گوهر شاد کي جڏهن هن ڳالهه جي خبر پيئي ته هن حڪم جاري ڪري پنهنجين ٻن سو خذمتگار ٻانهين جي مدرسي جي خٿابين سان شادي ڪرائي ڇڏي.
    * گوهر شاد جو مقبرو هرات جي هن مدرسي جي ڀرسان ئي آهي. اهو مقبرو هينئر ڊٺل حالت ۾ آهي پر تڏهن به هن جو هڪ منارو اڃان تائين قائم آهي. بهرحال هيءُ دلير، ڄاڻو سياستدان، علم و هنر جي سرپرست ۽ سٺي منتظم عورت گوهر شاد نه فقط ايران ۾ پر افغانستان ۾ به اهم حيثيت رکي ٿي. تازو 2003ع ۾ ڪابل ۾ عورتن جي الڳ يونيورسٽي شروع ڪئي وئي، جنهن جو نالو ”گوهر شاد يونيورسٽي“ رکيو ويو آهي. بهرحال گوهر شاد ۽ سندس مڙس شاهه رخ جون ٺهرايل ٻيون عمارتون کڻي سندن صحيح عڪاسي نه ڪنديون هجن جو هيستائين اهي ڀڄي ڀري ويون آهن ۽ اصلي حالت ۾ نه رهيون آهن. پر مشهد جي جڳ مشهور ”گوهر شاد مسجد“ اڄ به پنهنجو شان ۽ شوڪت قائم رکيو ويٺي آهي. ان ۾ گهڻو ڪريڊٽ ايران جي حڪومت ۽ ايراني عوام جو آهي جيڪي ملڪ ۾ موجود هر تاريخي شيءَ کي سلامت رکندا اچن. هتي اهو پڻ لکندو هلان ته گوهر شاد جي ڀيڻ گوهر تاج جي وفات هتي ئي ٿي هئي ۽ سندس مقبرو ايران جي هن ئي صوبي خراسان ۾ آهي.
    * گوهر شاد جي مڙس شاهه رخ جو سڄو نالو ”شاهه رخ ميرزا“ هو فارسي ۾ شاهه رخ معنيٰ بادشاهه جو چهرو، چون ٿا ته شاهه رخ جي پيءُ تيمور مرزا (جيڪو اسان جي پاڪ انڊيا تاريخ ۾ تيمورلنگ جي نالي سان مشهور آهي). شطرنج راند کيڏي رهيو هو ته هن کي پٽ ڄمڻ جو اطلاع مليو. هن شطرنج راند تان پنهنجي پٽ جو نالو رکيو. شاهه رخ سن 1377ع ۾ تيمور جي ايراني زال مان ڄائو. 1405ع ۾ تيمور جي وفات تي شاهه رخ حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ 1447ع تائين حڪومت ڪيائين. شاهه رخ جو پيءُ يعني گوهر شاد جو سهرو تيمور اهوآهي جيڪو اسان وٽ تيمورلنگ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. لنگ فارسي جو لفظ آهي معنيٰ منڊو، تيمور کي ڪنهن لڙائي دوران ٽنگ ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري هو منڊڪائي هلندو هو ۽ تيمور لفظ جي معنيٰ فولاد (لوهه) آهي. تيمور لنگ هندستان جي آخري تغلق حاڪم محمود نصيرالدين جي ڏينهن ۾ 1398ع ۾، دهليءَ تي حملو ڪري وڏي ڦرلٽ ڪئي. چون ٿا ته هيرن جواهرن ۽ ڳهه ڳٺن سان پنجاهه کن هاٿي لڏرائي ايران پهتو هو. مغرب جي دنيا ۾ هن کي تيمور لين سڏين ٿا. اڄ جي ترڪي، شام، عراق، ڪويت، ايران ۽ وچ ايشيا جون ڪيتريون ئي رياستون ڪزاخستان، جارجيا، ترڪستان وغيره. پاڪستان ۽ اتر انڊيا هن جي سلطنت ۾ اچي ويا ٿي. تيمورلنگ جتي ڪن ملڪن لاءِ سٺو ۽ قومي هيرو هو ته ڪن لاءِ وڏو ظالم ۽ ڌاڙيل ليکيو ويو ٿي. پرشيا (ان وقت جي ايران). شام ۽ عراق تي تيمور جي حملن کان پوءِ ڄڻ ته انسان ذات جو وجود نه رهيو هو. ايران جي شهر اصفهان ۾ تيمور انسان کوپڙين جو اهرام Pyarmid ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ۽ ستر هزار کان مٿي ماڻهن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪري اهرام وانگر ڍير ڪيو ويو. اهڙوئي اهرام هن ٽرڪٽ شهر ۾ ٺهرايو. جنهن ۾ پڻ ستر هزار کن کوپڙيون گڏ ڪيون ويون ۽ بغداد ۾ پڻ نوي هزار ماڻهن جا سر قلم ڪري اهرام ٺاهيو ويو. چون ٿا ته تيمور جي دور حڪومت ۾ ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي ماڻهو ماريا ويا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان وقت جا ڪيترا شهر ۽ ڳوٺ ماڻهن کان خالي ٿي ويا هوندا. پر ڪي اهڙا ملڪ هئا، خاص ڪري سمرقند، بخارا، ازبڪستان، تاشقند، هرات جتي جي ماڻهن لاءِ هن جهڙو ڪو سٺو ماڻهو نه هو، جو هن باقي جهان ۾ مار مارا ۽ ڦرلٽ ڪري پنهنجن ماڻهن کي عيش ٿي ڪرايو. انڊيا مان هيرا جواهر ڦري، هرات، سمرقند جهڙن شهرن ۾ مسجدون ٺهرائي پاڻ کي وڏو نيڪ ماڻهو ٿي سڏرايو ۽ اتي جي ماڻهن به هن جي تعريف ڪئي ٿي ته تيمور جهڙوڪو سخي مرد نه ٿيندو تڏهن ته ازيڪستان کي روس کان جيئن ئي خودمختياري ملي ته اتي جي گادي واري شهر تاشقند ۾ لڳل مارڪس جي مورتي Statue لاهي ان جي جاءِ تي تيمور جي رکي وئي، تيمورلنگ پنهنجي زندگي ۾ جوٽيل جنگين جون يادگيريون ”تزڪ تيموري“ نالي ڪتاب ۾ لکيون آهن 1404ع ۾ تيمور چين جي منگ گهراڻي تي حملو ڪرڻ لاءِ اسهيو پر رستي تي هو بخار ۽ پليگ وگهي مري ويو.
    تيمور جي مرڻ بعد هن جي چئن پٽن مان پهريان ٻه جهانگير ۽ عمر ڪجهه وقت لاءِ پيءُ جي وسيع سلطنت جي ڪنهن حصي تي حڪومت ڪئي. پر کين ڪاميابي نصيب نه ٿي سندس ٽيون پٽ ميران شاهه تيمور بعد يڪدم گذاري ويو. (هن جي پوٽي ابو سعيد اڳتي هلي پنهنجي ڏاڏي جي ڀاڄائي گوهر شاد کي 1457ع ۾ قتل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ پاڻ تخت ڌڻي ٿي ويٺو جنهن جو ۽ سندس زال گوهر جو ذڪر مٿي ڪري چڪاسين.
    تيمور جي وفات بعد هن جي لاش کي بام، مشڪ ۽ گلاب جي پاڻي ۾ غسل ڏياري. اوچي ڪپڙي ۾ ويڙهي ايبوني جي باڪس ۾ سمرقند اماڻيو ويو جتي سندس گور امير نالي مقبرو آهي.


    امام رضا جي روضي مبارڪ جي تاريخ

    هڪ ڏينهن مشهد جي مشهور بازار رضا ۾ پنهنجي ڪئميرا جا فوٽو پرنٽ ڪرائڻ لاءِ دڪان پڇائي رهيو هوس ته مٿي تي ٻڌل اڇي عمامي ۽ ناسي گائون ۾ هڪ مولوي مليو.
    ”آءٌ توکي فوٽو گرافر جو دڪان ٿو هلي ڏيکاريان.“ هن اردو ۾ چيو.
    ”مون کي پڻ اتان حج لاءِ فوٽو ڪڍائڻا آهن.“
    فوٽو گرافر جو دڪان ڀرواري گهٽيءَ ۾ ئي هو. هن پاسپورٽ سائيز فوٽو ڪڍرايا ۽ مون پنهنجي ڪئميرا تان CD تي فوٽو ٽرانسفر ڪرايا جيئن منهنجي ڪئميرا هڪ دفعو وري خالي رهي سگهي ۽ آءٌ دل کولي گهڻي کان گهڻا فوٽو ڪڍي سگهان.
    جيسين هن جا فوٽا تيار ٿين تيسين مون ساڻس خبر چار شروع ڪئي.
    ”پاڪستان جا آهيو؟“ مون پڇيو
    ”جي ها.“
    ”ڪٿي جا؟“
    ”حيدرآباد واڻڪي وسي جا.“
    ”ڪير آهيو پاڻ؟“ مون پڇيو.
    ”لغاري آهيان ڪرم علي حيدري نالو اٿم.“ هن ٻڌايو
    مون کيس ٻڌايو ته آءٌ به حيدرآباد ڀرسان هالا شهر جو آهيان ۽ پنهنجو نالو ٻڌائڻ تي هن ٻڌايو ته هن منهنجا ڪيترائي سفرناما پڙهيا آهن ۽ هو هڪ پڙهندڙ جي حيثيت سان مون کي ڪڏهن ڪڏهن اي ميل به ڪندو رهي ٿو، پاڻ ٻڌايئين ته سندس E-mail ائڊريس rahmashhadi@hotmail.com آهي. مون کلندي چيومانس ته تون مون کي پهريون ماڊرن مولوي مليو آهين.
    ”هتي ايران ۾ هر مدرسي جي شاگرد کي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ؟“ مون حيدري صاحب کان پڇيو.
    ”آءٌ ننڍو هوس ته ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هتي آيو هوس.“ هن ٻڌايو. ”هينئر سترهن سالن کان هتي جو هڪ مدرسو ”مدرسه علميه حضرت امام العصر، مشهد ”هلايان ٿو.“ هن مون کي پنهنجي نالي جو ڪارڊ ڏنو جنهن تي هن مدرسي جي ائڊريس پڻ هن ريت لکيل هئي.
    چهار راهه شهداءِ، آزادي روڊ، ساسان گهٽي، بلاڪ 21 ۽ فون نمبر 00985112257427 ۽ 2229644 لکيل هئا. ڪرم علي حيدريءَ ٻڌايو ته هن جا ڪيترائي شاگرد مختلف هنڌن تي درس و تدريس جو ڪم ڪن ٿا. ٻن ٽن جا نالا پڇڻ تي حيدري صاحب ڪجهه سنڌ جا مولوي ٻڌايا. جيئن ته حبيب الله شيخ جيڪو هن وٽ تعليم مڪمل ڪري هاڻ ميرپور ماٿيلي ۾ پڙهائي ٿو.
    مشتاق حسين ٻرڙو جيڪو لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي ٿو، غلام مرتضيٰ ٻرڙو جيڪو سکر ۾ تبليغ جو ڪم ڪري ٿو، سيد فرخ رضا رضوي جيڪو سکر کان هتي مشهد ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو، هاڻ شام ملڪ جي هڪ مدرسي ۾ پڙهائي ٿو.
    ڪرم علي حيدري ٻڌايو ته هو ڏهه حج ڪري چڪو آهي، هن سال هن کي وري حج تي وڃڻ جو ارادو آهي، هو هر سال رمضان جي مهيني ۾ تنزانيا، يوگنڊا، ڪينيا يا آفريڪا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ تبليغ لاءِ ويندو آهي.
    ”سائين هڪ ڪم ڪريو.“ ڪرم علي حيدري چيو، ”اڄ ماني اسان وٽ هلي کائو.“
    مون کلندي چيومانس ”ايران جي سرڪاري بيڪرين جا نان مون کي اهڙا وڻن ٿا جو آءٌ منجهند جي ماني پنهنجي هوٽل جي به ڇڏي ڏيندو آهيان.“
    ”پوءِ توهان جي ڀلا ڪهڙي خدمت ڪريان؟“ حيدريءَ پڇيو
    ”ها بلڪل هڪ ڪم ڪر.“ مون ڪرم علي کي چيو، ”مون کي امام رضا جي روضي مبارڪ جي تاريخ بابت ٻڌاءِ.“
    ”آءٌ به کڻي توهان کي ٻڌايان پر اسان جي هڪ ٻئي عالم سان توکي ملايان ٿو جيڪو تاريخ جو ئي ڄاڻو آهي.“ ڪرم علي چيو ۽ حرم ۾ وٺي آيو جتي صحن انقلاب مان ٿي اسان رضويه اسلامي يونيورسٽي ۾ آياسين. هن يونيورسٽي جي ڪاشيءَ جي ڪم سان اسلامي عمارتسازي جي نموني جي هيءَ بلڊنگ 1984ع ۾ ٺهي راس ٿي جيئن هتي علمي ۽ ثقافتي سرگرميون قائم رکيون وڃن. هيءُ يونيورسٽي دراصل ٻن سابق ديني مدرسن ”مدرسه ميرزا جعفر و خيراتخان“ جو مجموعو آهي. هتي گذريل ٽيهن سالن کان باقاعدي مذهب سان گڏ ماڊرن ۽ سائنسي هنر ۽ تعليم پڻ ڏني وڃي ٿي. يونيورسٽي ۾ ڏنل تعليم مطابق بي اي، ايم. اي ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون. هن يونيورسٽي جي ٽي روم ۾ اسان جي ملاقات پروفيسر مجتبيٰ رضوي سان ٿي جنهن وٽ امام رضا جي روضي جي تاريخ بابت خبر چار ڪرڻ سان گڏ چانهه پڻ پيتيسين. پروفيسر صاحب طرفان ٻڌايل ڳالهيون جيڪي نوٽ ڪري سگهيس پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ڏيان ٿو.
    * مشهد شريف ايران جي خراسان جو مرڪز (گاديءَ جو هنڌ) آهي جنهن جي اڄڪلهه آدم شماري 25 لک کن ٿيندي ۽ اٽڪل 200 ڪلوميٽر پکيڙ آهي. مشهد ايران جي اتر اولهه ۾ بنالود ۽ هزار جبلن جي قطارن وچ ۾ تهران کان 900 کن ڪلوميٽر پري آهي ۽ سامونڊي سطح کان 980 ميٽرن (اٽڪل 3000 فٽن) جي بلنديءَ تي آهي. اڄڪلهه مشهد ايران جي وڏن شهرن مان ٻئي نمبر تي آهي.
    * ٽي صدي هجري ۾ مشهد هڪ ننڍڙو ڳوٺ، سناباد نالي، ان وقت جي مشهور شهر طوس کان 24 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هو. ٻي صدي جي آخر ۾ هن سناباد ڳوٺ ۾ خراسان جي گورنر حُميد بن قهتبا جي اونهاري جو رهائشي محلات، هن ڳوٺ ۾ هو. ان وقت جو عباسي خليفو هارون رشيد هجري سن 193 (عيسوي 808) ۾ خراسان جي اوڀر علائقي ڏي ويندي جڏهن طوس ۾ پهتو ته سخت بيمار ٿي پيو ۽ اتي ئي ساهه ڏنائين. هن کي سناباد ۾ حميد بن قهتبا جي محل جي هڪ هال هيٺ دفن ڪيو ويو.
    * مشهد جو هي شهر ان وقت وجود ۾ آيو جڏهن شيعن جي اٺين امام حضرت علي بن موسيٰ الرضا (ڄم جو سال 765) کي عباسي خليفي مامون رشيد (هارون رشيد جي پٽ) جي ماڻهن سال 818ع ۾ طوس شهر ۾ شهيد ڪيو ۽ کين حميد بن قهتبا واري سمر پئلس (اونهاري واري محل) ۾ پنهنجي پيءُ هارون رشيد جي قبر ڀرسان دفن ڪيو. ان کان پوءِ هي مقبرو شيعن ۽ اهل بيت جي حبدارن لاءِ زيارت گاهه بنجي ويو. نه فقط ايران جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن کان پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان زائرين هتي اچڻ لڳا ۽ سناآباد جو ننڍڙو ڳوٺ هڪ بارونق ۽ چهل پهل وارو مشهد رضا جو شهر ٿي ويو. مشهد لفظ جي معنيٰ آهي شهيد جي دفن جي جاءِ.
    * ٽي صديون هجري جي آخر ڌاري امام رضا جي قبر مٿان گنبذ ٺهرايو ويو ۽ هن مقبري جي چوڌاري ڪيتريون ئي عمارتون ۽ بازارون ٺهي ويون. هن مقبري جي زيارت لاءِ ماڻهن جو تعداد ڏينهن ڏينهون وڌندو ويو، هجري سن 383 (عيسوي 993) ۾ غزنوي سلطان سبڪتگين هن شهر مشهد جي وڏي تباهي ڪئي ۽ زائرين کي امام رضا جي مقبري تي حاضري ڀرڻ کان منع ڪئي. پر پوءِ 400 هجري (عيسوي سن 1009) ۾ سلطان محمود غزنوي (ڄم جو سال 971 ۽ حڪومت 998 کان 1030 تائين ڪيائين) نه فقط امام رضا جي مقبري کي وڌايائين ۽ سهڻو بنايائين پر مشهد شهر جو به خيال ڪيائين. شهر جي چوڌاري ڪيتريون ئي ڀتيون ۽ بچاءُ لاءِ قلعا ٺهرايائين. مقبري کي ڪيترن ئي قسمن جي اعليٰ پٿرن ۽ هيرن سان سينگاريو ويو ۽ قبر جي مٿان ڄاري پڻ ٺهرايائين. ان بعد سندس پٽ مسعود غزنويءَ (ڄم جو سال 998ع ۽ حڪومت 1030 کان 1040 تائين ڏهه سال ڪيائين) هن مقبري جي چوڌاري ڀتيون ٺهرايون ۽ وڌيڪ سهڻو بنايو.
    * سلطان سنجر (ڄم جو سال 1086 ۽ 1097 کان 1157 تائين ايران تي حڪومت ڪيائين) پٽ جي اوچتي صحتياب ٿيڻ تي امام رضا جي مقبري وٽ ڪيتريون ئي عمارتون ٺهرايون ۽ سهڻو بنائين. هن سلطان جو واسطو سلجوقي گهراڻي سان هو، هن جي ڏينهن ۾ گنبذ به ٺهڻ شروع ٿيو بعد ۾ محمود سلجوقي جي ڌيءُ چترگان زمرد ملڪ پڻ هن مقبري تي ڪافي ڪم ڪرايو. خاص ڪري ڪاشي جو. هن جو نالو ۽ تاريخ انهن ڪاشي جي سرن تي پڻ لکيل آهي.
    * سن 612 هجري (1215 عيسوي) ۾، اهڙي تاريخ ڪيترن ئي ڪاشي جي سرن تي نقش ٿيل آهي. علاءُالدين خوارزم شاه هن مقبري جي مرمت ۽ وڌيڪ ڪم ڪرايو. سن 617 هجري (1220 عيسوي) ۾ منگولن ايران تي حملا ڪيا ۽ جيڪا مشهد ۾ تباهي آندي ان ۾ هن مقبري کي به ڪافي نقصان رسيو. اهو پوءِ چوڏهين صدي ۾ ايران جي حاڪم سلطان محمد خدابنده علجائت (سندس ڄم جو سال 1282ع هو ۽ هن ايران تي 1304 کان 1316ع تائين يعني 703 هجري يا 716ع تائين حڪومت ڪئي)صحيح ڪرايو ۽ مقبري ۽ ٻين عمارتن کي وڌيڪ سنواريو ۽ سينگاريو. پاڻ منگول شهزادو هو پر تخت تي وهڻ کان اڳ مسلمان ٿيو ۽ شيعا فرقي سان تعلق رکيو.
    * سلطان محمد خدابنده جي وفات کان پوءِ سگهوئي سن 734 هجري 1333ع) ۾ مشهور سياح ابن بطوطا هتي مشهد آيو هو ۽ پنهنجي سفرنامي ۾ امام رضا جي روضي لاءِ لکيو آهي ته اهو ڪاشي جي سرن سان بيحد خوبصورت آهي ۽ چاندي جي ضريح (ڄاري) بابت پڻ لکيو اٿس جنهن لاءِ ڪيترن تاريخدانن جو خيال آهي ته سلطان محمد خدابنده جي ئي ڏينهن جو ڪم آهي.
    *791 هجري سال ۾ تيمورلنگ جي پٽ ميران شاهه طوس جي شهر تي حملا ڪري صفا برپٽ بنائي ڇڏيو ۽ شهر واسين جو قتل عام ڪيو. طوس جي جيڪا ڪجهه شهرت هئي اها به ختم ٿي وئي. ان جو اهو به نتيجو نڪتو جو مشهد هڪ وڏو شهر ٿي اڀرڻ لڳو.
    * مشهد جو اوج وارو دور اهو هو جنهن ۾ تيمورلنگ جي پٽ شاهه رخ جي حڪومت هئي. شاهه رخ ميرزا 1377 ۾ ڄائو 1405 کان وٺي 1447 تائين ايران تي حڪومت ڪيائين. هن جي گهڻين خصلتن واري زال، گوهر شاد آغا هن مقبري جي ڀرسان هڪ خوبصورت مسجد پڻ ٺهرائي، جنهن کي اڄ ڏينهن تائين دنيا جا ماڻهو ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ اها گوهر شاد مسجد سڏجي ٿي. شاهه رخ پنهنجي زال جي چوڻ تي جيتوڻيڪ گادي جو شهر سمرقند مان هرات ڪيو ۽ پاڻ هرات ۾ ئي رهڻ لڳو تڏهن به هر سال امام رضا جي روضي جي زيارت لاءِ مشهد ايندو رهيو.
    * امام رضا جي روضي ۽ مشهد شهر جي ترقي جو سڀ کان گهڻو ڪم صفوي گهراڻي جي بادشاهن جي ڏينهن ۾ ٿيو. اهو دور 1502 کان 1736 تائين هليو جنهن ۾ اسماعيل، طهماشپ، محمد، عباس دي گريٽ، صافي، حسين جهڙا بادشاهه ٿيا ۽ هنن شيعا اسڪول کي ملڪ جو سرڪاري مذهب ڪيو. چوڏهين صدي تائين آستان قدس رضوي ۾ مقبرو، بالاسر مسجد ۽ مدرسو اچي ويو ٿي جيڪو غزنوي دور جي ابوالحسن عراقيءَ ٺاهيو. ان کان پوءِ دارالحفاظ (جيڪو مقبري ۽ مسجد جي وچ ۾ آهي). دارلسياده ۽ توحد خانا (خزانا) ۽ ٽي مدرسا مدرسه پريزاه، مدرسه بالاسار ۽ مدرسه دودا، جيڪي شاهه رخ جي حڪومت ۾ ٺهيا هئا.
    * سورهين ۽ سترهين صدي ۾ ازبڪ جنگي سپاهين ڪيترائي دفعا مشهد تي حملا ڪيا. جيتوڻيڪ هنن امام رضا جي مقبري جي وڏي عزت ڪئي ٿي. 1722 ۾ افغانين به مشهد تي حملا ڪيا. ارڙهين صدي جي شروعات ۾ جڏهن نادر شاه تخت تي ويٺو (سندس ڄم جو سال 1688 هو ۽ 1736 کان 1747 تائين هن راڄ ڪيو) ته هن امام رضا جي روضي لاءِ اعلان ڪيو ته اهو شيعن جو ايران ۾ ڀلارو مقبرو آهي ۽ هن جو هر طرح سان خيال رکيو وڃي. نادر شاهه پاڻ جيتوڻيڪ سني هو پر هن انهن مڙني بزرگن، مقبرن ۽ آرام گاهن جي عزت ڪئي ٿي جيڪي اهل تشيع وارن لاءِ باعث عزت ۽ رتبي وارا هئا. نادر شاهه بادشاهه نه فقط مقبري جي حفاظت جا حڪم جاري ڪيا پر هن مشهد شهر کي امن امان جو شهر بنائي ڇڏيو. آخر ۾ پاڻ ساهه به هن شهر ۾ 1747 ۾ ڏنائين ۽ دفن به هتي ئي ٿيل آهي. هي اهو ئي نادرشاهه آهي جنهن 1739 ۾ محمد شاهه مغل جي ڏينهن ۾ انڊيا تي حملو ڪيو ۽ مور تخت ۽ ٻيا هيرا جواهر پاڻ سان کڻائي ايران کان اچي نڪتو هو. هن ايڏي ته انڊيا ۾ مار مارا ڪئي ۽ ماڻهن کي ڦريو لٽيو جو هو اڄ ڏينهن تائين هڪ ظالم جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. ايران پهچڻ بعد هن جو سگهوئي موت ٿي ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين اها چوڻي مشهور آهي نادر نادر آهي ته قادر به قادر آهي. بهرحال ڪي ماڻهو ڪن لاءِ سٺا ته ڪي ڪن لاءِ. جيئن تيمورلنگ ايران، عراق لاءِ ڦورو ۽ ظالم هو پر ازبڪستان وارن لاءِ قومي هيرو هو. اهڙي طرح افشريد گهراڻي جو نادر شاهه ننڍي کنڊ لاءِ ته ڌاڙيل ۽ قاتل هو پر ايران وارن لاءِ سٺو ماڻهو هو. هن ايران ۾ هميشه سٺا ڪم ڪيا.
    * اوڻهين صديءَ ۾ پڻ هن شهر مشهد تي تمام گهڻا حملا ٿيا پر ان دور جي قاچاري گهراڻي (Qajar) جي بادشاهن سڀني کي پسپا ڪري ڇڏيو. قاچاري گهراڻي جو هڪ بادشاهه نصير الدين شاهه (جنهن جي حڪومت 1448 کان 1896 تائين رهي). امام رضا جي مقبري جي چوڌاري Ring Road (گهيري وارو رستو) پڻ ٺهرايو ۽ هن مقبري جي ٺاهه جوڙ تي پڻ وڏو ڌيان ڏنو.
    * مارچ 1912 ۾ روس جي زار سلطنت هن مقبري تي بمباري ڪرائي جنهن سان نه فقط عمارتن کي نقصان رسيو پر ڪيترائي ماڻهو شهيد پڻ ٿي ويا. مقبري جي رسيل نقصان کي بعد ۾ خراسان جي گورنر حسين مرزا نير صحيح ڪرايو. چيو وڃي ٿو ته روسين جي ان حملي بعد سگهوئي زار حڪومت جو روس مان جنازو نڪتو.
    * اڄ جي مقبري سان گڏ ڪيترائي هال آهن جن کي فارسي ۾ صحن سڏين ٿا. سقه خانه، قرآن جي تلاوت جي لاءِ جاءِ (دارالحافظ)، اللهوردي، اسلامي سائنس يونيورسٽي، آستان قدس لائبريري، ڪلنڪ، شفاخانو، مهمان خانو، وضوءَ جون جايون، جوتن رکڻ جون جايون، ايوان، گنبذ، منارا سڀ ملائي اسلامي دنيا جو هي هڪ خوبصورت ڪامپليڪس ٺهي ٿو.
    * امام رضا جو مقبرو مشهد شهر جو مرڪز آهي. سڄي شهر جا رستا هن درگاهه ڏي وڃن ٿا، جنهن کي هتي جا ماڻهو حرم سڏين ٿا. توهان کي جي پنهنجي هوٽل کان هن حرم تائين رستي جي خبر آهي ته مشهد ۾ توهان گم ٿي نٿا سگهو. شهر جي ڪنهن به ڪنڊ کان حرم ڏي ايندڙ بس ۾ پهچي پنهنجي هوٽل ڳولي سگهو ٿا. جيئن مڪي ۽ مديني ۾ اسين هوٽل جو رستو ڳوليون ٿا. تقريباً هر شيءَ جو دڪان توهان کي هن حرم جي آسپاس ملندو ۽ رهائش لاءِ چوڌاري هر قسم جون هوٽلون آهن. شهر جي هر بس حرم تائين اچي ٿي ۽ امام رضا جو مقبري جو رستو ڪوبه وساري نه ٿو سگهي. پري کان ئي سونو گنبذ ۽ منارا نظر اچن ٿا. بقول عيسائين جي پوپ جي.
    Perhaps there is no other group of buildings in the world which give such opulence. A gold dome, two gold minarets, two huge Ivans, massive silver and gilt doors…


    گوهر شاد مسجد الغ بيگ جي ياد ڏياري

    ايران جي شهنشاهه شاهه رخ ۽ سندس زال گوهر شاد (جنهن جي نالي حرم مشهد ۾ گوهر شاد مسجد آهي) جو احوال لکندي هنن جي وڏي پٽ مرزا محمد طارق (الغ بيگ) تي ڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو. الغ بيگ 1394ع ۾ ايران ۾ ڄائو ۽ 1449ع ۾ وفات ڪيائين. جتي الغ بيگ جو ڏاڏو تيمور لنگ هڪ ظالم بادشاهه مڃيو وڃي ٿو، اتي سندس پيءُ شاهه رخ ۽ ماءُ گوهر شاد آرٽ، عمارتسازي ۽ فن جا متوالا هئا، جن ڪيتريون ئي خوبصورت عمارتون ٺهرايون. هنن جو هي وڏو پٽ الغ بيگ (انگريزي ۾ Ulug Bey, Ulugh Beg ۽ Ulugh Bek لکيو وڃي ٿو) زندگي جا فقط آخري ٻه سال فرارود Transoxiana ۽ فارس جو بادشاهه ٿي رهيو. هو علم فلڪيات Astronomy سان واسطو رکندڙ هو، هُومئٿس- جيئن ته ٽرگناميٽري ۽ Spherical جاميٽري جو وڏو ڄاڻو هو. پاڻ اڃان ننڍو ٻار هو ته پنهنجي ڏاڏي تيمور لنگ سان گڏ عراق، ايران، شام ويندي انڊيا گهمندو رهيو. تيمور 1336ع ۾ ڄائو هو ۽ الغ بيگ جڏهن يارهن سالن جو هو ته 1405ع ۾ تيمور گذاري ويو. ان بعد هو پنهنجي پيءُ ماءُ سان گڏ رهڻ لڳو. 1409ع ۾ جڏهن شاهه رخ گاديءَ جو هنڌ هرات ڪيو ته الغ بيگ کي ”سمرقند جو گورنر بنايو ويو. سمرقند اڄ ڪلهه ازبڪستان ۾ آهي پر ان وقت پرشيا (ايران) جي راڄ ۾ هو. هن نوجوان حاڪم، سمرقند کي ذهين ۽ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهن جو مرڪز بنائي ڇڏيو. سمرقند جي ريگستان چوڪ وٽ سن 1420ع ۾ ”مدرسه“ (يونيورسٽي) ٺهرايو، جتي هن دنيا جي ڪيترن ماهر فلڪيات ۽ حسابن جي ماهرن Mathematicians کي مدعو ڪيو. ڇهه سو سال پراڻي اها عمارت اڄ به سمرقند ۾ موجود آهي. الغ بيگ جو انگي حسابن ۾ سڀ کان مشهور شاگرد غياث الڪاشي (1429ع-1370ع ) ٿي گذريو آهي.
    ۽ هي چار سٽون منهنجي جهازي دوستن ۽ شاگردن جي دلچسي لاءِ آهن.
    الغ بيگ جو گهڻو شوق Astronomy سان هو جنهن 1428ع ۾ هڪ تمام وڏي Observartory گورخاني زنج نالي ٺهرائي. ٽيلي اسڪوپن جي اڻ هوند ڪري هن صحيح حساب ڪتاب رکڻ لاءِ پنهنجي ايجاد ڪيل فخري Sextant جي ڊيگهه وڌائي ۽ هن اٽڪل 994 تارن جو حساب ڪتاب رکيو. هن ڪيترن عرب فلڪيات جي ماهرن جون چڪون صحيح ڪيون. تارن جي ٺاهيل هن جي ڪئٽلاگ جو سن 1665ع ۾ ٿامس هائيڊ آڪسفورڊ ۾ Edit ڪري ٽائيٽل ڏنو.
    Tabulae longitudinis et latitudinis stellarum fixarum exabervation ulug beighi.
    الغ بيگ سال Sidereal Year جي ڊيگهه پڻ ڪڍي جيڪا اڄ ڏينهن تائين صحيح سمجهي وڃي ٿي. اڄڪلهه جو هر شاگرد ٽرگناميٽري جي Tables کان واقف آهي. الغ بيگ Sine ۽ ٽئنجنٽ جي ڊيسيمل (ڏهائي) کان پوءِ اٺن انگن تائين صحيح وئليو ڪڍي يعني جيڪا ٺهيل ٺڪيل ڳالهه Trignometric Tables اسان کي ڏکيائيءَ سان سمجهه ۾ ٿا اچن، سي هن 600 سال اڳ ايجاد ڪيا. الغ بيگ جي انهن خذمتن ڪري 1988ع ۾ سوويت روس (USSR) الغ بيگ جي ياد ۾ پوسٽ جي ٽڪلي ڪڍي ۽ لئٽيويا جي شهر ريگا ۾ الغ بيگ جي ماڻهوءَ جي قد کان وڏي مورتي آهي. جنهن جي هيٺيان مڪاني زبان ۾ Mirzo Ulugbek لکيل آهي.
    چنڊ تي جيڪي داغ نظر اچن ٿا، اهي تمام وڏا کڏا آهن جن مان ڪي ڪي ته ٻه ٻه ميلن جي گولائي ۾ آهن. الغ بيگ جي سائنسي ڪمن کي Tribute بخشڻ لاءِ جان هائينرچ نالي هڪ جرمن سائنسدان 1830ع ۾ چنڊ جي هڪ کڏي Crater جو نالو Ulugh Beigh Crater رکيو.
    تيمورلنگ جو پوٽو ۽ گوهر شاد ۽ شاهه رخ جو هي پٽ الغ بيگ، جيڏو سائنس جي ڪمن Astronomy ۽ حسابن ۾ ذهين هو اهڙو هو حڪومتي انتظام سنڀالڻ ۾ جڏو هو ۽ جنگيون هارائڻ ڪري ملڪ جا ڪيترا حصا دشمنن حوالي ٿي ويا. ڪي ٻه سال به حڪومت مس ڪيائين ته سندس وڏي پٽ عبداللطيف سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي. ان وقت الغ بيگ حج لاءِ سفر ۾ هو ۽ سندس لاش اتي ئي رستي تي دفن ڪري ڇڏيو، جيڪو پوءِ سندس مائٽ بابر (جيڪو پوءِ هندستان جو بادشاهه ٿيو ۽ مغل گهراڻي جو بنياد وڌو) هن جي بچيل سچيل هڏين کي اتان ڪڍرائي سمرقند ۾ سندس ڏاڏي جي مقبري ڀرسان دفن ڪرايو. اڄ امام رضا جي روضي ۾ گهڙندي ڀرسان گوهر شاد مسجد کي ڏسي سندس لائق فائق وڏو پٽ الغ بيگ ياد اچي ويو، جنهن جي علم فلڪيات ۽ ٽرگناميٽري جي ڪيترين شين جي ايجاد ڪري اڄ اسان کي پاڻي جي جهاز تي Sextant ذريعي سمنڊ تي پنهنجي پوزيشن معلوم ڪرڻ ۾ سهوليت ٿئي ٿي. اڄ اسان ٽرگناميٽري ذريعي جهاز جو طئه ڪيل فاصلو سج ۽ تارن جي چرپر ذريعي ماپيو وٺون.


    نادر شاهه کي ماهرِ نفسيات جي ضرورت هئي

    امام رضا جي روضي تان پنهنجي هوٽل ڏي موٽڻ وقت ”صحن جامع رضوي“ مان لنگهي رهيا هئاسين ته اسان جو سفري ليڊر محمد علي رضوي صاحب ٻڌايو ته ايران جو مشهور بادشاهه نادر شاهه جنهن 1738ع ۾ انڊيا وڃي ڦر ڪئي، هن شهر مشهد ۾ دفن ٿيل آهي ۽ سامهون اشارو ڪري ڏيکاريائين ته سندس مقبري مٿان ٺهيل گهوڙي سوار جي مورتي جو ڪجهه حصو هتان نظر اچي رهيو آهي.
    ”محمد علي اهو ڪهڙي هنڌ تي آهي؟“ مون پڇيو. دراصل الحرمين ٽريول طرفان اسان کي ايران جون فقط مذهبي جايون ڏيکارڻ جو بندوبست آهي. پر آءٌ وچ وچ ۾ وقت ملڻ تي هيڏانهن هوڏانهن نڪريو وڃان. ڪراچي جي الحرمين طرفان ايران جي زيارتن ڏيکارڻ جو مدو هڪ هفتو پورو ٿيڻ بعد ايران ۾ ٻه ٽي هفتا رهي هڪ ته جهاز تي ڪم ڪندڙ پنهنجن ايراني دوستن سان ملڻ چاهيان ٿو ۽ ٻيو مشهد ۽ قُم کان علاوه ايران جا ٻيا تاريخي شهر شيراز تبريز، اصفهان، زاهدان وغيره ڏسڻ چاهيان ٿو ۽ هفتو کن ايران جي مئرين اڪيڊمي، جيڪا ايران بلوچستان يونيورسٽي سان ڳنڍيل آهي ۽ سامونڊي ڪناري واري شهر ”چابهار“ ۾ آهي. اتي جي انجنيئرنگ جي شاگردن کي هفتو کن شپ ڪنسٽرڪشن ۽ نيول آرڪيٽيڪچر جا ليڪچر ڏيڻ چاهيان ٿو. ايران ۾ اچڻ کان اڳ آئيڊيا نه هئم پر هاڻ هتي پهچي محسوس ڪريان ٿو ته ايران انهن ملڪن مان آهي جتي امن امان جي صورت بهتر آهي ۽ هڪ عورت به اڪيلي سر گهمي ڦري سگهي ٿي. ۽ ٻي ڳالهه ته ايران ۾ آيل ڌارين لاءِ انڊيا، جپان يا سعودي عرب وانگر پابندي لڳل ناهي ته هو فقط ٻن يا ٽن شهرن تائين محدود رهي. پر ايران ۾ داخل ٿيڻ بعد هڪ ڌاريون مسافر آزاد آهي ته هو لڳاتار ٽي مهينا سڄي ايران ۾ گهمندو وتي. بهرحال اسان جو ايران ۾ پهريون هفتو جيتوڻيڪ فقط مذهبي جايون ڏسڻ لاءِ وقف ٿيل هو، پر وچ وچ ۾ وقت ملڻ تي اوسي پاسي جي مختلف شاعرن، اديبن، بادشاهن جي مقبرن ۽ تاريخي جاين تي پنهنجي منهن هليو وڃان ٿو. انهن ۾ عمر خيام، فريد الدين عطار، ڪمال و ملوڪ ۽ نادر شاهه جهڙن جا مقبرا ۽ ٻيون تاريخي جايون آهن. جن ۾ اسان جي گروپ جي باقي ماڻهن جي دلچسپي نه آهي. هنن جو گهڻو وقت امام رضا جي روضي تي عبادت ۾ گذري ٿو، يا وري مشهد جي وڏي بازار- ”بازار رضا“ ۾ شاپنگ ڪندي.
    منهنجي پڇڻ تي محمد علي ٻڌايو ته نادر شاهه جو مقبرو هتان ڪو ميل ڏيڍ جي پنڌ تي آهي. اهو هتي مشهد جي شهداءُ اسٽريٽ تي ان هنڌ آهي جتان آزادي اسٽريٽ شروع ٿئي ٿي.
    نادر شاهه جي مقبري جي مرمت ۽ ان مٿان هيءَ موجوده مورتي چار پنج ڏهائيون اڳ 1959ع ۾ مڪمل ٿي.ڪنڪريٽ جي هڪ وڏي Slab جي هيٺيان زمين دوز حجرو آهي جنهن ۾ نادر شاهه دفن ٿيل آهي ۽ ان سلئب مٿان ٽامي ۽ قلعي Bronze جي مورتي آهي جيڪا هڪ گهوڙي سوار جي آهي، جنهن جي مٿي تي پٽڪو ۽ هٿ ۾ ڪهاڙي آهي. ان جي پويان ٻيا پيادا سپاهي آهن يعني هڪ ڪمانڊر (جيڪو نادر شاهه آهي) پنهنجي فوجين سان گڏ ڪنهن جنگي مهم لاءِ وڃي رهيو آهي. اهو پنج ميٽر (يعني 15 کن فٽ) اتاهون مجسمو آهي ۽ ان جو وزن 14 ٽن يعني پوڻا چار سو کن مڻ چيو وڃي ٿو. هيءَ مورتي (مجسمو) مشهور ايراني بت تراش (مجسمي ساز) ابوالحسن صادقي (1995ع-1897ع) ڊزائين ڪيو جيڪو پوءِ اٽليءَ ۾ اتي جي Sculptor بروئني تيار ڪيو. مرحوم ابوالحسن صادقي ايران جي عظيم چترڪار ڪمال ملڪ جو شاگرد هو. ڪمال ملڪ جو واسطو به مشهد سان رهيو ۽ سندس مقبرو ڀرواري شهر نيشاپور ۾ آهي جتي عمر خيام ۽ فريد الدين عطار جو پڻ مقبرو آهي. انهن ماڻهن جو احوال اڳتي هلي ڪنداسين. نادر شاهه انڊيا تي حملي دوران مشهد کي پنهنجي سلطنت جي گاديءَ جو شهر بڻايو ۽ انڊيا ۽ ٻين هنڌان مال جي ڦرلٽ ڪري هتان اچي ٿي نڪتو. نادر شاهه جي هن مقبري وٽ هڪ ننڍڙو ميوزم ۽ لئبريري پڻ آهي. نادر شاهه جون يادگار شيون خاص ڪري جنگي نوعيت جو سامان، جنهن جا 130 ننگ ٿيندا. هن ميوزم ۾ رکيل آهن. اهو روزانو ساڍي ستين کان ساڍي ٻارهين ۽ شام جو ٻي کان ساڍي چئن تائين ٽوئرسٽ لاءِ کليل رهي ٿو. هفتي ۾ هڪ ڏينهن جمعو بند رهي ٿو.
    نادر شاهه هڪ ظالم ۽ چريو بادشاهه ٿي گذريو آهي جنهن هتان هُتان ڦر ڪري ايران ۾ مال آندو ٿي، پر ايراني به هن مان گهڻو خوش نه هئا جو هنن کي به شڪ جي بنياد تي ماريندو رهيو ٿي. لڳاتار جنگين پويان ڦر جو آندل پئسو خرچ ٿي ويو ته وڌيڪ خرچن جي پورائي لاءِ عوام مان اوڳڙ ڪندو وتيو. آخري ڏينهن ۾ ايران جي رهاڪو شيعن کي زوريءَ سني بنائڻ کي ثواب جو ڪم سمجهڻ لڳو، باقي کانئس پڙهي نماز به نٿي ٿي. حملن دوران ته تيمور وانگر جتي ڪٿي هزارين ماڻهو ماريائين. هو چوندو هو ته تيمور ۽ چنگيز خان سندس ماڊل آهن. سخت سائڪو قسم جو بادشاهه هو. انهن ڏينهن ۾ هئا رڳو حڪيم ۽ ڦيڻو ڦڪي ڪرڻ وارا. هجي ها ڪو نفسياتي ڊاڪٽر يا سئڪاٽرسٽ ته هن Paranoid جو علاج ڪري ها ۽ پاڻ ۽ عوام بي وقتائتي موت کان بچي وڃن ٿا. بهرحال 1747ع ۾ هو ڪردن کي موچڙا هڻڻ لاءِ خراسان وڃي رهيو هو ته رستي تي فتح آباد شهر ۾ سندس گارڊن جي ڪمانڊر صالح بيگ کيس ننڊ مان اٿاري، خنجر جا مٿس وار ڪري ٻي جهان اماڻي ڇڏيس.
    نادر شاهه 1698ع ۾ ايران جي ”دست گرد“ شهر ۾ هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ ڄائو. سندس قبيلي جو نالو افشار هو، ان ڪري پاڻ نادر شاهه افشار به سڏجي ٿو. ان کان علاوه نادر قلي بيگ ۽ تهما شپ قلي خان پڻ سڏجي ٿو. نادر شاهه ننڍو هو ته سندس پيءُ گذاري ويو ۽ پاڻ ۽ سندس ماءُ ازبڪ يا ترڪومن قبيلي جي ڌاڙيلن جي ور چڙهي ويا، جن هنن کي غلام ڪري وڪڻڻ جي ٿي ڪئي پر نادر هنن جي ور مان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. نادر شاهه شهر جي نوجوان داداگيرن جي هڪ گئنگ جو ميمبر وڃي ٿيو جنهن جو اڳتي هلي پاڻ سالار ٿيو ۽ پهرين ننڍي ليول تي، ان بعد وڏي پئماني تي جهيڙا ۽ لڙائيون ڪندو هڪ طاقتور ليڊر ٿي پيو ۽ پنهنجي قبيلي جي سردارن جي زور تي 1736ع ۾ (38 ورهن جي ڄمار ۾) ايران جو بادشاهه مڃيو ويو. تاجپوشي بعد 1738ع ۾ هن قنڌار تي ڪاهه ڪئي ۽ سال بعد 1939ع ۾ ڪرنال جي جنگ ۾ هن مغل فوج کي شڪست ڏيئي ان وقت جي مغل بادشاهه محمد شاهه کي گرفتار ڪيو ۽ هڪ فاتح جي حيثيت سان دهليءَ ۾ داخل ٿيو. دهليءَ ۾ ڪافي وڳوڙ مچي ويو جنهن ۾ ايراني فوجن ٽيهه هزار کان مٿي شهري قتل ڪري ڇڏيا. محمد شاهه مغل کي معافيءَ لاءِ ٻاڏائڻو پيو جنهن جي بدلي ۾ هن نادر شاهه حوالي خزاني جون چاٻيون ۽ مورتخت Peacock Throne ڪيو. ان بعد هي مور تخت پرشيا (ايران) جي شان شوڪت ۽ طاقت جي نشاني رهيو. ان کان علاوه ٻيا جيڪي هيرا جواهر نادر شاهه انڊيا مان کنيا انهن ۾ ڪوهه نور ۽ درياهه نور (جبل جي روشني ۽ سمنڊ جي روشني) نالي مشهور هيرا پڻ هئا. ان کان علاوه نادر شاهه جي سپاهين هزارين هاٿي، گهوڙا ۽ اٺ کنيا جن تي هو ڦر جو سامان رکي هيڏانهن ايران کان اچي نڪتا. هي مال ايڏو ته گهڻو هو جو نادر شاهه ان بعد ٽن سال لاءِ ايران وارن لاءِ ٽئڪس معاف ڪري ڇڏيو.
    انڊيا کان واپسي تي نادر شاهه جي صحت صحيح رهڻ نه لڳي ان ڪري سخت چِڙ چڙو ٿي پيو. مشهد پهچڻ کان اڳ ڪنهن خبر هلائي ته نادر شاهه مري ويو آهي. ان تي پٺيان ويٺل سندس پٽ رضا قليءَ پنهنجي پيءُ جي خبر لهڻ بدران تخت تي وهڻ جي تياري ڪئي ۽ ماڳهين ٻين مائٽن کي قتل ڪري ڇڏيو. ويندي پراڻن حاڪمن شاهه تاهما شپ ۽ ان جي نون سالن جي پٽ عباس سوم کي به قتل ڪري ڇڏيو. نادر اهي ڳالهيون ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ پٽ کي ڇنڊ ڪڍيائين. اڳتي هلي ڪنهن نادر شاهه کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويو. پر هن اهو ئي سمجهيو ته انهيءَ ڪم پٺيان سندس پٽ جو هٿ آهي. سو پنهنجي پٽ رضا قليءَ جون اکيون ڪڍرائي ڇڏيائين. جيتوڻيڪ پوءِ سگهوئي معلوم ٿي ويو ته ان معاملي ۾ سندس پٽ معصوم هو. بهرحال نادر شاهه جو ڏينهون ڏينهن دماغ توائي ٿيندو رهيو. هن ڪڏهن ڪنهن ڌر تي شڪ ڪري ان کي مارايو ٿي ته ڪڏهن ڪنهن کي. هن جي ڪهاڻي قتل عام جي ڪهاڻي آهي جيتوڻيڪ هو سٺو سپاهي ۽ ويڙهاڪ به هو. هن هڪ طاقتور نيوي ٺاهي جنهن ذريعي عربن کان بحرين جو ٻيٽ کسي ورتو. 1743ع ۾ هن اومان ۽ هن جو اهم شهر مسقط فتح ڪيو. پر ساڳي وقت بيماري ڪري هو ويو وڌيڪ ظالم ٿيندو ۽ پوءِ ماڻهن کان گهڻي کان گهڻو ٽئڪس وٺڻ لڳو. نتيجي ۾ جتي ڪٿي بغاوتون شروع ٿي ويون جن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ هن لاش جا ڍير لڳائي ڇڏيا ۽ پنهنجي هيرو تيمورلنگ وانگر جيڪو ماڻهن کي قتل ڪري کوپڙين جو اهرام ٺهرائيندو هو، هي پڻ انساني کوپڙين جا ٽاور ٺهرائڻ لڳو. چڱو جو سندس چوڪيدار صالح بيگ کيس ستي مان جاڳائي ماري ڇڏيو. جيئرو رهي ها ته خبر ناهي اڃا ڪيترا قتل ڪري ها. رات جي مانيءَ تي اسان جي قافلي جي ليڊر ۽ گائيڊ پڇيو ته نادر شاهه جي مقبري تي آءٌ پهچي سگهيس يا نه؟
    ”جي ها پهچي ويس.“ مون وراڻيومانس. ”مون کي فوٽو ڪڍڻو هو ان لاءِ هلي ملي ويس. نه ته نادر شاهه ڪو اهڙو چڱو مڙس ناهي جنهن جي قبر تي ڪنهن ٻئي کي وڃڻ جي ضرورت پوي.“


    ابن شمشير، ابن شمشير، ابن...

    ايران جي ظالم ۽ چرئي بادشاهه نادر شاهه جنهن جي مقبري مٿان ٺهيل سندس مجسمو (گهوڙيسوار) جيڪو منهنجي هوٽل جي دريءَ مان به نظر اچي ٿو، نه فقط دهلي ۽ ڪابل قنڌهار ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ باهه ٻاري پر غريب سنڌ کي به نه بخشيو.
    انهن ڏينهن ۾ هند توڙي سنڌ جي سياسي توڙي معاشي حالت بيحد ڪمزور هئي ۽ نادر شاهه کي پنهنجن حملن ۽ ڦرلٽ دوران ڪابه مزاحمت پيش نه آئي.
    سومرا، ان بعد سما، جيڪي سنڌ جا مڪاني حاڪم سڏيا وڃن ٿا، انهن جو سنڌ تي 500 سالن کان مٿي اقتدار رهيو، جنهن ۾ سنڌ پنهنجو وڃايل اڳوڻو اوج وري حاصل ڪيو. سن 1520 ۾ شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي حملو ڪيو ۽ ان حملي سان سنڌ جي تاريخ جي هڪ سنهري باب جو خاتمو ٿي ويو. ان بعد، بقول شوڪت شورو جي، سنڌ ملڪ هڪ ڀيرو وري اهڙي غلامي، ظلم ۽ بربريت واري دور ۾ داخل ٿي ويو. جنهن ۾ ٻه صديون ارغون، ترخان ۽ مغل مٿس حڪومت ڪندا رهيا، سنڌي معاشرو ان تباهي ۽ ڀڃ ڊاهه واري دور مان گذري ته وري سنئين لڱي نه ٿي سگهيو. مغل بادشاهه شاهجهان جي زماني ۾ يوسف ميرڪ ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۾ لکيو آهي ته ”هن ملڪ (سنڌ) جون حالتون وڃي ان حد تي پهتيون جو ان جي ماڻهن کي ڪو پڇڻ وارو ڪونه رهيو ۽ اهي مظلوم ۽ بي واها بنجي ويا.“
    هندستان جو مغل بادشاهه اورنگزيب 1707ع ۾ گذاري ويو. سنڌ ان وقت سخت انتشار واري دور مان گذري رهي هئي. اها ٽڪرن ۾ ورهايل هئي. بکر، سيوستان، سبي ۽ ٺٽي جون الڳ الڳ نظامتون هيون. ميان نصير ڪلهوڙي پنهنجو لشڪر ٺاهي سنڌ تي ڪلهوڙن جي اقتدار قائم ڪرڻ لاءِ ان کي ڌارين کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي. 1629ع ۾ هن جي وفات بعد سندس وڏي پٽ ميان دين محمد به 8 سال اقتدار سنڀاليو. کيس اورنگزيب جي پٽ ۽ ان وقت ملتان جي گورنر شهزادي معزالدين 1700ع ۾ گرفتار ڪري ملتان ۾ ڦاهي ڏيئي ڇڏي. ان بعد ميان نصير جي وچئين پٽ ميان يار محمد کي مغلن طرفان اڌ گابري سنڌ جو اقتدار حوالي ڪيو ويو. 1707ع ۾ اورنگزيب جي گذاري وڃڻ بعد جيئن ته ان جي اولاد ۾ حال نه هو ان ڪري ميان يار محمد هڪ سگهارو حڪمران ٿي اڀريو. اورنگزيب جي باقيات ايتري ته سست قسم جي هئي جو بقول ڪلائيو جي:
    "With the death of Aurangzeb, sovereigny had fallen to the ground, for any body to pick it up.”
    سو سنڌ ۾ ميان يار محمد خان ڪلهوڙي پنهنجو پاڻ کي پختو ڪري ورتو. هن جي هٿياربند فقيرن تاجي ۽ جادي، مغل ڪمانڊر امير شيخ جهان کي قتل ڪري، بکر جي گورنر الهه يار خان کي سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو. اورنگزيب جو پٽ معيز الدين جيڪو لاهور جو گورنر هو تنهن دين محمد وانگر هن ڪلهوڙي حاڪم کي به صحيح ڪرڻ جو سوچيو پر حالتن جو ابتڙ رخ ڏسي، هن يار محمد کي سنڌ جو گورنر ئي ٿي رهڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري.
    ميان يار محمد سبي، ڍاڍر، گنجابا، بکر ۽ سيوهڻ کي پنهنجي حڪومت هيٺ آڻي سنڌ جي وجود کي نئين سرڳنڍيو، پر ٺٽي جو صوبو اڃا مغل حاڪمن جي تسلط هيٺ هو. ميان يار محمد جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ ميان نور محمد 1719ع ۾ سواءِ ٺٽي جي باقي سنڌ جي آزاد حصن تي حڪمران ٿي ويٺو ۽ سگهوئي ٺٽو به مغلن کان آزاد ٿي ويو ۽ سنڌ جو نالو ڄڻ ته نئين سر زنده ٿي ويو. ان لحاظ کان ڪلهوڙن جو دور خاص اهميت وارو ليکجڻ لڳو پر بدقسمتيءَ سان ٿوري وقت کان پوءِ هڪ نئين دهشتناڪ مصيبت دهليءَ کي باهه ۽ رت جي وهڪري ۾ وهائيندي، طوفان وانگر سنڌ جي افق تي ڇانئجي وئي. ايران کان لشڪر سميت نڪتل نادر شاهه بادشاهه 1739ع ۾ دهلي تي حملو ڪري، ڦرلٽ بعد انڊيا جي سرزمين کي پنهنجي حڪم هيٺ آڻي مشهد ڏي روانگي اختيار ڪئي. واٽ تي ڪابل پهچي ڪجهه ڏينهن لاءِ اتي منزل ڪئي، ۽ سنڌ جي حاڪم نور محمد کي ڪابل ۾ پاڻ وٽ حاضري ڀرڻ لاءِ گهرايو. پر نور محمد نه ڪابل ويو ۽ نه ئي کيس ڪو جواب موڪليو. هن اهوئي سوچيو ته بهتر آهي ته نادر شاهه جهڙي خوفناڪ ماڻهو کان پري ئي رهجي. هن اهو به سوچيو ته نادر شاهه دهليءَ کي ايڏو لٽي مال دولت پاڻ سان کڻي پيو وڃي سو هن کي سنڌ جهڙي غريب علائقي سان ڪهڙي دلچسپي ۽ ڪهڙي ياد پاد! جنهن لاءِ هو وري خاص بندوبست ڪري سڄي لشڪر سان هلي ملي اچي سنڌ تي حملو ڪري. ٻن ٽن ڏينهن بعد هن کان اهو به وسري ويندو ته هن ڪو نور محمد کي گهرائڻ لاءِ نياپو ڪيو هو. پر هوڏانهن نادر شاهه ڪجهه ٻيو ئي سوچيو. هن کي خبر هئي ته اهڙي ريت هڪ گورنر جي پاڻ بچائي ويو ته پوءِ ٻيا به ائين ئي ڪندا ۽ ڪنٽرول مان نڪري ويندا سو نادر شاهه اڳتي پنهنجي وطن مشهد وڃڻ بدران، سپاهين کي ساڻ ڪري سنڌ ڏي ڪوچ ڪيو.
    نادر شاهه جي حملي سنڌ تي ڪاپاري ڌڪ هنيو. نادر شاهه ڌاڙو هڻي سنڌ مان سڀ ڪجهه ميڙي ٻهاري پاڻ سان گڏ کڻي ويو. نادر شاهه جي حملي دوران سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ ويران ٿي ويا. بيٺل فصل ڀيلجي ويا. ماڻهن جا گهر ٻار اجڙي ويا. اهي پنهنجا اجها ڇڏي دربدر خاڪ بسر رلندا رهيا. سندن ميڙي چونڊي سڀ لٽجي وئي. ملڪ جي عام وسيلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ انتظامي سرشتو تباه ٿي ويو. ايڏي تباهي ۽ بربادي باوجود ميان نور محمد ڪلهوڙي، نادر شاهه جو مقابلو نه ڪيو ۽ ڪنهن به قسم جي مزاحمت ڪرڻ بدران پنهنجي جان بچائي عمرڪوٽ ۾ وڃي پناهه ورتي. عمرڪوٽ جي آس پاس پري پري تائين واريءَ جون ڀٽون هيون. ميان نور محمد سمجهيو ته ٿر جهڙي ريگستان ۾ نادر شاهه وڏي فوج سان اچي نه سگهندو. پر سندس اها ڀُل ثابت ٿي نادر شاهه عمرڪوٽ پهچي ويو ۽ ميان نور محمد کي هن اڳيان پيش ٿيڻو پيو. نادر شاهه شڪارپور جو حصو دائود پوٽن حوالي ڪيو. سبي، ڍاڍر جو علائقو بروهين حوالي ڪيو. باقي سنڌ ميان نور محمد کي ان شرط سان بخشي ويو ته هو هر سال ويهه لک رپيا ڏن طور ايران کي موڪليندو رهندو، ياد رهي ته ان وقت هڪ رپيو به تمام وڏي ڳالهه هو جنهن ۾ 16 آنا هئا۽ هر آني ۾ 4 پئسا هئا ۽ هر پئسي ۾ ٻارهن پايون ۽ هر پائي ۾ پنج ڪسيرا هئا ۽ ڪسيري جي به شيءَ ملي ٿي، تڏهن ته پهاڪو عام هو ته ڪسيري جي ڪتي ٽڪي جا کائي نان. (ٽڪي ۾ ٻه پئسا هئا). نادر شاهه جي ان حملي کان پورا ٻه سو سال پوءِ 1939ع ۾ به هڪ رپئي جي ايڏي Value هئي جو تولو چانديءَ جو مليو ٿي ۽ 55 رپين ۾ سون جو تولو مليو ٿي.
    نادر شاهه هن سڄي تر ۾ خوف ۽ خطري جي علامت بڻيل هو. ڳالهه ٿا ڪن ته سنڌ تي حملي دوران جڏهن هن پنهنجي پٽ جي شادي ڪرائي ته مڪاني رسم رواج موجب سڄي ڄڃ اڳيان گهوٽ ڪنوار کي پنهنجي ستن پيڙهين جو شجرو ٻڌائڻو پيو ٿي ته جيئن ماڻهن کي سندن وڏن جي وڏ ماڻهپي جي خبر پئجي سگهي. سڀني کي خبر هئي ته نادر شاهه هڪ غريب هاريءَ جو پٽ آهي ۽ سڀ اهو سوچي خوش پئي ٿيا ته نادر شاهه پنهنجن وڏن جا نالا کڻندي وڏو ذليل ٿيندو جو اهي ڪجهه به نه آهن. پر نادر شاهه وڏي واڪ چيو ته ”ناصر ابن نادر ابن شمشير، ابن شمشير، ابن شمشير، ابن شمشير، ابن شمشير، ابن شمشير ۽ ابن شمشير!“ (يعني ناصر پٽ نادر پٽ تلوار پٽ تلوار....) يعني ڪهڙا ويٺا شجرا پڇو. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، يا جنهن جي لٺ تنهن جي مينهن! گهڻو گهڻو پوءِ اٽڪل ٻه سو ورهين بعد چين جي مائوءَ به اهائي نادر شاهه واري ڳالهه ورجائي هئي ته:
    “Power issues from the barrel of a gun”
    مٿي لکي چڪو آهيان ته نادر شاهه جي اچڻ جي ڊپ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پاڻ کي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي لڪايو. جڏهن نادر شاهه اتي ڪڙڪيس ۽ هن کان پڇيو:
    ”تون ڀڄي ڇو وئين؟“
    ڪلهوڙي حاڪم يڪدم وراڻيس ”اسان هميشه هندستان جي بادشاهه جا وفادار نوڪر ٿي رهيا آهيون. اسان ائين جهٽ پٽ وفاداريون بدلائيندا نه آهيون.“
    نادر شاهه کي ميان نور محمد جو اهو جواب ڏاڍو وڻيو. چون ٿا ته ان جواب ڪري نادر شاهه هن کان سڄي سنڌ کسڻ بدران ان جي ڪجهه حصي جو گورنر بڻايائين. سنڌ جي هن ڪلهوڙي حاڪم کان اهو به پڇيو ويو ته هن وٽ ٻه اعليٰ قسم جا هيرا آهن. نور محمد ڪلهوڙي ان بابت هائوڪار ڪئي ۽ نادر شاهه کي هڪ ڳوڻ ڪڻڪ جي اٽي جي ۽ چئونري گيهه جي پيش ڪندي چيو:
    ”هي اسان جا هيرا آهن. جيڪڏهن ڪنهن وٽ هي آهن، ته هن کي ٻي ڪنهن به شيءَ جي ضرورت ناهي ۽ جي ڪڏهن ڪنهن وٽ هي نه آهن ته دنيا جي ڪابه شيءَ انهن جو پورائو نٿي ڪري سگهي.“
    اهو ٻڌي نادر شاهه ڏاڍو خوش ٿيو. اتان پوءِ هو ٺٽي روانو ٿيو. ٺٽي ۾ سورهن ڏينهن نادر شاهه ۽ سندس سپاهين جي هر قسم جي خذمت چاڪري ٿيندي رهي. واپسي تي وڃڻ وقت هن نه فقط ڪلهوڙن جي خزاني جي ٽجوڙي خالي ڪئي پر ٻيو مال ملڪيت پڻ- ويندي ڪلهوڙن جي لئبريري جا ناياب ڪتاب ۽ هٿ جا لکيل نسخا، پاڻ سان ايران کڻائي ويو. ان کان علاوه هن نور محمد ڪلهوڙي جا ٽي پٽ ۽ ٻارهن هزار سنڌي سپاهي پاڻ سان گڏ يرغمال طور کنيا ته جيئن وقت تي ساليانو ڏن روانو ڪندو رهي. ايتري ڦرلٽ بعد جڏهن نادر شاهه سنڌ ڇڏي ته ماڻهن سک جو ساهه کنيو ته هو هتان ٽري ويو. ڪيترن اهو به سوچيو ته جڏهن هيڏي ڦر ٿي ۽ هيڏو ڪوس ٿيو ۽ هيترا ماڻهو يرغمال ٿيا ته پوءِ ان کان بهتر اهو هو ته سڀ گڏجي نادر جو مقابلو ڪن ها. شايد انهي ئي ڳالهه جي هي بيت عڪاسي ڪري ٿو.
    سوين آيا سنڌ ۾، نوان نادر شاهه
    ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سِوا ٻي واهه
    متان سوچيو ساهه، متان موٽو ماڳ تان
    سنڌ جي تاريخدان ۽ اسڪالر ڪيولرام ملڪاڻيءَ جو هڪ ڪتاب The Story of Sindh انڊيا مان ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيو آهي. ان ۾ نادر شاهه جو هڪ واقعو پڙهيم ته جڏهن هو دهليءَ ۽ آگري مان ڦرلٽ ڪري نڪتو ته هن پاڻ سان ڪيترائي مٿرا جا برهمڻ قيدي بنائي، ان خيال کان ايران وٺي پئي ويو ته اتي انهن کي غلام ڪري وڪڻندو. شڪارپور سنڌ جي تخت ٻائي نالي هڪ نيڪ عورت کي جڏهن اها خبر پئي ته هوءَ پريشان ٿي وئي. هن پنهنجي مڙس سيٺ ڪيولرام پوڄواڻي کي منٿ ميڙ ڪئي ته ڪنهن به طرح انهن جي لاءِ ڀنگ جي رقم ڏئي برهمڻن کي آزاد ڪيو وڃي. ڪيولرام جون نادر شاهه واري روٽ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ واپار جون ڪوٺيون هيون، جتي هن حڪم جاري ڪيا ته نادر شاهه جي ڊمانڊ مطابق پئسا ڏيئي بدنصيب برهمڻ آزاد ڪيا وڃن ۽ نه فقط انهن کي آزاد ڪرايو ويو پر گهر پهچڻ لاءِ سفر جو خرچ به ڏنو ويو. (هي ڪتاب سنڌ جي نامور شخصيتن الله بخش سومرو ۽ ڀڳت ڪنورام کي منسوب ٿيل آهي).
    هند سنڌ جي هن سفر نادر شاهه کي ٿڪائي رکيو ۽ کيس اهڙي ذهني بيماري ٿي پئي جو هو ڏينهون ڏينهن ويو چڙچڙو ۽ شڪي ٿيندو. ان حالت ۾ هو ويو ٿي پنهنجن پروان جا قتل ڪندو. خود سندس مائٽ ئي هن مان بيزار ٿي پيا. آخر کيس گهاٽي ننڊ ۾ مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان حالت ۾ به مرڻ کان اڳ ٻه ڄڻا ماري رکيائين.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نادر شاهه غريب جو ٻار ٿي ڪري ننڍي هوندي کان ئي وڏو ذهين ۽ چالاڪ هو. هو ايران (پرشيا) جو قابل ملٽري ليڊر هو جنهن کي دنيا ٻيو سڪندر اعظم ۽ پرشيا جو نيپولين مڃي ٿي. جنهن وقت هو حاڪم ٿيو ته ان وقت پرشيا گمنامين ۽ مايوسين جي اونهي کڏ ۾ ڦاٿل هو ان کي نادر ئي اچي بلندين تي پهچايو ۽ پراڻو اوج ڏياريو جنهن تي پرشيا جا ماڻهو فخر ڪرڻ لڳا. پرشيا (ايران) ايشيا جو ائين سپر پاور ٿي پيو جيئن اڄ آمريڪا آهي. پر نادر جي اها بدقسمتي چئبي جو هو آخري ڏينهن ۾ سخت قسم جو ذهني مريض ٿي پيو. بقول هڪ مغربي تاريخ نويس جي.
    “Nadir Shah’s triumphs were at the expense of incalulable suffering and his egocentric behaviour suggests a narcissistic personality disorder and his last years he seems to have developed some paranoid tendencies.”
    نادر چار شاديون ڪيون ۽ پنج پٽ ۽ پنڌرهن پوٽا ٿيس جن کي سندس مرڻ بعد تخت تي ويٺل بادشاهه قتل جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
    مولانا غلام رسول مهر جي لکڻ موجب ”نادر جي موت بعد نادر جي مصيبتن کان نجات ملي ۽ سنڌ جي لاءِ يقيناً هن کان وڌيڪ خوشگوار واقعو ٻيو ڪوبه ٿي نٿي سگهيو، پر امن ۽ راحت جا هي ڏينهن به ڪي ٿورا هئا. نادر شاهه کان پوءِ سندس سپهه سالار احمد شاهه دراني خراسان ۽ نادري سلطنت جي اوڀر وارن ڀاڱن جو دعويدار بنجي ويو. سنڌ جي ڳچيءَ ۾ هڪ ٻيو نوڙ بنجي ويو“.
    ميان نور محمد کي احمد شاهه ابداليءَ جو حڪم مليو ته سنڌ هاڻ افغانستان کي ڏن ڏئي. هن گهڻو ئي لنوايو ۽ نٽايو ته سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياري قائم رهي، نيٺ هن کي افغان طاقت اڳيان جهڪڻو پيو. 1754ع ڌاري (هيءُ شاهه لطيف جي وفات کان به سال پوءِ جي ڳالهه آهي) ميان نور محمد ڪلهوڙي، سنڌ تي احمد شاهه ابدالي جي ڪاهه جون خبرون ٻڌي، وري ٻيو ڀيرو ڊپ وچان جيسلمير ڀڄي ويو ۽ اتي ئي هو ان ئي سال گذاري ويو.


    ڪوهه نور تي اهو نالو نادر شاهه کان پيو

    ڪوهه نور هيرو دنيا جو مشهور ترين، قيمتي ۽ وڏي ۾ وڏو چيو وڃي ٿو جيڪو اڄ کان 4000 سال کن اڳ انڊيا جي کاڻين مان نڪتو ۽ مختلف بادشاهن، راجائن ۽ حاڪمن وٽان ڦرندو اڄڪلهه انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ جي تاج ۾ لڳل آهي. انگلينڊ وارن هن هيري کي بهتر شڪل ۽ چمڪندڙ بنائڻ لاءِ تراشي موجوده صورت ۾ 105 ڪئرٽ ۽ 21 گرام وزن جو بنايو ويو آهي نه ته ان جو اصل وزن 37 گرام هو. بهرحال بنا شڪ جي ڪوهنور هيرو دنيا جو وڏي ۾ وڏو هيرو ليکيو وڃي ٿو. ٻين هيرن وانگر هن سان به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون وابسته آهن. چون ٿا ته هن هيري مردن لاءِ هميشه نڀاڳ ۽ موت آندو آهي ۽ عورتن لاءِ خوش نصيبي جو سبب بڻيو آهي.
    هي هيرو انڊيا جي مختلف هندو ۽ مسلمان حاڪمن وٽان ٿيندو 1526ع ۾ مغل شهنشاهه بابر وٽ پهتو، جڏهن هن ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏيئي دهليءَ تي قبضو ڪيو. هن هيري بابت لکت ۾ احوال به بابر جي يادگيرين واري ڪتاب بابر نامي مان ملي ٿو. بابر پنهنجي هن ڪتاب ۾ هن هيري لاءِ لکي ٿو ته اهو ايڏو ته قيمتي آهي جو ان جي بدلي ۾ مليل رقم مان سڄي دنيا جي ماڻهن کي ٻه ڏينهن ماني کارائي سگهجي ٿي.
    بابر کان پوءِ هي هيرو همايون وٽ پهتو. اڪبر هن کي پاڻ وٽ نه رکيو. ان بعد اڪبر جي پوٽي شاهجهان، جنهن تاج محل ٺهرايو، خزاني گهر جي ٽجوڙيءَ مان ڪڍي پاڻ وٽ رکيو. شاهجهان هي هيرو مور تخت ۾ لڳرائي ڇڏيو هو جيڪو اورنگزيب پنهنجن ٽن ڀائرن کي ماري پنهنجي پيءُ شاهجهان کي آگري ڀرسان قيد ڪري پاڻ وٽ رکيو هو. چون ٿا ته اورنگزيب هي هيرو شاهجهان جي قيد واري ڪمري ۾ دري وٽ اهڙي هنڌ تي رکرايو جتان هيري مان شاهجهان کي تاج محل جو عڪس نظر اچي سگهيو ٿي. اهو هيرو نادر شاهه جي حملي تائين ئي رهيو. مزي جي ڳالهه ته هن هيري جو اهو نالو يعني ”ڪوهه نور“ نادر شاهه ئي رکيو ۽ هاڻ اڄ ڏينهن تائين اهو هيرو ”ڪوهه نور“ سڏجي ٿو. 1939ع ۾ جڏهن نادر شاهه دهلي ۽ آگري ۾ خونريزي ۽ ڦر ڪئي ته مور تخت سان گڏ هي هيرو به ايران کڻي ويو. نادر شاهه جڏهن هي هيرو پهريون دفعو ڏٺو ته هن جي وات مان ”ڪوه نور“ نڪري ويو يعني روشني جو جبل! 1939ع کان اڳ هن پٿر جو نالو ڪٿي به نه آهي.
    هن پٿر جي قيمت لاءِ هڪ ٻي روايت به مشهور آهي ته نادر شاهه جي زالن مان هڪ چوندي هئي ته ”جيڪڏهن ڪو پهلوان مڙس پنج پٿر کڻي هڪ اتر ڏي، هڪ ڏکڻ ڏي، هڪ اولهه ڏي ۽ هڪ اوڀر ڏي اڇلي ۽ پنجون پٿر مٿي اڀ ڏي اڇلي ۽ پوءِ انهن جي وچ واري خالي جاءِ سون ۽ قيمتي پٿرن سان ڀري وڃي ته اها ڪوه نور جي قيمت برابر ٿيندي.“
    چون ٿا ته نادر شاهه کان ڪوه نور جي جاءِ لڪل رکي وئي. پر پوءِ مغل بادشاهه محمد شاهه جي گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ نادر شاهه کي اطلاع ڪيو ته اهو هيرو محمد شاهه جي پڳ ۾ لڪل آهي. نادر شاهه هڪ وڏي دعوت جو بندوبست ڪيو ته هو محمد شاهه کي دهلي جو تخت واپس ڪري ٿو. دعوت دوران هن اوچتو اهو اعلان ڪيو ته هو هن خوشي جي موقعي تي محمد شاهه کي پنهنجو پڳ مٽ يار بنائي ٿو ۽ هن پنهنجي پڳ لاهي محمد شاهه حوالي ڪئي جيڪو پنهنجي پڳ نادر شاهه کي ڏيڻ کان انڪار ڪري نه سگهيو.. دعوت بعد نادر شاهه پنهنجي ڪمري ۾ ويو جتي هن پڳ جا ور کولي لڪل هيرو ٻاهر ڪڍيو. هيري جي چمڪ، تجلو ۽ سونهن ڏسي ان وقت هن وات مان بي اختيار نڪري ويو ”ڪوه نور!“
    سن 1747ع ۾ نادر شاهه جي قتل بعد هي هيرو افغانستان جي احمد شاهه ابدالي جي هٿ آيو. 1830ع ۾ تخت تان لاٿل حاڪم شاهه شجاع ڪنهن نموني سان هي هيرو کڻي ڪابل کان لاهور پهتو ۽ پنجاب جي بادشاهه مهاراجا رنجيت سنگهه کي اهو پيش ڪيو ته هو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انگريزن کي راغب ڪري ته هو پنهنجي لشڪر ذريعي شاهه شجاع کي سندس ڦريل تخت واپس ڪرائي.
    راجا وصيعت ڪئي ته سندس مرڻ کان پوءِ اهو هيرو اوڙيسا جي جگن ناٿ مندر کي ڏنو وڃي پر سندس وصيعت تي عمل نه ٿيو. 1849ع ۾ انگريزن جو پنجاب تي قبضو ٿيو ۽ لاهور قلعي تي برطانيه جو جهنڊو چاڙهيو ويو. انگريزن Treaty of Lahore هيٺ جيڪي شرط شروط رکيا ان ۾ اهو به واضع طور هو ته ڪوه نور هيرو انگلينڊ جي راڻي حوالي ڪيو وڃي.
    “The gem called koh-noor which was taken from shah shuja-ul-mulk by maharaja ranjit singh be surrendered by the maharaja of lahore to the queen of england.”
    ڪوه نور هيري کي وڏي حفاظت سان پاڻي واري جهاز H.M.S.Medea ذريعي انگلينڊ پهچايو ويو. سڪيورٽي جي خيال کان هيري جي وڃڻ جي خبر اخبار وارن کان ڳجهي رکي وئي. ايتريقدر جو جهاز جي خزاني آفيس جي انچارج ۽ ڪئپٽن کي به نه ٻڌايو ويو ته لوهه جي پيتيءَ ۾ ڇا وڃي رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيرو کڻي ويندڙ هن جهاز جو اهو سفر خطري وارو ثابت ٿيو. جهاز ماريشس پهتو ته جهاز تي ڪالرا جي وبا پکڙي وئي. بندرگاهه وارن هن جهاز کي ساهه پٽڻ ۽ رستي جي سفر لاءِ سامان کڻڻ کان منع ڪري ڇڏي ۽ جلوس ڪڍيو ته جيڪڏهن جهاز بندرگاهه ڏي وڌي ته ان مٿان گوليون هلايون وڃن. ماريشس ڇڏڻ بعد جهاز سخت طوفان ۾ ڦاسي پيو. بهرحال 6- اپريل 1850ع تي انڊيا کان نڪتل هي جهاز 86 ڏينهن جي سفر بعد انگليند پهتو. ان وقت جي انڊيا جي گورنر جنرل لارڊ ڊالهوسيءَ هيري ساڻ راجا رنجيت سنگهه جي پٽ ۽ تخت نشين دليپ سنگهه کي به لنڊن موڪليو جنهن اتي پهچي 1851ع ۾ ڪوهه نور هيرو مهاراڻي وڪٽوريا کي پيش ڪيو. ان ئي سال برطانيه جي عوام کي ان هيري جي ديدار لاءِ هائيڊ پارڪ ۾ بندوبست ڪيو ويو هو.
    ان وقت، 1851ع کان وٺي ڪوه نور هيرو برطانيه وارن جي قبضي ۾ آهي جيتوڻيڪ ان هيري لاءِ ڪيترائي ملڪ Claim ڪن ٿا ته اهو هيرو انهن جي ملڪيت آهي ۽ کين ڏنو وڃي. 1976ع ۾ پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو تن ڏينهن جي برطانيه جي وزير اعظم جم ڪالاگهان کي اهو هيرو پاڪستان کي موٽائڻ لاءِ چيو. پر هن انڪار ئي ڪيو. اسان جي ملڪ کان علاوه هن هيري لاءِ انڊيا. افغانستان ۽ ايران به انگلينڊ وارن کان گُهر ڪندا رهيا آهن. اڄڪلهه ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته انگلينڊ جي راڻي صاحبه اهو هيرو (ڪوه نور) ٽاور آف لنڊن ۾ رکرائي ڇڏيو آهي.


    اسلامي دنيا جي خلافت ۽ امامت

    ڪنهن زماني ۾ ايران جي صوبي ”خراسان“ ۾ نيشاپور ۽ طوس وڏا شهر هئا پر اڄڪلهه ”مشهد“ وڏي ۾ وڏو شهر آهي. نه فقط خراسان صوبي ۾ پر سڄي ايران ۾، تهران بعد، مشهد وڏي ۾ وڏو شهر آهي.
    مشهد ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي. مشهد جون بازارون سامان ۽ خريدارن سان ٽٻ رهن ٿيون، مشهد جا ”پارڪ“ سرسبز ڇٻرن ۽ گلن ٻوٽن سان ڀريل رهن ٿا. مشهد ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو شهر آهي. مشهد ٽوئرسٽن ۽ زائرين جو شهر آهي. مشهد هوٽلن ۽ خوبصورت عمارتن جو شهر آهي. مشهد جيڪو نائين صدي جي شروع تائين سناباد نالي هڪ ڳوٺڙو هو ان کي اڄ وارو هي شان، مان مرتبو، سونهن ۽ سوڀيا فقط ۽ فقط امام علي رضا جي روضي مبارڪ ڪري آهي. جتي هر سال ايران ۽ ٻين ملڪن کان لکين زائرين سلاميءَ لاءِ اچن ٿا. هتي مشهد ۾ شيعن جو اٺون امام، علي ابن موسيٰ الرضا جن دفن ٿيل آهن. پاڻ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي اولاد مان آهن. سندن شهادت ڪري هن شهر جو نالو مشهد پيو. پاڻ عام طرح امام علي رضا يا فقط امام رضا جي نالي سان به ياد ڪيا وڃن ٿا.
    اسلام جي اٺين امام علي رضا 11 ذوالقعد 148 هجري (عيسوي سن 765) ۾ مديني ۾ امام موسيٰ الڪاظم (ستين امام) جي گهر جنم ورتو. سندن والد جي 799ع ۾ وفات بعد پاڻ امامت جا فرض سرانجام ڏنائون. پاڻ پنهنجي ڏاڏي امام جعفر الصادق جي وفات کان پورو هڪ مهينو پوءِ ڄاوا هئا. پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي وانگر امام رضا به تعليم پنهنجي پيءُ وٽ حاصل ڪئي. سندن والده ام البنين نجما ان زماني جي قابل ۽ علم جي ڄاڻو خاتون هئي. ننڍپڻ کان ئي امام علي رضارضه پنهنجي پيءُ سان گڏ رهڻ ڪري ڪيتريون ئي ديني ڳالهيون، مذهبي مسئلن جا حل، شريعتن جا اصول ۽ قانون سکي ڀَڙ ٿي ويو. سندن والد امام موسيٰ الڪاظم (ڄم جو سال 745ع ) پنهنجن دوستن کي هميشه اهوئي چوندو هو ته مون کان پوءِ امامت جي پڳ جو حقدار منهنجو هي پٽ علي رضا ٿيندو.
    هتي تاريخ سان وابسته ڪجهه ڳالهيون لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيئن اهي پڙهندڙ ، جن جي ان ڏس ۾ معلومات گهٽ آهي. اهي بهتر نموني سان سمجهي سگهن. ايران اچڻ کان اڳ مون کي به اها ڄاڻ نه هئي ته مذهبي نقطي نگاهه کان مشهد جو شهر اهم ڇو آهي؟ مشهد ۾ ڪهڙي شهيد امام جو روضو آهي؟ يا ويندي امام مان مطلب ڇا آهي. پوءِ چڱو جو ڪئپٽن مظهر حسين زيدي ۽ چيف انجنيئر اجتبيٰ حسين زيدي جهڙن منهنجي مرچنٽ نيوي جي دوستن جن جو نه فقط ايران اچڻ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو پر ڪيترائي سال ايران وارن جا جهاز هلائڻ جو به کين موقعو مليو. انهن ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌايون. بهرحال اسلامي سياسي تاريخ ۽ حڪمراني بابت جيڪي ڪجهه آءٌ سمجهي سگهيو آهيان ان بابت هتي مختصر طور لکان ٿو.
    حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي 632ع ۾ وفات بعد اسلامي سلطنت جو سربراهه (خليفو) حضرت ابوبڪر صديقرضه 632ع کان 634ع تائين ٿيو. پاڻ 573ع ۾ ڄائو هو يعني حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کان ٽي سال ننڍو هو. 610ع ۾ جڏهن حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن تي وحي نازل ٿيو ۽ پاڻ ڪريم جن اسلام جي تبليغ شروع ڪئي ته حضرت ابوبڪررضه شروع جي مسلمانن مان هڪ هو.
    حضرت ابوبڪر صديقرضه جي قتل بعد حضرت عمر فاروقرضه اسلامي دنيا جو حاڪم خليفو ٿيو. پاڻ 581ع ۾ ڄائو هو ۽ 634ع کان 644ع تائين خليفو رهيو. پاڻ مديني ۾ مسجد النبوي ۾ دفن ٿيل آهن حضرت عمررضه بعد حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي نالي حضرت عثمانرضه 644ع ۾ مڪي ۾ ڄاوا ۽ ٻارن ۾ پهريان هئا. جن اسلام قبول ڪيو.
    سني مسلمان حضرت عليرضه جي، خلفاء راشدين جي چوٿين خليفي ۽ اهل بيت هجڻ جي حيثيت ۾ عزت ڪن ٿا ۽ شيعا مسلمان حضرت عليرضه جي پهرين امام هجڻ جي حيثيت سان پڻ کين عزت بخشين ٿا. هو حضرت عليرضه کي حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو Descendant ۽ صحيح حقدار سمجهن ٿا. هو حضرت عليرضه کي ئي اسلامي حڪومت جو پهريون قانوني، مذهبي ۽ سياسي ليڊر مڃين ٿا. هڪ خيال کان شيعا ۽ سني اختلاف اتان شروع ٿئي ٿو. حضرت عليرضه 656ع کان 661ع تائين اسلامي حڪومت جو خليفو ٿي رهيو. حضرت عليرضه ڪوفي جي مسجد ۾ نماز پڙهي رهيو هو ته ڪنهن ظالم هن تي زهريلي خنجر سان وار ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. پاڻ نجف (عراق) جي امام علي مسجد ۾ دفن ٿيل آهن. حضرت عليرضه پنهنجي ايمانداري، اسلام جي خذمت ڪرڻ، حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جو وفادار ساٿي ٿي رهڻ، سخاوت، هر مسلمان کي برابر سمجهڻ، دشمنن سان به سٺو ٿي پيش اچڻ، تفسير، فقهي ۽ مذهبي سوچ ڪري تمام وڏي عزت سان ڏٺو وڃي ٿو. حضرت عليرضه جي واعظن، ليڪچرن ۽ نصيحتن Quotations جا ڪيترائي ڪتاب آهن. جن مان نهج البلاغه تمام مشهور آهي. هي ڪتاب ايران جي هر مدرسي ۾ پڙهايو وڃي ٿو. حضرت عليرضه ڪيترن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو. ابوالحسن ابوتراب، مرتضيٰ، اسد الله، حيدر ۽ ترڪي زبان ۾ کين( Birinei Ali )پهريون علي پڻ سڏين ٿا.
    حضرت عليرضه جي سڀ کان پياري گهرواري حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن ڌيءَ فاطمه الزهره هئي. جنهن مان کيس چار ٻار ٿيا، حسن، حسين، زينب، ۽ اُم ڪلثوم. ٻين زالن مان مشهور پٽ العباس ۽ محمد ابن الحنيفا آهن بيبي فاطمه زهرا جو اولاد جيڪو ڄڻ ته حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو Descendent ٿيو شريف يا سيد سڏجي ٿو. جن جي سني توڙي شيعا بيحد عزت ڪن ٿا. جيتوڻيڪ شيعا هر صورت ۾ هنن کي وڌيڪ قدر ۽ احترام جو درجو ڏين ٿا.
    حضرت عليرضه جي وفات تي ڪوفي جي مسلمانن حضرت عليرضه جي وڏي فرزند حضرت امام حسنرضه جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ پنهنجو حاڪم چونڊيو. هوڏانهن امير معاويه باقي عرب دنيا جو خليفو ٿي ويٺو ۽ پنهنجي فوج کي عراق تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ موڪليو جتي جي ماڻهن حضرت حسنرضه کي پنهنجو حاڪم (خليفو ) چونڊيو هو. حضرت حسنرضه کي امن خاطر خلافت تان هٿ کڻڻو پيو ۽ معاويي نه فقط پاڻ کي سڄي مسلمان سلطنت جو خليفو سڏرايو. پر هن هر طريقي سان حضرت عليرضه جي اولاد ۽ انهن جي پوئلڳن سان سختيون ڪرڻ شروع ڪيون. معاويو اميه گهراڻي جو بنياد وجهي هڪ قسم جو بادشاهه ٿي ويٺو جيتوڻيڪ 51 کان وڌيڪ اسلامي دنيا حضرت عليرضه جي اولاد ۽ حضرت حسنرضه کي خليفو مڃيو ٿي. حضرت حسنرضه سن 3 هجري (625ع)۾ مديني ۾ ڄائو ۽ 50 هجري (669ع) تي مديني ۾ وفات ڪئي. سندن قبر مديني جي مشهور قبرستان جنت البقع ۾ آهي.
    حضرت عليرضه بعد هڪ طرف اميه گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو ته ٻي طرف ماڻهن جي دلين تي اهل بيت جو راڄ رهيو. سياسي طرح اسلامي سلطنت جا حاڪم اميه گهراڻي ۽ ان بعد عباسي گهراڻي جا خليفه ٿيندا رهيا پر مذهبي طرح ماڻهن اهل بيت جي عزت ڪئي ٿي. ڪجهه خليفا نيڪ ۽ پرهيزگار به ٿي رهيا پر ڪيترائي ظالم ۽ عياش ٿي گذريا. هو حڪومت ۽ طاقت خاطر پنهنجي ڀائرن ۽ پيءُ سان به وڙهندا رهيا. ۽ ڪڏهن ڪڏهن عوام جي نظرن ۾ پاڻ کي سرخرو بنائڻ لاءِ هنن ظاهري طرح حضرت عليرضه جي اولاد امامن سان سٺي روش اختيار ڪئي ٿي جو هر دور ۾ مسلمانن جي هڪ طبقي اميه يا عباسي گهراڻن جي خليفن لاءِ اهوئي سوچيو ٿي ته هنن اهلبيتن جو حق کسيو آهي ۽ اسلامي دنيا جو حاڪم اميه گهراڻي جي معاويه يزيد، مروان يا عباسي گهراڻي جي ابوسفيان، المنصور، هارون رشيد يا مامون رشيد وغيره کي نه پر حضرت عليرضه جي اولاد کي ٿيڻ کپي. ان ڳالهه لاءِ رکي رکي اسلامي دنيا ۾ احتجاج به ٿيندو رهيو ٿي ۽ ڪڏهن حاڪمن (خليفن) سياست کان ڪم وٺي اهل بيت امامن سان ظاهري طرح سٺو هليو ٿي جيئن عوام خوش ۽ خاموش ٿي وڃي ۽ کين سڪون سان حڪومت ۽ عيش ڪرڻ جو موقعو ملي. هڪ شيعا عالم ٻڌايو ته اهڙي ئي اٽڪل عباسي گهراڻي جي حاڪم خليفه مامون رشيد ان وقت جي اهل بيت- اٺين امام حضرت علي رضا سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن امام علي رضا کي مديني مان خراسان گهرايو.
    ”مامون رشيد“ عباسي گهراڻي جي مشهور خليفي هارون رشيد جو پٽ هو. اسلام جو چوٿون خليفو حضرت علي مرتضيٰ پنهنجي دور خلافت ۾ اسلامي حڪومت جو گادي جو شهر Capital مديني مان بدلائي ڪوفا ڪيو. حضرت عليءَ کي ڪيترن ئي مخالفن کي منهن ڏيڻو پيو جن مان جنگِ جمل به هڪ آهي. جيڪا سندن دورِ خلافت جي پهرين سال 656ع ۾ لڳي. هن ۾ مخالف ڌر حضرت عائشه (حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي گهرواري) ۽ ٻه اهم اصحابي سڳورا طلحه ۽ الزبير پڻ هئا. جنگ ۾ حضرت عليرضه جي ڪاميابي ٿي ۽ ٻئي ڌريون بعد ۾ ٺهي ويون ۽ صلح ۾ رهيون پر اڄ تائين ڪيترن شيعن لاءِ اها ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي. سنين جو اهو موقف آهي ته جيئن ته اهو اختلاف حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي ساٿين (اصحاب سڳورن) جي وچ ۾ ٿيو ان ڪري اسان عام مسلمانن کي ان ۾ پوڻ نه کپي، جو ويندي اسان جي عالمن ۽ مولوين، پيرن ۽ بزرگن کان، اصحابين ۽ تابعين جو درجو بلند آهي. ۽ اهو اختلاف اڄ اسان جي دور ۾ نه ٿيو جو اسان ٻه ڌريون ٺاهي ان جو الزام هڪ ٻئي تي مڙهيون. بنو اُميه جو هڪ خليفو عمر بن عبدالعزيز (720ع-717ع) اميه گهراڻي جي مڙني خليفن ۾ هڪ نيڪ ۽ خدا جو خوف رکندڙ خليفو ٿي گذريو آهي. هن کان به جڏهن ماضي ۾ حضرت عليرضه ۽ معاويه جي وچ ۾ هلندڙ اختلاف بابت پڇيو ويو ته هن وراڻيو: ”الله اسان جي هٿن کي صاف رکيو آهي. هرهڪ کي پنهنجو حساب ڏيڻو آهي ۽ الله بهتر جج آهي جڏهن تنهنجا ۽ منهنجا ان خون کان هٿ صاف آهن ته ڇو ويهي پاڻ پنهنجي زبان خراب ڪيون، ڇو ويهي پاڻ هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائي پاڻ کي گهنگار هڪ طرف ڪيون ته ٻئي طرف اسلام جي دشمنن کي اسان مسلمانن تي کلڻ جو موقعو مهيا ڪريون....“ بهرحال جڏهن اسان جو خدا هڪ آهي. رسول هڪ آهي. قرآن ۽ ڪلمو هڪ آهي ته ڇو ويهي پاڻ ۾ ويڇا وجهون پر هتي اسان تاريخ جا فقط ڪجهه Facts ڏيڻ ٿا چاهيون ته حضرت عليرضه جي اولاد تي جيڪي ظلم ٿيا ۽ جيڪي هنن تڪليفون سٺيون ان کان ڪوبه شيعو توڙي سني انڪار نٿو ڪري سگهي.
    جنگِ جمل دوران ۽ بعد ۾، جڏهن حضرت عليرضه اسلامي دنيا جو خليفو هو ته معاويه شام جو گورنر هو. هن انهن ڏينهن کان وٺي حضرت عليرضه جي حڪومت جي اندروني طرح مخالفت پئي ڪئي. 661ع ۾ حضرت عليرضه جي شهادت بعد معاويو يڪدم ڪوفي تي چڙهائي ڪري آيو ۽ حضرت عليرضه جي ماڻهن تي زور ڀرڻ لڳو ته هو حضرت امام حسنرضه بدران هن کي خليفو مڃين. حضرت امام حسنرضه ۽ سندن ننڍي ڀاءُ حضرت امام حسينرضه سان جيڪي ناانصافيون ۽ ظلم ٿيا ان کان دنيا واقف آهي. هڪ انسان قدرت جون اهي ڳالهيون سمجهي نٿو سگهي جن لاءِ شاهه لطيف جو چوڻ آهي ته:
    دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي
    خاصن خليلن کي، سختيون سهائي
    الله الصمد بي نياز سا ڪري، جا چاهي
    انهين منجهه آهي. ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي
    معاويه خليفي جي روپ ۾ بادشاهه ٿي حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي گهراڻي جو بنياد وڌو. هن گاديءَ جو هنڌ ”ڪوفا“ مان بدلائي شام جي شهر ”دمشق“ ۾ ڪيو. اسلامي دنيا تي بنو اميه کي شڪست آئي ۽ سندس آخري خليفو مروان ”ٻيو“ ابن محمد جيڪو 744ع کان خليفو ٿيو هو، مصر ۾ مارجي ويو ۽ دمشق (بنو اميه جي سلطنت جو گادي وارو شهر) عباسي گهراڻي جي حوالي ٿي ويو جنهن جو پهريون حاڪم ابو العباس اصفاء 750ع کان 754ع تائين مسلم دنيا جو خليفو ٿيو. اُميه گهراڻي جي هڪ خليفي هشام ابن عبدالملڪ (جيڪو 724ع کان 743ع تائين خليفو هو) ان جو هڪ پوٽو عبدالرحمان بچي ويو ۽ هن اندلس (اسپين پاسي) حڪومت قائم ڪئي جنهن جو پاڻ پهريون امير 756ع کان 788ع تائين ٿيو ۽ ان بعد ان جو اولاد يعني اُميه گهراڻو 1031ع تائين حڪومت ۾ رهيو. ان بعد ٻين مسلمان حاڪمن ۽ گهراڻن جي اسپين پاسي پنڌرهين صديءَ جي آخر تائين يعني ست سو سال حڪومت رهي. اُميه گهراڻي جو اسپين پاسي گادي جو هنڌ ڪاردوبا Cardoba هو جنهن کي اسين عربي نالي ”قرطبه“ سان سڏيون ٿا. ان بعد ٻين خليفن ۽ حاڪمن جو، خاص ڪري آخري ڏينهن ۾، گراناڊا Granada رهيو جنهن کي پاڻ ”غرناطا“ سڏيون ٿا. آخري مسلمان حاڪم ابو عبدالله محمد (ٻارهين سلطان) 4911ع ۾ غرناطا ۾ Surrender ڪيو ۽ Treaty of Granada تي صحيح ڪئي.
    بهرحال هيڏانهن وچ اوڀر ۽ ايشيا ڏي اُميه گهراڻي جي حڪومت 750ع ڌاري ختم ٿي ۽ عباسي گهراڻي جي شروع ٿي. عباسين هڪدم اڳوڻو گاديءَ جو شهر دمشق (شام) ڇڏي بغداد (عراق) کي بنايو. عباسي گهراڻي جو پهريون خليفو ابوالعباس 4 سال حڪومت ڪرڻ بعد 754ع ۾ وفات ڪئي ته هن جو پٽ المنصور تخت تي ويٺو ۽ 775ع تائين خليفو رهيو. هن جي خلافت وارن ڏينهن ۾ شيعن جو ڇهون امام جعفر الصادق هو. پاڻ محمد الباقر پنجين امام جو فرزند ۽ امام علي ابن حسين (علي زين العابدين) جو پوٽو هو پاڻ 702ع ۾ پيدا ٿيا. 743ع ۾ سندن والد جي وفات بعد امامت جي پڳ سندن مٿي آئي. امام جعفر صادق وڏو قابل ماڻهو هو. پاڻ ڪيميائي ماهر Alchemist فلڪيات جو ماهر Astronomer ، فلاسفر، سائنسدان، فزيشن ۽ قانون جو ڄاڻو هو. پاڻ جابر بن حايان Geber جهڙن مشهور ڪيميائي دان، ابو حنيفه ۽ مالڪ بان انس جهڙن جو ٽيچر هو. ميڊيڪل سائنس سان تعلق رکندڙن کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿيندي ته روشنين ذريعي بيماري جو وجود ۾ اچڻ واري ٿيوري شيعن جي هن ڇهين امام جعفر صادق پيش ڪئي جا هن ريت آهي ته:
    “There are some lights which, if thrown from a sick person to a healthy person, can possibly make that healthy person sick.”
    ان کان علاوه مغربي دنيا ۾ ادب بابت هيٺين مشهور ڪوٽيشن پڻ امام الصادق جي آهي.
    “Literature is garment which one puts on what he says or writes so that it may appear more atractive.”
    جهازي (جهاز هلائيندڙ ) Navigator توڙي Astronomy جا شاگرد چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته فلڪيات ۽ ان سان واسطو رکندر مئٿس ۽ تارن ۽ سيارن جي نالن ۾ مسلمانن جو وڏو Contribution آهي ۽ هن ڳالهه کان ته هر ڪو واقف هوندو ته امام جعفر الصادق Astronomy ۽ Mathematics ۾ تمام گهڻو هوشيار هو جنهن وٽ ڪيترا نامور سائنسدان پڙهيا. انهن مان هڪ شاگرد جابر بن حايان، هڪ دفعي الصادق کان سوال ڪيو ته سج چنڊ تارن جي چرپر، هنن کي ڪرڻ کان ڪيئن ٿي بچائي؟ (ياد رهي ته هي سوال اڄ کان 1300 سال اڳ ڪيو ويو هو). امام جعفر وراڻيو: ”ڪنهن پٿر کي رسيءَ جي هڪ پوڇڙ ۾ اٽڪائي ٻئي پوچڙ کان گول گهمايو. پٿر رسيءَ سان ئي گڏ رهندو جيستائين توهان رسي کي گول گهمائي رهيا آهيو. پر جيئن توهان رسي کي گول گهمائڻ بند ڪندائو ته پٿر هيٺ زمين تي ڪري پوندو، اهڙي لڳاتار گهوم Perpetual Motion تارن يا سيارن کي ڪرڻ کان بچائي ٿو.“
    ملڪ جو عباسي خليفو المنصور هميشه وقت جي امام تي شڪ ڪندو رهيو ڇو جو المنصور کي سندس قابليت يا عوام جي پسنديدگي ڪري خلافت نه ملي هئي. ملڪ جي اڪثرين موجب امام جعفر الصادق خلافت جو حقدار هو. هوئي نيڪ، پرهيزگار ۽ ديني ۽ دنيائي ڪمن جي ڄاڻ رکندڙ هو. ان ڪري المنصور توڙي ان کان اڳ وارو خليفو ابوالعباس امام جعفر صادق جي چرپر تي نظر رکندو رهيو ۽ هن کي سندس شاگردن ۽ علم حاصل ڪندڙن سان ملڻ کان روڪڻ لاءِ قيد ۾ به رکيو. امام جعفر اهي سڀ سختيون صبر سان برداشت ڪندو رهيو ۽ پنهنجو وقت عبادت ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪمن ۾ استعمال ڪندو رهيو. سندس انتقال 4 ڊسمبر 765ع تي ٿيو. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن کي دشمنن زهر ڏئي ٻين امامن وانگر شهيد ڪيو. پاڻ مديني جي جنت البقيع قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن.
    امام جعفر الصادق (ڇهين امام) جي وفات بعد امامت ۾ ڪجهه اختلاف ٿي پيو. اسماعيلين اهو محسوس ڪيو ته امام جعفر جو وڏو پٽ اسماعيل ستين امام ٿيڻ لاءِ حقدار جانشين آهي پر گهڻائي يعني اثنا عشري شيعن (جيڪي ٻارهن امامن کي مڃين ٿا).انهن جو ان ۾ يقين هو ته امام جعفر پنهنجو وارث موسيٰ الڪاظم (اسماعيل جعفر جي ننڍي ڀاءُ) کي ڪري ويو آهي. بهرحال اسماعيلين جا اڳتي هلي مختلف گروپ ٿيا جن مان ٽي مشهور آهن. نظاري، دروز Druze ۽ مستا علي، اسماعيلين ۾ سڀ کان وڏو گروپ نظاري اسماعيلين جو آهي جيڪي آغا خان جا پوئلڳ آهن ۽ آغا خاني به سڏجن ٿا. هيءَ ئي هڪ ڪميونٽي آهي جن جو امام موجود آهي ۽ اڄڪلهه 49 هون امام شاهه ڪريم حسين آغا خان چوٿون آهي. جيڪو پرنس ڪريم آغا خان به سڏجي ٿو. آغا خانين جو ڇاهيتاليهون امام آغا حسين علي شاهه ايران جي قاچاري حاڪم جي خلاف 1840ع ۾ اٿاريل بغاوت ۾ ناڪامي اچڻ ڪري ايران ڇڏي ڏکڻ ايشيا جو رخ ڪيو آخر 1848ع ۾ هن اچي ممبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ هنن جي گهڻائي آهي. اسماعيلي شيعن جو ٻيو ننڍڙو گروپ ”دروز“ آهي جيڪي شام ۽ لبنان ۾ رهن ٿا. اسماعيلين جون ٽيون مشهور گروپ مستا علي آهي. جيڪي بوهري سڏجن ٿا، جن جون وڌيڪ ٽي شاخون آهن. سليماني بوهرا، دائودي بوهرا ۽ علوي بوهرا، هنن بوهرين ۾ اڪثريت دائودي بوهرين جي آهي جيڪي محمد برهان الدين کي پنهنجو 52 هون پير يا مرشد (دائي المتلق) قبول ڪن ٿا.
    بهرحال شيعن ۾ سڀ کان وڏو گروپ اثنا عشري وارن جو آهي. جيڪي ٻارهن امامن کي مڃين ٿا ۽ هو ايران، پاڪستان، انڊيا، افغانستان، وچ ايشيا جي رياستن، عراق، بحرين کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي ملن ۾ رهن ٿا. هنن جو ڇهين امام بعد ستون امام موسيٰ الڪاظم (مشهد ۾ دفن ٿيل شهيد امام علي رضا جو والد آهي.)
    امام موسيٰ ڪاظم 28 آڪٽوبر 745ع تي مڪي جي ڀرواري شهر ابوا ۾ ڄائو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اُميه گهراڻي ۽ عباسي گهراڻي جي حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ڏي وٺ هلي رهي هئي. موسيٰ الڪاظم 21 سالن جو هو ته سندن والد امام جعفر الصادق 765ع ۾ گذاري ويو، چون ٿا ته کيس عباسي گهراڻي جي ماڻهن قتل ڪيو. امامت جا فرض موسيٰ ڪاظم سپرد ڪيا ويا ۽ هو شيعن جو ستون امام سڏيو ويو. انهن ڏينهن ۾ عباسي گهراڻي جو ٻيو خليفو المنصور ملڪ جو حاڪم هو جنهن جي 775ع ۾ وفات بعد المهدي خليفو ٿيو جيڪو 785ع تائين رهيو ۽ پوءِ هڪ سال الهادي خليفو ٿيڻ بعد عباسي گهراڻي جو مشهور حاڪم هارون رشيد 786ع ۾ خليفو ٿيو. هارون رشيد 809ع تائين بغداد جي گاديءَ تي ويٺو. يعني موسيٰ الڪاظم (ستين امام) جي دور امامت (745 کان 799) ۾ عباسي گهراڻي جا چار خليفا رهيا المنصور، المهدي، الهادي ۽ هارون رشيد هميشه وانگر عباسي گهراڻي جي حاڪمن جو امام موسيٰ الڪاظم سان به وهنوار سٺو نه رهيو. ايتريقدر جو خليفي هارون رشيد 795ع ۾ امام موسيٰ الڪاظم کي بغداد جي جيل ۾ رکيو جتي چئن سالن بعد 799ع ۾ هارون رشيد جي حڪم تي جيلر موسيٰ الڪاظم کي زهر ڏنو جيڪو سندن موت جو سبب بڻيو.
    موسيٰ الڪاظم جي شهادت (799ع) وقت سندن فرزند علي الرضا جي عمر 35 سال هئي جن کي امامت جي جوابداري سونپي وئي. ان وقت جي خليفي هارون رشيد نٿي چاهيو ته امام علي رضا ماڻهن ۾ مقبول ٿئي. ايتريقدر جو هن مديني جي ماڻهن کي امام علي رضا سان ملڻ يا هنن وٽ علم حاصل ڪرڻ تي به پابندي هڻي ڇڏي هئي. چون ٿا ته هارون رشيد هڪ ٻه ڀيرا امام رضا کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ڪامياب نه ٿيو ۽ پوءِ سگهو ئي هارون رشيد پاڻ هن دنيا مان هليو ويو. هو خراسان پاسي بغاوت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ نڪتو هو. رستي تي مشهد ڀرسان سخت بيمار ٿي پيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو هميشه لاءِ پاڻ خاموش ٿي ويو. هيڏي سلطنت ۽ طاقت جو مالڪ مڻ مٽيءَ هيٺيان دٻجي ويو. انگريز شاعر لانگ فيلو (هينري واڊس ورٿ) جو هارون رشيد بابت هڪ شعر آهي:
    One day Haroun Al-Rashid read
    A Book wherein the poet said
    Where are the kings and where the rest
    Of those who once the world possessed?
    809ع ۾ هارون رشيد جي وفات بعد سندس وصيعت موجب عباسي گهراڻي جي عرب زال زبيده جو پٽ الامين خليفو ٿيو ۽ هارون رشيد جي ايراني (پرشن) زال جو المامون خراسان جو گورنر ٿيو. پر ڀائر نه ٺهيا. چوندا آهن ته ”بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري“. پر حڪومت، پاور، بادشاهي ان کان به خراب شيءِ آهي. جنهن لاءِ ڀاءُ ڀاءُ کي، پُٽ پيءُ کي ڪهيو رکي. ڀائرن جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙي ۾ آخر، الامين 813ع ۾ قتل ٿي ويو ۽ المامون خليفو ٿيو. الامين جي قتل ڪري ملڪ ۾ وڳوڙ ٿيو. عرب ماءُ جو پٽ هجڻ ڪري عربن جون الامين لاءِ همدرديون هيون. پرشيا (ايران) جو وڏو حصو ته هونءِ ئي هنن خليفن کي نقلي خليفو سمجهيو ويٺو هو. هنن جو همدرديون هاشمين سان هيون ۽ هنن لاءِ مذهبي توڙي سياسي طرح علي جو اولاد خلافت جو حقدار هو جن کي هنن امام ٿي سڏيو. مشهد يونيورسٽي جي تاريخ جي هڪ شاگرد ٻڌايو ته ملڪ ۾ ٺاپر آڻڻ ۽ عربن ۽ ايرانين کي خوش ڪرڻ لاءِ خليفي مامون اها سياسي چال کيڏي ته هو خلافت شيعن جي اٺين امام علي رضا جي حوالي ڪرڻ چاهي ٿو. امام علي رضا توڙي ٻين ان کي پسند نٿي ڪيو پر خليفي مامون امام علي رضا کي خراسان ۾ گهرايو.
    امام رضا پنهنجو ننڍڙو پٽ محمد التقي ۽ زال مديني ڇڏي خليفي مامون سان ملڻ لاءِ خراسان ڏي نڪتو. هو پهرين بصري آيو جتان پوءِ بغداد مان ٿي ايران جي شهر قم ۾ پهتو. آءٌ جڏهن قم شهر ۾ هوس ته اتي گلگت جي هڪ شيعا عالم سيد عالم نقويءَ اتي جي ”مدرسه رضويه“ لاءِ ٻڌايو ته ”جڏهن خليفي مامون رشيد امام علي رضا کي گهرايو ته هو هتي قم پڻ آيو. قم جا ماڻهو پنهنجي امام جي آڌر ڀاءُ لاءِ ڳاهٽ ٿي آيا ۽ هر هڪ چاهيو ٿي ته امام سندن مهمان ٿي رهي. حضرت امام علي رضا کين چيو ته ”منهنجي اٺ کي ڇڏي ڏيو ته هو پاڻ ڪٿي ٿو مون کي لاهي. منهنجي اهائي منزل ٿيندي.“ اٺ قم شهر جي ور وڪڙن وارين سوڙهين گهٽين ۾ هلي هلي نيٺ هڪ گهر جي در وٽ اچي ترسيو. امام رضا ان گهر ۾ مهمان ٿي رهيو ۽ اڄ اها جاءِ مدرسه رضوي نالي ديني تعليم جو درسگاهه آهي.“
    قم بعد امام رضا خراسان صوبي جي شهر نيشاپور ۾ آيو. نيشاپور جتي بعد ۾ عمر خيام، فريد الدين عطار ۽ ڪمال و ملوڪ جهڙا شاعر، مئٿميٽيشن، عالم ۽ آرٽسٽ اچي رهيا جن جا اتي مقبرا پڻ آهن. بهرحال اڄڪلهه نيشاپور ايڏو وڏو شهر ناهي ۽ طوس ته بنهه مٽجي چڪو آهي پر انهن ڏينهن ۾ نيشاپور ۽ طوس ”خراسان“ صوبي جا وڏا ۽ گهماگهمي وارا شهر هئا. انهن ڏينهن ۾ نيشاپور ۾ سوين حديثون ٻڌائڻ وارا ۽ شريعت جي قانون جا ڄاڻو رهيا ٿي. بعد ۾ منگولن جي حملي ۾ هي شهر تباهه ٿي ويا. چون ٿا ته امام علي رضا جي پهچڻ تي هتي جي مشهور محدث محمد بن اسلم طوسيءَ امام علي رضا کي ڪا حديث ٻڌائڻ لاءِ عرض ڪيو.
    نيشاپور بعد امام رضا سنا آباد ڳوٺڙي ۾ آيو. ان وقت ظهر نماز جو وقت هو. نماز بعد پاڻ حميد بن قهاتبا جي گهر پهتو جتي جي هڪ هال ۾ خليفو هارون رشيد دفن ٿيل هو. هو چون ٿا ته امام رضا هارون رشيد جي قبر وٽ اچي ان جي ڀرسان هڪ ليڪ ڪڍي ڇڏي ته: ”هتي منهنجي قبر ٿيندي جتي مون کي دفن ڪيو ويندو.
    امام علي رضا جڏهن خليفي مامون رشيد وٽ پهتو ته هن ڪورٽ جي اهم ماڻهن، اهلڪارن ۽ سردارن اڳيان اهو اعلان ڪيو ته ”مون کان پوءِ خلافت جي پڳ امام علي رضا حوالي ڪئي وڃي.“ هن عباسي گهراڻي جو ڪاري رنگ جو جهنڊو بدلائي بنو هاشم جو سائو رنگ ڪيو. خليفو مامون اهو سڀ ڪجهه فقط ان ڪري ڪري رهيو هو جيئن عوام هن کي پسند ڪري. پر امام علي رضا کي ايترو زنده رهڻ نه ڏنو ويو جو هو مامون رشيد بعد خليفو ٿي سگهي. 26- مئي 818ع تي جڏهن امام رضا خليفي مامون سان گڏ طوس شهر ۾ موجود هو ته هو اوچتو وفات ڪري ويو. هتي جي ڄاڻو ۽ عالمن جو اهو ئي چوڻ آهي ته خليفي مامون رشيد امام رضا کي انگورن ۾ زهر ملائي ڏنو هو. جنهن جو احوال مرڻ کان اڳ امام رضا پنهنجي پراڻي دوست ابا صلت سان اڻ چٽي طرح ڪيو.
    امام جي شهادت بعد سڄي خراسان ۾ وڏو گوڙ مچي ويو. عوام اڳيان مامون رشيد پنهنجو منهن مٿو پٽيو ۽ اوڇنگارون ڏيئي رنو، پر وڏي ڀاڱي عوام اهو ئي سمجهڻ تي مجبور رهي ته ان قتل پويان مامون رشيد جو هٿ آهي. ان وقت امام علي رضا جو اڪيلو پٽ محمد التقي نون سالن جو هو ته هن کي نائين امام ٿيڻ جي جوابداري سونپي وئي. ڪجهه سالن بعد خليفي مامون رشيد هڪ دفعو وري پنهنجي طاقت ۽ دولت امام علي رضا جي فرزند امام تقي (نائين امام) تي آزمائي. هن امام تقي کي گهرائي سوچيل رٿا موجب پنهنجي ڌيءُ ام الفضل سان شادي ڪرائي. جيتوڻيڪ مامون رشيد جي عباسي خاندان ان شاديءَ تي سخت مخالفت ڪئي پر اها شادي هر صورت ۾ رچائي وئي. مشهد شهر جي مڪاني گائيڊ مطابق هن اهو ئي چاهيو ٿي ته سندس ڌيءَ جو ٻار اڳتي هلي ڏهون امام ٿئي. پر امام تقي کي ام الفضل مان اولاد نه ٿيو، کين ٻي زال سومانه مان علي الهادي ڄائو جيڪو اڳتي هلي شيعن جو ڏهون امام ٿيو. خليفي مامون جي ڌيءَ ام الفضل وٽ جيتوڻيڪ امام تقي بغداد ۾ اٺ سال ۽ ان بعد مديني ۾ ڪجهه سال رهيو پر ام الفصل جو امام سان ٺاهه نه رهيو. 833ع ۾ خليفي مامون جي وفات بعد هن جو ويڳو ڀاءُ المتسم خليفو بڻيو. ان بعد امام تقي لاءِ حالتون ويتر ڏکيون ٿي پيون. خليفو المتسم شروع کان علمائن جي خلاف هو ۽ هاڻ خليفو بنجڻ بعد پنهنجي نفرت جا اظهار کلئي طرح ڪرڻ لڳو. ايتريقدر جو هن اعلان ڪيو ته سڀ شيعا غير مسلم آهن ۽ ٻين تي واجب آهي ته هو هنن کي قتل ڪن ۽ سندن مال ملڪيتن کي نقصان رسائين. 835ع ۾ هن امام تقيءَ کي بغداد گهرايو جتي هن جو موت اوچتو درپيش آيو.
    امام محمد تقي (شيعن جي نائين امام) جي شهادت جا به ڪيترائي حالات بيان ڪيا وڃن ٿا. ابن شهر اشوب تاريخدان ان بابت ٻڌائي ٿو ته، خليفي المتسم پنهنجي ڀائيٽي ام الفضل کي پنهنجي مڙس امام تقي کي قتل ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو. جنهن 29 ذوالقعد 220 هجري (835ع) تي امام تقي کي زهر ڏئي شهيد ڪيو. کين بغداد ۾ قريش جي قبرستان ۾ پنهنجي ڏاڏي موسيٰ الڪاظم (ستين امام) جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو. هي مقبرو جنهن هيٺيان اهي ٻه قبرون آهن ڪاظمين سڏجي ٿو. جن جي زيارت لاءِ مختلف ملڪن کان ماڻهو عراق اچن ٿا.


    اي خاڪ خراسان....

    هتي ايران ۾ اچي هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي اٿم ته ايراني شيعن جي اٺين امام علي ابن موسيٰ الرضا (818-765) سان وابسته هر شيءِ کي جڏهن رضوي سڏين ٿا ته رضويءَ جي ”ر“ اکر مٿان زبر ڏيئي اچارين ٿا. يعني Razvi. پر اسان وٽ ”ر“ هيٺيان زير ڏيئي رضوي Rizvi سڏين ٿا. جيئن ڪراچيءَ جي رضويه سوسائٽي يا اسان جو ڪليگ جهازن جو چيف انجنيئر جميل رضوي.
    قم يا ٻين شهر جي مسجدن ۽ مدرسن ۾ عالمن ۽ شاگردن کي مختلف رنگن جا عبايا (گائون) پهريل نظر اچن ٿا پر مٿي تي اڇي رنگ جو عمامو (پڳ) اٿن يا وري ڪاري رنگ جو. قم ۾ حيدرآباد جي سيد محمد شاهه جو فرزند غلام مهدي شاهه مليو تنهن ٻڌايو ته عبايا ته ڪوبه ڪهڙي به رنگ جو اوڍي سگهي ٿو. پر ڪاري رنگ جو عمامو (پٽڪو) اهي پهرين ٿا، جيڪي سيد آهن. باقي عام ماڻهو اڇي رنگ جو عمامو مٿي تي رکن ٿا. اسان جي سنڌ جا به ڪيترائي عالم ايران جي مختلف شهرن ۾ نظر آيا. انهن ۾ به جيڪي سيد آهن انهن جي مٿي تي ڪاري رنگ جو عمامو هو. باقي لغاري، ڀتا، وڌهو، چانڊيا ۽ ٻين ذاتين وارن عالمن جي مٿي تي اڇي رنگ جو هو.
    مٿيون همراهه غلام مهدي شاهه سول سروسز اڪيڊمي ٽنڊو ڄام ۾ ريسرچ آفيسر آهي. اسان جو مرحوم اديب ۽ سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر ظفر سندس مامو ٿئي. هن ٻڌايو ته هو حيدرآباد کان گروپ ٺاهي ڪڏهن باءِ روڊ ته ڪڏهن باءِ ايئر، ايران اڪثر ايندا رهن ٿا.
    هڪ ايراني سيد ٻڌايو ته رضوي دراصل تقوي به سڏجن ٿا امام علي رضا کي هڪ ئي پٽ امام محمد التقي (835-810) هو، سو جيڪي امام رضا جو اولاد (يعني رضوي سڏائين ٿا سي سڀ امام محمد التقي جو ئي اولاد آهن. يعني اهي تقوي به ٿيا. امام تقيءَ جي شادي ان وقت جي عباسي خليفي مامون رشيد (جنهن 813 کان 833) تائين ويهه سالن کن حڪومت ڪئي) جي ڌيءَ ام الفضل سان ٿي پر ان مان کين ڪو اولاد نه ٿيو. ڏهون امام علي تقي (علي الهادي پڻ سڏيو ويو ٿي) ۽ ٻيا ٻار امام تقيءَ کي ٻي زال مان ٿيا. امام علي تقي 827 ۾ ڄائو ۽ 868 ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو عراق جي سامره شهر جي العسڪري مسجد ۾ آهي.
    امام خميني، ڏٺو وڃي ته هڪ پوڙهو ماڻهو، ڳوٺاڻو، جسماني طرح ڪمزور ۽ ملڪ بدر انسان هو. هن بنا ڪنهن توب ۽ تلوار جي فقط تعليم ۽ تقرير ذريعي ملڪ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. ويهين صديءَ ڪيترائي انقلابي ليڊر پيدا ڪيا پر جتي مائوزي تنگ، اسٽالن، هٽلر جهڙا دهريت، ماديت ۽ ڪميونزم جي پرچار ڪندا رهيا ۽ مذهب کي غير اهم ٿي سمجهيو اتي امام خمينيءَ روحانيت کي ضروري ٿي سمجهيو. هن روس جهڙي رياست کي به اهو ٻڌايو ته توهان جي ملڪ لاءِ مصيبت جو سبب Capitalism، آزادي يا معاشيات ناهي پر ايمان جي کوٽ آهي.
    ايران ۾ ڪيترائي پڙهيل ڪڙهيل امام خمينيءَ جي اها ڳالهه فخر سان ٻڌائيندا رهن ٿا ته امام خمينيءَ روس جهڙي ملڪ، جيڪو ان وقت دنيا جو سپر پاور هو، جي صدر گورباچوف کي سندس ملڪ ٽٽڻ بابت اڳواٽ ٻڌايو ۽ کيس اسلام کي سمجهڻ لاءِ چيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته 5- جنوري 1989ع تي اها دنيا جي اخبارن ۾ خبر ڇپي هئي ته ايران جي آيت الله خميني سوويٽ USSR ليڊر کي خط لکيو آهي ته ”تنهنجي ڪميونزم مردار ٿي چڪي آهي جنهن جي هاڻي صحيح جاءِ فقط عجائب گهر آهي. مون کي موڪل ڏي ته توکي اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڌيان ڇڪايان ڇو جو اسلام عالمي طاقت رکي ٿو ۽ اسلام ذريعي اسان انسان ذات جا بنيادي مسئلا ختم ڪري هن دنيا ۾ سڪون و آرام آڻي سگهون ٿا. ”خميني جي ان خط جا انگريزي ۾ جملا ڪجهه هن ريت هئا:
    “… Your commnunism will relegate to the museums of the world’s polititical history, since Marxism cannot meet any of the real needs human beings…”
    ان وقت ڪنهن ٿي سوچيو ته روس (سوويت رياستن جو جهڳٽو) جيڪو هيڏو طاقتور ملڪ سمجهيو ويو ٿي اهو ٽٽي پوندو. خميني جي مٿين خط بعد جيڪو هن 1989ع ۾ لکيو هو ٻن سالن اندر روس ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. اڄ ڪميونزم جو فلسفو فقط ماضيءَ جو پڙاڏو آهي. 1991ع کان وٺي روس جي هر هڪ رياست پنهنجي ليکي ۽ پنهنجي منهن آهي، ڪنهن ۾ به ڪمينوزم نه رهيو آهي.
    اڃان ڪراچيءَ ۾ ئي هئاسين ته اسان جي ايران جي سفر جو بندوبست ڪرڻ واري اسان جي گائيڊ محمد علي رضوي اسان کي چوندو رهيو ته هو هڪ ڏينهن اسان کي مشهد کان پري هڪ خوبصورت جاءِ تي وٺي هلندو جتي هو پنهنجي خرچ تي اسان جي دعوت ڪندو.
    ”اهو هتي جو خوبصورت پڪنڪ اسپاٽ آهي،“ محمد علي ٻڌايو هو، ”جيڪو مشهد کان به گهڻو بلندي تي آهي جتي اونهاري ۾ به سيءَ پوي ٿو. ڊگهن صنوبر جهڙن وڻن جي هيٺيان ڪيتريون ئي هوٽلون آهن جتي پري پري کان ايراني پنهنجي ڪٽنبن سان شام گذارين ٿا.“
    مشهد ۾ ٻه ٽي ڏينهن گذرڻ بعد هڪ ڏينهن محمد عليءَ اسان کي رهائش واري هوٽل بدران ٻاهر هلي رات جي ماني کائڻ لاءِ چيو.
    ”اڄ هلو ته توهان کي ان خوبصورت هنڌ تي وٺي هلان جنهن لاءِ مون واعدو ڪيو هو.“ محمد علي اعلان ڪيو.
    ”ڇا مشهد کان وڌيڪ سهڻي جاءِ ٿي سگهي ٿي؟“ اسان مان ڪنهن چيو.
    ”اهو هنڌ مشهد جوئي حصو آهي.“ محمد علي وراڻيو.
    شام جو پنجين بجي ڌاري پڪنڪ بس اسان جي هوٽل اڳيان آئي جنهن ذريعي اسان ڪلاڪ بعد مشهد کان ٽيهه ڪلوميٽر ٻاهر هن خوبصورت ۽ ٿڌڙي ڳوٺ ۾ پهتاسين جنهن جو نالو شانديز آهي. مٿانهين Altitude وارو هي ڳوٺ ملائشيا جو گينتگ هاءِ لئنڊس ٿي لڳو جتي پهچڻ سان سيءَ ڪري ڏڪڻي وٺي وئي. چوڌاري ريسٽورينٽس ۽ باغ باغيچا هئا جن جي اڳيان ۽ اندر ڪيتريون ئي ايراني فئمليون ۽ ڌاريان نظر اچي رهيا هئا. هتي عورتن جا روسري (حجاب) سان مٿا ڍڪيل ضرور هئا پر اهي ڊگهين چادرن ۾ ويڙهيل نه هيون جيئن امام علي رضا جي مقبري تي نظر اچن ٿيون.
    اسان جي ميزبان محمد علي ۽ سندس ڀاءُ سلمان رضوي اسان لاءِ هتي ڪيترائي لوڪل ۽ ايراني ڊش گهرايا جن ۾ هڪ ڪوابن جو به ڊش هو. هن ريسٽورنٽ جنهن جو نالو ”تالار ريستوران بهارستان“ هو ان جي مئنيجر ٻڌايو ته ”هي ڪواب هن ڳوٺ شانديز Shandiz جي اسپيشلٽي آهي جنهن جو نالو ئي شانديز ششلڪ Shandiz Shishlik آهي هتي پري پري کان ماڻهو ”ششلڪ“ کائڻ لاءِ اچن ٿا ۽ سڄي ايران ۾ هن قسم جي ڪوابن کي اسان جي ڳوٺ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.“ هي ائين آهي جيئن اسان وٽ بهاري ڪواب، دکني آچار، افغاني پلاءُ وغيره ريسٽورنٽ جي مئينجر ٻڌايو ته هن وٽ سڀ خوارزمي بورچي آهن ۽ پوءِ مون کان پڇيو. ”توهان خوارزمي سمجهو ٿا؟“
    ”پهرين ايران بابت ايتري ڄاڻ نه هئي پر پوءِ ڪجهه هتي اچي معلومات حاصل ڪئي اٿم ۽ ڪجهه هتي اچڻ کان اڳ ايران بابت پڙهي نڪتو آهيان.“
    ”خوارزمي“ خوارزم Khwarezm علائقي جي ماڻهن کي سڏجي ٿو. فارسي ادب، خوارزم ۽ ان جي شهرن جي قصن ڪهاڻين سان ڀريو پيو آهي. ”امو درياه“ جي ڊيلٽا (ڇوڙ) وارو علائقو خوارزم سڏجي ٿو. جيڪو ڪنهن زماني ۾ ايران ۾ هو. هاڻ ماڊرن دور ۾ نيون سرحدون ۽ نوان ملڪ ٺهڻ بعد هي علائقو ازبڪستان ۾ اچي ويو آهي، پر هتي جي رهاڪن جي اڄ به روزمره جي زبان فارسي آهي. ايران سلطنت ۾ هن علائقي جا ڪيترائي اديب، شاعر، فيلسوف، عالم ۽ سائنسدان دنيا ۾ مشهور ٿيا جيئن مشهور صوفي نجم الدين ڪبرا ۽ نجم الدين رزي، دنيا جو مشهور حساب دان محمد ابن موسيٰ الخوارزمي جنهن جي نالي الگورٿم ٽرم آهي. ڏهين صدي جو محمد ابن احمد خوارزمي جيڪو Encyclopedist به سڏجي ٿو. جنهن جو فارسي ۾ لکيل ڪتاب ”مفاته العلوم“ مشهور آهي. جيڪو انگريزي ۾ Key of the sciences نالي ترجمو ٿيل آهي. سائنسدان بيروني، فلاسفر قطب الزمان محمد ابن ابو طاهر مروازي، ماهر فلڪيات المروازي، تاريخ دان ابوالغازي بهادر وغيره وغيره مشهور حاڪم تميورلنگ جي زال توريح بيگ خانم به هن علائقي جي پرشن (ايراني) عورت هئي. ايران جي هن علائقي خوارزم جي گادي جو شهر گرگانج هو جنهن کي مغربي دنيا Urgench سڏي ٿي. سترهين صدي بعد گاديءَ جو شهر خيوا Khiva ٿيو. فارسي جو شاعر خاقاني شيرواني جو خوارزم علائقي جي واکاڻ ۾ هڪ شعر آهي ته:

    عالم جانها بر او هست مقرر چنانڪ
    دولت خوارزم مشاهه داد جهان را قرار
    شيخ سعدي جو به ان وقت خوارزم جي حاڪم بابت هڪ مشهور شعر آهي ته:
    يڪي پر طمع پيش خوارزم مشاهه
    شنيدم ڪه شد بامدادي پگاهه
    (هڪ لالچي ماڻهو خوارزم ۾ شاهه وٽ آيو صبح جو سوير مون ائين ٻڌو آهي.)
    هن علائقي خوارزم جي گادي واري شهر گرگانج جي به ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اڄ جي سنگاپور هانگ ڪانگ ۽ دبئي وانگر ديسان ديس مشهور ۽ امير شهر هو. ياقوت الحمودي تيرهين صدي جو هڪ مشهور بايوگرافر ۽ جاگرافي جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي. پاڻ 1179ع ۾ شام جي حما شهر ۾ ڄائو، ان ڪري حموي ٿو سڏجي. پاڻ هڪ غلام جي حيثيت ۾ وڪرو ٿي بغداد پهتو جيڪو تن ڏينهن ۾ ايران سلطنت هيٺ هو. ياقوت جي مالڪ کيس پڙهايو لکايو ۽ هو وڏو عالم ٿيو. پاڻ ڪجهه ڪتاب به لکيائين جن ۾ معجم الادباءَ (ليکن جي لغت) بيحد مشهور چيو وڃي ٿو. هن ديسان ديس سفر ڪيو. 1229 ۾ وفات ڪيائين. ياقوت الحمويءَ خوارزم جي گادي واري شهر گرگانج جي وڏي تعريف لکي آهي. چي: ”مون گرگانج جهڙو امير ۽ خوبصورت شهر ڪٿي به نه ڏٺو.“ بهرحال هي شهر ڪيترن جي حملن جي ور چڙهيو ۽ هر هڪ هن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي، خاص ڪري منگول لشڪر امو درياءَ جون ڊيمون ڀڃي گرگانج کي لوڙهائي ڇڏيائون. ياقوت لکي ٿو ته هر منگول فوجيءَ سراسري چار گرگانج جا شهري قتل ڪيا. انهن شهيدن ۾ مشهور صوفي نجم الدين ڪبرا به هڪ هو. چيو وڃي ٿو ته منگولن جي لشڪر ۾ اسي هزار سپاهي هئا. گرگانج تي آيل ان تباهيءَ جو ذڪر ديوان انوري ۾ به آهي.
    آخر اي خاڪ خراسان داد يزدانت نجات
    بلاي غيرت خاڪ ره گرگانج وڪات
    (اي خراسان جي ڌرتي! خدا توکي بچائي ورتو آهي. ان تباهي کان جيڪا گرگانج ۽ ڪات تي نازل ٿي.)


    شانديز جي تهه ديڳ

    ان رات شانديز جي ريسٽورنٽ ۾ اسان چڱي دير ويٺا رهياسين. ٻاهر سخت سردي هئي پر اندر هيٽر ٻري رهيا هئا. ريسٽورنٽ جو هال، شادي هال جيڏو ٿيندو، جنهن جي وچ ۾ ٽيبل ڪرسيون رکيل هيون ۽ چوڌاري ٿلها ٺهيل هئا جيڪي پاسن کان ٿلهن پڙدن ذريعي هڪ ٻئي کان ڌار ٿيل هئا. انهن ڪاٺ جي ٽيبلن ذريعي ٺهيل ٿلهن مٿان خوبصورت غاليچا وڇايل هئا ۽ ٽيڪ ڏيئي وهڻ لاءِ طول وهاڻا هئا. اسان مان مرد هڪ ۾ ٿي ويٺا ۽ عورتون ٻئي ۾. هال جي وچ ۾ رکيل ٽيبل ڪرسين تي به ڪجهه ايراني مرد عورتون ويٺل هيون پر هن ريسٽورنٽ جي گهڻن گراهڪن اسان وانگر هنن ڪئبنن ۾ غاليچن تي ويهي ماني کائڻ پسند ڪئي ٿي. هال ۾ داخل ٿيڻ واري ڀت پاسي اهڙيون ڪئبنون نه هيون ۽ انهن ڀتين تي تمام وڏيون ۽ سهڻيون فريم ٿيل پينٽنگ لڳل هيون. جيسين ماني اچي. آءٌ ڪجهه دير انهن هٿ جي ٺهيل تصويرن کي ڏسندو رهيس. هوٽل جي هڪ بئري ٻڌايو ته هن کي ٻه ٻار آهن جن کي صبح جي وقت هو ڏسندو آهي جيئن سندس زال اسپتال ۾ نرس جي نوڪري ڪري سگهي ۽ شام جو چئين بجي هن جي موٽڻ تي هو هتي جاب لاءِ اچي ٿو، جو هن قسم جي ريسٽورنٽ ۾ گراهڪ سج لٿي کان پوءِ اچن ٿا، هنن تصويرن بابت هن ٻڌايو ته اهي شاهنامي جي فرضي ڪردارن، رستم، سهراب، تهمينه، ذال، ردابا، شغاد، اسفنديار وغيره جي لڙائين، معاشقن ۽ ملاقاتن جون آهن.
    ماني تي مختلف ڊش گهرايا ويا جيڪي اسان جي گائيڊ محمد علي رضويءَ وڏو خرچ ڪري اسان کي نه فقط کارائڻ لاءِ پر ڏيکارڻ لاءِ پڻ آرڊر ڪيا ته جيئن اسان کي مختلف ايراني ڊشن جي آئيڊيا ٿي سگهي. انهن ۾ هڪ چانورن جو به ڊش هو جنهن جي مٿان کرڙ جا برفيءَ وانگر چورس ٽڪرا رکيل هئا. کرڙ بابت ورجينيا (USA) جي هڪ ايراني هوٽل شمشير جو احوال پنهنجي سفرنامي ”نيوهالا کان نيويارڪ“ ۾ لکي چڪو آهيان ته ايراني بورچي جي قابليت جو اندازو کرڙ مان لڳائي سگهجي ٿو. مون وانگر ڪيترن کي ئي کرڙ وڻندي هجي. شايد ان ڪري جو اهي چانور وڌيڪ رڌجي وڃن ٿا. بلڪ فراءِ ٿين ٿا، ان ڪري بيحد لذيذ ٿين ٿا.
    جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ ۾ ڪيترا ماڻهو کرڙ کائڻ کي بي عزتي سمجهن ٿا. اسان وٽ چوڻي مشهور آهي ته: ”مال پاڻ کائي ويا اسان لاءِ کرڙ ڇڏيائون.“ ڪو ٻار ڏنگو هوندو ته چوندا؛ هي ڪنهن جي کرڙ آهي؟ معنيٰ هي نڪمو يا نالائق ڪنهن جو آهي؟ پر ايران ۾ کرڙ اعليٰ شيءَ سمجهي وڃي ٿي. يورپ ۾، خاص ڪري سئيڊن ۾ ٻه سال پڙهائي دوران جن ايرانين جي پاڙي ۾ رهندو هوس، اهي به کرڙ کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ عيد برات ٻئي ڊش سان گڏ هڪ الڳ پليٽ تي کرڙ ذرو پڻ رکي مون ڏي موڪليندا هئا. سو ان Speciality کان آءٌ چڱي طرح واقف هئس ۽ مون پئي سمجهيو ته ڪنڊ تي ويٺل مون لاءِ، شايد ئي ڪا بچي! پر ڏٺم ته ڪنهن به اها نه کنئي. نيٺ مون کڻي پهرين پاسي ۾ ويٺلن کي آفر ڪيو پر مون ڏٺو ته هنن کي اها ڳالهه نه وڻي ته آءٌ ڪباب، گوشت ، گانگٽ ۽ پلا ڇڏي کين کرڙ جي آفر ڪري رهيو آهيان ۽ هنن کي بعد ۾ ايتري حيرت لڳي جڏهن مون کرڙ جا وڏا وڏا چاپوڙا کڻي، آرام سان ويهي کاڌا.
    هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته هيءَ کرڙ، هن کي اڳ ايرانين جي رڌل ڀت جي کاڌل کرڙين کان، مون کي بيحد مختلف، ڪجهه Soft ۽ ٿلهي Layer واري لڳي. آخر ۾ جڏهن بئرو ٿانو کڻي رهيو هو ته مون سلمان رضوي جي معرفت پڇيو ته هي کرڙ ايڏي سوادي ڇو آهي. سلمان هتي اچي فارسي سٺي سکي ويو آهي. ان بئري جي ڳالهه ترجمو ڪري ٻڌائي ته هيءَ کرڙ خاص ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ زعفران، بيضا، مائو ۽ پستن جي ڪاتر مليل آهي ۽ مکڻ ۾ فراءِ ڪئي وئي آهي. سلمان جي اها ڳالهه ٻڌي سڀ باقي بچيل کرڙ کڻي کائڻ لڳا ۽ واهه واهه ڪرڻ لڳا. هو پڪ دل ۾ سوچيندا هوندا ته مکڻ ماوا ۽ پستا بادام ته آءٌ کائي ويس. بهرحال توهان جو ڪڏهن ايران وڃڻ ٿيئي يا دبئي، بحرين، انگلينڊ ۽ آمريڪا جي ڪنهن ايراني ريسٽورنٽ ۾ وڃڻ ٿئي. ته چلو ڪباب (ڪواب ڀت) سان گڏ کرڙ کي به ضرور چکبو جنهن جو فارسي نالو ”تهه ديگي“ آهي.
    ماني سان ڪنهن ڪوڪا ڪولا بدران سادو پاڻي ۽ نمڪين ڏڌ هو. ماني بعد هتي جي سبز چانهه ڏني وئي. ان سان گڏ هڪ عدد حقو به رکيو ويو جنهن مان ٻين ته فقط نموني خاطر هڪ اڌ ڦوڪ ڀري باقي اسان جي ساٿي سجاد مکئي، جنهن کي سندس ٻار هر وقت گهڻي سموڪنگ کان منع ڪندا رهن ٿا، ان موقعو غنيمت سمجهي خوب وارا ڪڍيا. رات جا ٻارهن اچي ٿيا هئا. ڪيتريون ئي ايراني فئمليون اڃان ويٺيون هيون. اسان جي دل به ههڙي ماحول کي ڇڏڻ لاءِ نٿي چيو پر ٻئي ڏينهن صبح ساڻ تهران لاءِ فلائيٽ هئي جتان پوءِ قم باءِ بس وڃڻو هو.
    شانديز کان مشهد شهر ڏي موٽندي سلمان ۽ سندس ڀاءُ محمد علي سندن هتي رهندڙ هڪ ساٿي عابد جعفري کي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ چيو. اسان سندس مٺي سر ۾ منقبت ٻڌندا شهيد علي الرضا جي شهر ڏي وڌندا رهياسين جتي گذاريل چند ڏينهن ياد رهندا ۽ جنهن شهر کي سڀاڻي ڇڏڻ جو سوچي بيحد ڏک ٿو ٿئي..

    المدد مولا رضا، المدد مولا رضا...
    نانا نبي، دادا علي، دادي تيري خيرالنساءِ
    مسڪن تيرا مولا رضا، عرض اولا سي ڪم نهين
    ڪهتا رهونگا عمر بهر، مجهه ڪو تو ڪوئي غم نهين
    ڪم نهين جنت ڪي کهاني سي مولا لنگر تيرا
    المدد مولا رضا، المدد مولا رضا..


    ڪُتا آزاد، پٿر قيد....

    اسان جي ملڪ ۾ ڪتن جو وڏو آزار آهي. شهر هجن يا ڳوٺ توهان کي جتي ڪٿي گهٽين ۾ رول، بيمار، ڦٽيل، سست ۽ ڇتا ڪتا نظر ايندا. اهي نه فقط گندگيءَ ۾ واڌارو آڻين ٿا. پر ڪيتريون ئي معصوم جانيون هنن جي چڪ ( ڏاڙهڻ ) ڪري موت جو شڪار ٿيو وڃن. اسان وٽ نه آهي اهڙي نقصانڪار جانورن جي خاتمي جو بندوبست ۽ نه وري ترت علاج. ڪيترائي غريب دوائن جي نه هجڻ ڪري يا ناڪارا قسم جي بي اثر دوائن ڪري، تڙپي تڙپي مريو وڃن. گذريل سال 2007ع جي رپورٽ مطابق دنيا ۾ سڀ کان گهڻا ڇتي ڪتي جا ڏاڙهيل پاڪستان ۾ موت جو شڪار ٿيا ۽ وري پاڪستان ۾ ڏٺو وڃي ته سڀ کان گهڻا ڇتي ڪتي جا موت سنڌ ۾ ٿين ٿا. ڪتو چاهي صاف سٿرو رکيو وڃي ۽ پالتو هجي، تڏهن به هو ڪو بهتر جانور نٿو سمجهيو وڃي. يورپي ملڪن ۾ جتي ڪتو پالڻ جي اجازت آهي. اتي هن کي صاف سٿرو رکڻ ۽ هن کي وقت تي سيون هڻائڻ تي سختي مڙهي وئي آهي. ميونسپالٽي طرفان ڪتي پالڻ واري کان هر سال هزارهين رپيا ٽئڪس ورتو وڃي ٿو. جو هو رستن تي ڪتن جي گندگي اڇلائڻ لاءِ دٻا مهيا ڪن ٿا. ڪتي کي پاڻ سان واڪ ڪرائڻ واري مرد توڙي عورت لاءِ ضروري آهي ته کيسي ۾ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون کڻي هلي. رستي تي ڪتي جي هنگڻ تي مالڪ جو ڪم آهي ته اها پلاسٽڪ جي ٿيلهي هٿ تي چاڙهي پنهنجي ڪتي جو گند کڻي، في الحال بئگ ۾ رکي ۽ جي عورت آهي ته پنهنجي ٺهيل دٻي ۾ اڇلائي. ٻي صورت ۾ سرڪار طرفان انهن تي ڏنڊ ۽ سزائون رکيل آهن ۽ جي ڪتو ڪنهن کي چڪ ٿو هڻي ڪڍي ته مالڪ کي لک رپيا ڏنڊ ڏيڻو پوي ٿو. ايڏين سختين هوندي به يورپي ملڪن جا ڪتا به بيمار ٿيندا رهن ٿا. اهي به چڪهڻندا رهن ٿا ۽ انهن جا مالڪ پنهنجن انهن پالتو جانورن جو رستي تان گند کڻڻ کان لنوائيندا رهن ٿا. سئيڊن، ناروي ۽ جپان جهڙن ملڪن جون حڪومتون پنهنجي عوام کي ڪتي پالڻ کان Discourage ڪنديون رهن ٿيون. سئيڊن ۾ M.Sc ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ اتي جي سائنسدان ڊاڪٽر اهو ثابت ڪيو هو ته ڪتي جي زبان مان ڳڙندڙ لاڙ بيمارين جو سبب آهي ۽ ڪتي کي ڪيترو به صاف رکڻ جي باوجود هو نقصانڪار رهي ٿو. اسلام به ڪجهه مجبورين جي؛ جهڙوڪ ٻني ٻاري جي چوڪيداري کان علاوه گهر ۾ ڪتي کي رکڻ کان منع ڪئي آهي ۽ ڪتي کي نجس يعني پليت جانور قرار ڏنو آهي. ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جي گهٽين ۾ ڪتو نظر ئي نٿو اچي. مون جهڙن واڪ ڪندڙ شوقينن کي پڪ اهڙا ملڪ وڻندا هوندا جتي هو ڪتي جي ڀونڪار، ڏاڙهڻ ۽ پٺيان پوڻ جي خوف بنا سڪون سان واڪ ڪري سگهن ٿا. سعودي عرب جي شهر ينبو (ينبع) ۾ رهندو هوس ته هر گهٽي ۾ توڙي شهر کان ٻاهر ٻهراڙي ڏي واڪ ڪري وڃي نڪرندو هوس، پر ڪٿي به ڪو ڪتو نظر نه ايندو. ملائشيا ۾ ڪتا آهن پر فقط چينين جي ڳوٺن ۾ سو به هنن جا پالتو ٿين ۽ گهر ۾ ٻڌيل رهن ٿا، باقي ملئي ماڻهن جي ڳوٺن ۾ مجال آهي ڪو ڪتو نظر اچي.
    جپان وانگر ملائيشيا ۾ به آزاد ۽ بنا پٽي وارو جانور فقط ٻلو نظر اچي ٿو. پر تعجب جي اها ڳالهه آهي ته ايران جي گهٽي گهٽي ۾ رول ڪتو ته ڇا پر لاوارث ٻلا ٻليون به نظر نه ٿيون اچن. ايران جون ٻليون ٿائلنڊ جي سياسي ٻلين کان به سهڻيون ٿين ٿيون ۽ اهي گهرن ۾ ئي ڪنهن غاليچي جي ڪنڊ تي يا ٻرندڙ بخاريءَ جي ڀرسان ادب سان ويٺل نظر اچن ٿيون. باقي رول ڪتا ڪٿي به نظر نٿا اچن. چاهي قم، تهران، نيشاپور، مشهد جهڙا وڏا شهر هجن يا قاسم آباد، سعيد آباد، شريف آباد، ديهه مري يا ديهه غيبي جهڙا ڳوٺڙا هجن. جي ها! اهي ايران جي ڳوٺن جا نالا آهن جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان جا ڳوٺ لڳن ٿا يعني نالن ۾ - افعالن ۾ نه. ايران جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ هليا وڃو ته به پڪو رستو، بجلي، پاڻي، اسڪول ۽ اسپتال جهڙي شيءَ نظر ايندي. اسان جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڳوٺن ۾ نالي خاطر ته اسڪول به آهن ته اسپتالون به، پر منجهن نه ماستر نه شاگرد، نه بورڊ نه بينچون، نه ڊاڪٽر، نه دوائون.... رهي بجلي سا ته هاڻ شهرن مان به موڪلائي وئي آهي. سياري ۾ آچر ڏينهن جڏهن فئڪٽريون ڪارخانا بند رهن ٿا، ڪو ايئرڪنڊيشنر به نٿو هلائي. تڏهن به حيدرآباد ۽ ڪراچي جهڙن شهرن ۾ به لوڊ شيڊنگ پئي ٿئي.
    لڳي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ ايران جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اسان جي گهٽين جهڙن بيمار، ڇتن ۽ مريض ڪتن جي تمام گهڻائي هئي، جن گهٽين مان لنگهندڙ ماڻهن جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي هئي. تڏهن ته فارسيءَ جي هڪ شاعر شڪايت طور انهن ڪتن تي شعر لکيو جنهن جو مفهوم آهي ته: ”هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جتي ڪتا آزاد آهن ۽ پٿر قيدي...“
    پر اڄ جي ايران ۾ نه فقط پٿر قيدي آهن پر ڪتن کي به قيدي بنايو ويو آهي. پٿر هن ريت قيدي آهن جو توهان کي ايران جي ڪنهن به شهر جا رستا اسان جي ڪراچي ۽ حيدرآباد يا لاڙڪاڻي ۽ دادو جهڙا ڀڳل نظر نه ايندا. ڀڳل رستن تي ڪتن کي هڻڻ لاءِ پٿر به جام. ڪتن کي قيدي هن ريت بنايو ويو آهي جو ايران ۾ ڪتن لاءِ جيل خانا Dog Prison ٺاهيا ويا آهن جتي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪتن کي انهن لوهي پڃرن ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو، جيسين انهن جو مالڪ ڏنڊ جي ادائگي نه ڪري. اها ڀڃڪڙي به مالڪ ئي ته ڪري ٿو، جيئن ته ڪتي کي دڪانن ۽ بازارين ۾ وٺي هلڻ. رستي تي هن جي هنگڻ تي يعني ڪتن جي هنگڻ تي، مالڪ جو رستو صاف ڪرڻ کان گوهي ڪرڻ وغيره.
    تهران ۾ هڪ سرڪاري اهلڪار ٻڌايو ته ”ڪتو پالڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي ۽ نه ان جي اسان جهڙي ملڪ ۾ ضرورت آهي جتي چوڌاري امن امان آهي.“
    هڪ مذهبي رهنما ٻڌايو ته اسلام ۾ ڪتي کي گهر ۾ رکڻ کي خراب سمجهيو وڃي ٿو. ”پر اسان جي ملڪ ۾ مڙيئي ڪجهه مٿي ڦريل نوجوان آهن جيڪي مغرب جي وهنوار تي هلڻ کي ماڊرن ٿا سمجهن. جيتوڻيڪ عام خلق مغرب جي انهن ڳالهين کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿي. يورپ جا مرد يا عورتون ڀلي ڪتن کي ڪڇن ۾ کڻي هلن يا انهن کي ڀاڪر پائين ۽ چميون ڏين، پر اسان مسلمانن لاءِ ڪتو هڪ پليت جانور آهي.“
    مغرب جي ان ڪتي پالڻ واري شوق کي گهٽائڻ لاءِ تهران جي سيڪيورٽي چيف مسٽر احمد رضا رادان نئون آرڊر ڪيو آهي ته ڪنهن کي به ڪتي سان گڏ پبلڪ جاين تي اچڻ جي اجازت ناهي.
    منهنجي خيال ۾ ايران جو هي هڪ داخلي مسئلو آهي. بيحد معمولي ۽ عام ڳالهه آهي، بلڪه سٺي ڳالهه آهي جو ايران جي حڪومت عوام لاءِ بهتر قدم پئي کڻي جيئن آمريڪا، يورپ، جپان ۽ ٻين سڌريل ملڪن ۾ عوام جي بهتري لاءِ هر روز ان قسم جا قانون ڪڍيا پيا وڃن. جيئن بسن ۾ يا پبلڪ جاين تي سگريٽ ڇڪڻو ناهي، جتي ڪٿي ٿڪون اڇلائڻيون ناهن، ويندي سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ ته ريل گاڏيءَ ۾ چيغم به نٿا کائي سگهو، هوٽلن، بسن ۽ ريل ۾ اگري ڌپ وارو ڪنو ميوو پاڻ سان کڻي نٿا سگهو ۽ هن قسم جو ڪتن لاءِ قانون جيڪو هن هفتي کان ايران جاري ڪيو آهي. جيڪڏهن انگلينڊ، سئيڊن، آمريڪا يا جپان وغيره ۾ نڪري ها ته سڄي دنيا ان کي ساراهي ها پر رات انٽرنيٽ تي انگلينڊ ۽ آمريڪا جي هڪ ٻه اخبار پڙهندي حيرت ٿي ته اتي جي اخباري نمائندن هن کي غلط رنگ ڏيئي وڏي هاءِ گهوڙا مچائي آهي ته ايران ۾ ڪتن سان ظلم ٿي رهيو آهي. ڪتا پالڻ وارن سان ڏاڍائي ٿي رهي آهي جو هنن کي پنهنجا ڪتا پاڻ سان گڏ گهمائڻ کان روڪيو پيو وڃي... وغيره وغيره اهي ڳالهيون ڏسي مغرب جي ايران لاءِ تعصبي سوچ جو صاف اظهار ٿئي ٿو. مغربي پريس جون اهڙيون ڳالهيون پڙهي پڙهي اسان جهڙن کي ايران خراب ٿي لڳو جيڪو هتي پهچي مختلف لڳو آهي.


    مشهد جون بازاريون ۽ بلبلن جي هاءِ هاءِ!

    اڄڪلهه پاڪستان ۾ هر شي ملي ٿي سستي اگهه تي. منهنجو مطلب اهي واچون، ريڊيا، ٽرانسسٽر، ڪئلڪيوليٽر وغيره، جيڪي شيون ڪنهن زماني ۾ سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ جپان جهڙن ملڪن مان آڻبيون هيون. ڪراچي جي زينب مارڪيٽ، موتن داس مارڪيٽ، گل سينٽر، بوهري بازار، کهوري گارڊن ۽ آچر بازارين ۾ ته بوٽ، چمپل، ڪپڙا ۽ ٿانو ٿپا به ولايت کان سستا رکيا آهن. اگر ڪا شيءَ اڻ لڀ ۽ مهانگي آهي ته بقول دادو جي جهازي انجنيئر ظهير بابر قريشي جي اٽو، کنڊ، بصر ۽ پٽاٽا آهن. بهرحال ايران اچي دنيا جا ماڻهو ته خريداري ڪن ٿا پر اسان جا ماڻهو پڻ خاص ڪري عورتون، ڪجهه نه ڪجهه خريد ڪن ٿيو. خاص ڪري ڪپڙو، زغفران، قيمتي پٿر جيڪي هت سستي اگهه تي ملڪن ٿا جو انهن جون ڀر واري شهر نيشاپور ۾ کاڻيون آهن ۽ اتي ۽ هن شهر مشهد ۾ انهن جي ڪٽائي جو ڪم ٿئي ٿو.
    مشهد سڄو، اڄ کان ٽيهه سال کن اڳ وارو هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور لڳي ٿو. يعني دڪان ئي دڪان ۽ انهن جي اڳيان خريدار ئي خريدار. اهو ان ڪري جو هتي روزانو هزارين ٽوئرسٽ اچن ٿا ۽ دڪاندار گهٽ نفعو رکڻ جي باوجود چڱو ڪمايو وڃن ۽ خريدارن کي به مشهد ۾ هر شيءَ سستي پوي ٿي. مشهد ۾ هونءَ ٽي وڏيون ۽ مشهور بازاريون آهن. سڀ کان وڏي ۽ ڊبل ماڙ بازار رضا آهي جنهن کي بازار بزرگ به سڏين ٿا جيڪا 800 ميٽر کن ڊگهي آهي يعني منو ميل کن آهي جتي توهان کي هن صوبي خراسان جون هٿ جو ٺهيل شيون غاليچا، ڀرت، مصلن کان وٺي ڳهه ڳٺا، زعفران ۽ عطر وغيره ملندا ۽ ٻاهرين ملڪن جون شيون پڻ. اڄڪلهه ٻاهرين ملڪن جون شيون معنيٰ چين جون شيون. گهٽ اگهه ڪري چين دنيا جي بازارين تي ڇانئجي ويو آهي. هر هڪ مڃي ٿو ته انگلينڊ، فرانس، جرمني اٽلي جي شين جي Finishing بهتر آهي پر قيمتن ۾ فرق ته ڏسو. هن مهانگائي جي دور ۾ جڏهن وڏن پگهارن وارن جو حال به ”آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ وڃي ٿيو آهي اتي عقلمند ماڻهو انگلينڊ يا اٽليءَ جي مشهور ڪمپنين جو بوٽ ٽن هزارن ۾ وٺندو يا چين جو فقط ٻه سو رپين ۾ - توڙي کڻي چين جي ٺهيل شي جي اها سونهن نه هجي. بازار رضا ۾ هيٺ مٿي وڃڻ لاءِ ڪيترائي Escalators (اليڪٽرڪ تي هلندڙ ڏاڪڻيون) آهن. هن بازار کي ٻه وڏا گيٽ آهن، هڪ بيت المقدس چوراهي ڏي ۽ ٻيو سترهين شاهروار چوراهي ڏي آهي.
    مشهد جي هڪ ٻي مشهور بازار خاص ڪري ڪپڙي ۽ ٽيڪسٽائيل جي شين لاءِ سراءَ بازار رضا آهي ۽ ٽي بازار ڪويتي بازار نالي آهي جيڪا سترهين شاهروار اسڪوائر وٽ آهي ۽ هن بازار ۾ مختلف شيون ملن ٿيون. هي بازاريون صبح جو 8 وڳي کان شام جو 8 وڳي تائين کليل رهن ٿيون. انهن مشهور بازارين کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون مارڪيٽون ۽ شاپنگ سينٽر شهر ۾ جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. جيئن ته زست خوار بزنيس سينٽر جيڪو ڊاڪٽر شريعتي اسڪوائر (ڪوه سنگوئي) وٽ بئنڪ تجارت واري بلڊنگ ۾ آهي. ان کان علاوه خريداري لاءِ احمد آباد ايوينيو، جنت ايوينيو، دانشگاهه ايوينيو ۽ مودارس ايوينيو وارا دڪان پڻ مشهور آهن.
    هڪ ٻي بازار امام رضا جي مقبري جي اتر پاسي، تبريزي اسڪوائر وٽ شارق زست ٽريڊ سينٽر پڻ آهي. جتي هر شيءَ گهٽ قيمت تي ملي ٿي.
    مشهد جو شهر نه فقط بازارن جو پر پارڪن ۽ باغيچن جو به شهر آهي. جتي ڪٿي ساوڪ نظر اچي ٿي. هتي جي فارسي شاعرن کي ههڙا نظارا پسي واقعي Inspiration ملندي هوندي، باقي اسان وٽ خاص ڪري سنڌ ۾ رڳو آهن لُڪون ۽ جهولا، ڪرڙ ۽ ڪنڊا، ڪانگ ۽ ڪٻرون، ڊڀ ۽ ڪانڊيرا...! ڪٿي آهن مشهد ۽ تبريز واريون گل گلڪاريون، مور ۽ بربلون (بلبلون)، زعفران ۽ چنبيليون؟
    مڙيئي پاڪستان ٿيڻ واري دور جي شاعرن، فارسي شاعري کي سنڌي يا اردو رنگ ڏيئي انهن جي لامن تي زوريءَ کڻي نرگسون ۽ چنبيليون پوکيون ۽ مٿن بلبلون وهاريون پر پوءِ سگهوئي نئين ٽهي جي شاعرن کي حقيقت کان ڪم وٺي چوڻو پيو:
    ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙا
    ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا....
    يا بلبلن کي ٻولائڻ بدران پنهنجي ديس جي ڪاري ڪانگ کي لنوائڻو پيو...
    ”ڪانگ ٿو لنوي....“
    گلن باغيچن جا جيڪڏهن توهان شوقين آهيو ۽ مشهد ۾ گهڻا ڏينهن ٽڪڻ جو ارادو اٿانوَ ته پوءِ شهداءِ اسڪوائر مان سترهين، ارڙهين يا اوڻهين نمبر بس ۾ چڙهي ملت پارڪ ۾ هليا وڃجو، جيڪو وڪيل آباد روڊ جي ڀرسان آهي. ان کان علاوه شهر کان اٺ کن ڪلوميٽر پري هڪ ٻيو پارڪ وڪيل آباد پارڪ نالي آهي. مشهد جي جبلن جي قدمن وٽ ڪوه سنگوئي پارڪ ۽ دانش اسٽريٽ وٽ مرزا ڪوچڪ خان جنگلي پارڪ آهي. هي سڀ پارڪ تمام وڏا پارڪ آهن. جن جو تصور اسان ڪري نٿا سگهون جو ان ليول جا پارڪ اسان وٽ عام نه آهن. جيڪي ننڍي ليول جا پارڪ اسان وٽ آهن اهي به پاڻي جي کوٽ ۽ مالهين جي غير حاضري ڪري سڪي سڙي ويا آهن. ان ڪري مشهد ۾ وقت ملي ته بازارين ۾ خريداري پٺيان وڃڻ بدران هتي جا پارڪ گهمجن. خاص ڪري بهار جي موسم ۾- ۽ پوءِ ئي فارسي شاعري کي اسين سمجهي ۽ Appreciate ڪري سگهنداسين.
    مزي جي ڳالهه اها ته اسان جيئن ئي هوش سنڀاليو ۽ ڏهه ٻارهن سالن جا ٿي ادب ۽ شاعري پڙهڻ شروع ڪئي ته ان وقت جي اها شاعري اردو توڙي سنڌي، پڙهي حيرت ٿيندي هئي. انهن ڏينهن جي شاعري ۾ نه رڳو فارسي جا لفظ ٽنبڻ جو فئشن هوندو هو پر ايران جي موسم، گلن ٻوٽن، پکين کي پڻ زوري ڦاسائي شعرن جي قيد ۾ باندي بڻايو ويندو هو ۽ اسان ننڍي عمر جا، ادب ۽ شاعري سان شوق رکڻ جي شروعات ڪرڻ وارا، هالا ۽ ڀٽ شاهه جي گرم موسم ۽ وارياسين پٽن وارا، سنڌي يا اردو جي عجيب ٻولي ۾ گل ۽ غنچن، بلبلن ۽ نرگسن جون ڳالهيون ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويندا هئاسين. نموني خاطر ان وقت جا ڪجهه شعر پڙهو جيڪي سنڌي جا آهن. ۽ اهڙي ئي اسٽائيل جا اردو جا شعر هوندا هئا جيڪي سنڌي يا اردو کان وڌيڪ فارسي جا چئجن ته وڌيڪ صحيح ٿيندو.
    حال نرگس جو ٻڌي مستي ورعنائي جو،
    خم ٿيو سر به ادب هر صحرائي جو،
    سر مٽيو سنگِ درِ يار تي سودائي جو،
    داد ڏي عشق مون کي ناصيه فرسائيءَ جو.
    مٿيون شعر سنڌ جي مشهور شاعر فيض بخشاپوريءَ جو آهي جنهن کي غالبِ سنڌ به سڏين ٿا. اسان جي ڳوٺ هالا جي دوست ۽ شاعر حميد ”شهيد“ ٻڌايو ته سکر جي هڪ مشاعري ۾ هُو به ويٺو هو جنهن ۾ فيض بخشاپوري صاحب جڏهن پنهنجا ڪجهه شعر ٻڌائي اسٽيج تان لٿو ته خيرپور جي ڊاڪٽر پروفيسر حامي صاحب چيس:
    ”سائين هڪ ٻه سنڌي جو شعر به ته ٻڌايو ها.“
    فيض صاحب اهو ٻڌي ڪاوڙجي پيو ۽ حامي صاحب کي چيو: ”اهي سڀ سنڌي جا ته ٻڌايم!“ بهرحال ان دور ۾ فارسي جو سنڌي ۽ اردو ۾ تمام گهڻو واهپو ٿيو ٿي جيئن اڄڪلهه انگريزي جو واهپو وڌندو وڃي ۽ هڪ سنڌي جي پروفيسر پنهنجي شاگردن اڳيان ڪلاس روم ۾ ان ڏک جو اظهار ڪندي چيو هو: ”مون کي افسوس آهي انهن اسٽوڊنٽس تي جيڪي يوز ٿا ڪن انگلش ورڊس، سنڌي لئنگوئيج ۾.“
    بهرحال اسان جي فيض بخشاپوري کي پنهنجي زبان تي فخر آهي جنهن کي هُو نج سنڌي ٿو سڏي. تڏهن ته هن هڪ شعر هن ريت چيو آهي.
    منهنجي زبان تي ناز ٿي سنڌي زبان ڪري،
    دشت غزل کي رشڪ خيابان ڪري ڇڏيم.
    هاڻ سائين ڏيو منهن!
    نه فقط فيض پر اڄ کان اڌ صدي اڳ، اسان جي هر شاعر جو پنهنجي شاعري ۾ فارسي جا لفظ استعمال ڪرڻ هڪ خوبصورت خواب هو جنهن جي هن هر صورت ۾ ساڀيان ماڻڻ چاهي ٿي. نموني خاطر اسان جي ڳوٺ جي هڪ شاعر انور هالائي جي ڪجهه سٽن مان لطف حاصل ڪريو:
    ”وارفتگي ۾ دست بريده ڪري ڇڏيائون،
    يوسف اڳيان ٿي ماهه جنينن ۾ ڪشمڪش،
    ساحل ڪري تلاش ٿڪجي پيا،
    تڏهن کان آهي گرداب جي قريب سفينن ۾ ڪشمڪش.“
    هڪ شعر محبوب سروري جو ياد اچي رهيو آهي.
    ”سلسلو بالواسطا قاتل سان قائم ٿي ويو،
    منهنجو دم خنجر ۾، خنجر کف قاتل ۾ آ.“
    اشرف منصور صاحب نالي هڪ شاعر جو شعر ”ملاحظه فرمايو.“
    ”اڃان وعده شڪن تي مون کي حسن اعتبار ايندو،
    مگر مشڪل قرار ايندو سراپا انتظار ايندو،
    قفس ۾ بي پر بلبل جي حال زار تي هاءِ هاءِ
    جهان ۾ چار سو آهي صدا، فصل بهار ايندو.
    مزي جي ڳالهه اها ته ان فارسي مان اسان جي ٿر پاسي جو اعليٰ شاعر وفا پلي به جان ڇڏائي نه سگهيو آهي، چي:
    ”جام ساقي ڏئي چيو قسم هو،
    مهر تابان به ٿي ويو مڌم مڌم،
    حسن جانان ئي حسن عالم هو،
    منهنجو غم گويا تنهنجو ئي غم هو.


    قورمه سبزي کائي نه سگهيس....

    جيئن ملائيشيا، ٿائيلنڊ، سري لنڪا ۽ ويندي انڊيا ۾ ڪيترائي ڪنگلا ۽ ڦڪڙ يورپي نظر اچن ٿا. جيڪي خالي کيسي تي به شهرن جا شهر گهمندا وتن ۽ اهي دهلي جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان وارين ٻه سو رپيا ڪمري وارين هوٽلن ۾ به ٽي ٽي چار چار ڄڻا رهي خرچ بچائين ٿا ۽ وقت پاس ڪن ٿا، تيئن هتي به ڪافي يورپي نظر اچن ٿا، جيڪي ايران ۾ سک سان سفر ڪن ٿا جو مڪاني بسين جو ڀاڙو نه برابر آهي. کائڻ لاءِ سستا نان مليو وڃن. نلڪن جو پاڻي هائيجنڪ هجڻ ڪري هنن کي اهو به خريد ڪرڻو نه ٿو پوي. ايران جي هر شهر ۾ ڪيتريون ئي سستيون هوٽلون آهن پر هو انهن کان به سستيون ٻهراڙي پاسي ۾ ڳولهي انهن ۾ رهن. ڪيترا ته پاڻ سان پلاسٽڪ جو تڏو کڻي هلن ۽ بنا کٽن واري ڪمري ۾ اهو تڏو يا ڪنهن ڪارٽن جو گتو وڇائي سمهيو رهن.
    ايران اچڻ کان اڳ مون سمجهيو ايران جي ملڪ ۾ ڪير ايندو، جتي جا ماڻهو ڪٽر مُلان آهن ۽ ايران کي مون مائوزي تنگ واري چين وانگر ٿي سمجهيو، پر هتي اچڻ سان پهرين ڏينهن ئي سمجهه ۾ اچي ويو ته ايران جا ماڻهو بيحد لبرل آهن. منجهن نه فقط برداشت جو گهڻو مادو آهي پر ڌارين جي هر ممڪن مدد ڪن ٿا.
    ايران روم ۽ انڊيا وانگر زبردست تاريخي ملڪ آهي جنهن ۾ هڪ ڌارئين کي ڏسڻ لاءِ ڪيتريون ئي شيون آهن ۽ ايران جي موسم نه انڊيا وانگر گرم آهي ۽ نه روم وانگر سخت ٿڌي. ان ڪري دنيا جا ٽوئرسٽ هتي اچيو نڪرن، ويندي مغربي ملڪن جا ماڻهو پڻ. جيڪي هونءَ ايران کي گاريون ڏين ٿا پر پوءِ هتي اچي هنن کي راءِ بدلائڻي پوي ٿي ۽ پنهنجي ئي ملڪ جي ميڊيا کي گهٽ وڌ چون ٿا. ايران ۾ زيارت لاءِ ماڻهو مشهد ۽ قم ۾ اچن ٿا ان کان علاوه ايران جا انيڪ شهر آهن جيڪي تاريخي ۽ سونهن کان صدين کان مشهور آهن جن کي دنيا جا نه فقط سني ۽ شيعا پر غير مسلم به ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. ان قسم جا ٽوئرسٽ خاص ڪري اصفهان، تبريز، تهران، زاهدان، برجند، شيراز، ديزفل ۽ ڪرمان شاهه شهرن ۾ ته جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. Caspian سمنڊ ۽ ايراني نار واري ڪناري جي شهرن ۾ ڪيترائي وچ ايشيا جي رياستن ۽ عرب ملڪن جا مسلمان توڙي عربي ڳالهائيندڙ عيسائي ۽ يهودي نظر اچن ٿا. گس پنڌ تي مون کي ڪو يورپي ملندو آهي ته ساڻس زوريءَ ”هيلو هيلو“ ڪري کانئس ايران بابت احوال وٺندو آهيان. تهران ۾ اسپين جو ڪنگلو جوڙو مليو، خبر ناهي ته زال مڙس هئا يا دوست يار. هنن ٻڌايو ته هو بندر عباس چار ڏينهن رهي آيا آهن. هنن ايرانين جي ڏاڍي تعريف پئي ڪئي. ”بندر عباس پهچي اسان ڪنهن سستي هوٽل جي ڳولا ڪئي.“ هنن ٻڌايو ته هنن کي ٻه ايراني شاهرخ ۽ هاجما نالي ٽئڪسي هلائيندڙ ملي ويا. ”هنن اسان لاءِ ڪيترن ئي هنڌن تان پڇا ڪئي پر ڪابه رهائش اهڙي سستي نه ملي جهڙي اسان چاهي ٿي. پوءِ اسان بندرگاهه واري هڪ گهٽيءَ ۾ پٽ تي سمهڻ جو فيصلو ڪيو پر هنن ايرانين ڇوڪرن اسان کي ائين اڪيلو ڇڏڻ نٿي چاهيو جو هنن چيو ته ائين گهٽي ۾ سمهڻ ڊپ کان خالي ناهي.“ هنن ٻڌايو ته پوءِ انهن مان هڪ نوڪري ڪندو رهيو يعني ٽئڪسي هلائيندو رهيو ۽ ٻيو اسان وٽ سڄي رات جاڳي پهرو ڏيندو رهيو. هو ٻئي ڳوٺاڻا ڇوڪرا هئا، جيڪي رات جي وقت بندر عباس ۾ روزگار لاءِ آيا هئا. صبح جي وقت هن جو ٻيو ساٿي به موٽيو ۽ اسان کي پنهنجي ڳوٺ گهر وٺي هليا. ”هنن جو گهر بيحد غريباڻو هو ۽ گهر جا ڀاتي پڻ سادي طبيعت جا هئا، جيئن ڳوٺن جا ٿيندا آهن،“ اسپيني ٽوئرسٽ ٻڌايو، ”هنن اسان کي ڪپڙا پڻ ڌوئي ڏنا. اسان سندن گهر چار ڏينهن رهي پياسين جن ۾ اسان ماني پنهنجي وٺي کائيندا هئاسين ۽ نه وري ڪو هنن اسان کي چيو. هو پاڻ ئي ڏاڍا غريب هئا. هڪ ڏينهن هو اسان کي پنهنجي ٽئڪسي ۾ مناب ڳوٺ ۽ گيشم ٻيٽ پڻ وٺي هليا.“ هنن ٻڌايو ته آخري ڏينهن تي هنن ۽ ڳوٺ جي ڪجهه ٻين ماڻهن غربت سارو کين تحفا پڻ ڏنا. ”اسان هڪ ته غير مسلم هئاسين ۽ ٻيو ته اسان جو تعلق يورپ سان هو، جيڪو هميشه ايران جي گلا ڪندو رهي ٿو. ته به هُو دل جي گهراين سان ايرانين جي تعريف ڪري رهيا هئا ۽ بار بار چئي رهيا هئا ته:
    “We have no word to describe how much hospitable Iranian people are…”
    يزد کان قم ايندي رستي تي اصفهان مان هڪ آمريڪن به چڙهيو جنهن جا وڏا ايران جي ڪنهن اتراهين علائقي ۾ رهيا ٿي. هن ٻڌايو ته هو ٻارهن سالن جو هو ته پنهنجي پيءُ سان گڏ ايران پنهنجي ڏاڏي سان ملڻ آيو هو ۽ کيس اڃان تائين آب تاليبي (گدري جو جوس) ۽ نان ياد آهن. هينئر هو ڏهن سالن بعد وري پنهنجن پڙڏاڏن جو ڳوٺ ڏسڻ ۽ ايراني قورمه سبزي کائڻ لاءِ آيو آهي. هن کي ڪجهه فارسي به آئي ٿي. جيڪا هن آمريڪا جي رياست ڪنساس ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڳالهائيندو ٻڌي سکي ورتي. پاڻ آمريڪا ۾ ئي ڄائو نپنو. مون پڇيومانس ڪونه پر مون کي لڳو ته هن جي فئملي جو تعلق زوروسٽر (آتش پرست) ڌرم سان هو. ”مون کي ايران جو شهر اصفهان ڏاڍو وڻيو.“ هن ٻڌايو: ”منهنجا ڪيترائي آمريڪي دوست جيڪي ايران گهمي آيا انهن اصفهان جي وڏي تعريف ڪئي.“
    ”توهان گهڻا ڏينهن هتي اصفهان ۾ هئائو؟“ مون پڇيومانس.
    ”آءٌ ٽن ڏينهن لاءِ رهيس پر اڃان دل موٽڻ تي نٿي چوي، ايران ۾ کاڌي پيتي، رهائش ۽ سواري جو هر سک آهي پر بوز (شراب) نٿو ملي. خمينيءَ اهي شيون سختي سان بند ڪرائي ڇڏيون آهن. اسان جا وڏا ٿا ٻڌائين ته شهنشاهه ايران جي ڏينهن ۾ ايران ۾ وڏي عياشي هئي.“
    ”هونءَ ايران ڪيئن لڳو؟“ مون وري پڇيومانس.
    ”ڏس، آءٌ ڪو اهڙو مذهبي ماڻهو آهيان ئي ڪونه، جو مشهد ۽ قم وڃان.“ هن چيو، ”اهي شهر به سٺا هوندا پر تبريز، تهران، يزد، شيراز ۽ اڄ ڏينهن تائين دنيا جا جيڪي ٻيا شهر مون ڏٺا آهن انهن سڀني ۾ اصفهان دي بيسٽ آهي.“
    ”اصفهان جي ڪهڙي شيءَ توهان کي گهڻو Impress ڪيو؟“ مون پڇيومانس.
    ”اصفهان هڪ Organized City آهي. هتي جي هر شيءَ سليقي واري آهي. هتي جا رستا، هتي جون پليون، هتي جون جهونيون عمارتون ۽ انهن تي نقش نگار، مسجد شاهه کان آرمينين جو گرجا گهر، يهودين جو ملان جئڪوب سنا گاگ ۽ پارسين جا آتش ڪده ڏسڻ وٽان آهن. آءٌ هر وقت ميدان نقش جهان ۾ هوندو هوس يا چهار باغ بليوارڊ تي يا درياه جي ڪناري تي چهل قدمي ڪندو رهندو هوس. چهار باغ روڊ ميدان شهداءِ کان شروع ٿو ٿئي ته وڃيو دروازه دولت کان ٿو نڪري ۽ پوءِ اڳيان انقلاب چوڪ تائين هليو ٿو وڃي جتي 33 ڪمانين واري سي اوسيه پل آهي...“
    ”چون ٿا ته اصفهان پلين جو شهر آهي....“ مون چيومانس
    ”جي ها، پل واحد، پل فِلضي، پل فردوسي، پل چوبي، پل بوزور گمهر، پل شهرستان... نه رڳو پلين جو پر پارڪن جو به شهر آهي.... پر آءٌ هتي قورمه سبزي کائڻ آيو هوس اها نه ملي سگهي....“


    اصفهان جا اهم ماڻهو ...

    گذريل مضمون ۾ آمريڪا کان ايران آيل نوجوان جي ڳالهه ڪئيسين ته هن کان پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن کي ايران توڙي دنيا جي شهرن ۾، جيڪي هن اڄ تائين ڏٺا آهن. انهن ۾ اصفهان جهڙو ٻيو ڪو شهر نه ٿيندو...
    ڳالهه اها آهي ته اصفهان اڄ کڻي دنيا جو مشهور شهر نه هجي پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اصفهان سورهين صديءَ ۾ دنيا جو خوبصورت شهر مڃيو ويو ٿي. اصفهان جي پارڪن، لئبررين ۽ مسجدن، يورپ جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. جن اهڙي ڪا شيءَ پنهنجي ملڪ ۾ نه ڏٺي هئي. 1587ع کان 1629ع تائين جڏهن ايران جي صفوي حاڪم خاندان جو شاهه عباس هو، اصفهان جو سونهري دور چيو وڃي ٿو. اصفهان لاءِ فارسيءَ ۾ اها چوڻي مشهور ٿي ته ”اصفهان نصف جهان است“ معنيٰ ته جنهن اصفهان ڏٺو ان ڄڻ اڌ دنيا ڏٺي.
    اصفهان شهر تهران کان 340 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ اهڙي هنڌ تي آهي جتان صدين کان مختلف هنڌن ڏي ويندڙ قافلا گذريا ٿي. هينئر به پاڪستان کان خشڪي رستي ايندڙ مسافر ۽ زائرين زاهدان کان تهران يا مشهد ايندي وقت اصفهان مان گذرن ٿا. اصفهان ۽ يزد جا شهر ايران جي وچ ۾ ئي آهن ۽ اڄ به اصفهان ايران جو، تهران ۽ مشهد بعد، ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. اصفهان ۾ اڄ به ماضيءَ جي سونهن ڀريل آهي، جيڪا ڏسندڙن کي موهيو ڇڏي.
    اسلامي آرڪيٽيڪچر، ويڪرا رستا، گل گلڪاريون، چڪيل پليون، محلات ۽ قلعا، مسجدون ۽ منارا نه فقط مشرق پر مغرب جي ماڻهن جي به دل لڀائين ٿا. ان ڪري اصفهان، تبريز، شيراز، زاهدان ۽ يزد جهڙن شهرن ۾ دنيا جي هر ملڪ ۽ مذهب جا ماڻهو نظر اچن ٿا.
    اصفهان زگروس جبلن جي قطار جي قدمن وٽ ”زيانده“ ندي جي ماٿري واري علائقي ۾ آهي. سطح سمنڊ کان 1600 ميٽر مٿي هجڻ ڪري ڪوئيٽا ۽ ڪوه مري وانگر هتي به اونهارو هلڪو گرم رهي ٿو.
    زيانده رد (زيانده معنيٰ حياتي بخشيندڙ ۽ ”رد“ معنيٰ ندي) هن علائقي جي وڏي ۾ وڏي ندي آهي. ايران جو گهڻيون تڻيون نديون موسمي آهن. يعني بارش پيئي ته ٻوڙ ٻوڙان نه ته سڪل نظر اينديون، پر هيءَ ندي زيانده رد جيڪا زئگروس، جبلن تان شروع ٿئي ٿي ٻارهوئي وهندي رهي ٿي ۽ اڍائي سو کن ميلن جو سفر ڪري گاوخائوني نالي نمڪين ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هيءَ ندي ڪيترن ئي پارڪن مان لنگهي ٿي جتي جا مڪاني ماڻهو هن نديءَ جي ڪپر تي واڪ ڪندي نظر اچن ٿا. هن ندي مٿان صفوي گهراڻي جي حڪومت دوران ٺهيل پليون ڏسڻ وٽان آهن.
    صفوي حاڪم هتي جا مڪاني حاڪم هئا جن فارسي زبان ڳالهائي ٿي ۽ ايران تي 1502ع تائين سوا ٻه سو سال کن حڪومت ڪئي. هنن جي حڪومت هڪ طاقتور ۽ ملڪ کي ترقي ڏيارڻ واري حڪومت هئي. صفوي حاڪمن ايران جو سرڪاري طرح مذهب شيعا اسلام ڪيو ۽ مڪتبِ اثنا عشري کي فروغ ڏنو. هنن جي ڏينهن ۾ ايران جي گادي جو شهر اصفهان رهيو. صفوي حاڪمن ۾ شاهه عباس اول بيحد ناميارو حاڪم رهيو جنهن نه رڳو اصفهان کي پر سڄي ايران کي ٺاهي ڇڏيو. هي حاڪم ”شاهه عباس بزرگ“ يعني شاهه عباس دي گريٽ به سڏيو وڃي ٿو. پاڻ 1571ع ۾ ڄائو ۽ 1629ع ۾ وفات ڪيائين پاڻ چوٿين صفوي حاڪم محمد خدابندا (جيڪو محمد شاهه به سڏيو ويو ٿي) جو ٽيون نمبر پٽ هو. اصفهان ۾ جيڪي پراڻيو پليون آهن. خاص ڪري خاجوپل، سي او سي پل، جوئي پل ۽ مرنان پل وغيره صفوي دور جون آهن ۽ 300 کان 400 سال پراڻيون آهن. سڀ ۾ پراڻي پل شهرستان پل آهي. فلزي پل (جنهن جي معنيٰ فولادي پل آهي) پهرين ماڊرن پل آهي جيڪا زيانده ندي مٿان اصفهان شهر ۾ 1950ع ۾ ٺهي. اصفهان جو ڪجهه ٻيون پليون جيڪي ويجهڙائي ۾ ٺهيون آهن، اهي آهن، اذر پل، فردوسي پل، بوزر گهمر پل ۽ قادر پل، بزرگمهر (جنهن جي لفظي معنيٰ وڏو سج آهي) جنهن جي نالي اصفهان جي اها پل آهي اهو ساساني دور جو فزيشن هو. پاڻ ڇهين صدي جي ساساني حاڪم خسرائو اول وٽ وزير هو. هن جي ادبي، سياسي ۽ سائنسي خدمتن ڪري هن جي، ايران تي فتح حاصل ڪندڙ عرب به عزت ڪندا هئا ۽ اڄ تائين بزرگمهر کي هڪ عقلمند، پڙهيل ڪڙهيل ۽ ڏاهو سمجهيو وڃي ٿو. پاڻ شطرنج راند جو به وڏو ماهر مڃيو ويو ٿي.
    صفوي گهراڻي (1722ع-1502ع) کان اڳ سلجوڪ گهراڻي جي حاڪم مالڪ شاه اول جي ويهه سال حڪومت (1092ع-1072ع) ۾ پڻ اصفهان ايران جي گادي جو شهر رهيو ۽ بيحد ترقي ڪيائين. هيءَ اها صدي هئي جنهن ۾ دنيا جو مشهور فزيشن ۽ ان وقت جو فلاسفر ابوسينا جنهن کي مغرب جي دنيا Avicenna سڏي ٿي هنن پٽن تي رهيو. ابوسينا (سڄو نالو ابو علي حسين ابن عبدالله ابن سينا) ايراني هو ۽ 980 ع ۾ بخارا ۾ ڄائو (تن ڏينهن ۾ بخارا وارو خراسان پڻ ايران جي اڄ واري خراسان سان مليل هو ۽ فارسي زبان ڳالهائي وئي ٿي). ابوسينا ڪيمسٽ، ماهر فلڪيات، قرآن جو حافظ، حسابدان ، شاعر، ماهر نفسيات، سپاهي، سائنسدان Satesman ۽ عالم دين پڻ هو. حيرت ٿي لڳي ته گذريل زماني ۾ ڪي ڪي ماڻهو ڪيڏو ڄاڻو ۽ ماهر هئا ۽ هڪ سبجيڪٽ ۾ نه پر ڪيترن ۾ ئي، جن جا تجربا، ڳالهيون ۽ لکيل ڪتاب اڄ به اسين پڙهون ٿا. ابوسينا جي مڃتا ۽ تعريف نه فقط مسلمان پر يورپي گورا به ڪن ٿا. جارج سارتن سائنس جو تاريخدان مڃيو وڃي ٿو. هن پنهنجي ڪتاب ”انٽروڊڪشن ٽو دي هسٽري آف سائنس“ ۾ ابوسينا لاءِ لکيو آهي ته:
    “One of the most famous exponents of Muslim universalism and an eminent figure in Islamic learning was Ibn e sina, known in the west as aviceenna (981-1037). For a thousand years he has retained his original renown as one of the greatest thinkers and medical scholars in history.”
    ابن سينا ستن سالن جو هو ته قرآن پاڪ حفظ ڪيائين. هو جڏهن ڄائو هو ته ايران تي سمانيان گهراڻي Samanids جي حڪومت هئي جنهن جي حاڪم شهنشاهه ابوالقاسم ابن منصور (976-961) وٽ هن جو پيءُ گورنر هو. ابن سينا 22 سالن جو ٿيو ته سندس والد گذاري ويو. انهن ئي سالن ۾ سمانيان گهراڻي جي حڪومت ختم ٿي هئي. غزنوي گهراڻي جي حاڪم محمود غزنوي (1030-997) جو ايران تي راڄ هو. ابن سينا کي محمود طرفان نوڪريءَ جي آڇ ٿي پر هن قبول نه ڪئي. گرگانج (هاڻ ازبڪستان جو شهر) هليو ويو. جتي جي وزير پڙهيل لکيل ماڻهن جو قدر ڪيو ٿي. ڪجهه عرصو اتي رهڻ بعد هو نيشاپور (مشهد) هليو آيو ۽ زندگي جا آخري سال تهران ڀرسان هڪ شهر راءِ (Rai) ۾ گذاريا. 1037 ۾ هن ايران جي همدان شهر ۾ وفات ڪئي.
    سئيڊن جي ورلڊ ميري ٽائيم يونيورسٽي ۾ مون سان گڏ پوسٽ گرئجوئيشن ڪندڙ ۽ شام جو فٽ بال کيڏندڙ ايران جو ڪئيپٽن شهابا، هن شهر اصفهان جو آهي. آءٌ جيئن ئي تهران پهتس ۽ هن کي خبر پيئي ته مون کي فون مٿان فون ڪرڻ لڳو ته اصفهان هن وٽ ضرور اچان.
    ”اصفهان ۾ آهي ئي ڇا؟“ مون کيس کلندي چيو، ”اصفهان ۾ تو جهڙي بيڪار فٽ بالر کي ڏسڻ لاءِ اچان ڇا، جنهن جي ڪري اسان يورپين سان هميشه مئچون هارايون.“
    هو ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو، ”الطاف! اها ڳالهه نه ڪر. تون ڪنهن ايراني کان پڇ ته ايران جو نوجوان فٽ بال پليئر واحد امرائي ڪهڙي شهر جو آهي؟ فٽبال پليئر محرم نويد ڪيا، احمد مومنزاده، احسان حاج صفي، حميد شفعي ۽ محسن مسمان ڪهڙي شهر جا آهن؟ مهدي سولائو قي جهڙا ائڪٽر ۽ ليلا فروهر جهڙيون سنگر سڀ منهنجي شهر اصفهان جون آهن.“
    ”پر ڪئپٽن شهابا مون لاءِ فلمي اداڪارن ۽ رانديگرن کان شاعر ۽ اديب وڌيڪ اهم آهن.“ مون چيومانس.
    ”هڪ دفعو اصفهان اچو ته“، ڪئپٽن شهابا چيو، ”اصفهان اديبن ۽ شاعرن جو به شهر آهي. ڊاڪٽر احمد تفاضولي، ابوالفرج، فراح ڪريمي، سياوش ڪسرائي، شاهلا شرڪات ۽ هوشنگ گلشيري جهڙا ليکڪ ۽ شاعر سڀ منهنجي شهر اصفهان جا اٿئي، جنهن کي نصف جهان سڏيو وڃي ٿو.“
    اسان جي ايراني ڪليگ جيڪو مون وانگر سٺ جو ڏاڪو ٽپي چڪو آهي ۽ اڄ ڪلهه هو ريٽائرمينٽ جا ڏينهن شهر اصفهان ۾ گذاري رهيو آهي، پنهنجي شهر بابت صحيح پئي ٻڌايو. ڊاڪٽر پروفيسر احمد تفاضلي (ڄم جو سال 1937ع ) ايراني ادب ۽ ڪلچر جو وڏو ماهر مڃيو وڃي ٿو. 1997ع ۾ سندس اوچتي موت کان اڳ پاڻ تهران يونيورسٽي جو فئڪلٽي ميمبر هو.
    اهڙي طرح اصفهان جي رهاڪو هڪ جهوني اسڪالر خاتون صادقه دولت آبادي ايراني عورتن جي تحريڪ جي اوائلي شخصيت هئي. پاڻ 1882ع ۾ اصفهان ۾ ڄائي. 1919ع ۾ هن عورتن جي پهرين گزيٽ ”زبان زنان“ اصفهان مان جاري ڪئي. صادقه جو والد مرزا هادي دولت آبادي به اصفهان جو هڪ وڏو عالم ۽ دانشور ٿي گذريو آهي.
    صادقه 1923ع ۾ پئرس جي سوربوني يونيورسٽي مان گرئجوئيشن ڪئي. 80 سالن جي ڄمار ۾ 1962ع ۾ وفات ڪيائين. کيس اسلامي طور طريقت سان ڪا دلچسپي نه هئي. ايتريقدر جو مرڻ وقت هن وصيت ڪئي ته هوءَ ان عورت کي ڪڏهن بخش نه ڪندي جيڪا حجاب اوڍي سندس قبر تي ايندي. اسلامي انقلاب بعد 1980ع ۾ انقلاب جي جوشيلن جوانن صادقه جو مقبرو ته ڊاهي ڇڏيو. پر سندس ڀاءُ ۽ پيءُ جون به قبرون ڊاهي ڇڏيون جيتوڻيڪ اهي مذهبي ماڻهو هئا پر هنن صادقه جي ڪمن جي پٺڀرائي علي ابن الحسين الاصفهاني هتي جو وڏو اسڪالر ٿي گذريو آهي جيڪو دنيا ۾ مشهور آهي. مغرب جا ماڻهو هن کي Abulfaraj (ابوالفرج) جي نالي سان سڏين ٿا. پاڻ 897 ۾ هتي اصفهان ۾ ڄائو ۽ بغداد مان تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ شاعر به هو. سندس لکڻيون اسپين تائين پهچنديون هيون جتي انهن ڏينهن ۾ اميه گهراڻي جي حڪومت هئي. 967 ۾ وفات ڪيائين. اڄ ان کي هڪ هزار سالن کان مٿي عرصو اچي ٿيو آهي ته به هي ڪتاب پڙهيا وڃن ٿا. خاص ڪري هن جي راڳن جو ڪتاب Book of Songs (ڪتاب الاغاني) تمام مشهور آهي.
    ڊچ ۽ فارسي جي ليکڪا، هيومن رائٽس جي Activist ۽ سياستدان فراح ڪريمي پڻ اصفهان جي آهي. پاڻ هتي 15 نومبر 1960ع ۾ ڄائي. هوءَ اڄ ڪلهه يونائيٽيد نئشن جي نمائندي آهي. فراح 1979ع کان 1986ع تائين مجاهدين خلق جي ميمبر رهي. اها تحريڪ ڇڏڻ بعد ان بابت ڪتاب لکيو جنهن ۾ پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا بيان ڪيا آهن. فراح ڪريمي Online اخبار روز Rooz ۽ باقاعدگي سان لکي ٿي.
    اهڙي طرح اصفهان ۾ جنم وٺندڙ فارسيءَ جو انقلابي شاعر سياوش ڪسرائي آهي جيڪو 1927ع ۾ ڄائو ۽ 1996ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ تهران يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس فارسي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن جن مان ڪجهه انگريزي ۾ ترجمو به ٿي چڪا آهن جهڙوڪ:
    • The Melody
    • Arash the archer
    • Red as Fire
    • The stone and the dew
    • Arise Iran!
    شهالا شرڪات پڻ هن شهر اصفهان جي فارسي جي ليکڪا آهي ۽ 1956ع ۾ ڄائي. پاڻ زنان نالي عورتن جي مئگزين ڪڍي ٿي ۽ عورتن جي مسئلن تي لکي ٿي. پاڻ عورتن جي تحريڪ ۽ لکڻين ۾ بيحد دلير آهي جنهن ڪري جيل به وڃي چڪي آهي. پاڻ تهران يونيورسٽي مان نفسيات ۾ ڊگري حاصل ڪيائين ۽ علامه طابا طابائي يونيورسٽي مان ”عورتن جي تعليم“ ۾ ايم اي ڪيائين. سندس دلير لکڻين ڪري ٽي سال اڳ کيس انٽرنيشنل وومين ميڊيا فائونڊيشن طرفان The Covarge in journalism ايوارڊ مليو.
    اهڙو ئي هڪ ٻيو هن شهر جو مشهور ليکڪ، هوشنگ گل شيري ٿي گذريو آهي. هوشنگ 1938ع ۾ اصفهان ۾ ڄائو ۽ اصفهان جي يونيورسٽي مان ئي فارسي ۾ ڊگري حاصل ڪيائين ۽ هتي جي اسڪولن ۾ ماستري ڪيائين. هوشنگ ڪيترائي فارسي ۾ ڪتاب لکيا جن جا انگريزي ۽ ٻين زبانن ۾ ترجما به ٿي چڪا آهن. سندس پهريون ڪتاب ”مثل هميشه“ افسانن جو مجموعو آهي جنهن جو انگريزي ۾ ترجمو 1968 As Always ۾ ڇپيو آهي. هوشنگ جا ڪجهه ٻيا ڪتاب آهن:
    شهزاده احتجاب
    نماز خانه ڪچڪ مان
    تدفين زندگان
    جن نامه
    جيدل نقش با نقاش
    باغ در باغ... وغيره پاڻ 63 ورهين جي ڄمار ۾ 2000 ع ۾ تهران جي ايران مهر اسپتال ۾ وفات ڪئي.
    اصفهان ڪيترن ئي شاعرن، اديبن، رانديگرن، عالمن، سائنسدانن، عالمن، فيلسوفن ۽ دانشورن کي جنم ڏنو. مذهبي عالمن، ڏاهن ۽ اسڪالرن مان آيت الله يوسف سانيئي به هڪ آهي. پاڻ 1927ع ۾ هتي اصفهان ۾ ڄائو. قم جي مدرسن مان تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ بيحد ذهين ۽ محنتي شاگرد هو ۽ هميشه پهريون نمبر کنيائين. آيت الله يوسف پنهنجي فتوائن کان دنيا ۾ مشهور آهي خاص ڪري خود ڪش حملن Suicide Bombings کي هن غلط ۽ گناهه جو ڪم قرار ڏنو آهي. سندس فتويٰ جو فارسي جملو هن ريت آهي جيڪو ايراني دوست کان ترجمو ڪرايو اٿم. ”حتي ڪساني ڪه يا انتحار مي آيند ومي زنند عده اي را مي ڪشند، آن هم به عنوان عمليات انتحاري، اينها در قعر جهنم هستند“
    (ويندي اهي جيڪي خودڪش حملن ذريعي ماڻهن کي مارين ٿا، انهن کي دوزخ جي باهه ۾ ئي وڃڻو پوندو).
    آيت الله يوسف جو عورت جي درجي بابت اهو نظريو رهيو آهي ته عورتن جو اسلام ۾ مرد برابر Satus آهي ۽ هو جج ته ٿي سگهن ٿيون پر رياست جو سربراهه ۽ مارجا (مذهبي عالم) به ٿي سگهن ٿيون.


    اصفهان- نصف جهان

    هن کان اڳ لکي آيو آهيان ته ايران جو شهر اصفهان جيڪو سلجوق گهراڻي جي حاڪم مالڪ شاهه اول (1092-1072) جي ڏينهن ۾ هڪ بلي بلي شهر هو ۽ مالڪ شاهه ٻيا سڀ شهر ڇڏي اصفهان کي ايران جي گاديءَ جو شهر مقرر ڪيو.
    يارهين ۽ ٻارهين صديءَ ۾ اصفهان جي ترقي ڏسڻ وٽان هئي. هي اهو دور هو جڏهن ابو علي سينا جهڙا عالم، ڏاها ۽ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو هتي رهيا ٿي. پر پوءِ تيرهين صديءَ ۾ منگولن اصفهان تي حملا ڪري نه فقط اصفهان شهر کي ڊاهي رکيو پر هن شهر سان واسطو رکندڙن جي به تمام گهڻي خونريزي ڪئي. ان بعد چوڏهين صدي ۾ هڪ دفعو وري، 1387 ۾، تيمورلنگ هن شهر جي تباهي آندي. پر اصفهان جي جاگرافيائي طور بهتر پوزيشن هجڻ ڪري اهو صفوي گهراڻي جي دور حڪومت ۾ هڪ دفعو وري سهڻو ٿي ويو. صفوي گهراڻي جي ايران تي 1502 کان 1736 تائين حڪومت رهي ۽ يارهن کن ناليرا حاڪم ٿيا جن مان عباس شاهه اول جنهن کي ”عباس دي گريٽ“ سڏيو ويو ٿي، ان جي چاليهارو کن سالن (1629-1587) واري حڪومت جو عرصو اصفهان جو سونهري دور سڏيو وڃي ٿو. انهن ڏينهن ۾ هن شهر جي آدم شماري پنج لک هئي جيڪا ان وقت جي حساب سان تمام گهڻي هئي، اصفهان گهمڻ لاءِ اوسي پاسي کان ته ڇا پر يورپ کان ماڻهو هلي آيا ٿي. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ مشهد، تبريز، بلخ ۽ بخارا به ڪي گهٽ شهر نه هئا پر اصفهان جي ڳالهه ئي ٻي هئي. اصفهان علم، هنر، عمارتسازي، واپار وڙي، علمي ادارن ۽ سونهن سوڀيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، جيئن اسان وٽ ٻاهران تعليم حاصل ڪري آيل پاڻ کي ”فارين رٽرنڊ“ سڏائيندي فخر محسوس ڪن ٿا، تيئن هن دور ۾ اصفهان ۾ سال ٻه رهي ويندڙ پاڻ کي اصفهاني سڏائيندي خوشي ۽ عزت محسوس ڪندا هئا. چوندا هئا هي ايراني آهي ۽ ايراني به ڪهڙو؟ اصفهاني آهي. مون کي ياد آهي ته ستر جي شروع وارن سالن تائين جڏهن اڃا سينگاپور ٺڳين، لچائين، جعلي شين ٺاهڻ ۽ نمبر ٽو مال جي وڪري کان دنيا ۾ بدنام هو. سنگاپور ۾ رهندڙ چيني، ملئي، تامل، پنجابي، سک ۽ ٻيون قومون ۽ ذاتيون، پاڻ کي سنگاپوري سڏائڻ بدران پنهنجي وڏن جي ملڪن، قومن ۽ ذاتين جي سڃاڻپ سان سڏائيندا هئا ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سنگاپور ترقي ڪرڻ لڳو ۽ 1990ع تائين هو يورپ جي شهرن کان اڳيان نڪري ويو ته ان جو هر باشندو پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي فخر محسوس ڪرڻ لڳو. ايتري قدر جو ڪنهن لاءِ چئبو هو ته هن جو پيءُ مدراس کان هتي آيو يا چيچا وطني کان آيو ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي هئي ۽ ڪوشش ڪندو هو ته ڪنهن ريت هن جو پاڪستان ۽ انڊيا جهڙن جاهل، غريب ۽ فسادي ملڪن سان سنڱ نه ڳنڍيو وڃي، سو اهڙي طرح شاهه عباس صفوي جي ڏينهن ۾ اصفهان جي ساک ۽ هاڪ اڄ جي سنگاپور کان به اعليٰ ٿي وئي ۽ ويندي تعليم يا نوڪري خاطر چند سالن لاءِ ايندڙ به پاڻ کي اصفهاني سڏائيندي فخر محسوس ڪرڻ لڳا. پراڻي دور جي ٺٽي وانگر اصفهان به مسجدن، مدرسن، باغن ۽ عمارتن جو شهر هو. منجهس 160 مسجدون، 50 کن مدرسا، ٻه هزار دڪان ۽ اڍائي سو کن پبلڪ باٿ هئا.
    شاهه عباس صفوي جي وفات (1629ع) کان پوءِ به اصفهان جو اوج هڪ صدي برقرار رهيو. ان بعد 722 ع ڌاري افغانين جي لاڳيتن حملن هن شهر کي تباهي جي حد تي آڻي ڇڏيو. هي ڳالهه يا هي زمانو، مشهد ۾ ٺهيل گوهر شاد مسجد کان اڳ جو ٿيو، جو صفوي دور حڪومت بعد نادر شاهه ايران جو حاڪم ٿيو جنهن جي 1747 ع ۾ وفات کان سال کن پوءِ 1748 ع ۾ جڏهن هن جو پٽ شاهه رُخ تخت تي ويٺو ته شاهه رُخ جي ٻي زال گوهر شاد، مشهد ۾ امام رضا جي مقبري ڀرسان پنهنجي نالي واري مسجد ٺهرائي، جنهن کان اڄ جو هر زوار ۽ ٽوئرسٽ واقف آهي.
    تاريخ جو رڪارڊ صحيح رکڻ خاطر، هتي اهو لکڻ به ضروري سمجهان ٿو ته افغانين اصفهان تي حملا ڪري اصفهان کي تباهه ضرور ڪيو پر پوءِ ملڪي حالتون صحيح ٿيڻ بعد به ڪامرس ۽ ايڪانامي ۾ اصفهان مٿي اڀري نه سگهيو. ان جو وڏو سبب يورپ وارن جي وڌندڙ سامونڊي طاقت هئي. هالنڊ (نيدرلينڊ)، پورچوگال، اسپين، فرانس ۽ انگلينڊ جهڙا ملڪ هڪ ٻئي پويان پاڻي جا جهاز ٺاهيندا ويا جيڪي هاڻ سندن بندرگاهن کان ٻاهران ئي ٻاهران آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ڏي نه فقط تجارت لاءِ وڃڻ لڳا پر انهن ملڪن تي بيٺڪون ٺاهي قبضا ڪرڻ لڳا، نه ته ان کان اڳ يورپ جي چين، هند ۽ وچ ايشيا جي ملڪن سان تجارت خشڪي رستي هلي ٿي. جيڪي رستا ۽ لنگهه اصفهان ۽ ايران جي ٻين شهرن وٽان گذريا ٿي ۽ امير شهر ۽ ملڪ اهي سڏجڻ لڳا جتان هي Silk Route ۽ جي ٽي روڊ جهڙا رستا گذريا ٿي. پر پوءِ اها چوڻي مشهور ٿي ته جنهن جي بحري طاقت ان جي دنيا ۽ اها چوڻي گذريل صديءَ جي ٽي چوٿين تائين ٺيڪ ٺاڪ رهي. هاڻ پاڻيءَ جي جهازن کي ڪٽ پئي لڳي ۽ رديءَ جي اگهه ۾ ڪٻاڙين وٽ Scrape ٿيو پيا وڪامن.
    اڄ يعني ايڪيهين صدي جي هن پهرين ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن منهنجو هتي ايران اچڻ ٿيو آهي ته اصفهان هڪ دفعو وري ترقي جي راهه تي آهي ۽ ايران جي تهران ۽ مشهد بعد ٽئي نمبر تي اصفهان وڏو شهر آهي. اصفهان ۾ ويندي نيوڪليئر جا تجرباتي Reactors ۽ نيوڪليئر ٻارڻ (UCF) ٺاهڻ جون سهولتون موجود آهن. هن شهر اصفهان ۾ يورنيم کي UF6 (يورينيم هيگزافلورائيڊ گئس ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو جيڪو تيز رفتار Centrifuges ۾ گهمائي ان مان آئسوٽوپ ڪڍيا وڃن ٿا. اصفهان ۾ اسٽيل ملون به آهن جيڪي هن سڄي ريجن جي ضرورت پوري ڪن ٿيون. جيئن اسان وٽ ملير، لانڍي، ماريپور، لالو کيت، ڪياماڙي، ڪلفٽن ملي ڪراچي جو شهر ٺاهين ٿا يا حيدرآباد ۾ قاسم آباد، لطيف آباد، ٽنڊو ٺوڙهو، ٽنڊو آغا ۽ هيرآباد جهڙا ننڍڙا شهر ملي حيدرآباد جو شهر ٺاهين ٿا. تئين نجف آباد، خانه اصفهان، خميني شهر، شاهين شهر، زرين شهر ۽ فولاد مبارڪ جهڙا شهر گڏجي اصفهان جو ميٽرو پوليٽن شهر ٺاهين ٿا. نجف آباد اهو آهي جتي آيت الله حسين علي مونتظاري ۽ مصطفيٰ معين پيدا ٿيا. نجف آباد جا ڏاڙهون مشهدي صوفن وانگر مشهور آهن.
    اصفهان ڪارخانن جي لظاظ کان ڪراچي جهڙو شهر آهي اٽڪل 2000 ڪمپنيون هتي ڪم ڪن ٿيون. ملڪ جي وڏي آئل ريفائنري ۽ وڏي ۾ وڏو ايئرفورس بيس اصفهان ۾ آهي. ايران جو سڀ کان وڏو ۽ ماڊرن هوائي جهاز ٺاهڻ جو ڪارخانو پڻ هتي آهي جتي AN-140 جهاز ٺهن ٿا.
    هونءَ اسان جي ماڻهن لاءِ ايران معنيٰ مشهد ۽ قم آهي، ڇو جو اسان جا ماڻهو ايران ۾ پاڪ جاين جي زيارت لاءِ اچن ٿا، جيڪي انهن ٻن شهرن ۾ آهن جن کي ڏسڻ لاءِ بقول ”الحرمين ٽريول“ ايجنٽ جي هفتو ڪافي آهي. ”دراصل ڏهه ڏينهن جي ٽرپ سڀ ۾ بهتر آهي.“ الحرمين جي مئنيجر محمد علي رضوي صاحب هڪ دفعي ٻڌايو هو، ”پر جيئن ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ هفتي ۾ فقط هڪ ڏينهن فلائيٽ آهي ان ڪري يا هفتو رهي سگهجي ٿو يا ٻه هفتا. ان صورت ۾ هڪ هفتو صحيح آهي جيئن ايران ڇڏڻ وقت تشنگي رهي باقي ٻه هفتا فقط ٻه شهرن لاءِ گهڻا آهن.ايترن ڏينهن ۾ ماڻهو بيزار ٿيو پوي. جيتوڻيڪ اچڻ مهل هر ڪو اهو ئي چوي ٿو ته اهڙين مذهبي جاين تي مهينو به گهٽ آهي. بهرحال توهان کي واندڪائي آهي. يعني واپس وطن ورڻ جي جلدي ناهي ته ايران ۾ ڏسڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ کوڙ جايون ۽ کوڙ شهر. ايران جي اها به سٺي ڳالهه آهي جو زائرين يا ٽوئرسٽن لاءِ شهرن جي پابندي نه لڳائي آهي. گهٽ ۾ گهٽ اڃان تائين ته نه هنئي آهي ۽ توهان ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ وانگر انهن ملڪن جي ويزا ملڻ تي ڪنهن به شهر ۾ ڪيترا به ڏينهن رهي سگهو ٿا. جيسين ويزا جو عرصو پورو ٿئي. ايران ۾ رهائش ۽ کاڌو به يورپ ته ڇا پر ڪيترن ئي عرب ۽ ايشيا جي ملڪن کان سستو ۽ هائجنڪ آهي. امن و امان جي حالت به بهتر آهي. اهڙي صورت ۾ هڪ مسافر سڪون سان گهمي ڦري سگهي ٿو ۽ ايران جي تاريخي جاين، خوبصورت عمارتن، باغ باغيچن، ادب، ڪلچر ۽ ثقافت جو مقابلو ته انڊيا، چين ۽ روم به نه ڪري سگهي. ايران جو هڪ هڪ شهر تاريخي شين ۽ سونهن سوڀيا کان مالامال آهي. اصفهان ڪو تهران کان پري ناهي. ايترو آهي جيترو ڪراچي کان نواب شاهه ۽ ايران جا رستا تمام سٺا ۽ بسون تيز رفتار ۽ آرامده آهن. ٽن چئن ڪلاڪن ۾ تهران کان اصفهان پهچيو وڃجي ۽ توهان جي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ اصفهان ۾ اچي نڪتا آهيو ته ڪجهه ڏسڻ لاءِ شيون، هتي آئون Suggest ڪرڻ چاهيندس. اصفهان شهر جي ڪجهه رستن ۽ چوراهن تي چڪر ضرور ڏجي. جهڙوڪ نقش جهان اسڪوائر (جيڪو شاه اسڪوائر يا امام اسڪوائره سڏيو وڃي ٿو)، ميدان ڪهنه (Old Square)، ايران ۾ چوراهي (Square) کي ميدان پڻ سڏين ٿا جيئن مشهد جو شهداء اسڪوائر ”ميدان شهداءُ“ پڻ سڏجي ٿو. ان کان علاوه اصفهان جو شاهه شاهان اسڪوائر، چار سئو سال پراڻو چهار باغ بليورڊ، چهار باغ خاجائو بليورڊ وغيره. هتي جا طارق روڊ، زيبنساءَ اسٽريٽ، ڪلفٽن جو پاڪ ٽاور ۽ بولٽن مارڪيٽ آهن.
    اصفهان ۾ ڪيترائي حاڪم رهيا ۽ ڪيترائي ماضي جا قلعا ۽ محل محلاتون آهن جن مان سترهين صدي جو شاهي محل جيڪو علي قاپو سڏجي ٿو. 1650ع جو ٺهيل تالار اشرف (محل)، 1670ع جو هشت بهشت (اٺن بهشتن وارو محلات) ۽ چيهل سوتون (چاليهه ٿنبن وارو محلات)ڏسڻ وٽان آهن. اصفهان مدرسن، مسجدن، پراڻن گرجا گهرن، ويندي يهودين جي عبادت گاهن (Synagogues) کان پڻ مشهور آهي. مُلا جاقوب جو سنا گاگ ۽ آرميني گرجا گهر انهن مان هڪ آهي. مدرسن ۾ صدر مدرسو، مدرسھ شاهه (جيڪو انقلاب بعد ”امام جعفر صادق مدرسو“ سڏجي ٿو) شيخ لطف الله مسجد، اصفهان جامع مسجد هتي جون مشهور عمارتون آهن، پارسين جي باهه جو ”آتش گاهه“، ٻارهين صدي جو ابوسينا گنبذ، نظام الملڪ ۽ مالڪ شاهه جا مقبرا، سترهين صديءَ جا ڪبوتر گهر ۽ مينارِ جانبان پڻ لنگهندي سارو ضرور ڏسجن.
    اصفهان تعليمي ادارن جو به شهر آهي ۽ توهان کي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ويندي ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج نظر ايندا. ميڊيڪل سائنسز جي اصفهان يونيورسٽي آف اصفهان، اصفهان يونيورسٽي آف آرٽس، اصفهان يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جهڙن تعليمي ادارن ۾ نه فقط مڪاني پر ترڪمنستان، آذربائيجان، آرمينيا، ازبڪستان جهڙن ڀر وارن ملڪن جا به شاگرد نظر اچن ٿا جن جي مادري زبان فارسي آهي ۽ اهي ملڪ ڪنهن زماني ۾ ايراني حڪومت جو حصو هئا.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ”اصفهان“ شهر جو نالو آهي ته ايران جي ٽيهن صوبن مان هڪ صوبي جو نالو پڻ آهي، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ اصفهان شهر آهي، جيئن نيويارڪ آمريڪا جي پنجاهه رياستن مان هڪ رياست جو نالو آهي ته وڏو شهر پڻ. پر نيو يارڪ رياست جو گاديءَ وارو شهر الباني آهي.
    اصفهان رياست جي پکيڙ هڪ لک ڏهه هزار چورس ڪلوميٽر آهي. يعني بنگلاديش ملڪ کان ڪجهه ننڍو آهي (جهن جي ايراضي 144000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ سنڌ جي 141000 آهي).
    اصفهان، خراسان، ڪرمان، يزد، فارس، سيمينان، سيستان ۽ بلوچستان حورموزگان، حزيستان ۽ اوڀر ازبڪستان ايران جي وڏن صوبن مان آهن. ايران جا ڪجهه صوبا اهڙا آهن جيڪي انتظاميه خيال کان ٻه ملائي هڪ ڪيا ويا آهن جيئن ته مٿي ٻڌايل سيستان ۽ بلوچستان هڪ صوبو آهي، اهڙي طرح ڪوه گلويھ ۽ بويا احمد هڪ صوبو آهي. چار محل ۽ بختياري پڻ هڪ صوبو آهي. ايران جي صوبن بابت هڪ ٻي ڳالهه ته وڏن صوبن کي انتظاميا خيال کا ٻن يا ٽن صوبن ۾ ورهايو ويو آهي جيئن خراسان کي ويجهڙائي ۾ ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. شمال خراسان، رضوي خراسان ۽ جنوب خراسان، شمال ۽ جنوب فارس لفظ آهن جن جي معنيٰ آهي اتر ۽ ڏکڻ. رضوي خراسان جو اهو نالو امام علي رضا جي مقبري ڪري رکيو ويو آهي. دراصل ايران جي انهن ٽن خراسان صوبن کان علاوه خراسان جو هڪ وڏو حصو افغانستان، ازبڪستان ۽ ترڪمنستان ۾ به اچي وڃي ٿو جيڪو سمورو صدين تائين ايران جو حصو هو ۽ مٿس ايراني حاڪمن جي حڪومت هئي. اهڙي طرح ايران جو هڪ ٻيو حصو ازبڪستان آهي، جنهن جا به صوبا مشرق ازبڪستان ۽ مغرب ازبڪستان ٺاهيا ويا آهن. خراسان وانگر ازبڪستان صوبي جا هي ٻئي حصا ۽ ڀر وارو ملڪ ازبڪستان هڪ ئي صوبو هو جيڪو پڻ ايران جي حڪومت جو حصو هو. اڄ ازبڪستان ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ فارسي ڳالهائي ۽ پڙهي وڃي ٿي جيئن آمريڪا (USA) جي ڏاکڻين رياستن، ٽيڪساز، لوزيانا ۽ نيو ميڪسيڪو رياست ۾ ميڪسيڪو ملڪ (جيڪو هيٺ ڏکڻ ۾ اهي ۽ ڪامن بارڊر ٺاهي ٿو) جي اسپيني زبان ڳالهائي وڃي ٿي.
    ايران جي صوبي اصفهان جي اتر ۾ سيمنان، قم ۽ مرڪزي صوبا آهن، ڏکڻ ۾ فارس آهي. اوڀر ۾ يزد ۽ اولهه ۾ لورستان صوبو آهي. ايران ۾ جيڪا سڀ کان پراڻي مسجد آهي، اها سلجوق دور جي هن صوبي اصفهان جي شهر ”نين“ ۾ آهي. هن صوبي جي هڪ ٻي مسجد ”مسجد آغا بزرگ“ اهي جيڪا ڪاشان شهر ۾ آهي. اصفهان وانگر هن جو پاڙيسري ڪاشان پڻ جهوني ثقافت، ڪلچر ۽ عمارتسازي کان مشهور آهي. صفوي دور ۾ اصفهان گادي جو شهر هو ته ڪاشان آرام ۽ موڪلون گذارڻ جو شهر هو. جيئن انگريزن لاءِ ڪوه مري ۽ شمله هئا. انگريز ڪجهه سال ٻيا هجن ها ته سنڌ ۾ گورک هل به ٺاهي وڃن ها.
    ايران ۾ مسلمانن جي حڪومت شروع ٿيڻ کان اڳ سوا چار سؤ سال ساسانين جي حڪومت رهي. ساساني آتش پرست يعني باهه جا پوڄاري هئا. سندن ڪيترائي جهونا مندر هن صوبي اصفهان ۾ آهن، خاص ڪري هن صوبي جي تاريخي شهر ابيانيج ۾. هن صوبي ۾ ايرانين کان علاوه بختياري، جارجين، آرمينين، قاشقين به رهن ٿا جيڪي ڪنهن زماني ۾ وچ ايشيا جي مختلف ملڪن ۽ رياستن کان هتي آيا ۽ هاڻ هو فارسي ڳالهائين ٿا، جيئن اسان وٽ ٽنڊي ٺوڙهي ۾، مرحوم مرزا قليچ بيگ ۽ ريڊيو پاڪستان وارو نصير مرزا وغيره جارجين آهين جيڪي گهڻو اڳ وچ ايشيا جي ملڪ جارجيا کان لڏي هتي اچي رهيا ۽ هاڻ هو هتي جون مڪاني زبانون ڳالهائين ٿا. حيدرآباد ۾ رهندڙ اهي سڀ مرزا (جارجين) شيعا مسلمان آهن، سندن وڏن جا ٻيا مائٽ جيڪي ڪراچي ۽ بمبئي ۾ وڃي رهيا ۽ ڪي ته ويهين صدي جي شروعات ۾ انگلينڊ به لڏي ويا انهن ۾ ڪجهه عيسائي به آهن. تيئن هتي اصفهان صوبي ۾ جارجيا ۽ آرمينيا جا Settlers شيعا مسلمان به آهن ته عيسائي به ۽ ڪجهه يهودي پڻ آهن پر ڳالهائين فارسي ٿا ۽ ملائيشيا وانگر هتي جا ماڻهو پڻ امن امان ۽ سڪون ۾ رهن ٿا.
    مسجدن جو احوال لکندي شيخ لطف الله مسجد بابت لکڻ رهجي ويو. شاهه عباس اول جي ڏينهن جي هي مسجد 1602ع کان 1619ع تائين ٺهي ۽ اصفهان جي وچ شهر ۾ ميدان نقش جهان جي اڀرندي طرف آهي. هيءَ مسجد ايران جي مشهور عمارت ساز (آرڪيٽيڪ) محمد رضا اصفهانيءَ ٺاهي. وڏي گنبذ (اٽڪل ٻارهن ميٽرن جي ڊائيا ميٽر) واري هيءَ مسجد بناوٽ ۽ نقش نگارين جو ماسٽر پيس آهي جيڪا ان وقت جي عالمِ دين شيخ لطف الله جي نالي آهي. شيخ لطف الله اڄ جي لبنان واري علائقي جو رهاڪو هو جتان هن کي اصفهان ۾ اچي تعليم ۽ تدريس جو ڪم ڪرڻ لاءِ صفوي حاڪمن گهرايو هو. علي قاپوح صفوي گهراڻي جي تاريخي محلاتن جو داخلا وارو حصو آهي، جيڪو ميدان نقشِ جهان کان وٺي چهار باغ بليوارڊ تائين آهي. علي قاپوح ڇهن ماڙين جي ڏيڍ سئو فٽ اتاهين مستطيل عمارت آهي. هي اهو هنڌ آهي جتي شهنشاهه شاهه عباس صفوي حاڪم سن 1597 (هجري سن 1006) ۾ پهريون دفعو نوروز (نئين سال جو ڏينهن) ملهايو. شاهه عباس جي ڏينهن جي هڪ چترڪار رضا عباسي جون ڪيتريون ئي تصويرون، علي قاپوح ۾ نظر اچن ٿيون.
    اصفهان جي تاريخي شاهراههِ چهار باغ لاءِ ايترو لکندو هلان ته هي صفوي دور جو آهي. يعني اڄ کان ٽي چار سؤ سال پراڻو رستو آهي، جنهن جو اڄ به هيڏو شان آهي ته ان وقت ڇا هوندو! جيئن اڄ جو ايم اي جناح روڊ (بندر روڊ)، سعيد منزل کان بولٽن مارڪيٽ تائين، اڄ به ويڪرو ۽ شاندار رستو سڏيو وڃي ٿو. اهو سؤ سال کن اڳ ڇا بلي بلي هوندو. اهڙي طرح اصفهان شهر جو هي چهار باغ بليوارڊ اڄ کان 350 سال اڳ ٺهڻ وقت ايڏو ته دنيا ۾ مشهور ٿيو جو فرانس وارن هن رستي جي هاڪ ٻڌي ان بعد ان طرز جو پئرس جو مشهور Champs – Elysees ٺهرايو. ائين ته اصفهان جون ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ڏسڻ لاءِ يورپ ۽ انگلينڊ جا ماڻهو اصفهان آيا ٿي. سو اصفهان جي جاين، جڳهين ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جو سڄي دنيا ۾ نالو هو. 1963ع ۾ جڏهن مئرين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ چٽگانگ ۾ داخلا ورتي هئي ته اتي ”اصفهاني چانهه“ مشهور هوندي هئي. ان وقت آئون اهو ئي سمجهندو هوس ته ”اصفهاني“ چانهه جو نالو آهي. گهڻو گهڻو پوءِ خبر پئي ته اصفهاني چانهه ته نالو ان جي پاڪستاني مالڪ اصفهانيءَ تان پيو آهي. دراصل ان مالڪ جي به اها ”ذات“ هئي. سندس نالو ٻيو هو ۽ هو اصفهاني ان ڪري سڏبو هو جو هن جا وڏا ايران جي شهر اصفهان کان پاڪستان لڏي آيا. اهڙي طرح ايران جي ٻين به ڪيترن شهرن ۽ صوبن جا ماڻهو اسان جي توڙي ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا جيڪي شيرازي، يزداني، ڪرماني، حمداني، زاهداني، تبريزي، ڪاشاني، سبزواري، مشهدي، زنجاني، سرجاني سڏجن ٿا، جيڪي ايران جي صوبن يزد، ڪرمان، حمدان، تبريز، زنجان ۽ شهرن شيراز، ڪاشان، سبزوار، مشهد ۽ سرجان وغيره کان آيا آهن. جيئن پارس شهر کان گجرات، بمبئي ۽ ڪراچي ۾ لڏي آيل آتش پرست (زورسٽرن) ”پارسي“ سڏائين ٿا، خمين شهر جو روح الله امام خميني سڏيو وڃي ٿو. ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته ايران ۾ اسلامي انقلاب آڻيندڙ جو خميني لقب يا مذهبي درجو آهي پر دراصل ”آيت الله“ ۽ ان کان مٿي ”امام“ مذهبي رتبو آهي. خميني ”خمين“ شهر جو رهاڪو هجڻ ڪري هن جي سڃاڻپ يا کڻي چئجي ته ذات خاطر سڏيو وڃي ٿو.


    مشهد جي آسپاس

    رات جو ماني تي اسان کي ايران گهمائڻ لاءِ وٺي ايندڙ محمد علي رضوي ۽ سلمان ٻڌايو ته هنن لگزري بس جو انتظام ڪيو آهي، جيڪا صبح جو اسان کي مشهد شهر جي اوس پاس جون زيارتون هلي ڏيکاريندي.
    دراصل مشهد شهر توڙي آسپاس جي علائقي ۾ ڪيترائي درويش، فقير، اولياء، شاعر، اديب ۽ سياستدان دفن ٿيل آهن، جيڪي هن شهر جي شهيد اعظم امام علي الرضا جي آخري آرامگاهه ڪري هتي اچي رهيا يا هنن جي وصيت موجب سندن وفات بعد کين هتي دفنايو ويو. مون کي هتي اچي اسان جي گائيڊ کان خبر پيئي ته هن شهر مشهد ۾، اسان جي ملڪ جون ٻه اهم شخصيتون اسڪندر مرزا ۽ راجا صاحب محمود آباد پڻ دفن ٿيل آهن. اسڪندر مرزا اسان جي ملڪ جو آخري گورنر جنرل هو. آڪٽوبر 1955ع کان مارچ 1956ع تائين ۽ ان بعد آڪٽوبر 1958ع تائين صدر ٿي رهيو. بنگال جي شهر مرشد آباد ۾ 1899 ۾ ڄائو ۽ بمبئي ۾ وڏو ٿيو. اتي جي ايلفنسٽن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد انگلنڊ جي مشهور فوجي اڪيڊمي، رايل مليٽري اڪيڊمي سئنڊ هرسٽ مان گرئيجوئيشن ڪيائين. پاڻ ننڍي کنڊ مان پهريون ڇوڪرو هو جنهن اتان تعليم حاصل ڪري 1920ع ۾ برٽش انڊين آرمي ۾ آفيسر ٿيو. بهرحال اسڪندر مرزا زندگي جا آخري ڏينهن لنڊن ۾ ملڪ بدر جي حيثيت ۾ گذاريا. ستر سالن جي ڄمار ۾ جڏهن 1969ع ۾ گذاري ويو ته يحيٰ خان جي فوجي حڪومت هن جي مڙهه کي پنهنجي وطن ۾ دفن ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان بعد هن جي لاش کي تهران موڪليو ويو جتي شهنشاهه ايران ان کي وڏي شان شوڪت سان جنرل زاهدي (ايران جي اڳوڻي وزيراعظم) جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
    راجا امير احمد خان آف محمود آباد جيڪو ”راجا صاحب آف محمود آباد“ جي نالي سان وڌيڪ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ جنهن جي نالي ڪراچي جي هڪ بستي محمود آباد آهي جيڪا ڊفينس سوسائٽي کان وٺي چنيسر ڳوٺ سان وڃي لڳي ٿي. راجا محمود آباد قائداعظم محمد علي جناح جو تمام سٺو دوست ۽ ساٿي هو. پاڻ 1914ع ۾ ڄائو. لکنوء ۽ پوءِ انگلنڊ مان تعليم حاصل ڪيائين. سندس والد مهاراجا سر محمد علي (1931-1877) يوپي (انڊيا) جو وڏو جاگيردار ۽ امير ماڻهو ۽ محمد علي جناح جو اعتبار جوڳو دوست هو. سندس وفات بعد سڄي ملڪيت جو وارث ۽ راجا آف محمود آباد ٿيو. راجا صاحب پڻ پنهنجي پيءُ وانگر مسلم ليگ جي وڏي خدمت ڪئي ۽ پاڪستان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ڪجهه عرصي لاءِ پاڻ مسلم ليگ جو خزانچي به ٿي رهيو. پاڪستان ٺهڻ بعد پاڪستان آيو پر هو ملڪ جي سياسي حالتن جو رخ ڏسي مايوس ٿي ويو ۽ عراق هليو ويو، جتي ڪجهه عرصو رهڻ بعد زندگيءَ جا باقي ڏينهن لنڊن ۾ گذاريائين، جتي هو ڪجهه عرصي لاءِ اسلامي ڪلچر سينٽر جو ڊئريڪٽر پڻ ٿي رهيو. 1973ع ۾ وفات ڪرڻ تي هن جي لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ لنڊن کان هن شهر مشهد ۾ آندو ويو.
    مشهد جي آس پاس جون زيارتون ڏيکارڻ لاءِ اسان جي بس امام علي رضا جي روضي جي مغربي صدر دروازي جي ڀرسان خيابان خسروي تي اچي بيٺي. ان ڏينهن شروعات سٺي نه ٿي، جو صبح ساڻ بس جو چالان ٿي ويو ۽ ڏنڊ جي خاطر بس جي ڊرائيور کي جيڪو ظاهر آهي اسان جي ٽريول ايجنسي الحرمين وارن کي ڀرڻو پيو. محمد علي کي چيم ته ائين ڏنڊ ڀرڻ بعد پوءِ ڪمائيندا ڇا هوندائو؟
    ”اسان هن پاسي (ايران، عراق، شام وغيره) جي زائرين مان ڪڏهن به ڪمائڻ جو نه سوچيو آهي. هن سڄي Struggle پويان خدمت جو جذبو هوندو آهي. اسان جي اها ئي ڪوشش رهي ٿي ته زائرين کي تڪليف نه پهچي ۽ هنن کي خوش رکيو وڃي“ محمد علي چيو.
    دراصل رات جو ڊنر تي ۽ صبح جو نيرن تي محمد علي توڙي هن جو ڀاءُ سلمان ۽ دوست مستان بار بار اسان کي ٻُڌائيندا رهيا ته مقرر هنڌ تي اسان هر صورت ۾ ساڍي اٺين کان اڳ پهچي وڃون. بس پوري ساڍي اٺين بجي ان هنڌ تي ٿوري وقت لاءِ بيهندي جو اتي پارڪنگ جي اجازت ناهي. اسان جي گروپ ۾ گهڻين عورتن ڪري هنن بس کي ايڏو ويجهو گهرايو آهي، جيئن اسان وڏي پنڌ کان بچي وڃون...
    بهرحال ان ڏينهن سڀني کي خبر پئجي وئي ته ”عورتون هار سينگار
    (ميڪ اپ) ۾ وقت وڃائڻ ڪري هر هنڌ دير سان پهچن ٿيون. ڇو جو ان ڏينهن اسان ڪنهن شادي جي فنڪشن يا ڪنهن ٻي دعوت ۾ نه وڃي رهيا هئاسين جو ميڪ اپ ڪرڻ ضروري ٿئي ۽ ٻي ڳالهه ته مٿو ڍڪڻ ۽ ڊگهي چادر اوڍڻ مان اهو ئي فائدو آهي ته چوٽيون ۽ تيل ڦليل نٿا ڪرڻا پون ۽ نه ڪپڙن جي استري ۽ ٺاهه جوڙ ڪرڻي ٿي پوي. هر عورت کي فقط پنهنجي چوڌاري وڏي چادر ڦيرائي هوٽل جي ڪمري کان بس اسٽاپ تائين پهچڻو هو پر افسوس جو هنن کي پنج يا ڏهه منٽ نه پر اڌ ڪلاڪ لڳي ويو ۽ ٽرئفڪ پوليس وارو بس واري کي هڪ دفعو وارننگ ڏيئي ٻئي دفعي پاڪستاني ڇهه هزار رپين برابر جو ڏنڊ هڻي بس کي ٿاڻي تي جمع ڪرائڻ جو آرڊر ڪيو. اها به مون کي ان ڏينهن خبر پئي ته ايران جا ڊرائيور ٽرئفڪ پوليس کان ڪيڏو ڊڄن ٿا ۽ انهن جي حڪم جي پوئواري ڪن ٿا. اسان پاڪستانين مان ڪجهه پوليس واري کي هن دفعي ڇڏڻ لاءِ گهڻو ئي منٿون ڪيون پر مون ڏٺو ته پوليس جو حڪم لوهه تي ليڪو هو. هو اسان سان گڏ هليو به ڪونه. ته به اسان واري ڊرائيور ويجهي ٿاڻي تي پنهنجي بس هلي جمع ڪرائي ۽ اسان لاءِ ٻي بس گهرايائين جنهن کي ايندي ايندي ساڍا نَوَ ٿي ويا ۽ اها هن پهرين وانگر ايتري آرام ده ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ به نه هئي.
    اسان کي ان ڏينهن مشهد شهر کان ٻاهر مختلف هنڌن تي (طوس ۽ نيشاپور تائين وٺي هليا، جتي مختلف هنڌن تي لهي بزرگن، درويشن ۽ الله جي نيڪ ٻانهن جي آخري آرامگاهن تي فاتح ۽ قل پڙهياسين. منجهند جي ۽ رات جي ماني به ٻاهر کائڻي پيئي ۽ رات جمع ڏهين وڳي ڌاري واپس هوٽل تي پهتاسين. رستي تي ڪي ڪي وڏا شهر به ڏٺاسين ته ڪي ڪي ڳوٺ به جيڪي نالن توڙي ڪچائن گهرن مان، سنڌ ۽ بلوچستان جا ڳوٺ لڳا ٿي، جن جا نالا نوٽ ڪيم، اهي هن ريت آهن: يوسف آباد، دولت آباد، اسحاق آباد، عبير باد، دوشيب، جيلو، سلطان آباد، مسجد چوبي، ميان آباد ۽ هڪ جو نالو اسلام آباد به هو، جنهن ۾ اوڻهين، ويهين ۽ ايڪيهين گريڊ جي بيروڪرئيٽن بدران سادي طبيعت جا هاري ۽ غاليچن جو ڪم ڪندڙ پورهيت نظر آيا. مردن سان گڏ عورتون به ٻنين ٻارن ۾ ڪم ڪري رهيون هيون. هر ڳوٺ ۾ اسان جي ڳوٺ جهڙيون هوٽلون هيون جن ۾ اسان جهڙن ٽوئرسٽن جون بسون اچي بيٺيون ٿي ۽ مسافرن چانهه يا ٿڌو پيتو ٿي. ڪنهن به ڳوٺ ۾ اسان جي هوٽلن جهڙو حال نه هو. جتي ٽوٽي ۽ موالي مرد ڪانڀ ٻڌي، چانهه جي ڪوپ تي ويٺا ڪچهريون ڪن، يا ٽي وي تي ساڳيون ساڳيون فلمون ڏسيو پيا ٺرن! جپان ۽ ملائيشيا وانگر هتي ايران ۾ به، ڳوٺن جي وچ ۾ ڪيترائي اڪيلا اڪيلا گهر نظر اچن ٿا، يعني امن امان جي حالت بهتر آهي تڏهن ته ماڻهو ٻهراڙي، رڻ پٽ ۽ جنگلن ۾ اڪيلا رهيا پيا آهن.
    اسان ان ڏينهن جن جن هنڌن تي وياسين اهي هن ريت آهن:
    خواجا اباصلت هيروي جو مقبرو
    خاجيح ربيع جو مقبرو
    خواجا مراد جو مقبرو
    قدم گاه علي ابن موسيٰ الرضا
    محمد محروق و ابراهيم
    بيبي شطيطه جو مقبرو
    منهنجي خيال ۾ اهي ماڻهو جيڪي گروپ ۾ وڃن ٿا انهن کي کپي ته اسان وانگر سڄي ڏينهن ڀاڙي تي بس ڪري مٿين جاين تي ضرور وڃن. چاهي اهي شيعا هجن يا سني يا عيسائي، ايشيائي هجن يا يورپي. هنن کي ايران جي ٻهراڙي ڏسڻ جو موقعو هڪ طرف ملندو ته ايران جي تاريخي جاين، خوبصورت ۽ چٽسالي وارين عمارتن، گنبذن ۽ پراڻي زماني جي ڪاشيءَ جي ڪم جو نمونو پسڻ جو پڻ موقعو ملندو. ان کان علاوه هر هنڌ مختلف ماڻهن کي پڻ ڏسي سگهجي ٿو جن ۾ بنا ڪنهن شڪ جي هتي جا مڪاني ايراني آهن. ٻئي نمبر تي عراقي، ڪويتي، گلف جي رياستن جا آهن ۽ ٽئين نمبر تي پاڪستاني افغانستاني ۽ وچ ايشيا جي رياستن جا آهن. هر هنڌ تي پڪنڪ جو سما لڳي ٿو. خواجا ابا صلت جي مقبري تي ته ڪلفٽن وارو نمونو لڳي ٿو، جتي ڪيترا ماڻهو وڏن ننڍن کي سواري جو مزو وٺرائڻ ۽ پئسا ڪمائڻ لاءِ پنهنجا اُٺ ۽ گڏهه سينگاري آيا هئا. مون ڏٺو ته ڪيتريون ئي ايراني زالون ۽ ڪاليج جون ڇوڪريون جيتوڻيڪ چادر اوڍيل هيون، انهن تي نه فقط سواري ڪري رهيون هيون پر ڪئميرا ۽ موبائل فونن ذريعي فوٽا پڻ ڪڍي رهيون هيون. ۽ سواءِ مشهد شهر ۾ امام علي رضا جي مقبري جي، باقي هنڌن تي هنن جي چادر فقط نالي ماتر مٿي ۽ ڪلهن تي ورايل هئي ۽ ٿوري ئي هوا لڳڻ تي لهيو ٿي وئي، خبر پوي پئي ته ايراني اسان وانگر سڄو ڏينهن آمريڪا کي گاريون ضرور ڏين ٿا پر ڪپڙي گندي ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين ۾ آمريڪن کي فالو ڪن ٿا. ايترو ته ملائشيا جون ڇوڪريون به ڪارگو پينٽون ۽ برانڊيڊ جينز جون پتلونون نٿيون پهرين جيترو هتي ايران جي ڇوڪرين ۾ عام آهي. اڄ جون ايراني ڇوڪريون چادر ضرور اوڍين ٿيون پر هو دنيا جون پڙهيل ڪڙهيل ليکيون وڃن ٿيون، ڪپڙي گندي ۽ ميڪ اپ ۾ به هوشيار مڃيون وڃن ٿيون، اليڪٽرانڪ ۽ I.T کان به واقف آهن. سونهن ۾ ته هو جپاني، اسپيني، انگريز ۽ عرب ڇوڪرين کان صدين کان سرس آهن.
    خواجا ابا صلت هيروي هڪ نيڪ انسان ۽ امام علي رضا جو سچو خدمتگار هو. هتي موجود گائيڊ فارسي گاڏڙ انگريزي ۾ ٻڌايو ته امام رضا جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ابا صلت بيان ڪيون آهن. امام علي الرضا (شيعن جو اٺون امام) جهن مَروَ (Merv) شهر کان بغداد وڃي رهيو هو ۽ رستي تي طوس شهر وٽ ان وقت جي عباسي خليفي مامون رشيد جي ماڻهن هن کي انگورن ۾ زهر وجهي ڏنو. امام گهر پهچي پنهنجي ساٿي ۽ خدمتگار ابا صلت کي چيو ته گهر ۾ وڇايل سڀ غاليچا هٽائي ڇڏ ۽ ڪنهن کي به اندر اچڻ نه ڏي ڇو جو منهنجي روح جو جسم کان جدا ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي، آئون پنهنجي ڏاڏي مرحوم حضرت حسين بن علي وانگر ڌرتيءَ تي مرڻ چاهيان ٿو.“
    ابا صلت امام جو دوست ٻڌائي ٿو ته ”امام صاحب جي شهادت بعد خليفي مامون رشيد جي حڪم تي مون کي قيدي بنايو ويو. مون بيحد غمگين حالت ۾ هڪ سال قيد منجهه گذاريو. ان بعد مون کي خواب ۾ نائون امام الجواد نظر آيو ۽ منهنجو هٿ وٺي مون کي جيل کان ٻاهر ڪڍيو ۽ چيو ته هن کان پوءِ تون نه مامون رشيد کي ڏسي سگهندين ۽ نه هن طرفان ڪو نقصان تو تائين پهچي سگهندو.“ جيئن امام چيو ائين ئي ٿيو.
    ابا صلت ٻڌايون هي ڳالهيون، هن جي مقبري تي آيل ڪجهه لورستاني همراهن پڻ ٻڌايون. هو ايران جي ڏاکڻي صوبي لورستان کان امام علي الرضا جي مقبري تي حاضري ڀرڻ لاءِ مشهد آيا هئا ۽ هاڻ واپس وڃڻ کان اڳ امام علي رضا جي وفادار ساٿي ۽ نيڪ انسان ابا صلت جي آخري آرامگاهه تي پهتا هئا. ابا صلت سن 818ع ۾ وفات ڪئي. سندس هي مقبرو مشهد کان 12 ڪلوميٽر پري نيشاپور ڏي ويندڙ رستي تي آهي.
    خاجيح ربيع جو مقبرو مشهد شهر کان 6 ڪلوميٽر اولهه ۾ آهي جتي وڃڻ لاءِ حرم وٽان 30 نمبر بس به وڃي ٿي. خاجيح ربيع (ڪي خواجا ربيع به سڏين ٿا) جو سڄو نالو ربيع ابن هيشام الاسدي الساوري آهي. پاڻ تابعين مان آهي ۽ ڪوفا جو رهاڪو هو ان ڪري ڪوفي پڻ سڏجي ٿو. پاڻ حضرت علي جو ويجهو ساٿي ۽ ابن مسعود (صحابي) جو سٺو دوست هو. پاڻ هڪ نيڪ انسان هو جنهن سڄي زندگي ماڻهن کي تفسير ۽ حديث جو سبق ڏنو. ايران جي شيخ طبرسي ربيع کي انهن مضمونن ۾ ماهر سڏيو آهي. زندگي جي آخري سالن ۾ خاجيح ربيع خراسان ۾ اچي رهيو جتي هو 63 هجري (عيسوي سن 682) ۾ گذاري ويو. سندس مقبرو عام قبرستان جي باغيچي جي وچ ۾ آهي. مقبري جي ڪاشي جو ڪم ڏسڻ وٽان آهي. خاجيح ربيع کي وڏي عزت سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ مشهد ايندڙ هر زوار هتي پڻ اچي ٿو. سندس مقبري جي اڄ واري سونهن ۽ ڪنسٽرڪشن ايران جي حاڪم شاهه عباس جي حڪم تي سترهين صديءَ ۾ ڪرائي وئي هئي.
    مشهد کان 14 کن ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ بنالود جبلن جي قدمن ۾ خواجه مراد جو مقبرو آهي. مقبري کان ڪلوميٽر پري اسان کي بس لاٿو جو مقبري تائين پهچڻ لاءِ سوڙهو ۽ پٿرائون اُڀو رستو آهي. جتان ڪا به لاري يا موٽر هلي نٿي سگهي. رستي تي فقط هڪ موٽر سائيڪل، پوليس آفيس جي ٻاهران نظر آئي. پوليس آفيس جي ٻنهي پاسي ڪيترين مڪاني شين جا دڪان آهن. ان پٿرائين رستي جي ختم ٿيڻ بعد مٿي جبل تي به فرلانگ ٻه چڙهڻو پوي ٿو. ان ڪري بيمار ۽ وڏي عمر جا مسافر پارڪنگ ۾ بيٺل بس ۾ ئي ويٺا رهيا. خواجا مراد جنهن جو اصل نالو حرثا ميح ابن ايون هو. امام رضا جي ساٿين مان هڪ هو. سندس وفات 825ع (هجري سال 210) ۾ ٿي. هي مقبرو هتي جي قبرستان بهشت رضا جي ڀر ۾ آهي.
    مشهد شهر جي اولهه ۾ اٽڪل 112 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ايران جي صوبي خراسان جو هڪ ٻيو مشهد شهر نيشاپور آهي. نيشاپور پهچڻ کان 26 ميل کن اڳ – يعني مشهد کان 86 ڪلوميٽر پري، خاجيح ربيع جي مقبري سان ڪافي ملندڙ جُلندڙ گنبذ واري اٺڪنڊي عمارت اچي ٿي جيڪا قدم گاهه سڏجي ٿي. هن بيحد ننڍڙي درگاهه (جنهن ۾ مشڪل سان ڏهه کن ماڻهو مس اچي سگهن) ۾ اها سر رکيل آهي، جنهن تي ٻن پيرن جا نشان ٺهيل آهن. چيو وڃي ٿو ته هي پيرن جا نشان اٺين امام علي الرضا جي پيرن جا آهن. هن عمارت جو گنبذ خوبصورت سفيد ۽ فيروزي رنگ جي ڪاشيءَ جي ڪم جو آهي. هن عمارت جي چوڌاري جيڪو ڳوٺ آهي. ان جو نالو پڻ هن مقبري نما عمارت جي نالي تان قدم گاهه پيو آهي. واپسي تي بيبي شطيطه جي مقبري تي آياسين جتي وڏي پيماني تي مرمت جو ڪم هلي رهيو آهي.


    مشهد جا ميوزيم ۽ امامزاده محروق جو مقبرو

    مشهد جو شهر توڙي ان جي آسپاس تاريخي جاين، بادشاهن، شهنشاهن، مذهبي پيشوائن، دين جي عالمن، اسڪالرن ۽ مشهور شخصيتن جي مقبرن، عجائب گهرن (Museums) ۽ خوبصورت باغن ۽ ڳوٺن سان ڀريل آهي. اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي موزيم ڏسڻ جو شوق ناهي. سڄي عمر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گذارڻ بعد به هنن کي ڪڏهن مهاتا پئلس يا سنڌ ميوزم ڏسڻ جي توفيق نٿي ٿئي. هتي جي هڪ ٻن ميوزيمن ۾ اڌ اڌ ڏينهن گذاريم پر مون کي هڪ به هم وطني نظر نه آيو. بهرحال هتي ڪجهه ميوزمن جو پتو لکان ٿو ان بعد اڳتي جو سفر جاري رکون ٿا.
    مشهد ۾ ٽي بيحد دلچسپ ميوزيم آهن، آستانِ قدس جو ميوزيم، قرآن ميوزيم ۽ پوسٽ جي ٽڪلين (Stamps) جو ميوزيم. آستان قدس وارو ميوزم مختلف پراڻين ۽ تاريخي شين سان مالامال آهي. ڪيترائي پراڻا ۽ قيمتي غاليچا ۽ هٿ جي ڪم جا کيس کٿا (Rugs)، امام رضا جي پهرين مقبري جون سرون، مشهور ڪئليگرافر رضا عباسي جون لکڻيون ۽ ٻيون ڪيتريون يارهين صدي جون شيون نظر اچن ٿيون. هزارين زائرين – خاص ڪري ايران جا عقيدتمند ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ، روزانو ڏسڻ اچن ٿا. هي ميوزيم ميدانِ حرم جي ويجهو صحنِ خميني جي اوڀر ۾ آهي. قرآن ميوزيم به آستانِ قدس جي ويجهو ئي آهي جنهن ۾ قرآن جا ڪيترائي جهونا نسخا رکيل آهن. هي ميوزيم 1985ع کان کوليو ويو آهي. هتي رکيل قرآني نسخن ۾ سڀ کان جهونو ستين صدي جو، هرڻ جي کل تي ڪوفي لکت جو آهي. هتي اهو ٻُڌائيندو هلان ته ميوزيم جي ڪنهن شيءَ جي، توڙي امام رضا جي مقبري ۽ گوهر شاد مسجد جي ڪنهن ڪمري يا سر Tile جي ڪئميرا سان تصوير ڪڍڻ جي اجازت ناهي. بلڪ حرم جي مين گيٽ ۾ گهڙڻ سان ڪئميرا ۽ ٻيو سامان جمع ڪرائڻو پوي ٿو. فوٽو ڪڍڻ جي شوقينن کي موبائيل فون ذريعي فوٽو ڪڍڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪئميرا جي فلئش سان ٽائيلن ۽ ٻين شين جا رنگ خراب ٿا ٿين.
    ٽپال کاتي جي ٽڪلين جو، هتي وارو ميوزيم، سڄي ايران ۾ وڏو آهي. هي ميوزيم 1989 ۾ ٺاهيو ويو. ڪو زمانو هو جو ٽڪليون گڏ ڪرڻ ماڻهن جو خاص مشغلو هئو. ڪاليج جي ڏينهن ۾ اسان جي به اها خاص هابي Hobby) (هئي جيڪا پوءِ به ڪيتريون ئي ڏهائيون هلي. هڪ ٻي جي Collection وڏي شوق سان ڏسبي هئي. منهنجي ڪجهه ڪلاس ميٽن شوڪت جماڻي (پيٽرول پمپن جو بادشاهه)، مرحوم رفيع ڪاڇيلو (انبن جو شهنشاهه)، تنوير مجتبيٰ (PIA جو جنرل مئنيجر) ۽ رميش ڪمار ڀيرواڻي (آدم جي انشورنس جو جنرل مئنيجر) وٽ جيتريون ٽڪليون هيون، مون ڪنهن ٻئي شاگرد وٽ نه ڏٺيون. بهرحال اڄ ڪلهه ”ڪُٽين ڪُٽ لهار، هاڻ انهن ڀيڻئين“ – دنيا جون پوسٽ آفيسون ويران نظر اچن ٿيون ۽ ملڪ جي خزاني تي چٽي آهن. هي دور اليڪٽرانڪ ميل ۽ ايس ايم ايس جو سڏيو وڃي ٿو. ڪنهن کي لفافو يا پارسل موڪلڻ لاءِ TCS، فيڊيڪس، يا ڪنهن ٻي ڪوريئر سروس جو رخ ڪرڻو پوي ٿو. هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايران، پولئنڊ ۽ اسپين جهڙا ملڪ خوبصورت ٽڪلين ڪري اسان جي دل ۽ دماغ تي ڇانئيل هوندا هئا.
    مشهد جو قرآن ميوزيم صبح جو 8 کان هڪ بجي منجهند تائين کليل رهي ٿو. پبلڪ ۽ مذهبي ڏينهن تي بند رهي ٿو. وري به توهان جي چاهيو ته 0511-2258001 تي فون ڪري معلوم ڪري سگهو ٿا. ٽڪلين جي ميوزيم جو نمبر 0511-2258001 آهي ۽ صبح جو اٺين کان شام چئين بجي تائين کُليل رهي ٿو.
    انهن ٽن ميوزيمن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ميوزيم مشهد شهر ۾ ۽ اوسي پاسي ۾ آهن. جيئن ته نادر شاهه جي مقبري تي ويس ته اتي به نادر شاهه جي دور جي پراڻين شين جو ميوزيم نظر آيو.
    ان ڏينهن اسان مشهد جي ڀر وارن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مختلف مقبرا، تاريخي جايون ۽ زيارتون ڏسڻ لاءِ نڪتاسين ته نيشاپور کان وڃي نڪتاسين، جتي امام زاده محمد محروق جو مقبرو آهي. هي نيشاپور جي وچ شهر کان 6 ڪلوميٽر پري ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ باغ ۾ آهي، جنهن جو نالو پڻ باغِ محروق آهي. هتي دفن ٿيل امام زادو محمد محروق حضرت موسيٰ بن جعفر جي اولاد مان چيو وڃي ٿو. هي خوبصورت ڪاشيءَ جي ڪم وارو مقبرو ڏهين صدي جو ٺهيل آهي ۽ ان جي ڀرسان مسجد آهي جيڪا سورهين صدي جي ٺهيل آهي ۽ هتي جي ڪاشي ۽ لکائي ايتري ئي خوبصورت آهي جيترو مقبرو. هن مقبري ۽ مسجد جون تصويرون توهان کي ايران تي لکيل ڪيترن ئي ڪتابن ۾ نظر اينديون. هتي مون ڏٺو ته ڪيترائي فارينر نه فقط عقيدت جي خيال کان اچن ٿا پر هن باغِ محروق ۽ خوبصورت ڪم واري مقبري کي پڻ ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. فوٽو گرافي جي اجازت هجڻ ڪري مون وانگر ڪيترائي تصويرون ڪڍي رهيا هئا. باغ ۾ جتي ڪٿي گلن کي پٽڻ کان منع لاءِ تختين تي شعرن جي صورت ۾ نوٽيس لکيل هئا. هڪ تي بلبل جو لفظ پڙهي هڪ ايرانيءَ کان پڇيم ته ان شعر جي ڇا معنيٰ آهي؟
    ”ڇو ٿا هروڀرو بلبلن کي روئاڙيو
    گل پٽي ڇو ٿا سونهن برباد ڪريو“ هن ٻُڌايو.
    اسان جي گروپ جي زائرين مشهد کان ايندي وقت رستي تي اهو ئي فيصلو ڪيو ته آخري منزل يا نيشاپور پهچي اتي مجلس ڪنداسين. سو هاڻ مجلس جو بندوبست مسجد ۾ رکيو ويو. جتي سڀني کي پٽ تي وڇايل غاليچن تي وهڻو هو. آئون ٿوري دير ويٺس، پر پٺي جي هڏي (Back Bone) ۾ حادثي ڪري سور هجڻ ڪري مون کان گهڻي دير نه پئي ويٺو ٿيو. ڀر ۾ ويٺل عابد جعفري کان پڇيم ته هيءَ مجلس گهڻي دير هلندي؟
    ”ٻه ڪلاڪ کن ته لڳي ويندا.“ هن ٻڌايو.
    ”ته پوءِ ڀلا آئون وهڻ لاءِ ڪا سر يا ڪاٺ جي صندلي ڳولي اچان.“ مون هن کي چيو.
    ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن اهڙي ڪا شيءَ ڳوليم پر نظر نه آئي. پارڪ جي هڪ حصي ۾ رکيل بينچ تي اسان جي هڪ ساٿي مسافر ۽ ڪراچي ۾ پلاٽن جو وڪرو ڪندڙ ڪمپني Land Masters جي مالڪ زڪريا جي والده ويٺي هئي. هن سان به پٽ تي وهڻ جو مسئلو هو جو مجلس بدران هتي اچي ويٺي. ساڳي بينچ تي هن جي ڀرسان ايران جي ڪنهن آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ايراني ڇوڪريون ويٺل هيون. هو سبزوار نالي هڪ شهر کان هتي آيون هيون. هن بينچ تي وهڻ بعد پڇڻ تي هنن ڀڳل سڳل انگريزي ۾ ٻُڌايو.
    ”زيارت لاءِ“ مون چيو.
    ”ڪجهه زيارت، ڪجهه پڪنڪ لاءِ“ هنن وراڻيو. هتي هلندڙ ڪيترين عورتن وانگر هنن کي به ايتري ڊگهي چادر اوڍيل نه هئي جهڙي مشهد ۾ امام رضا جي روضي تي ايراني عورتن کي ويڙهيل نظر اچي ٿي. مٿي تي روسري به اهڙي طرح ٻڌل هئي جو اڳئين حصي جا وار نظر اچي رهيا هئا.
    ”لڳي ٿو هاڻ اها خميني واري سختي نه رهي جيڪا انقلاب وقت هئي؟“ مون کين فرينڊلي ڏسي رمارڪ ڏنو.
    هنن مرڪندي هائوڪار ڪئي. آئون اتي گهڻي دير نه ويٺس جو سامهون عمر خيام جي مناري جهڙو ڊگهو مقبرو ڏسي، مون اوڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اٿڻ مهل مون هنن ڇوڪرين جو ذڪريا جي والده سان گڏ فوٽو ڪڍڻ جو پڇيو. مون کي حيرت ٿي ته هنن انڪار ڪرڻ بدران خوشيءَ سان هائوڪار ڪئي ۽ هنن ٻڌايو ته ”سبزوار يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز“ جي ائڊمن برانچ ۾ ڪنهن عهدي تي ڪم ڪن ٿيون. منهنجي اهو ٻڌائڻ تي ته آئون ايران تي ڪجهه لکڻ لاءِ هتي آيو آهيان ته هنن جو مون کي سبزاوار شهر پڻ ڏسڻ لاءِ Suggest ڪيو. هنن مون کي سندن شهر سبزوار بابت ڪجهه ٻُڌائڻ چاهيو ٿي پر سندن انگريزي ايتري ڪمزور هئي جو مون کي گهٽ سمجهه ۾ آئي. بهرحال هنن اهو ٻُڌائڻ ٿي چاهيو ته سبزاوار پڻ ايران جو هڪ تاريخي شهر آهي، جنهن بابت پوءِ رات جي ماني تي مشهد ۾ اسان جي PIA جي آفيس جي مئنيجر مهر حسين جعفري ٻُڌايو ته سبزوار هتان هڪ سؤ کن ڪلوميٽر پري ٿيندو ۽ هن شهر جو پراڻو نالو بيهق آهي جتان جو فارسي ادب جو ليکڪ ابو الفضل بيهقي تمام مشهور آهي. ابوالفضل بيهقي ايران جي هن تاريخي شهر سبزوار (بيهق) ۾ 995ع ۾ ڄائو ۽ 1077ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ابن فندوق جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو ۽ فارسي جو اعليٰ اديب ۽ تاريخدان مڃيو وڃي ٿو. سندس فارسي جو ڪتاب ”تاريخ مسعودي“ جيڪو تاريخِ بيهقي جي نالي به مشهور آهي. انگريزي ۽ ٻين زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. تن ڏينهن ۾ نيشاپور جو شهر سنڌ جي ٺٽي وانگر اسڪولن ۽ مدرسن کان مشهور هو ۽ ابوالفضل بيهقيءَ نيشاپور مان ئي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ سومناٿ مندر جي مشهوري واري حاڪم محمود غزنوي (جنهن الپتگين، سبڪ تگين ۽ اسماعيل بعد 998 کان 1030 تائين حڪومت ڪئي جنهن دوران جهونا ڳڙهه جي امير مندر تي حملا ڪري ڦرلٽ ڪئي) جي سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪ ٿي رهيو. جتي هن پنهنجي قابليت ۽ علم جي ڄاڻ ڏيکاري. 1058ع ۾ رٽائرمنٽ وٺڻ بعد ابوالفضل اهو تاريخ جو ڪتاب لکيو. ابوالفضل بيهقي جو غزنوي گهراڻي بابت لکيل هي تاريخي ڪتاب سچائي تي مبني سمجهيو وڃي ٿو. هن تاريخي ڪتاب ۾ حسنڪ وزير وارو مشهور باب پڻ آهي.
    حسنڪ وزير محمود غزنوي جي ڪورٽ جي ڏينهن کان وزير هو. جنهن کي بعد ۾، جڏهن محمود غزنوي جو پٽ مسعود اول (1031 کان 1041 تائين) تخت تي ويٺو ته هن حسنڪ تي سياسي طور ڪفر جي ڪوڙي فتويٰ ڏياري سنگسار ڪيو هو. ان جو احوال ڪيترن ئي ڪتابن ۾ آهي پر تاريخ بيهقي (تاريخ مسعودي) ۾ تفصيل سان ڏنل آهي. محمود غزنوي جي مرڻ بعد هن جي وصيت موجب سندس پٽ محمد کي تخت تي ويهاريو ويو، پر پوءِ محمود غزنوي جي ٻئي پٽ مسعود بغاوت ڪري تخت کسيو ۽ پنهنجي ڀاءُ محمد جون اکيون ڪڍرائي ڇڏيون ۽ وزير حسنڪ جو منهن ۽ مٿو لوهي ٽوپلي سان ڍڪرائي باقي جسم تي پٿرن سان وسڪارو ڪرايو.
    ابوالفضل بيهقي (ابن فندوق) جو سڄو نالو زيد ابن محمد ايوسي خازمي بيهقي شافعي هو. سندس تعلق شافعي مڪتبِ فڪر سان هو.
    سبزوار انگورن ۽ ڪشمش کان مشهور آهي. هتان مختلف تازا ميوا ۽ ڀاڄيون، ڊراءِ فروٽ، دٻن ۾ بند ٿيل چٽڻيون ۽ آچار ايران جي ٻين شهرن ۽ ڀر وارن ملڪن ڏي وڃن ٿا. تهران کان مشهد ويندڙ مين روڊ به هتان سبزوار مان لنگهي ٿو. سبزوار جون ٻه تاريخي شيون مشهور آهن. ٻارهين صدي جو خسرائو گرڊ ٽاور ۽ 19 صدي جو مدرسو جيڪو مسلمان فلاسفر حاجي هادي سبزواريءَ ٺهرايو. ايران ۾ عربن جي فتح کان اڳ آتش پرست ساسانين جي 224 ع کان 651ع تائين حڪومت رهي جنهن ۾ سبزوار هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. ان بعد 1500ع تائين هي شهر واپار وڙي، تعليمي ادارن، باغ باغيچن کان چڱو مشهور ٿيو ۽ ڪيترن ئي ڌارين حاڪم جي حملن ۽ ڦرلٽ جو شڪار رهيو. اڄ جو ڪارخانن ۽ فئڪٽرين وارو هي شهر سبزوار 1960ع کان پوءِ جي پيداوار آهي.
    سبزوار جي مٿي ذڪر ڪيل ڇوڪرين ٻُڌايو ته سندن يونيورسٽي کان علاوه سبزوار شهر ۾ ٻيون يونيورسٽيون به مشهور آهن. .سبزوار يونيورسٽي تربيت معلم“ ۽ ”اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف سبزوار“.
    سبزوار جي اهم ماڻهن مان مٿي ذڪر ڪيل ابوالفضل بيهقي کان علاوه حاجي مولاه هادي سبزواري، آدم سبزواري ۽ علي شريعتي پڻ آهن. علي شريعتيءَ ايران ۾ 1979ع واري اسلامي انقلاب لاءِ ڪافي گرائونڊ ورڪ ٺاهيو ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ ان جي ضرورت جي اهميت نقش ڪئي. ان ڪري علي شريعتي کي مغربي دنيا ۾ به Ideologue of the Iranian Revolution سڏيو وڃي ٿو. علي شريعتي 1933ع ۾ ڄائو ۽ بنيادي تعليم پنهنجي والد آقا محمد تقي شريعتي وٽ حاصل ڪئي. ان بعد مشهد ۾ تعليم حاصل ڪئي جتي سندس والد جو اسلامي تعليم جي تبليغ جو مدرسو هو. 1956ع ۾ مشهد جي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين. 1960ع ۾ گرئجوئيشن حاصل ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم لاءِ فرانس جي يونيورسٽي آف پئرس ۾ 4 سال پڙهيو. سندس اسلامي تبليغ ۽ انقلابي ڳالهين ڪري پهلوي حڪومت هن جي خلاف هئي. 1977ع ۾ سندس اوچتي موت پٺيان SAVAK وارن جو هٿ چيو وڃي ٿو.


    است چُون عاقبت ڪار جهان نيستي...

    امام زاده محمد محروق جي مقبري سامهون باغيچي ۾ رکيل بينچ تان اٿي آئون عمر خيام جي مقبري ڏي وڌيس جيڪو پڻ هن ساڳي باغيچي يعني باغِ محروق جي هڪ ڪنڊ تي آهي. گيٽ وٽ ويٺل ڪلارڪ ٻڌايو ته اندر داخل ٿيڻ لاءِ کانئس ٽڪيٽ وٺڻ ضروري آهي.
    ايران ۾ جيڪي مذهبي جايون ۽ مذهبي ماڻهن جا مقبرا آهن انهن جي ڏسڻ جي ڪا ٽڪيٽ ناهي باقي تاريخي جاين تي ٿوري گهڻي ٽڪيٽ رکي وئي آهي، جيئن ان کي وڌيڪ بهتر بنائجي ۽ بنيل شيءِ جي ٺاهه جوڙ تي ڌيان ڏيئي سگهجي ۽ ان فيءَ (ٽڪيٽ) مان هتي جا واسطيدار کاتا واقعي ايمانداري سان ان عمارت جي ۽ پسگردائي جي سار لهن ٿا ۽ ساڳي وقت ٽوئرسٽن جي سهوليت ۽ بهتري جو خيال رکن ٿا. اهڙن هنڌن تي توهان کي جتي ڪٿي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، صاف سٿرا ٽئاليٽ، وهڻ لاءِ اڏاوتن هيٺان رکيل بينچون، گند ڪچري اڇلائڻ لاءِ ٽوڪريون، گاڏيون بيهارڻ لاءِ فري پارڪنگ، ڪنهن جي شيءِ يا ڪو ٻار منجهي وڃي ته ان جي مدد لاءِ عملو.... وغيره نظر اچي ٿو.
    مون ٽي هزار ريال ڏئي عمر خيام جي مقبري ڏسڻ جي ٽڪيٽ ورتي. ٽي هزار انگ تمام وڏو آهي پر بقول سلمان رضوي جي ايران جو سِڪو بي برڪتو آهي. 3000 ريال 300 تُمن ٿين ٿا ۽ اڄ ڪلهه پاڪستاني هڪ رپئي ۾ 15 تمن آهن، معنى اسان جي ناڻي جي حساب سان ان ٽڪيٽ جي قيمت 20 رپيا ٿي. ايران جي سڪي بابت هڪ دفعو وري ان ڪري به لکيو اٿم ته هتي ايندڙن کي ان بابت مونجهارو نه رهي، جيئن تهران جي ايئرپورٽ تي اخبار جي قيمت 180 تمن (يعني 1800 ريال) ٻڌي آئون پريشان ٿي ويو هوس ۽ واپس رکي ڇڏيم بعد ۾ خبر پئي ته ايراني ايترا پئسا اسان جي فقط 12 رپين جي برابر ٿيا.
    عمر خيام جو مقبرو نرالي انداز ۾ ٺهيل آهي جن جي چوڌاري، ٻاهران ۽ اندر سندس فارسي رباعيون لکيل آهن. عمر خيام پاڻ به نرالو انسان هو. هو هڪ اعلى شاعر، فلاسفر، حساب دان ۽ عالمِ فلڪيات هو ۽ جنهن لاءِ هن کي دنيا مڃي ٿي. هو ايران جي هن شهر نيشاپور ۾ ڄائو ۽ هتي ئي دفن ٿيل آهي. خراسان صوبي جي هن شهر نيشاپور جي دنيا ۾ مشهوري عمر خيام جي ڪري ٿي. منهنجو ڪو مطلب اهو نه آهي ته نيشاپور جي اهميت عمر خيام بنا ڪجهه به ناهي. نيشاپور تاريخي خيال کان ايران جي گهڻن جهونن شهرن کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو، جتي نه فقط امام زاده محمد محروق جو آخري آرام گاهه آهي، عمر خيام جو شهر آهي پر هن شهر جي مشهوري عظيم صوفي شاعر فريد الدين عطار، مشهور ايراني آرٽسٽ ڪمال و مولڪ ۽ ٻين عالمن، ڏاهن، شاعرن، سياستدانن کان علاوه فيروزه پٿرن ڪري پڻ آهي. نيشاپوري کاڻين جو هي ٿڌي بلو ۽ سائي رنگ جي مڪسچر وارو پٿر هزار سالن کان مٿي فيروزه نيشاپوري جي نالي سان مشهور آهي ۽ عورتون لاڪيٽن، ايرنگن، ڪنگڻن ۽ منڊين ۾ لڳرائين ٿيون. امامزاده محروق جي مقبري ٻاهران واري روڊ خيابان طبريسي جي دڪانن مان هڪ تان پاڻي جي بوتل وٺي رهيو هوس ته ”ليالي طوس“ نالي ڀر واري دڪان ۾ ڪجهه يورپي ٽوئرسٽن کي فيروزي پٿر جا ڳهه خريد ڪندو ڏسي آئون به مٿي چڙهي پيس. اهي مونکي نه فقط خوبصورت لڳا پر سستا به لڳا. فرانس جي قوميت رکندڙ هنن ايراني ٽوئرسٽن ٻڌايو ته هن پٿر جون شيون مشهد ۾ به سستيون آهن پر هتي اڃان به وڌيڪ سستيون آهن جو هن پٿرن جون کاڻيون هن شهر نيشاپور ۾ ئي آهن. بعد ۾ اسانجي گروپ جي هڪ برٽش پاڪستاني مرزا اصغر حسين ڪجهه منڊيون ورتيون ته هن ڪجهه وڌيڪ اگهه گهٽ ڪرايو. جنهن مان لڳو ته دڪاندار مقرر ڪيل قيمت کان به ڏهه ويهه سيڪڙو سستو ڪن ٿا.
    نيشاپور ساساني دور حڪومت ۾ شاهپور بادشاهه نالي ٺهرايو هو. ساسانين جي حڪومت بعد ايران تي عربن جي حڪومت ٿي جن نيشاپور کي خراسان صوبي جي گاديءَ جو شهر (Capital) مقرر ڪيو ۽ ڏهين صدي ۾ هي ايران جو تمام ڀلو شهر هو. هي شهر ڪاشي ۽ ٺڪر جي شين کان به بيحد مشهور هو ۽ اڄ به هن علائقي جي ڪاشي ائين مشهور آهي جيئن اسان جي ملڪ ۾ هالا، نصرپور ۽ ملتان جي. مشهد کان هيڏانهن نيشاپور ايندي ڪيترائي ڪاشي جي ڪارخانن جا اشتهار نظر آيا ۽ مونکي به پهريون دفعو خبر پيئي ته ”ڪاشي“ اسانجي ڳوٺ هالا جو ، يعني سنڌيءَ جو نه پر فارسي زبان جو لفظ آهي. ايران ۾ مختلف مقبرن ۽ عمارتن ۾ ڪاشي جو جهونو ۽ نئون ڪم ڏسي دل خوش ٿيو وڃي. ڇا ته آسماني، نيري، بلو، فيروزي ۽ سائي رنگ جا Shade ۽ چٽ آهن! سلجوق گهراڻي جي پهرين حاڪم تغرل بيگ (سندس پورو نالو سلطان تغرل بن ميڪائيل هو جنهن 1037ع کان 1063ع تائين ايران تي حڪومت ڪئي) نيشاپور کي سڄي ايران جي گادي جو شهر بڻايو.
    1145ع واري زلزلي نيشاپور جي ڪافي تباهي آندي، رهي سهي ڪسر 1153ع ۾ غزترڪمن جي حملي پوري ڪئي پر هي اهو شهر آهي جيڪو وري جڙندو رهيو، وڌندو رهيو، خوشحال ٿيندو رهيو. 1216ع ۾ جڏهن عرب سياح ياقوت هي شهر گهميو ته هن کي سڀني شهرن ۾ سهڻو ۽ امير لڳو. 1269ع ۾ منگولن جي ٻي حملي بعد به هي شهر وري اڀريو، پر پوءِ آهستي آهستي امام رضا جو شهر مشهد، هن تر جو خوشحال ۽ رونق وارو شهر ٿيندو ويو، پر ان هوندي به نيشاپور شهر پنهنجي سڃاڻپ ۽ سونهن برقرار رکي. 1722ع ۾ افغانين واري حملي ۾ نيشاپور تر پٽ ٿي ويو. ان بعد جيئن ئي نادر شاهه ايران جو حاڪم ٿيو ته هن مشهد کي ايران جي گاديءَ جو شهر مقرر ڪيو. بهرحال نيشاپور اڄ به هڪ اهم تاريخي شهر آهي جيتوڻيڪ هو ڪيترائي دفعا تباهه ٿيندو رهيو. بقول انڊيا جي انگريز وائسراءِ جارج ڪرزن جي، جيڪو 1899ع ۾ هن پوسٽ لاءِ انڊيا پهتو هو ۽ هو ننڍي هوندي کان ئي گهمڻ جو شوقين هو.
    “Neishapur had certainly been destroyed and rebuilt more than any other city in the world.”
    هي شهر نيشاپور ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين صدي ۾ مصر جي قاهره ۽ عراق جي بغداد جي مقابلي جو شهر هو. تيرهين صدي ۾ هن شهر سان جيڪو ظلم ٿيو ان لاءِ اڄ به دنيا افسوس ڪري ٿي. 1221ع ۾ چنگيز خان جي ڌيءَ جي مڙس کي ڪنهن هن شهر ۾ ماري وڌو، ان جو بدلو چڪائڻ لاءِ چنگيز خان جي ڌي نيشاپور جي سڀني ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن حڪم جي پوئواري ۾ منگولن شهر جا سترهن لک ماڻهو ڪهي ڇڏيا ۽ مردن، عورتن ۽ ٻارن جي کوپڙين سان هڪ وڏو اهرام (Pyramid) ٺهرايو. هن شهر کي زلزلن به ڪافي تنگ ڪيو آهي. گذريل ويهه سالن ۾ ٻه دفعا زبردست قسم جا زلزلا آيا آهن هڪ 1986ع ۾ ۽ ٻيو 1997ع ۾.
    اسان جهاز هلائڻ وارن کي فقط دنيا جي بندرگاهن جي خبر آهي ته ڪهڙو بندرگاهه ڪهڙي ملڪ ۾ ۽ ڪهڙي هنڌ تي آهي. عمر خيام جنهن جي فارسي رباعين جو ترجمو اسڪول جي ڏينهن ۾ وڏي شوق سان پڙهيوسين، ان بابت اها خبر ضرور هئي ته هن جو تعلق ايران جي شهر نيشاپور سان آهي پر اهو هتي مشهد ۾ اچي معلوم ٿيو ته عمر خيام، نيشاپور جو ڳوٺ مشهد کان فقط ٻه اڍائي ڪلاڪن جي سفر تي آهي ۽ اڄ هتي نيشاپور ۾، عمر خيام جي مقبري اڳيان پاڻ کي بيٺل ڏسي حيرت پئي ٿئي ته هن ۾ دفن ٿيل همراهه جون انگريزي ۾ فٽز گرالڊ جون ترجمو ڪيل رباعيات، جواني جي ڏينهن ۾ Quote ڪندا رهياسين ٿي....
    “Here with a loaf of Bread beneath the Bouth,
    A flask of Wine, a Book of Verse… and you,
    Beside me singing in the wilderness,
    And wilderness is Paradise enow.
    يا وري....
    Oh, come with old Khayyam. And leave the wise,
    To talk; one thing is certain, that life flies;
    One thing is certain, and the rest is lies;
    The flower that once has blown for ever dies.
    ۽ سڀ کان گهڻي جيڪا عمر خيام جي رباعي اسان استعمال ڪندا هئاسين، اها هئي؛
    Ah, love! Could thou and I with fate conspire
    To grasp the sorry scheme of things entire
    Would not we shatter it to bits- and then
    Re-mould it nearer to the Hearts desire.
    عمر خيام پنهنجن رباعين ۾ پنهنجي ڳوٺ نيشاپور جو نالو به کڻي ٿو.
    Whether at Naishapur or Babylon,
    Whether the cup with sweet or bitter run,
    The wine of life keeps oozing drop by drop
    The leaves of life keel falling one by one.
    ۽ اڄ آئون هن جي ملڪ، هن جي شهر ۽ هن جي قبر وٽ بيٺو آهيان. پاڻ هن دنيا جي مسافر خاني ۾ آيو، ڪجهه وقت رهيو ۽ هليو ويو، ڪئين سلطان بادشاهه آيا- وڏي شان شوڪت سان، ڪوبه هتي نه رهيو، مٽي سان مٽي ٿي ويا. عمر خيام پنهنجي هڪ رباعي ۾ چوي ٿو:
    Think, in this battersd caravanserai
    Whose door ways are altermate night and day,
    How sultan after sultan with his Pomp
    Abode his hour or two, and went his way.
    عمر خيام، اصل نالو غياث الدين ابو الفتح عمر بن ابراهيم خيام نيشاپوري 1048 ۾، هن شهر نيشاپور ۾ ڄائو، جڏهن ايران تي غزنوي گهراڻي جي حڪومت هئي. پاڻ واري سومناٿ مندر واري بت شڪن هيرو (محمود غزنوي) کي وفات ڪئي 18 سال ٿيا هئا ۽ سندس ٻن پٽن محمد ۽ مسعود جي تخت تي وهڻ بعد هاڻ ايران جو سلطان مودود هو. ايران جي هن حصي تي سلجوقن جي حڪومت هئي ۽ عمر خيام جي ڄمڻ وقت سلجوق گهراڻي جو پهريون سلطان تغرل بن ميڪائيل والي وارث هو. عمر خيام 1131 ۾ وفات ڪئي سندس حياتي دوران هن ملڪ جا ڪيترائي سلطان ٿيا تڏهن ته هو هنن جي ۽ هنن کان اڳ حڪومت ڪندڙن جي شان شوڪت جي ڳالهه ڪري ٿو ته ”آيا ڪئين سڪندر دارا، ويا پنهنجا وڄائي وارا“ . هن فاني دنيا ۾ ڄڻ هو پل ٻه مس ڪي رهيا ۽ پنهنجي واٽ وٺي ويا.
    عمر خيام وڏو قابل ماڻهو ٿي گذريو آهي. هو هڪ ئي وقت شاعر، فلاسفر، Astronomer، حسابدان (Mathematician)هو. ايران کان ٻاهر هن کي انگريز ترجميڪار ايڊورڊ فٽزگرالڊ جي Rubaiyat of Omar Khayyam جي ڪري گهڻي مشهوري ملي. اسان جي به عمر خيام سان واقفيت انهن انگريزي ۾ ترجمو ٿيل رباعين جي ڪري ٿي.ا يڊورڊ بعد ٻين ڪجهه انگريزن عمر خيام جون رباعيون انگريزي ۾ ترجمو ڪيون آهن بلڪه دنيا جي ڪيترن ئي زبانن ۾ ٿي چڪيون آهن- فرينچ، جرمن، اسپيني ۽ اطالوي زبان ۾ ڪتاب ته مون به ڪيترن ايئرپورٽن تي وڪامندي ڏٺا آهن ۽ تهران ۾ حيدرآباد جو حسيني فيروز دين شاهه مليو جنهن ٻڌايو ته عمر خيام جون رباعيون اردو ۽ سنڌي ۾ به ترجمو ٿي چڪيون آهن. ويجهڙائيءَ ۾ هي سفرنامون لکڻ دوران دادو جي بشير سيتائي جو ڪتاب ”رباعيون عمر خيام جون“ مليو اٿم جنهن ۾ هن صاحب عمر خيام جي رباعين جو انگريزي ۽ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.
    عمر خيام حسابدان به هو ۽ آلجبرا ۽ ٽرگناميٽري ۾ هن جي وڏي Contribution آهي. 1070ع ۾ جڏهن عمر خيام فقط 22 سالن جو هو ته هن جاميٽري جي طريقي سان (Circle) گول کي هائيپر بولا سان Intersect ڪري آلجبرا جون ڪيوب واريون Equations حل ڪرڻ جو طريقو متعارف ڪرايو. جيڪو يورپ تائين پهتو. ان کان علاوه عمر خيام جاميٽري ۾ Theory of Proportion پيش ڪئي ۽ ”شارح ما اشڪالا من مصدرت ڪتاب اڪلدس“ لکيو جيڪو انگريزي ۾ Explanation of the difficulties in the postulates of Euclid” نالي اڄ به مشهور آهي.
    جن ڏينهن ۾ اڃان ٽيلي اسڪوپ ايجاد نه ٿيا هئا ته عربستان، ايران ويندي سنڌ ۽ راجستان جا ماڻهو چنڊ تارن ۽ انهن جي چرپر جي ڄاڻ ۾ يورپين کان وڌيڪ هوشيار هئا، ڇو جو يورپ ۾ ڌنڌ ۽ هر وقت گهاٽي جهڙ ۽ سيءَ ڪري اتي جا ماڻهو نه ته اسان وانگر اڱڻ ۾ ستا ٿي ۽ نه اتي چنڊ تارا چٽا نظر آيا ٿي. ان فيلڊ ۾ عربن ۽ ايرانين جي وڏي Contribution آهي، جنهن کان پاڻي جو جهاز هلائيندڙ ناکئا (Navigators) يا هوائي جهاز هلائيندڙ پائليٽ واقف آهن. عمر خيام جي ڏينهن ۾ گهڻو ڪري هر حسابدان ماهر فلڪيات ٿي (Astronomer) به هوندو. سو عمر خيام به پنهنجي وقت جو مشهور ماهر فلڪيات ٿي گذريو آهي جنهن جي يورپي به واکاڻ ڪن ٿا. 1073ع ۾ سلجوق گهراڻي جي ٽئين حاڪم سلطان جلال الدولا مالڪ شاهه، ٻين سائنسدانن سان گڏ عمر خيام کي آبزروئٽري ٺاهڻ لاءِ چيو. آخرڪار عمر خيام ۽ ان جي ساٿين سال جي ڊيگهه ڊيسيمل کان به ڇهن انگن تائين صحيح انگ 365.242198 ڏينهن ٻڌائي. هن ريت 5500 سالن ۾ فقط هڪ ڪلاڪ جو فرق اچي ٿو ۽ هوڏانهن يورپين طرفان ماپيل سال جيڪو چئين صدين کان هلي رهيو هو ان ۾ 3300 سالن ۾ سڄي ڏينهن (24 ڪلاڪن) جو فرق پيو ٿي. 1079ع ۾ سلطان مالڪ شاهه، عمر خيام جي هن ڪئلينڊر کي ايران جو سرڪاري ڪئلينڊر رکيو جيڪو ان وقت جي جولين ڪئلينڊر کان تمام گهڻو Accurate ۽ اڄ جي گريگورين ڪئلينڊر سان ملندڙ جلندڙ هو. هونءَ ڪيترن کي ضرور حيرت ٿئي ۽ مونکي به ڪڏهن ڪڏهن يقين نه ايندو آهي ته عمر خيام جهڙا ڪيترائي ماڻهو ننڍي عمر ۾ ايڏو هوشيار ٿي سگهن ٿا، پر پوءِ سوچان ٿو ته هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ منهنجو به ڪجهه اهڙن شاگردن سان واسطو پيو، جيڪي ملائيشيا پاسي ڏهاڪو سال پڙهائڻ واري نوڪري ۾ منهنجا شاگرد ٿي رهيا. اهڙائي ڪجهه Extra ordinary ذهين شاگرد، تعليم حاصل ڪرڻ دوران مليا جن مان هڪ اسانجي ملڪ جي اهم شخصيت ۽ دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي شاهه پنجو سلطان جو انجنيئر غلام محمد سومرو آهي. غلام محمد سومرو، هاڻ سٺ سالن جو (جنم سال 1947ع ) پاڪستان ريلويز جو رٽائرڊ آفيسر آهي. هن جڏهن 13 سالن جي ڄمار ۾ 1960ع ڌاري، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ نائين ڪلاس ۾ داخلا ورتي ته هو پنهنجي ڪلاس ميٽن ۾ سڀ کان ننڍي عمر جو هو ۽ هڪ ڏوراهين ڳوٺ جي اسڪول کان هجڻ ڪري هن کي داخلا وقت نه اردو آئي ٿي ۽ نه ڪا گهڻي انگريزي پر اسانجي ان وقت جي برٽش آرمي جي رٽائرڊ ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جي جپاني جنگي قيدي پرنسيپال ڪرنل ڪومبس محسوس ڪري ورتو ته هي ذهين شاگردن منجهان آهي ۽ واقعي ائين ئي ثابت ٿيو. ان وقت اسان مئٽرڪ ڪلاس ۾ هئاسين. مونکي ياد آهي ته انٽر ڪلاس ۾ ٽرگناميٽري ۽ ڪئلڪيولس جا ڏکيا سوال غلام محمد سومري کان حل ڪرائيندا هئاسين. جيتوڻيڪ هو اسان کان هڪ سال جونيئر هو. بقول اسان جي ڪلاس ميٽ انجنيئر خالد حسين مخدوم ۽ خادم حسين ميمڻ (رٽائرڊ اريگيشن سيڪريٽري، سنڌ حڪومت) جي ”غلام محمد سومرو اسان جي دور جو آئن اسٽائن هو.“ انٽر بعد غلام محمد سومري ڪراچي جي NED ڪاليج ۾ سول انجنيئرنگ ۾ داخلا ورتي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٽاپ ڪيائين. سو عمر خيام جهڙا به ڪيترائي ماڻهو تاريخ ۾ ملندا جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي سبجيڪٽن ۾ ماهر هئا. جن مان هڪ ابوسينا جو احوال هنن ئي صفحن تي ڪري چڪو آهيان.
    عمر خيام لاءِ چون ٿا ته هن جا وڏا تنبن ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا ان ڪري عمر ”خيام“ (تنبو ٺاهڻ وارو) سڏجڻ لڳو. اڳتي هلي عمر خيام پنهنجي ذات کي رباعي ۾ به استعمال ڪيو آهي، چي؛
    Khayyam, who stiched the tents of science
    Has fallen in grief’s furnace & been suddenly burned,
    The shears of flate have cut the tent ropes of his life,
    And the broker of hope has sold him for nothing.
    عمر خيام کي ننڍي هوندي کان ئي مائٽن سٺي تعليم ڏياري. هن سائنس ۽ فلسفي جو علم پنهنجي هن اباڻي شهر، نيشاپور مان حاصل ڪيو. ان بعد وڌيڪ تعليم لاءِ هو بلخ ۾، ۽ پوءِ سمرقند ۾ پڙهيو. جتي هن پنهنجي آلجبرا جي ڄاڻ جي قابليت جي ڌاڪ وهاري. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته لبرل مسلمان هو. سندس شاعري مان ئي سندس شراب ۽ شباب جي شوق جي خبر پوي ٿي. چي.
    اي خيام! اگر مستي خوش باش
    با ماهه رخي نشتي خوش باش
    چون عاقبيت ڪار جهان نيستي است
    انگار ڪھ نيستي، چو هستي خوش باش.
    هن رباعي جو فٽز گرالڊ يا شايد ڪنهن ٻي انگريز واهه جو ترجمو ڪيو آهي؛
    Khayyam if with wine you are durnk be happy
    If seated with a moon-faced (beauty) be happy
    Since the end purpose of the universe is nothing-ness
    Hence then you Shall be naught, then while you are be happy.
    دادو جي وڪيل بشير سيتائيءَ سنڌيءَ ۾ هن ريت ترجمو ڪيو آهي:
    اي خيام اگر شراب کان مست آهين ته خوش رهه،
    لاله رخ محبوب سان گڏ ٿو ويهين ته خوش هج،
    دنيا جي ڪارگذاري جي پڄاڻي نابودي آهي،
    پوءِ ڄاڻ ته نابودي به هستي آهي، تون خوش رهه.
    عمر خيام اهو View رکيو ٿي ته عيش ڪري وٺو، هي دنيا فاني آهي ۽ سڄڻ سٻاجهيندڙ آهي.
    “Enjoy wine & women and don’t be afraid, God has compassion.
    (اي دوست ڇو فڪرن ۾ پريشان ٿيندو وتين؟ قسمت ۾ لکيل هر صورت ۾ پورو ٿيڻو آهي. هيءَ زندگي چئن ڏينهن جو چٽڪو آهي. ان ڪري ڇونه ان کي کل خوشي ۾ گذاري ڇڏجي).
    44 ورهن جي ڄمار 1092ع ۾ عمر خيام حج ڪرڻ ويو جتان موٽڻ بعد هو زندگي جا باقي ڏينهن هتي نيشاپور ۾ فلاسافي، قانون، تاريخ، انگي حساب Mathematics، طب ۽ Astronomy جن سبجيڪٽن ۾ پاڻ پڙهيو ۽ پڙهائيندو رهيو. عمر خيام نالي سوين رباعيون منسوب ٿيل آهن پر جيڪي 72 پڪيون چيون وڃن ٿيون اهي The wine of Nishapur ڏنل آهي. عمر خيام 1131ع ۾ هتي (نيشاپور) ۾ وفات ڪئي ۽ هتي باغ محروق ۾ امامزاده محمد محروق جي مقبري جي سامهون دفن ٿيل آهي.
    عمر خيام جي مقبري تان موٽڻ کان اڳ سندس سيراندي وٽ لڳل سنگمرمر جي اڇي پٿر تي لکيل ڪارن لفظن ۾ عبارت پڙهان ٿو، جنهن جي مٿان عربي ۾ بسم الله يا 786 بدران فارسي ۾ لکيل آهي؛ ”بنام پروردگار دانا و توانا.“
    بپاس مرتبه بلند علمي و فلسفي حڪيم و منجم
    و حبيب و رياضي دان عالميت و رباعي سراي نامدار
    ايران خواجا امام حجتھ الحق ابوالفتح عمر بن ابراهيم
    خيامي معروف بحڪيم عمر خيام متوفي در سال 517 هجري قمري....
    ان بعد ضرور عيسوي سن لکيل هوندو پر ڪنهن لوهي شئي سان کرچي ان کي ڊاهي ڇڏيو آهي.... آئون پٺيان پير ڪري واپس پنهنجي ساٿين جي ٽولي ڏي روانو ٿيان ٿو.


    نيشاپور ۾ عطار جي مقبري تي...

    عمر خيام جي مقبري مان نڪري باغِ محروق لتاڙي امام زاده محمد محروق جي مقبري ڏي پنهنجي ساٿين سان ملڻ آيس. مسجد جي ڀر واري هال ۾ اڃا مجلس هلي رهي هئي. دروازي وٽ محترمه رباب موسى ۽ ڊاڪٽر ارم فاطمه ويٺيون هيون. انهن کان آهستي پڇيم ته مجلس اڃا ڪيتري دير هلندي ”گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ کن لڳندو،“ هنن ٻڌايو، ”ان بعد عورتن کي ٿوري شاپنگ ڪرڻي آهي ۽ محمد علي ٻڌائي چڪو آهي ته پوري اٺين بجي رستوران قصر آريا تي ڊنر لاءِ سڀ اچي گڏ ٿين.“
    ”اهو ته پاڻ سٺو،“ مون هنن کي چيو، ”آئون تيسين ٽئڪسي ڪري فريدالدين عطار ۽ ڪمال و ملوڪ جي مقبري جون ڪجهه تصوريرون ڪڍي ٿو اچان.“
    اسان جي سنڌ هند جا ڪيترائي شاعر ايران جي شاعرن مان بيحد متاثر آهن ۽ ڪيترن تي انهن جي شاعري جو رنگ پڻ چڙهيل آهي. درازن جو سچل سرمست به انهن مان هڪ آهي. هو شمس تبريزي ۽ خواجه احمد جهڙن صوفي شاعرن مان بيحد متاثر رهيو آهي. سچل سائين، وحدت الوجودي صوفين مان جيترو فريدالدين عطار نيشاپور کي پنهنجي شاعري ۾ ياد ڪري ٿو، اوترو ٻئي ڪنهن لاءِ به نه چيو اٿس. ايتريقدر جو سچل کي ”سنڌ جو عطار“ سڏيو وڃي ٿو. سچل پنهنجي ڪيترن ئي ڪلام ۾ خواجا عطار جي شهر، نيشاپور سان پڻ انتهائي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي ۽ پاڻ کي شيخ عطار جي غلامي ۾ رهڻ جي تلقين ڪئي آهي.
    مارا هوا گرفت نيشاپور ”آشڪار“
    با صدق تو غلام عطار باش باش
    هڪ ٻئي غزل جي مقطع ۾ صاف لفظن ۾ چيو اٿائين ته اي آشڪار! جيڪڏهن تون هدايت واري واٽ جو طالب آهين، ته حضرت عطار جي شهر نيشاپور جي گهٽين جي خاڪ ۽ مٽي ٿي رهه.
    اي آشڪار گر طلبي رهه هدايتش
    تو خاڪره شهر نيشاپور باس باس
    ايران جي شاعرن رومي، حافظ شيرازي، فردوسي ۽ عمر خيام وانگر فريد الدين عطار پڻ، نه فقط مشرق جي ملڪن ۾، پر مغرب جي ملڪن ۾ به مشهور آهي. سندس شعر و شاعري جو ترجمو دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ٿيل آهي. تعليم دوران سئيڊن ۾ رهندو هوس ته اتي جي شهر مالمو جي ميونسپل لئبرري ۾ عطار جي شاعري جو ڪتاب سئيڊش زبان ۾ ترجمو ٿيل هوندو هو، جيڪو ڪتاب 1932ع جو ڇپيل آهي ۽ بارون فريڪ هرملن ترجمو ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ يورپي زبانن ۾ سڀ کان اڳ انگريزي زبان ۾ جي.ايڇ. هنڊلي 1809ع ۾ ترجمو ڪيو. عطار جي شاعري جو اردو ۾ ترجمو ويجهڙائي ۾ 1978ع ۾ مولانا بشير احمد سيالويءَ ڪيو آهي ۽ سڀ کان آڳاٽو ترجمو مولانا سلطان ذوق جو 1389ع ۾ ٿيل آهي. سنڌي ۾ به عطار جي شاعري جا ڪيترائي ترجما آهن جيئن ته ”غنچھ هدايت“ نالي لاڙڪاڻي جي عبدالهادي سرهئي صاحب 1971ع ۾ ۽ ان کان اڳ 1968ع ۾ ڳوٺ وليد لاڙڪاڻي جي مولانا غلام حسين عباسي ڪيو آهي، پر اهو اڃان ڇپيو ناهي. سنڌ يونيورسٽي جي ڊين قاسم ٻگهئي صاحب ٻڌايو ته اهو ترجمو سنڌالاجي وارن وٽ موجود آهي. عطار نيشاپور جي شاعري جو سنڌيءَ ۾ سڀ کان جهونو ترجمو محمد عارف جو آهي جيڪو شڪارپور مان پوڪرداس وارن ڇپرايو هو. تازو ويجهڙائي ۾ عطار جي شاعري جو سنڌي ۾ ترجمو ’پند نامو‘ محمد ادريس بن مولانا محمد قاسم سومري جو آهي جيڪو ڪنڊياري جي روشني پبليڪيشن وارن گذريل سال ڇپرايو آهي. مزي جي ڳالهه اها ته اهو ترجمو شاعري ۾ ڪيو ويو آهي. شروعات جون ٻه سٽون آهن؛
    حمد جو لائق ڌڻي سبحان آ،
    مُٺ مٽيءَ کي جنهن ڏنو ايمان آ.
    اهڙي طرح ساڳي فارسي جي شعر کي محمد عارف ترجمو ڪيو آهي ته؛
    حمد بي حد خاص خالق پاڪ کي،
    جنهن ڏنو ايمان ذرڙي خاڪ کي.
    اڄ آئون ان شاعر جي شهر نيشاپور ۾ سندس آخري آرامگاهه اڳيان بيٺو آهيان. فريدالدين ”عطار“ سنڌ جي صوفي سچل سرمست کان 600 سال کن اڳ 1142ع ۾ هن شهر نيشاپور ۾ ڄائو ۽ 1220ع ۾ هن ئي شهر ۾ وفات ڪيائين. (سچل سرمست 1739ع ۾ ڄائو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1689ع ۾ ڄائو. سچل جي عمر 13 سال کن هئي ته شاهه لطيف 1752ع ۾ هن فاني جهان مان ڪوچ ڪيو هو.)
    فريدالدين عطار هڪ امير عطر ٺاهڻ واري جو پٽ هو جنهن جو عطرن جو دڪان هو جتي نه فقط عطرن جو وڪرو ٿيو ٿي پر ڪيميائي طرح ۽ عام رواجي طرح (گلن مان ٻاڦ لنگهائي) اهي ٺاهيا ويا ٿي. فريد الدين هن دڪان تي پنهنجي پيءُ جي مدد ڪئي ٿي ۽ پيءُ جي وفات بعد هو هن دڪان جو مالڪ ٿيو. عطر جي وڪري ڪري فريدالدين عطار سڏجڻ لڳو. فريد الدين عربي، ميڊيسن ۽ دينيات ۾ ان مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي جيڪو مشهد ۾ امام رضا جي مقبري سان لاڳاپيل آهي. پاڻ دوا سازي ۽ علاج جي ڪمن ۾ بيحد هوشيار هو، روزانو ڪيترائي مريض هن وٽ علاج لاءِ ايندا هئا. جنهن بابت هن پاڻ پنهنجي ڪتاب ثبت نامي ۾ لکيو آهي ته:
    به دارو خانه پانصد شخص بودند
    کھ هر روز نبضم مي نمودند
    (دواخاني ۾ پنج پنج سئو ماڻهو ايندا هئا، هر روز نبض ڏيکاريندا هئا.)
    چون ٿا ته هڪ ڏينهن عطار جي دڪان تي هڪ فقير آيو ۽ جنهن نموني سان دڪان ۾ رکيل مال کي سڪڻين نگاهن سان ڏسي واکاڻ ڪرڻ لڳو، عطار کي اها ڳالهه نه وڻي. هن فقير کي دڪان ڇڏڻ لاءِ چيو. فقير دڪان ۾ سٿيل مال ۽ ان جي مالڪ ڏي نهار وجهي پوءِ پنهنجي ڦاٽل پراڻي چوغي ڏي اشارو ڪري چيو: ”منهنجي ملڪيت سان هتان نڪري وڃڻ ۾ مونکي ڪا تڪليف نه آهي، پر مونکي اهو ٻڌاءِ ته هيڏي ساري مال هوندي تو هي جهان ڇڏڻ جي ڪهڙي پلاننگ ڪئي آهي؟“
    عطار تي فقير جي انهن لفظن تمام گهڻو اثر ڇڏيو.هو ڪيترائي ڏينهن فقير جي ان ڳالهه تي سوچيندو رهيو. آخرڪار هن دڪان ۽ ڪاروبار کي ڇڏي شيخ رڪن الدين آقاف واري ڪبروي صوفين سان وڃي مليو. عطار ان بعد وڏو عرصو صوفي فقيرن سان ديس پرديس جو سفر ڪندو رهيو ۽ ڪڏهن ري ۽ ڪوفي ته ڪڏهن مڪي ۽ دمشق، ترڪستان ۽ هندستان به ويو جتي هن کي خانقاهن ۾ رهڻ جو تجربو ٿيو ۽ طريقة جا اصول سکيو. آخر ۾ وري موٽي پنهنجي وطن نيشاپور آيو ۽ وري پنهنجي دوا درمل وارو ڪم شروع ڪيو ۽ ان سان گڏ شعر شاعري ۽ صوفي فڪر جي پرچار ڪئي.
    ”تذڪرات اولياءُ“ عطار جو شروعاتي ڪتاب آهي جنهن ۾ هن ڪيترن ئي صوفي درويشن جا شعر، چوڻيون ۽ آتم ڪهاڻيون ڏنيون آهن. فريد الدين عطار ڏانهن ڪيترائي ڪتاب ۽ مثنويون منسوب آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته فريد الدين عطار جي تصنيفن جي تعداد، قرآن مجيد جي سورتن جيترو يعني 114 آهي. بهرحال سندس هيٺيان ڪتاب نه فقط ايران ۾ پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مشهور آهن:
    ديوان عطار
    مختار نامھ
    منطق الطير
    مصيبت نامھ
    الاهي نامھ
    اسرار نامھ
    پند نامھ
    بلبل نامھ، وغيره وغير.
    انهن مڙني ڪتابن ۾ منطق الطائر (پکين جي ڪانفرنس) بيحد مشهور آهي جيڪو شاعري جو ڪتاب آهي جنهن ۾ حضرت سليمان جي طريقي جو نقل ڪندي پکين کان ڳالهرائي ٿو، جيڪي ڪوهه قاف جبل ڏي پنهنجي بادشاهه ”سيمرغ“ جي ڳولا ۾ نڪرن ٿا. سيمرغ، هڪ خوبصورت کنڀن وارو پر خيالي پکي آهي، جنهن کي انگريزي ۾ Phoenix سڏين. هتي سيمرغ رب پاڪ لاءِ ascribe ڪيو ويو آهي ته انسان رب پاڪ جي ڳولا ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪن ٿا. ان لاءِ هنن مان ڪي پير و مرشد به اختيار ڪن ٿا. هي پکي به هد هد کي پنهنجو اڳواڻ ۽ سونهون بڻائي سيمرغ (پنهنجي شهنشاهه) کي ڳولڻ لاءِ نڪرن ٿا. هو اڏامندا وڃن ٿا، اڏامندا وڃن ٿا. نڪرڻ وقت هو هزارن جي تعداد ۾ هئا پر منزل تي پهچڻ مهل فقط ٽيهه پکي وڃي بچن ٿا. رستي تي هنن جو ستن خوفناڪ ماٿرين مان گذر ٿئي ٿو. جن کي ڪاميابي نصيب ٿئي ٿي اهي سيمرغ سان ملڻ جي خواهش ۾ اڳتي جي سفر ۾ نڪرن ٿا. ٻي ماٿري مان لنگهڻ وقت هنن جو عقل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ دل دماغ تي حاوي ٿيڻ تي عشق ۾ هزار دليون به فدا ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن. اهڙي طرح ٽي ماٿري مان لنگهڻ وقت هو محسوس ڪن ٿا ته سندن دنيا جي ڄاڻ بنهه بيڪار آهي ۽ اها حقيقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا به حيثيت نٿي رکي. اهڙي طرح ست ماٿريون عبور ڪري سيمرغ جي رهائشگاهه تي جڏهن هي ٽيهه پکي پهچن ٿا ته هنن کي خبر پوي ٿي ته سيمرغ ته آهي ئي ڪونه. سيمرغ جو دربان کين سيمرغ لاءِ انتظار ڪرائيندو رهي ٿو جتي هي ٽيهه پکي سوچيندي سوچيندي ان راز کي پروڙين ٿا ته سيمرغ ٻيو ڪو نه، پر هو پاڻ سي (ٽيهه) مرغ (پکي) آهن! فارسي ۾ فونيڪس پکي سيمرغ سڏجي ٿو ۽ ساڳي وقت سي معنى ٽيهه ۽ مرغ معنيٰ پکي آهن.
    مٿي بيان ڪيل سيمرغ (Phoenix) خيالي پکي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. قديمي يوناني ۽ مصري تهذيبن ۾ سيمرغ ”سورج ديوتا“ سان لاڳاپيو ويو ٿي. ايراني مِٿ مطابق سيمرغ هڪ سهڻن کنڀن واري پکي نما مخلوق سمجهي وڃي ٿي. جنهن جو وجود جهوني زماني ۾ ٿيو. فارسي شاعري ۽ ادب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي سيمرغ جو ذڪر ٿيو آهي. عطار کان علاوه فردوسيءَ جي شاهنامي ۾ پڻ هن پکيءَ جو احوال آهي، ايران جي ڏندڪٿائن موجب تاريخ جي خيالي ڪردار رستم جي ڏاڏي زالزر کي سيمرغ پالي وڏو ڪيو هو. چين ۾ سيمرغ جهڙي خيالي پکي ”فينگ هئانگ“ سڏين ٿا، جيڪو هنن وٽ ازدها (Dragon) بعد ٻئي نمبر تي قابلِ احترام سمجهيو وڃي ٿو. جپان ۾ ان پکي کي ”فوشي چو“ سڏين يعني لافاني Immortal پکي.
    خواجا فريد الدين عطار انهن چئن صوفي شاعرن مان هڪ سڏيو وڃي ٿو جيڪي صوفيانه شاعري جا ٿنڀا سمجهيا وڃن ٿا. ٻيا ٽي هن ريت آهن؛
    سنائي، ابوالمجد مجدود الدين، وفات 1150ع .
    اوحدي اصفهاني، 1181ع .
    رومي جلال الدين، 1273ع .
    جڏهن منگولن 1215ع ۽ 1220ع جي وچ ۾ ”وچ ايشيا“ جي ملڪن تي حملو ڪيو ته جلال الدين روميءَ جو والد پنهنجي سڄي ڪٽنب ۽ خٿابين جي هڪ ٽولي کي ساڻ ڪري ترڪي جي بحر اسود واري علائقي ڏي ڪوچ ڪيو. رستي تي ايران جي خراسان واري صوبي مان لنگهڻ وقت هنن جي نيشاپور ۾ ان وقت جي مشهور صوفي شاعر فريد الدين عطار سان ملاقات ٿي. عطار ارڙهن سالن جي ننڍڙي جلال الدين روميءَ کي ڏسي هن جي روحاني لاڙن کي سمجهي ويو. هو پنهنجي پيءُ کي مخاطب ٿي چيو ” ڏسو ته سهي! مون ڏي هڪ سمنڊ (Sea) اچي رهيو آهي جنهن جي پٺيان بحر (وڏو سمنڊ Ocean) آهي.“
    عطار ننڍڙي روميءَ کي پنهنجو ڪتاب اسرار نامھ ڏنو جنهن ۾ انسان جو روح، دنيا جي لذتن ۾ ڦاٿل ڏيکاريل آهي. 18 سالن جي ننڍڙي روميءَ جي ذهن تي هن ملاقات وڏو اثر ڇڏيو ۽ اڳتي هلي عطار جي شاعري روميءَ لاءِ وڏي Inspiration پيدا ڪئي. اڄ رومي به دنيا ۾ مشهور صوفي شاعر مڃيو وڃي ٿو. رومي ۽ عطار جي هن ملاقات جو احوال، مونکي هميشه سچل ۽ شاهه جي ملاقات ياد ڏياريندي آهي جيڪا ڇهه کن صديون پوءِ ٿي. سچل اڃان پنجن سالن جو مس هئو (1744ع جي ڳالهه آهي) ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل جي ڏاڏي ميان صاحبڏني سان ملڻ درازن آيو. جتي هُن معصوم ٻارڙي، سچل کي راند ڪندو ڏسي فرمايو ته ”اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هيءَ نينگر لاهيندو!“ غيب جي پردي مان ليئا پائيندڙ وقت، حقيقت جو روپ ورتو. شاهه صاحب، جنهن وحدت الوجود جي مسئلن ۽ هيڪڙائي جي رمزن کي ڪي قدر ڍڪ ۽ پردي ۾ پئي بيان ڪيو، سچل اهي سمورا راز، بيخوديءَ جي عالم ۾ پڌري پٽ افشان ڪري ڇڏيا. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ننڍي کنڊ جا شاعر نيشاپور جي عطار کان علاوه سنائيءَ جي شاعريءَ مان به بيحد متاثر رهيا. سنائي غزنا جو صوفي شاعر هو. غزنا اڄڪلهه افغانستان جو حصو آهي نه ته انهن ڏينهن ۾ غزنا پڻ ايران ۾ اچي ويو ٿي جتي جي عام زبان فارسي هئي. سنائي جو مشهور ڪتاب ”حديقة الحقيقة و شريعھ الطريقة “ آهي. سنائي بهرام شاهه بادشاهه جي ڪورٽ سان وابسته هو جنهن جي ايران تي 1118ع کان 1152ع تائين حڪومت رهي. چون ٿا ته هڪ دفعي سنائي، جڏهن بهرام شاهه سان گڏ فوجي مهم تي هندستان پهتو ته اتي هن جي هڪ صوفي ٽيچر ”لائي خر“ سان ملاقات ٿي ۽ سنائي صوفي سنگت ۾ اهڙو ٻڌجي ويو جو هن بهرام شاهه جي حڪومت مان استعيفا ڏني. جيتوڻيڪ ملڪ جي حاڪم سنائي کي وڏي مال ملڪيت ۽ شادي جي لاءِ پنهنجي ڌيءَ جي پڻ آڇ ڪئي. سنائي جو هڪ شعر آهي؛
    ”اي ڪيھ نا شناسي خفي را از جالي هوشيار باش!
    اي گرفتار ابو بڪر او علي هوشيار باش!“
    “Oh! He that can not reat fine print from the bold, Beware. Oh! He that is engrossed in Abu- Bakar and Ali Beware.”
    هن کان اڳ وارن مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته گذريل دور ۾ نيشاپور هڪ تمام وڏو شهر، سياسي ۽ واپاري مرڪز هو پر پوءِ منگولن جي حملي بعد هي شهر برباد ٿي ويو ۽ فريد الدين عطار به ان ۾ قتل ٿي ويو. عطار جي قتل بابت هتي جي گائيڊ اهو به ٻڌايو ته منگولن جي حملي دوران عطار کي هڪ منگول يرغمال بنائي غلام طور وڪڻڻ ٿي چاهيو ته ڪو همراهه چاندي جا هزار سڪا کڻي هن منگول وٽ ڀنگ طور ڏيڻ لڳو. عطار منگول کي صلاح ڏني ته هو هن کي ان قيمت تي نه وڪڻي. منگول اهو سوچي ته شايد هن ماڻهو جو ڪو وڏو ملهه آهي سو چانديءَ جي سڪن جي عيوض عطار کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ هڪ ٻيو ماڻهو آيو. هن دفعي عطار کي آزاد ڪرڻ لاءِ هُو بُهَه جي ڳوڻ آفر ڪرڻ لڳو.عطار منگول کي چيو ”اهو ئي منهنجو ملهه آهي تون ان قيمت ۾ مونکي وڪڻي سگهين ٿو.“ منگول کي بيوقوف بنجڻ تي ڪاوڙ وٺي وئي ۽ هن ترار سان عطار جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو.
    مٿين ڳالهه صحيح هجي يا نه پر اها ڳالهه صوفين جي اندر جو حال بيان ڪرڻ لاءِ تعليم خاطر ٻڌائي وڃي ٿي ته هو پنهنجي ذات ۾ ته ڪابه حيثيت نٿا رکن. هنن جو ملهه ڪکن برابر آهي. جيڪا شيءِ بي بها آهي اها هنن جي اندر ۾ محبوب جي موجودگي آهي جهن کي جسماني موت بعد به ڪو مٽائي نٿو سگهي.
    رومي وانگر عطار جي شاعري کي به مغرب ۾ وڏي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو. اسانجي وڏن، جن اسڪول جي ڏينهن ۾ فارسي پڙهي، اهي ڪيترن ئي ايراني شاعرن جا ڪتاب پڙهندا هئا. پر انگريزن/ گورن کي خيام، رومي ۽ عطار جهڙن ايراني شاعرن جو انگريزي ۾ ترجمو پڙهندو ڏسي اسانکي به شوق ٿيو. فارسي شاعرن جا ڪي ڪي شعر انگريزي ۾ بيحد سٺي نموني سان ترجمو ٿيل آهن. نموني خاطر فريدالدين عطار جي هڪ شعر جو انگريزي ترجمو هتي ڏيان ٿو.
    “In the dead og night, a sufi began to weep.
    He said, “This world is like a closed coffin, in which
    We are shut and in which, through our ignorance,
    We spend our lives in folly and desolation.
    When death comes to open the lid of the coffin,
    Each one who has wings will fly off to eternity,
    But those without will remain locked in the coffim
    So, my friends, before the lid of this coffin is taken off,
    Do all you can to become a bird of the way to God;
    Do all you can to develop your wings and your feathers.”
    اسان جي ملڪ جي ڪيترن ئي مدرسن ۾ فارسي جا ڪيترائي ڪتاب گلستان بوستان ۽ عطار جو پندنامھ ۽ ٻيا ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا. جن مان ڪيترائي سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو پڻ ٿيل آهن.نموني خاطر عطار جي شاعري جو سنڌي ترجمو هتي ڏيان ٿو جيڪو ڪنڊياري جي عالم محمد ادريس سومري ڪيو آهي.
    ڇا فقيري آ تو ڄاتي اي پسر!
    مان ٻڌايانءِ گر نه آهين باخبر
    گوڏڙي پاتل هجي ۽ مال گهٽ
    پاڻ ڏيکاري سکيو ته به خلق وٽ
    دم هڻي ڍوءَ جو، ڀلي بکيو وتي
    دشمنن سان دوستي رکيو وتي
    پٽ! فقيرن جي حوالي پاڻ ڪر
    تڏهن پاليندڙ وجهي توتي نظر
    جو فقيرن سان سدائين ساٿ ڏئي
    جنتن ۾ سو مقرب ٿو ٿئي....
    مختلف ملڪن ۾ مئرين انجنيئرنگ تي ليڪچر ڏيڻ دوران وچ وچ ۾ پنهنجي شاگردن جي دلچسپي قائم رکڻ لاءِ وتايو فقير، نصيرالدين هوجا، شيخ سعدي ۽ ٻيا، جن جا لطيفا، ٽوٽڪا ۽ عقل جون ڳالهيون ٻڌائيندو آهيان، انهن ۾ فريدالدين عطار جي هيٺين ڳالهه جنهن جو عنوان آهي؛ ”چار ڳالهيون جن جي ڄاڻ هجڻ کپي“، ٻڌائيندو آهيان. اها گهڻو اڳ انگريزيءَ ۾ پڙهي هيم. ائنڊريو هاروي ۽ ايرڪ هانٽ عطار جي فارسي ڪتاب جو Perfume of Desert نالي انگريزي ڪتاب ۾ ترجمو ڪيو آهي.
    حاتم العصوم چيو: ”مون چار شيون چونڊيون آهن جن بابت ڄاڻ رکڻ ضروري سمجهان ٿو باقي ٻين ڳالهين کي ڪٿ ۾ آڻڻ ضروري نٿو سمجهان.
    ”پهرين ڳالهه هيءَ آهي؛ مون کي خبر آهي ته منهنجي روزاني رزق جو مقدار مقرر ٿيل آهي. ان ۾ نه واڌارو اچي سگهي ٿو ۽ نه ڪا وري کوٽ. ان ڪري مون ان ۾ واڌاري ڪرڻ جي ڪوشش کي ڇڏي ڏنو آهي.
    ”ٻي ڳالهه مونکي خبر آهي ته آئون رب پاڪ جو مقروض آهيان اهو قرض (ڊيوٽي/ فرض) مونکي ئي پورو ڪرڻو آهي ٻيو ڪو نٿو ڀري سگهي، سو آئون ان جي ادائيگي ۾ مشغول آهيان.
    ”۽ ٽي ڳالهه ته آئون ڄاڻان ٿو ته ڪا شيءِ منهنجي ڪڍ لڳل آهي.... اهو آهي موت جنهن کان آئون ڀڄي نٿو سگهان، ان ڪري مون پاڻ کي هن سان ملڻ لاءِ تيار رکيو آهي.
    ”چوٿين ڳالهه آئون يقين رکان ٿو ته رب پاڪ مونکي هر وقت ڏسي رهيو آهي. ان ڪري مونکي اهڙو ڪم ڪندي شرمندگي ٿئي ٿي جيڪو مونکي ڪرڻ نه کپي.“


    ايران جي هر شهر ۾ عالم ۽ اڪابر ملندا

    نيشاپور ۾ ايران جي مشهور صوفي شاعر فريدالدين عطار جي مقبري جي ڀر ۾ ئي ايران جي هي ٻي اهم شخصيت ڪمال و ملڪ جو مقبرو آهي. ڪمال و ملڪ هڪ مشهور ۽ بنا ڪنهن شڪ جي هڪ وڏو چترڪار (Painter) ٿي گذريو آهي، جنهن جو آئون به پرستار آهيان. دنيا جا ڪيترائي آرٽسٽ (تصويرون ٺاهڻ وارا) ۽ انهن جون تصويرون مشهور آهن پر آئون سمجهان ٿو ته ڪمال و ملڪ هڪ مشرقي ۽ ايراني هجڻ ڪري هن جي ايڏي واکاڻ نه ٿي سگهي آهي جنهن جو هو لائق آهي. اخبار جي ڪالم يا ڪتاب ۾ ايتري گنجائش نٿي ٿئي جو پڙهندڙن لاءِ هن جون ڪجهه تصويرون ڏيئي سگهجن. بهرحال گوگل، فلڪر يا پڪاسا جهڙن سرچ مشينن ذريعي پڙهندڙ ڪمال و ملڪ جون ٺهيل ڪجهه تصوريرون ڪمپيوٽر ۾ ڏسي اندازو لڳائي سگهن ٿا ته هو ڪيڏي وڏي پئماني جو مصور ٿي گذريو آهي. ايران، ترڪي ۽ لنڊن ۾ رهندڙ هنن تصويرن مان ڪجهه اتي جي مڪاني ميوزمن ۾ پڻ ڏسي سگهجن ٿا جتي مونکي پهريون دفعو ڏسڻ جو موقعو مليو.
    ڪمال و ملڪ (جيڪو ڪمال الملڪ به سڏجي ٿو) جو اصل نالو محمد غفاري هو. پاڻ 1847ع ۾ ايران جي شهر ڪاشان ۾ ڄائو. هن ننڍپڻ ۾ ئي چترڪاريءَ ۾ اهڙا ته ڪمال ڪري ڏيکاريا جو هو 18 ورهن جي ڄمار ۾ ان وقت جي حاڪم نصيرالدين شاهه جي درٻار ۾ شاهي چترڪار طور مقرر ڪيو ويو. ڪمال و ملڪ بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد مصوري جو هي فن تهران جي دارالفنون مڪتب مان حاصل ڪيو هو.
    1896ع ۾ نصيرالدين بادشاهه ڪمال و ملڪ کي مصوري جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ فلورينس (يورپ) موڪليو. ٻن سالن بعد جڏهن هو ايران واپس آيو ته هن محسوس ڪيو ته درٻار جا ڪجهه ميمبر هن سان هر ڳالهه ۾ ساڙ ۽ حسد ڪرڻ لڳا آهن. آخر هن بهتري ان ۾ سمجهي ته ايران ڇڏي ڏجي، سو بادشاهه سان زيارتن جو بهانو ڪري ڪربلا (عراق) ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. عراق ۾ هن ”زرگر بغدادي و شاگردش“ (بغدادي سونارو ۽ هن جو شاگرد)، ميدانِ ڪربلا، عربِ خوفتھ (ستل عرب) ۽ فالگير بغدادي (بغداد جو جوتشي)جهڙيون شاهڪار تصويرون ٺاهيون.
    ڪمال و ملڪ 1939ع ۾ وفات ڪئي ۽ هتي نيشاپور ۾ دفن ڪيو ويو. سندس نالي سان ايران ۾ فارسي ۾ فلم پڻ ٺاهي وئي آهي. جنهن ۾ هن آرٽسٽ جي زندگي ۽ تصويرن بابت ٻڌايو ويو آهي. هن فلم جي ڪهاڻي ۽ ڊائريڪشن هتي جي مشهور فلمي ڊائريڪٽر علي حاتميءَ ڏني آهي. فلم ۾ چترڪار جا مختلف بادشاهن سان تعلقات پڻ ڏيکاريا ويا آهن. هن فلم ۾ ايران جي مشهور ائڪٽرن حصو ورتو آهي. جمشيد ماشيخي پينٽر ڪمال و ملڪ ٿيو آهي ۽ عزت الله انتظامي ان وقت جو شهنشاهه نصيرالدين شاهه ٿيو آهي.
    ايران بابت دنيا کي، خاص ڪري مغرب کي. کڻي ڪيتري به نيگيٽِو سوچ هجي ته ايران جاهلن ۽ ڄٽن جو ملڪ آهي، پر حقيقت اها آهي ته ايران اڳ ۾ به ۽ اڄ به عالمن، تعليم يافته ۽ هنرمند ماڻهن جو ملڪ آهي. ايران جي هر درسگاهه، هر يونيورسٽي ۾ توهان کي بيحد Learned ماڻهو ملندا. ايران جي تهران يونيورسٽي ۾ هن شهر نيشاپور جا ٻه پروفيسر مليا، هڪ محمد رضا، مونکان پنج سال کن وڏو آهي (سندس ڄم جو سال 1939ع آهي) پاڻ ايران جو مڃيل ليکڪ، شاعر، ادبي نقاد، ترجميڪار ۽ ايڊيٽر پڻ آهي. پاڻ تهران يونيورسٽي ۾ لٽريچر جو پروفيسر آهي جتان هن Ph. D ڪئي ۽ پرويز ميشڪاتيان مونکان ڏهه سال کن ننڍو آهي. هو 1955ع ۾ هن شهر نيشاپور ۾ ڄائو. پاڻ هن وقت تهران يونيورسٽي ۾ ميوزيشن ۽ ڪمپوزر آهي. پاڻ سنتور ۽ ستار جو ماهر آهي ۽ Twenty Pieces of Santur ٿيو هو جنهن ۾ هن کي پهريون انعام مليو هو. هن وقت پاڻ تهران يونيورسٽي ۾ ”ميوزڪ“ پڙهائي ٿو.
    مون جڏهن پنهنجي ايراني دوست ۽ ڪلاس ميٽ حسين قليزاده سان فون تي نيشاپور جي ڳالهه ڪئي ته اهو شهر مون کي سنڌ جو پاٽ يا ڏيپلو لڳي ٿو، جو انهن شهر وانگر نيشاپور جا به تمام گهڻا ماڻهو پڙهيل ڪڙهيل ۽ قابل آهن.
    ”ايران جي هر شهر هر ڳوٺ ۾ توهان کي عالم، اڪابر ۽ سائنس ۽ آرٽ جي مختلف برانچن جا ماهر ملندا.“ هن چيو ۽ هن کي اها به خوشي ٿي ته آخرڪار آئون نه فقط سندس ملڪ گهمڻ آيو آهيان پر مونکي ايران، ايران جا ماڻهو، ايران جي سرڪاري توڙي نجي ادارن جي ڪارڪردگي پسند آهي.
    حسين قليزاده منهنجو همعصر آهي. اسان ٻنهي هڪ ئي وقت سئيڊن جي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ مالمو ۾ پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي هئي. هو ايران جي بندرگاه جو مئنيجر هو ان ڪري هو PSA (پورٽ ائينڊ شپنگ ائڊمنسٽريشن) ۾ M.Sc ڪرڻ آيو هو ۽ آئون مئرين انجنيئرنگ ۾. اسان جا ڊپارٽمينٽ جيتوڻيڪ مختلف هئا پر ڪي ڪي سبجيڪٽ ساڳيا هئا، جن ۾ ليڪچر لاءِ اسان کي هڪ ئي هال ۾ وهڻو پيو ٿي. ان کان علاوه مالمو (سئيڊن) ۾ اسان جا گهر هڪ ئي بلڊنگ ۾ هئا ۽ ٻه سال نه فقط پاڙيسري ٿي رهياسين پر موڪلن ۾ يا فيلڊ ورڪ لاءِ ڀر واري ملڪ جرمني، هالنڊ، پولنڊ، ناروي يا ڊئنمارڪ وڃڻ ٿيندو هو ته فئملي سان گڏ ويندا هئاسين. هو هر وقت ان ڳالهه تي تعجب کائيندو هو ته مون هڪ طرف دنيا جا ڏورانهن ملڪ ۽ ٻيٽ ڏٺا آهن پر پنهنجو پاڙيسري ملڪ ايران ڇو نه؟ ۽ هو مونکي هميشه دل جي گهرائين ۽ اڪير مان ايران گهمڻ جي دعوت ڏيندو هو. پڙهائي بعد جڏهن هر هڪ جدا ٿي ويو تڏهن هو مونکي اي ميل يا فون ذريعي پاڻ وٽ تهران ۾ اچڻ لاءِ چوندو هو، گذريل ڇهه ست سالن کان هو ايران حڪومت پاران لنڊن ۾ IMO جي نمائندگي طور ڪم ڪري رهيو آهي. ان هوندي به مون کيس فقط ايران وڃڻ جو ارادو ڏيکاريو ٿي ته هن يڪدم منهنجي همت افزائي ڪئي ٿي ۽ ايران جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ اسان جي ٻين ايراني ڪلاس ميٽن ۽ هڪ سال جونئرن جا فون نمبر موڪليا ٿي ته، هن هنن کي چئي ڇڏيو آهي ۽ ايران پهچڻ تي هو منهنجو خيال رکندا ۽ هاڻ جڏهن پوڙهائپ ۾ ايران جو پڪو پروگرام ٿيو ته آئون کيس بنا ٻڌائڻ جي اچي نڪتس. مون اهو ئي سوچيو ته ضرورت پئي ته پنهنجن يونيورسٽي دوستن کي تڪليف ڏيندس، پر هتي پهچي پهرين ڏينهن ئي اهو احساس ٿيو ته ايران اهڙو ملڪ آهي جتي ٻار ٻچو يا اڪيلي سر عورت به بنا ڪنهن خوف خطري جي گهمي ڦري سگهي ٿي ۽ صحيح پاڻي ۽ هائجنڪ کاڌي ڪري مسافر کي اهو ڪي ڪجهه نٿو ڀوڳڻو پوي جيڪي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام آهي. جيتوڻيڪ ايران ڇڏڻ کان اڳ ڪجهه ايراني ڪلاس ميٽن سان ملي آيس پر شروع جي ڏينهن ۾ مون فقط حسين سان فون ذريعي لنڊن ۾ رابطو رکيو ۽ پڇندو رهيومانس ته ڪهڙن شهرن ۾ وڃان ۽ اتي ڇا ڇا ڏسان ۽ ساڳي وقت هر ڳالهه لاءِ پنهنجيون Comments به کيس ٻڌائيندو هليس.
    ”نيشاپور ۾ رهي ڪري جڏهن عمر خيام، فردوسي، عطار ۽ ڪمال و ملڪ جي ڳالهه ٿو ڪرين“، حسين قليزاده چيو، ”ته پاڻ واري حسابدان Mathametician)) جو به ذڪر ضرور ڪجانءِ ،جنهن جو يونيورسٽي ۾ جڏهن اسين نالو کڻندا هئاسين ته توهان سڀ کلندا هئائو. پوءِ نيٺ فرينچ پروفيسر، اسانجي ڳالهه جي تائيد ڪئي هئي ۽ توهان کي ٻڌايو هو ته ”ابول وفا“ واقعي وڏو مئٿيشن ۽ Astronomy جو ماهر آهي جنهن جي نالي سان يورپين چنڊ جو هڪ چگهه (Crater) منسوب ڪيو آهي.“
    حسين ٻڌايو ته ايران جو هي سائنسدان ۽ حسابدان 940 ۾ هتي نيشاپور ۾ ڄائو هو.
    ابول وفا جو سڄو نالو ابول وفا ابن محمد هو. هو ننڍي هوندي Mathematics پڙهيو ۽ پوءِ ٽرگناميٽري جي فيلڊ ۾ ڪم ڪيو ۽ چنڊ جي چرپر تي تحقيقاتي ڪم ڪيو. هن Tangent فنڪشن جو تعارف ڪرايو ۽ ٽرگناميٽري جي Table ٺاهڻ جا بهتر طريقا ڳوليا. مشهور ٽرگناميٽري Identity جنهن کان هر ڪاليجي شاگرد واقف آهي.
    Sin(a+b)= Sin(a) cos (b)+ cos(a) Sin(b)
    ابو وفا جي ايجاد آهي. ان کان علاوه اسفيريڪل جيوميٽري ۾ Sine فارمولا ايجاد ڪرڻ ۾ هن جو وڏو هٿ آهي.


    تهران شهر ۾ چڪر ڏيڻ

    تهران ايران جي گادي جو ۽ سڀ کان وڏو شهر- آدمشماري توڙي پکيڙ جي خيال کان وسيع آهي. تهران ۾ نه ڪنهن امام جو مقبرو آهي، نه ڪي گهڻا ديني درسگاهه، تهران ۾ ٽرئفڪ جئم ۽ دونهون آهي. مذهبي نقطي نگاه کان ايران ۾ جيڪي ڌاريان اچن ٿا انهن جي زيارت لاءِ مشهد ۽ قم اهم شهر آهن. يورپ، ڏور اوڀر ۽ آمريڪا کان جيڪي سياح ايران جي قدرتي سونهن ۽ تاريخي جايون ڏسڻ اچن ٿا انهن لاءِ تبريز، شيراز ۽ اصفهان جهڙا شهر ”اڌجهان“ آهن. پر ڳالهه اها آهي ته ڌاريون کڻي ايران جي ڪهڙي به شهر ۾ اچي هن کي تهران مان ضرور لنگهڻو پوي ٿو. اسانجي ملڪ جا زوار جيڪي فقط مشهد ۽ قم شهرن ۾ وڃن ٿا انهن کي به تهران مان لنگهڻ لازمي ٿيو پوي. هو باءِ ايئر پهرين تهران پهچن ٿا جيڪي ڪوئيٽا پاسي زاهدان مان ٿيندا اچن ٿا، اهي به قم پهچي پوءِ ٻي منزل مشهد ڏي وڃڻ لاءِ تهران مان لنگهن ٿا ۽ وري واپسي تي به تهران اچن ٿا. اسان جا سرڪاري ڪامورا ميٽنگن ۽ سيمينارن ۾ تهران ئي اچن ٿا، اسان جي واپاري ڪميونٽي جا ماڻهو ڏيتي ليتي ۽ ڪاروبار جي سلسلي ۾ تهران ئي اچن ٿا.
    تهران گهمڻ، اتي رهندڙ ايران جي جهاز دوستن (جن سان گڏ مون يورپ ۾ تعليم حاصل ڪئي يا جن سان گڏ مونکي جهاز هلائڻ جو موقعو مليو) ملڻ ۽ ايراني ٻين ڏورانهن شهرن چابهار، شيراز، تبريز ۽ اصفهان وڃڻ لاءِ، آئون تهران جي هوٽل ارمان ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ اچي رهيس. جيڪا ملت سب وي ريلوي اسٽيشن جي بلڪل ڀر ۾ آهي ۽ مهرآباد ايئرپورٽ کي به ويجهي آهي. جنهن تي ايران جي هر شهر جي اڏام لهي ٿي بلڪه هي هوائي اڏو مهرآباد جو پراڻو آهي ۽ شهر اندر آهي. اهو ايران جي ڊوميسٽڪ اڏامن لاءِ رکيو ويو آهي ۽ بين الاقوامي اڏامن جي لهڻ چڙهڻ لاءِ شهر کان ٻاهر امام خميني هوائي اڏو مقرر ٿيندو وڃي جيڪو بيحد وڏو ۽ نئون آهي. پاڪستان (ڪراچي) کان تهران جيڪي اڏامون آيون ٿي سي هيستائين ته مهرآباد هوائي اڏي تي لٿيون ٿي پر هاڻ کان- ۽ اسان جي اها پهرين اڏام هئي، جيڪا ڪراچي کان امام خميني هوائي اڏي تي لٿي هئي. هينئر مشهد کان باءِ ايئر، تهران اچڻ لاءِ مهرآباد هوائي اڏي تي ئي لهڻو پيو.
    هڪ يورپي يا آمريڪن لاءِ تهران ٽرئفڪ جئم جو شهر ڀلي لڳي پر هڪ ڪراچي، ممبئي يا قاهره جهڙي شهر جي رهواسي لاءِ تهران سهڻن، ويڪرن ۽ سڌن رستن جو شهر آهي. مهرآباد ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ سان تهران جي مشهور چوراهي ”ميدانِ حسين“ واري چوراهي تائين هليو وڃجي ٿو. رستي تي ٻه ٻيا اهم چوراها، ميدان انقلاب ۽ ميدان فردوسي به اچن ٿا. ميدان آزادي کان ميدان انقلاب تائين وارو رستو آزادي روڊ سڏجي ٿو. ان بعد وارو انقلاب اسلامي روڊ سڏجي ٿو. مونکي ٽئڪسي وارو ميدان فردوسي بعد ساڄي پاسي فردوسي روڊ تي، ان بعد جمهوري اسلامي روڊ تان ڦيرائي ملت روڊ ۽ امير ڪبير روڊ جي ڪراسنگ وٽ هوٽل ارمان ۾ اچي لاٿو. پنج ماڙ هوٽل ڪنڪريٽ جي دٻي جهڙي ٿي لڳي. رسيپشن تي ويٺل ڇوڪريءَ منهنجي انگريزي نه سمجهي ۽ فارسي کان آئون اڻ واقف آهيان. سو ٻاهران ڪنهن منهنجي دوست پاران هن هوٽل ۾ مون لاءِ ڪمرو اڳهين ڊسڪائونٽ اگهه تي بڪ ٿيل هو. هڪ جهول ڊل بيڊ وارو، ٻوسٽ ۽ گهٽ وارو، هن هوٽل جو ڪمرو پهرين مونکي عجيب لڳو پر پوءِ دري کولڻ سان ٿڌڙي هير لڳڻ ۽ سامهون هڪ مسجد جا خوبصورت منارا ڏسي دل خوش ٿي وئي. هوءَ به 15 آمريڪن ڊالرن وارو ڪمرو مونکي 12 ڊالرن (يعني 750 رپين) ۾ مليو هو، سو به تهران جهڙي Cosmopolitian شهر ۾. باٿ روم به گڏ هئو، جنهن ۾ ٿڌي سان گڏ گرم پاڻي به آيو ٿي ۽ نه فقط آيو ٿي پر پريشر سان. ان کان ٻيڻ جيترن پئسن ۾ ۽ ان جي اڌ جهڙي چڱي هوٽل ته مونکي حيدرآباد لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ به نه ملي ۽ هڪ ڊالر (62 رپين) ۾ سلاد جي پليٽ سان گڏ چلو ڪباب جي پليٽ (جيڪا ٻه ماڻهو کائي سگهن) جهڙي سستي ماني ته راڌڻ، پڊعيدن يا سجاول جهڙي ڳوٺ ۾ به نه ملي سگهي.
    هوٽل ارمان جي ٻاهرين گهٽي آٽو پارٽس دڪانن، ويلڊرن ۽ گئريج مسترين جي ڪري ڪراچي جو اڪبر روڊ يا حيدرآباد جي گاڏي کاتي جو هيٺيون حصو (ويسٽ ڪچو) ٿي لڳو. آئون انهن دڪانن اڳيان ۽ ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي مرمت ڪندڙ مسترين جي وچ مان، انگڙ ونگڙ هلندو، رستو ٺاهيندو ويجهي سب وي ميٽرو اسٽيشن ”ملت“ تي پهتس. ٻين ملڪن؛ جپان، چين، ويندي ملائيشيا جهڙن ۾ هر هڪ سمجهيو وڃي ته اسان ڌاريان آهيون. ايران ۾ توهان سٿڻ قميص پائڻ بدران پينٽ پائي هلندائو ته ورلي ڪوشڪ ڪندو ته توهان ڪي ڌاريان آهيو ۽ مڪاني ماڻهن جي اوپرين نگاهن کان توهان هميشه بچيل رهي آزادي سان گهمي ڦري سگهندائو. بقول ممبئي يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ سنڌي اديب ڊاڪٽر ٻلديو متلاڻي جي انڊيا، ايران ۽ سعودي عرب جهڙن ۾ ڪڏهن به سٿڻ قميص نه پائي هلجي.
    تهران جون زمين دوز (سب وي اسٽيشنون ڪافي صاف، روشن ۽ ايراني آرٽ جو شاهڪار آهن. ڪجهه گهڙين لاءِ ائين به محسوس ٿيو ڄڻ بيجنگ (چين) جي سب وي اسٽيشن تي سڀ ايراني ماڻهو بيٺا آهن. تهران جي هن ميٽرو ريل جو پراجيڪٽ گهڻو اڳ 1970ع ڌاري فرينچن شروع ڪيو جن پڻ سڄو سب وي ٺاهيو آهي. ڪجهه سال ان تي Study ٿي ۽ شروعاتي رپورٽون به مڪمل ٿيون پر پوءِ 1979ع واري ايراني انقلاب ۽ ان بعد 1980ع ۾ ”ايران عراق“ جنگ ڪري ڪم اڳتي وڌي نه سگهيو. پوءِ ڏهاڪو سالن بعد چينين هتي جون ٻه کن لائينون شروع ڪيون. تهران ميٽرو جون ڪيتريون ئي شيون ريل جي بوگين کان ان جي هلائڻ جو سسٽم، چيني طرز جو آهي. ڏهن پنڌرهن منٽن اندر ريل اچيو وڃي. ريل جا اڳيان ٻه دٻا عورتن لاءِ مخصوص آهن پر اهي عورتون جيڪي مڙسن يا مرد مائٽن سان گڏ آهن، اهي چاهين ته مردانن گاڏن ۾ سوار ٿي سگهن ٿيون. ايران ۾ مردن ۽ عورتن کي هر هنڌ ڌار ڌار رکيو ويو آهي، ويندي مزارن ۽ مقبرن تي به، قبر جا ٻه پاسا مردن لاءِ ته ٻه پاسا عورتن لاءِ. هونءَ نئين ماڻهو کي پهريان ڏينهن اسٽيشن تي ٽرين اچڻ جو ڏيک عجيب لڳي ٿو. ريل جا پهريان ٻه دٻا ڪارن برقعن سان ان بعد سفيد ۽ هلڪن رنگن جي پينٽ شرٽ ۾ ملبوس مرد حضرات سان ڏسي هو وائڙو ٿيو وڃي. پنهنجي ايراني دوست کان اڳيان دٻا عورتن لاءِ مقرر ڪرڻ جو سبب پڇيم.
    ”ان ڪري جو اڳين دٻن ۾ لوڏا گهٽ اچن ٿا،“ ”هن ٻڌايو ”۽ اسان چاهيون ٿا ته عورت ذات آرام سان سفر ڪري.“
    ”پوءِ ته توهان جي سوچ ۽ نيت کي داد ڏيڻ کپي“، مون چيومانس، ”مون سمجهيو ته متان توهان ڪجهه دقيانوسي ملن وانگر اهو سوچي عورتن کي اڳين دٻن حوالي ڪيو آهي ته حادثي ۾ مرن ته اهي مرن، ايران ۾ عورتن جو ڳاڻيٽو هونءَ ئي گهڻو آهي.“
    ياد رهي ته ”عراق ايران جنگ“ ۾ ايران جا مرد ايترا ته مارجي ويا جو هنن کي هر فيلڊ ۾- جهاز راني، تعليم کان ڪارخانن ۽ اسپتالن ۾ انڊيا، پاڪستان، مصر ۽ ٻين ملڪن جا مرد ماڻهو رکڻا پيا جيسين سندن ٻار وڃي وڏا ٿيا.
    مون کيس ويٽنامين وارو چرچو ٻڌايو ته هڪ ويٽناميءَ کي ڪنهن چيو ته ”هونءَ توهان اهڙا فضيلت وارا نه آهيو پر هڪ ڳالهه توهانجي تعريف جوڳي آهي ته هلڻ وقت ٻين ايشيائي مردن وانگر پنهنجين عورتن کي رڍن ٻڪرين وانگر پٺيان هلڻ بدران کين اڳيان هلڻ جي عزت بخشيو ٿا ۽ توهان مرد هميشه پٺيان هلو ٿا.“
    هن پيلا ڏند ڪڍي پهرين ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ چيو: ”اهو ان ڪري جو ويٽنام آمريڪا واري جنگ جون ڪجهه ڪجهه Mines (بارودي سرنگهون) اڃا موجود آهن.“
    مونکي تهران جي بازار بزرگ، جنهن کي بازار اڪبر به سڏين ٿا ۽ عام طرح انگريزي لفظ گرانڊ بازار آهي، وڃڻو هو. هيءَ بازار دنيا جي جهوني ۽ وڏي بازار آهي جنهن ۾ هر قسم جي شيءِ ملي ٿي. اها ايڏي وڏي بازار آهي ۽ ايتري ته منجهس گپا گيهه رهي ٿي جو ان کي “City within City” سڏين ٿا. هن بازار ۾ بئنڪون، مسجدون، گيسٽ هائوس ۽ آفيسون پڻ آهن. بازار ٻن اسٽاپن بعد آهي. ميٽرو گاڏي سابلان، شاهد مدني، امام حسين، دروازه شيمرانگ ۽ بهارستان اسٽيشن تان ٿيندي ملت اسٽيشن تي پهتي هئي جتان مونکي چڙهڻو هو. سابلان ريلوي اسٽيشن جو نالو ايران جي ٽئي نمبر اتاهين جبل سبلان تان پيو آهي جيڪو ڪنهن زماني ۾ آتش فشان هو پر هاڻ خاموش آهي. سندس چوٽي تي ٺهيل گهِٻُ (Crater) هاڻ خوبصورت ڍنڍ آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ملڪي ۽ غير ملڪي ٽوئرسٽ ويندا رهن ٿا ۽ ڀر واري بهارستان اسٽيشن جو نالو اتي موجود ڪنهن زماني ۾ پارليامينٽ جي بلڊنگ تان آهي. هي عمارت 1906ع ۾ ٺهي ۽ سندس نالو بهارستان رکيو ويو. هتي نئشنل اسيمبلي جي ميٽنگ هلي ٿي ۽ سينيٽ لاءِ ٻئي هنڌ عمارت هئي. 1979ع ۾ اسلامي انقلاب بعد ايران جي پارليامينٽ يَڪ ايواني (Unicameral) ڪئي وئي.
    هي ميٽرو جنهن ۾ آئون ويٺس، اها لائين ٽو يعني دوم سڏجي ٿي ۽ اڳيان حسن آباد، ميدانِ حر، شاهد نواب صفوي، آزادي، دانش گاههِ شريف ۽ طراشت جهڙين اسٽيشنن تان ٿيندي آخر اسٽيشن تهران (صادقھ) تائين وڃي ٿي جيڪا اسٽيشن محمد علي جناح روڊ جي ويجهو آهي. هن علائقي صادقيھ جو انقلاب کان اڳ آريا شهر نالو هو. هي علائقو تهران جو مشغول ڪمرشل ۽ رهائشي علائقو آهي هتي جا ٻه چوراها فلک اول صادقيھ ۽ فلک دوم صادقيھ مشهور آهن. تهران جي هيءَ ريلوي اسٽيشن سخت مشغول اسٽيشن آهي، جتان تهران جي ميٽرو ريل پنجين اڪبتان، چتگار، ايران کڊرو جهڙين اسٽيشنن تان ٿيندي ڪرج تائين وڃي ٿي. ڪرج شهر تهران جي اولهه ۾ 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي البورض جبلن جي قدمن وٽ آهي. ڪرج جي ويهه لک کن آدمشماري آهي ۽ تهران، مشهد ۽ اصفهان بعد ايران جو چوٿون نمبر وڏو شهر آهي. ڪرج جي تاريخ نهايت جهوني آهي جنهن جو ثبوت پارٿين دور جي پارسين (Zoroastrian) جا تختِ رستم وارن پٿرن جا ٺهيل باهه جا مندر آهن.
    تهران جو اڪبتان وارو علائقو اسلام آباد وانگر Planned شهر آهي جتي ماڊرن قسم جا رهائشي فلئٽ، رستا ۽ پارڪ آهن. منهنجي ايراني دوست ٻڌايو ته هن علائقي جو ڪم 1975ع کان شروع ٿيو ان جي ڊيزائين جرمني ۽ اٽلي جي انجنيئرن ٺاهي. اڪبتان جو اهم روڊ ايراني پريس رپورٽر محمود سريمي نالي آهي، جيڪو مزار شريف (افغانستان) ۾ پنهنجي فرض ادائگي دوران طالبان هٿان دهشتگردي جو شڪار ٿي ويو هو.
    تهران صادقيھ وانگر امام خميني اسٽيشن، جتي آئون لهي پيس، پڻ ڪوٽڙي ۽ روهڙي وانگر جنڪشن اسٽيشن آهي جتان تهران ميٽرو جي لائين ون اي ريل ڪراس ڪري ٿي.
    تهران ميٽرو جي ”لائين ون“ 28 کن ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ اتر ۾ شهيد حقاني هاءِ وي کان شروع ٿي ڏکڻ ۾ شوش ۽ خيام روڊ جي ڪراسنگ تائين وڃي ٿي. ان بعد هنن جي ريل آهي جيڪا وڌيڪ ڏکڻ ۾ علي آباد، جوانمرد، شهر ري، باغر شهر جهڙين اسٽيشنن ڏي هليو وڃي ٿي. شهر ري اسٽيشن وٽان ئي هڪ ريل جي پٽڙي جو ڪم بهشت زهرا (ايران جو قومي قبرستان ۽ امام خميني جو مقبرو) ۽ نئين هوائي اڏي تائين هلي رهيو آهي. اهو ڪم مڪمل ٿيڻ تي مڪاني توڙي اسان ڌارين لاءِ ايئر پورٽ تي پهچڻ ۾ سستائي ۽ سولائي ٿي پوندي. هينئر ٽئڪسي ذريعي وڃڻو پوي ٿو، خاص ڪري اسان پاڪستانين کي ڪراچي جي اڏام لاءِ ايئرپورٽ تي صبح جو چئين بجي پهچڻو پوي ٿو جو ايران ائير جو ڪراچي لاءِ ڊپارچر جو وقت هر اربع ڏينهن صبح جو ستين وڳي آهي ۽ ايئر پورٽ تي چئين بجي پهچڻ لاءِ ٽين وڳي تهران جي رستن تي ٽئڪسي لاءِ واجهائڻو پوي ٿو. ان کان علاوه بهشت زهرا جو قبرستان ۽ امام خميني جي مقبري لاءِ پڻ ٽئڪسي ڪرڻي پوي ٿي. ميٽرو يا ريل جي سروس شروع ٿيڻ بعد اهو ڪم سستو ٿي پوندو، جو ايران ۾ بس توڙي ميٽرو جا ڀاڙا نه برابر آهن. منهنجي خيال ۾ ان کان گهٽ ڀاڙو دنيا ۾ شايد ڪٿي هجي.
    هن لائين ون تي 22 اسٽيشنون آهن جن مان 14 اسٽيشنون زمين هيٺ (Under Ground) آهن باقي زمين تي. هر گاڏي کي ست گاڏا ٿين جن مان ٻه عورتن لاءِ ۽ پنج مردن لاءِ، جن ۾ 1300 کن مسافرن جي وهڻ ۽ بيهڻ جي جاءِ ٿئي ٿي. ريل جي مٿانهين رفتار 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رهي ٿي. هن لائين جي اتر ۾ پهرين اسٽيشن ميرداماد آهي. ان بعد شهيد همت، شهيد بهشي، شهيد مفاتيح، دروازه دولت ۽ سعدي جهڙين اسٽيشنن تان ٿيندي امام خميني اسٽيشن تي پهچي ٿي جنهن لاءِ ٻڌائي چڪو آهيان ته جنڪشن اسٽيشن آهي ۽ جتي آئون ميٽرو لائين ٽو ذريعي ملت اسٽيشن کان آيو هوس.
    مٿي بيان ڪيل اسٽيشنن مان ڪجهه نالا هتي جي شاعرن، عالمن ۽ شهيدن تان کنيل آهن. شهيد بهشتي ايران جو مذهبي عالم ٿي گذريو آهي. پاڻ 1928ع ۾ اصفهان ۾ ڄائو ۽ تهران يونيورسٽي ۽ طابا طابائي يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ Ph.D ڪئي هئائين. اسلامي ريپبلڪ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ۽ ايران جي جوڊيشل سسٽم جو سربراهه ٿي رهيو. هي ۽ هن سان گڏ اسلامڪ ريپبلڪ پارٽي جي 70 کن ميمبرن جي 1981ع ۾ شهادت ٿي.
    اهڙي طرح شهيد محمد مفتح جي 1978ع ۾ انقلاب دوران شهادت ٿي. پاڻ شهيد بهشتي جو همعصر هو ۽ 1928ع ۾ ايران جي شهر همدان ۾ ڄائو. هن همدان جي مشهور اسڪول ”آخوند ملا علي حمداني اسڪول“ ۽ قُم شهر جي مدرسن مان تعليم حاصل ڪئي. جتي علامه طابا طابائي (تفسير الميزان جي مصنف) جهڙا عالم سندس استاد رهيا. شهيد مفتح ايران جو وڏي پئمائي جو فلاسفر مڃيو وڃي ٿو.
    هتي شهيد بهشتي نالي فقط تهران ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن. هڪ شهيد بهشتي يونيورسٽي (SBU) ۽ ٻي شهيد بهشتي يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس .(SBUMS) يعني ٻاهران لنگهندي گهٽ ۾ گهٽ اهي ٻه يونيورسٽيون ته مونکي نظر آيون. ٿي سگهي ٿو شهيد بهشتي نالي ٽي يونيورسٽي انجنيئرنگ جي به هجي جو دراصل پاڻ ڊاڪٽر ته هو پر اليڪٽريڪل انجنيئر هو، جنهن ۾ هن پي ايڇ ڊ ي ڪئي هئي.


    تهران جون ڏسڻ وٽان جايون

    گذريل مضمون ۾ پاڻ ايران جي گادي واري شهر تهران جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. البورض جبلن جي قدمن ۾ تهران، ايران جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. ڪراچي ۽ ممبئي وانگر ملڪ جون اڌ کان وڌيڪ فئڪٽريون ۽ ڪارخانا تهران ۾ آهن. اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ جا ڪارخانا، ڪارن ٺاهڻ جا ڪارخانا، فوجي هٿيارن جا ڪارخانا، ڪپڙي، کنڊ، سيمينٽ ۽ دوائن جا ڪارخانا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن سڄي ريجن ۾ تهران غاليچن ۽ فرنيچر جي وڪري جو مرڪز آهي. تهران شهر ۾ ڪٿي ڪٿي ٽريفڪ جئم ۽ ٽريفڪ جي قانون جي ڀڃڪڙي پنهنجي جاءِ تي، باقي تهران ۾ پڪن رستن جي جيڪا ڄار وڇايل آهي، ان جو مقابلو ڪوبه مغربي، ايشيا توڙي وچ ايشيا جو ملڪ نه ڪري سگهندو. تهران ۾ تعليمي ادارن کان علاوه ميوزيم، ثقافتي مرڪز ۽ هر مذهب جون مسجدون، مندر، گرجا گهر ۽ گُرد وارا آهن.
    پنهنجي پاڪستاني جهازي دوست اسلام مصطفى جي ايراني زال فرخنده کان پڇيم ته تهران لفظ جي معنى ڇا آهي.
    ”تهران فارسي جي ٻن لفظن تهه ۽ ران مان نڪتل آهي“ هن ٻڌايو ”تهه معنى ترو يا پوڇڙ ۽ ران معنى لاهي (Slope)- خاص ڪري جبل جي لاهي“.
    سو تهران جي لفظي معنى جبل جي ’لاهيءَ جو تر‘ ٿي. هونءَ به تهران جو شهر البورض جبلن جي تري ۾ آهي. ياد رهي ته فارسي جو لفظ تهه پاڻ وٽ به سنڌي ۽ اردو ۾ عام طرح استعمال ٿئي ٿو. جيئن ته تهه دل معنى دل جي تري مان شروع جي مضمونن ۾ فارسي لفظ تهه ديگ جو ذڪر ڪري آيو آهيان. چانورن جي کرڙ کي ايران ۾ تهه ديگ سڏين ٿا- يعني ديڳ جي تري واري- سا کرڙ ئي ٿي. ايران جي هوٽلن ۾ کرڙ (تهه ديگ) کي خاص ڊش مڃيو وڃي ٿو.
    تهران شهر جي مٿين معنى به ٿي سگهي ٿي پر منهنجي هتي جي دوست پروفيسر جو چوڻ آهي ته تهران، تران لفظ مان نڪتو آهي، معنى تر ديوتا جو ٺڪاڻو، تر آتش پرستن (پارسين Zoroastrian) جي عقيدي موجب بارش جو فرشتو چيو وڃي ٿو. قديم زماني ۾ هتي تران ۽ مهران ٻه ننڍڙا ڳوٺڙا هئا، پارسين جي عقيدي موجب مهر يا مٿرا پاڻي جو فرشتو چيو وڃي ٿو ۽ مهران معنى پاڻي جي فرشتي جو ٺڪاڻو. اهي ٻئي ڳوٺ ايڏا وڌي ويا آهن جو هڪ تهران سڏجي ٿو ۽ ٻيو تهران جو حصو مهران آهي، جيڪو تهران جي ڏکڻ ۾ رهائشي علائقو آهي. هونءَ تهران جي لفظي معنى گرم علائقو به آهي ۽ ان جي ابتر تهران جو اتراهون علائقو شيميران آهي، جنهن جي معنى ٿڌي جاءِ آهي.
    تهران ۾ سواري جو مسئلو نه آهي جيئن اسان وٽ آهي، ٽئڪسي يا رڪشا ڳول ته ملي نه، بس اچي ته چڙهي نه سگهجي ۽ ٽرين جي انتظار ۾ سڄو ڏينهن گذريو وڃي، سندس نه اچڻ جو مقرر وقت ۽ نه وري ڇٽڻ جو. تهران ۾ هر قسم جي سواري جام، آرامده ۽ بنهه سستي آهي. بس توڙي ميٽرو گاڏي ۾ مرد ته ڇا پوڙهيون عورتون به سولائي سان چڙهيو وڃن. هڪ شهر کان ٻئي شهر لاءِ به جام بسيون ۽ آرامده ريل گاڏيون آهن، جنهن لاءِ ايران ۾ فارسي لفظ ”راهه آهَن“ استعمال ٿئي ٿو. راهه معنى رستو يا پٽڙي، ۽ آهَن معنى لوهه، جيئن پاڻ وٽ مضبوط ۽ اصول جي پڪي ماڻهو کي مردِ آهَن سڏين ٿا، يعنى لوهي ماڻهو. ريلوي اسٽيشن لاءِ فارسي نالو ايستگاهه آهي. تهران ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران توهان کي وڏن اکرن ۾ لکيل نظر ايندو ”ايستگاهه راهه آهَن تهران“ سو فارسي جا ڪي ڪي نالا ڌارين کي عجيب لڳن ٿا، اسان عربي، اردو ۽ سنڌي جهڙين زبانن کان واقف آهيون. مردِ آهَن تان ياد آيو ته ايران ۾ ڪجهه مرد اهڙا به آهن، جيڪي مردِ ناڪام سڏجن ٿا، اسان واري الحرمين جي گائيڊ محمد علي رضويءَ ٻڌايو ته اهو مرد جيڪو شادي نٿو ڪري ايران ۾ اهو ”مردِ ناڪام“ سڏجي ٿو.
    تهران ۾ امير گپير روڊ تي ارمان هوٽل ۾ ٽي چار ڏينهن رهڻ دوران هڪ ڏينهن صبح جو پنهنجي تهراني دوست غلام رضا ساساني سان گڏ امام حسين يونيورسٽي ۽ امام صادق يونيورسٽي هليو ويس، جتي سندس ڌيئرون پڙهن ٿيون. غلام رضا به مون سان گڏ سئيڊن مان پوسٽ گريجوئيشن ڪئي ۽ اسان ٻه سال مالمو شهر جي هولما علائقي ۾ هڪ ئي پاڙي ۾ رهياسين. جيئن مون مئرين انجنيئرنگ جي بنيادي تعليم چٽگانگ مان حاصل ڪئي تيئن غلام رضا ساسانيءَ منيلا فلپين مان ڪئي. سندس زال فلپينو ڊينٽل سرجن آهي ۽ کيس ٽي ڌيئرون آهن. ايران ۾ اسلام جي آمد کان اڳ ساسانين جي حڪومت هئي، جيڪي زوروسٽرين (باهه جا پوڄاري) هئا، ٿي سگهي ٿو ته غلام رضا ان شهنشاهي خاندان مان هجي، بهرحال ڪيترن ايرانين جون ذاتيون اهي ساڳيون آهن، جيڪي هنن جي وڏن جون مسلمان ٿيڻ کان اڳ هيون.
    تهران تعليمي ادارن جو شهر آهي، جنهن ۾ 50 کان مٿي اعلى قسم جون يونيورسٽيون ۽ ڪاليج آهن. غلام رضا ٻڌايو ته تهران جو سڀ کان جهونو تعليم گاهه جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي اهو دارالفُنون آهي، جيڪو 1800ع ۾ ٺهيو. تهران يونيورسٽي صوبي جو سڀ کان پراڻو ۽ وڏي ۾ وڏو درسگاهه آهي. تهران جو آمريڪن ڪاليج آف تهران به مشهور آهي، جنهن جي باني سئميوئل جارڊن نالي تهران جو هڪ شاهراهه ”جارڊن ايوينيو“ مشهور آهي. هتان لنگهڻ مهل ڪجهه ٻيون يونيورسٽيون ۽ ڪاليج نظر آيا ۽ جن جا نالا نوٽ ڪيا اٿم، اهي هن ريت آهن:
    • طوسي يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي
    • ڪمپرينسو يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي
    • تهران يونيورسٽي آف پلائيڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي
    • انٽرنيشنل يونيورسٽي آف ايران
    • ملڪ اشتر يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي
    • شهيد ستاري يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
    • اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف تهران ميڊيڪل سائنسز
    • الظهرا يونيورسٽي
    • يونيورسٽي آف امام رضا وغيره وغيره.
    واپسي تي منهنجي ايراني دوست غلام رضا کي ”بيمارستان فجر“ ۾ ڪنهن مريض وٽ وڃڻو هو سو آئون پيروزي روڊ تي لهي پيس. فارسي زبان ۾ اسپتال کي بيمارستان يعني بيمار ماڻهن جي رهائش جي جاءِ سڏجي ٿو. پيروزي روڊ تان واڪ ڪري ميدان شهداءِ تي پهتس جتان بس ۾ چڙهي تهران جي خاص جاءِ مينار آزادي (برج آزادي) ڏسڻ لاءِ ميدان آزادي پهتس. جيئن ڪراچي جي نشاني محمد علي جناح جي مزار يا لاهور جي نشاني مينارِ پاڪستان آهي، تيئن هي مينار آزادي ڄڻ ته تهران جو Icon آهي. مهرآباد ايئر پورٽ کان نڪرڻ سان هي نظر اچي ٿو، جنهن بعد شهر شروع ٿئي ٿو. 1971ع ۾ جڏهن پهلوي شهنشاهه ايران ”پرشن سلطنت“ جو 2500 هون سال ملهائي رهيو هو ته ان موقعي تي هن وڏي خرچ سان هي مينار ٺهرايو هو جنهن کي 1979ع واري اسلامي انقلاب کان اڳ تائين آريا مهر شاهياد (يعني شاهن جي ياد) مينار سڏيو ويو ٿي. هي مينار 50 ميٽر اتاهون آهي، جنهن جي چوڌاري سنگ مرمر لڳل آهي، مينار آزادي اسلامي ساساني عمارت سازي جو هڪ خوبصورت مجسمو آهي، جيڪو ”ميدان آزادي“ جي وچ ۾ لڳل آهي.
    تهران جي گشا علائقي ۾ برج ميلاد (Milad Tower) نالي هڪ منارو ٺهي راس ٿيو آهي، جيڪو پاڙ کان چوٽيءَ تي لڳل ائنٽينا تائين 435 ميٽر اتاهون آهي ۽ اهو مينار دنيا جو چوٿون نمبر اتاهون مينار سڏيو وڃي ٿو ۽ باقي ٽي مينار آهن: ٽورنٽو (ڪئناڊا) جو CN ٽاور، ماسڪو جو Ostankino ٽاور، ۽ شنگهائي (چين) جو اورينٽل پرل ٽاور، منهنجي خيال ۾ اڳتي هلي هي ٽاور تهران شهر جي نئين نشاني ٿي سگهي ٿو.
    مينار آزادي وٽ هڪ پاڪستاني سان ملاقات ٿي، هو وزارت تعليم طرفان تهران ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڪا ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ آيو هو. هو پهريون دفعو ايران آيو هو. هن کي سخت پريشاني هئي ته هو ايران ۾ ڇا ڇا ڏسي ”ڪو چوي ٿو شيراز هليو وڃ، ته ڪو چوي ٿو ته اصفهان هليو وڃ“ هن ٻڌايو.
    ڳالهه هي آهي جو ”مون ٻڌايومانس ته“ ايران اهڙو ملڪ آهي جنهن جو هر شهر خوبصورت ۽ تاريخي آهي، هڪ ڏينهن لاءِ ڪنهن ٻئي شهر ڏي وڃڻ ۾ اڌ ڏينهن ته سفر ۾ لڳي ويندو، ان کان بهتر آهي ته تهران جون ئي مختلف شيون ڏسي وڃ“.
    هن وقت اهو ئي لکڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو هڪ يا ڏيڍ ڏينهن هجي ته تهران ۾ جلدي جلدي ڪهڙيون شيون ڏسڻ گهرجن؟ مٿي بيان ڪيل مينار آزادي ۽ مينار ميلاد کان علاوه تهران جون هيٺيون شيون مشهور آهن، جيڪي وزيٽرس ڏسن ٿا.
    گلستان محل- تهران ۾ هي جهوني کان جهونيون شاهي عمارتون آهن، جيڪي سورهين صدي ۾ صفوي گهراڻي جي دور حڪومت ۾ ٺهرايون ويون هيون، جنهن جي چوڌاري مٽيءَ جي اوڏڪي ڀت ڪوٽ جو ڪم ڪيو ٿي بعد ۾ هي محل (شاهي عمارتون) ڪريم خان رند، (جنهن ايران تي 1750ع کان 1779ع تائين حڪومت ڪئي) مرمت ڪرايون. قاچاري بادشاهه محمد خان قاچار حڪومت جون واڳون سنڀالڻ تي تهران کي ايران جي گادي جو شهر بڻايو ۽ ”گلستان“ قاچاري گهراڻي جي شاهي رهائش قرار ڏني وئي. 1865ع ۾ هي محل وڌيڪ بهتر بڻايو ويو، جنهن شڪل ۾ اڄڪلهه نظر اچي ٿو.
    پهلوي گهراڻي جي حڪومت (1979ع-1925ع ) ۾ گلستان محل شاهي دعوتن لاءِ استعمال ۾ اچڻ لڳو ۽ هنن شهنشاهن رضا خان ۽ سندس پٽ محمد رضا پهلوي پنهنجي گهراڻي جي رهائش لاءِ ”نيا وارن“ نالي نئون محل ٺهرايو، گلستان محل ۾ شهنشاهه رضا خان (جنهن ايران تي 1925ع کان 1941ع تائين حڪومت ڪئي) جي تخت مرمر ۾ تاجپوشي ٿي ۽ محمد رضا پهلوي جي پڻ گلستان محل جي ميوزيم هال ۾ تاجپوشي ٿي. بهرحال گلستان محل جنهن کي ايراني پنهنجي فارسي زبان ۾ ”ڪاخِ گلستان“ سڏين ٿا، 400 کن سال پراڻو آهي ۽ شهر جي بلڪل وچ ۾ آهي، جتي توهان بيحد سولائي سان پهچي سگهو ٿا. امام خميني ميٽرو اسٽيشن تي لهندائو ته اتي ئي تهران جو جهونو تعليمي ادارو دارالفُنون آهي، جتي مورا اسرافيل روڊ ۽ ناصر خسرو روڊ ملن ٿا، اتي هي گلستان محل آهي، پاسن کان هتي جون ٻه مشهور هوٽلون خادم ۽ زيبا نالي پڻ اتي ئي آهن، جن جا بورڊ پري کان ئي نظر اچن ٿا.
    مٿي تخت مرمر جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، هي ماربل جو تخت ڪريم خان زند 1750ع ڌاري ٺهرايو. ان کان علاوه هتي جي گائيڊ هن بابت ٻڌايو ته ان تخت جي ڊيزائين مرزا بابا شيرازي نقش باشي ۽ شاهي سنگتراش استاد محمد ابراهيم اصفهاني ڪئي. هن ٻڌايو ته هي ٻئي ايران جا مشهور ڪاريگر آهن، جن کان هتي جو ٻچو ٻچو واقف آهي.
    نياوران محل: هي محل پهلوي شهنشاهن 1925ع ۾ حڪومت حاصل ڪرڻ بعد تهران جي اتر واري علائقي ۾ ٺهرايو. هن محل ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ۽ ميوزيم آهن. ايران جو آخري شهنشاهه محمد رضا پهلوي 1979ع ۾ ايران ۾ انقلاب اچڻ تائين هن ئي محل ۾ رهيو. هن محل ۾ پهچڻ لاءِ توهان کي شهر مان ڪنهن بس ذريعي ميدان صياد شيرازي (شيرزاي چونڪ) تي اچڻو پوندو، جتان پاسداران روڊ وٺي نياوران پارڪ ۾ پهچي سگهجي ٿو، جنهن جي ڀرسان هي محل ڪاخ نياروان آهي. هن محل توڙي گلستان محل ۾ هر شيءِ ساڳي حالت ۾ رکي وئي آهي، جيئن ڏسندڙ Idea لڳائي سگهن ته هنن بادشاهن ۽ شهنشاهن ڪهڙي عيش جي زندگي گذاري. ساڳي وقت امام خميني جو رهائش گاهه پڻ نمائش لاءِ اصلي حالت ۾ رکيو ويو آهي. ويندي امام خميني جو چئمپل جيڪو هو پائي ٻاهر نڪرندو هو، سادا سودا ٿانو ۽ پٽ تي ويهڻ لاءِ وڇايل تڏو هر شيءِ موجود آهي، جيئن ماڻهو اندازو لڳائي سگهن ته امام خميني جهڙي وڏي شخصيت ڪيڏي سادگي ۾ گذاريو.
    نيا وارن محل کان علاوه پهلوي شهنشاهن سداباد نالي هڪ ٻيو محل تهران جي شيميران علائقي ۾ پڻ ٺهرايو. انقلاب بعد هي محل ميوزيم طور استعمال ٿئي ٿو. هن محل جي ڀرسان ئي ملڪ جي صدر جو محل آهي.
    تخت طائوس: جنهن کي انگريزي ۾ Peacok Throne سڏين ٿا، گلستان محل ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تخت طائوس دراصل هندستان جي مغل شهنشاهن جو هو، جيڪو ايران جو حاڪم نادر شاهه 1738ع ۾ هندستان تي حملو ڪري ان وقت جي حاڪم محمد شاهه کان هي تخت ۽ ٻيا هيرا جواهر ڦري ايران کڻي آيو. هي تخت جنهن جي پٺيان ٻه بيٺل مور هيرن سان مڙهيل هئا ۽ سترهين صدي ۾ مغل شهنشاهه شاهجهان لاءِ ٺاهيو ويو هو، سڄي دنيا ۾ مشهور ۽ مهانگو مڃيو ويو ٿي. 1665ع ۾ فرانس جو هڪ جوهري تاور نير نالي دهلي گهمڻ آيو هو، جنهن هن مغلن جي تخت طائوس کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو هو.
    ”هي تخت بستري جي شڪل ۾ 6x4 فوٽ آهي، جيڪو ٻه فٽ کن سونين ٽنگن تي بيٺل آهي. تخت جي چوڌاري ٻارهن ڪمانيون آهن، جيڪي مٿاهين ڇٽ کي جهلين ٿيون. هي ڪمانيون به رُبي، زمرد، ياقوت هيرن ۽ سچن موتين سان مڙهيل آهن....“
    هن فرينچ جواهريءَ جي ڪاٿي مطابق ان تخت جو ملهه انهن ڏينهن ۾ ڏهه ڪروڙ رپيا هجڻ کپي ۽ ڪٿي مون پڙهيو هو ته ان اصلي مغلن واري تخت طائوس جي اڄ جي قيمت هڪ بلين ڊالر يعني 60 ارب پاڪستاني رپيا ٿيڻ گهرجي.
    1747ع ۾ نادر شاهه جي قتل بعد هي مغلن وارو اصلي تخت طائوس ملڪ جي افراتفري ۽ وڳوڙ ۾ تباهه ٿي ويو، پر ان بعد ايران ۾ جيڪي به ملڪ جا شهنشاهه ايندا رهيا انهن جي تاجپوشي لاءِ تخت استعمال ٿيڻ لڳو ته ان کي تخت طائوس سڏيو ويو ٿي. اهي تخت ويندي آخري تخت جيڪو گلستان محل ۾ نمائش لاءِ رکيل آهي، کٽ (بستر) بدران ڪرسي جي شڪل جو آهي. مثال طور 1812ع ۾ فتح علي شاهه قاچار پنهنجي تاجپوشي لاءِ تخت ٺهرايو، اهو ۽ ان بعد محمد شاهه قاچار جو 1836ع ۾ ٺهرايل تخت پڻ طائوسي تخت سڏجڻ لڳو.
    تهران آيل ڪنهن ٽوئرسٽ کي پراڻين شين ڏسڻ جو شوق آهي ته ان لاءِ تهران ۾ ڪيترائي ميوزيم ۽ عجائب گهر آهن، جن مان نيشنل ميوزيم آف ايران (موزه ملي ايران) ۽ موزه ايران باستان سڀ ۾ مشهور آهن، هي ميوزيم ٻن عمارتن ۾ آهي، هڪ ۾ اسلام کان اڳ جون شيون آهن ۽ ٻي ۾ اسلام کان پوءِ جون شيون آهن. هڪ ٻيو ميوزيمMuseum of Contemporary لاله پارڪ جي ڀر ۾ آهي، لاله پارڪ ميدان انقلاب واري چوواٽي کان اتر ڏي ويندڙ ڪارگر روڊ تي آهي. پارڪ جي ٻي پاسي حجاب روڊ آهي. هن ميوزيم ۾ دنيا جي وڏن آرٽسٽن جون ٺهيل تصويرون ۽ مجسما آهن. تمام وڏي Collection آهي ۽ منهنجي ايراني دوست ٻڌايو ته آمريڪا ۽ يورپ کان ٻاهر، ايران جي هن ميوزيم ۾ رکيل آرٽ جون شيون سڀ کان گهڻيون آهن. ڪجهه فنڪار جن جا نالا هن وقت ياد اٿم ۽ جن جا چتر هن ميوزيم ۾ رکيل آهن، هن ريت آهن، وانگو، ڪپڪا، پئبلو، پڪاسو، لوئس والٽئٽ، مئسپر، جان رچرڊ هئملٽن وغيره وغيره.
    تهران جو هي لاله پارڪ به ڏسڻ وٽان آهي. تهران پارڪن سان ڀريو پيو آهي. زمين ڀلي موسم ٺاهوڪي، ماڻهو فضيلتن وارا. صحيح قسم جون گل گلڪاريون ۽ صحيح قسم جي موسم بهار، هتي ايران ۾ ئي اچي ٿي. اسان وٽ ان قسم جي سونهن فقط ڪشمير ۾ آهي، باقي سنڌ، بلوچستان ويندي پنجاب جو هيٺيون وڏو حصو بقول بنگالين جي ”دوسر صحارا“ (رڻ ۽ واري) آهي سو جڏهن فارسي شاعري ۾ گل ڦلن، باغ بهارن ۽ بلبل جي ڳالهه ٿي پڙهجي ته واقعي لڳي ٿو ته هنن ڪجهه ڏسي شاعري ڪئي. اسان جي سنڌ جي ماڻهن وري فارسي شاعري پڙهي بهار ۽ بلبل جي ڳالهه سمجهي آهي چي:
    بيچارگي کان چاڪ گريبان ڪري ڇڏيم
    دور خزان ۾ جشن بهاران ڪري ڇڏيم
    هر در عشق زينت مزگان ڪري ڇڏيم
    بزم ڪده يار چراغان ڪري ڇڏيم
    دل کي اسير ڪاڪلي پيچان ڪري ڇڏيم
    زندان گزين يوسف ڪنهان ڪري ڇڏيم
    اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ تائين سنڌي توڙي اردو جي ڪجهه شاعرن جي شاعري اجهو اهڙي هئي. فارسي ننڍي کنڊ تي ايڏو ته اثر انداز ٿيل هئي جو سٺو اديب شاعر يا اڪابر اهو سمجهيو ويندو هو، جيڪو گهڻي کان گهڻا فارسي جا لفظ استعمال ڪري.
    تهران ۾ ننڍا وڏا پارڪ ڪيترائي آهن. توهان جو کڻي ڪٿي به رهڻ ٿئي. ٻاهر نڪري ڪجهه وکون کڻندائو ته ڪونه ڪو پارڪ ضرور نظر ايندوَ. ڪجهه پارڪن جا نالا هن ريت آهن، پارڪ ملت، پارڪ شهر، پارڪ ارم، پارڪ طبيعت پرديسان، پارڪ جنگلي نصر، پارڪ جنگلي لويزان، پارڪ پرواز، پارڪ بهاران، پارڪ سپيده، پارڪ ابريشم وغيره وغيره.
    تهران ۾ دنيا جي ٻين شهرن وانگر دنيا جون Chain هوٽلون جهڙوڪ ڪانٽيننٽل، هلٽن، حايات، هاليڊي ان، نالن واريون نظر نٿيون اچن. هن پاسي هوٽلن جا جيڪي نالا عام آهن، اهي هن ريت آهن. سيمرغ هوٽل، انقلاب هوٽل، هما هوٽل، استقلال هوٽل، هوٽل سفير، اطلاش پارسا، فيروزه، مرمر رودڪي، اميد، امير وغيره.
    تهران جي لاله پارڪ وٽ غاليچن جو به ميوزيم آهي، جيڪو 1976ع ۾ ٺاهيو ويو ۽ راڻي فرح ديبا هن ميوزيم جي عمارت ڊيزائين ڪئي، هن ميوزيم ۾ 18 صدي کان وٺي اڄ تائين جي غاليچن جا نمونا رکيل آهي. مڪاني ۽ ٻاهران آيل ٽوئرسٽن جي سڀ کان گهڻي رش هتي جي اميوزمينٽ پارڪ تي لڳي ٿي. جنهن کي هتي جا ماڻهو شهري بازي سڏين ٿا. هي پارڪ شهر جي اتر ۾ شاهد مصطفيٰ چمران هاءِ وي وٽ آهي. هي پارڪ دنيا جي وڏن پارڪن مان هڪ آهي ۽ 150 کن ايڪڙ تي ٺهيل آهي. منجهس ڪيتريون ئي Rides رکيل آهن، جن تي ننڍا توڙي وڏا شوق سان چڙهن ٿا.


    ايران مختصر لفظن ۾

    ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌي اخبار ڪاوش ۾ ايران جي آئين ۽ ايران جي سول سوسائٽي بابت لياقت عزيز جو ڪالم نظر مان گذريو. منهنجي خيال ۾ ايران بابت هي هڪ بهترين مضمون آهي. جنهن ۾ نه مغربي ملڪن جي پريس واري هروڀرو جي گلا آهي ۽ نه وري ڪوڙي تعريف، هي مضمون حقيقت پسندي جي عڪاسي ڪري ٿو، مون کان ڪو مختصر طور ايران بابت پڇي ته آءٌ به اهو ئي چوندس جيڪو لياقت عزيز ايران ۾ رهڻ دوران محسوس ڪيو آهي ۽ قلمبند ڪيو آهي. هونءَ به لياقت عزيز اسان جي سچار، بي ڊپن ۽ سياست جي ڄاڻ رکندڙ اديبن مان آهي. هو گذريل ٽيهه سالن کان 1977ع کان حيدرآباد جي سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ پروفيسر آهي ۽ پوليٽيڪل سائنس پڙهائي ٿو. پاڻ ان ئي سبجيڪٽ ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ڪئي آهي ۽ اتان ئي (حيدرآباد مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس نائين ڪلاس کان ايم تائين اٺ ڪتاب پوليٽيڪل سائنس تي لکيل آهن، جن جو پبلشر آر.ايڇ احمد برادرس آهي. پاڻ شاعر، اديب ۽ ڪالم نويس آهي ۽ سندس ڪالمن جو هڪ مجموعو ”قومي غدار ۽ حساب ڪتاب“ نيو فليڊس پبليڪيشن وارن 1997ع ۾ ڇپرايو. پاڻ سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچرار ايسوسيئيشن (SPLA) جو مرڪزي سيڪريٽري پڻ آهي.
    لياقت عزيز ٽنڊو محمد خان ۾ 10- سيپٽمبر 1949ع تي ڄائو ۽ اتان پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪيائين. کيس تعليم ۾ لکڻ پڙهڻ لاءِ اُتساهه سندس دوستن غلام نبي بهراڻي، زيب ڀٽي ۽ پرواني ڀٽي ڏنو. پاڻ ٻڌائين ته اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ هن جو ڪيترن ئي سٺن ۽ هڏ ڏوکي ٽيچرس سان واسطو رهيو. جن کي هو اڄ به ياد ڪري ٿو ۽ انهن مان ڪجهه آهن: ٽنڊي محمد خان جا محمد عثمان ميمڻ ۽ سائين محمد اسحاق صاحب، سنڌ يونيورسٽي جا سائين محمد عمر ميمڻ هالن وارو، حسن ڀٽو ۽ خالد شهيد آخوند.
    لياقت عزيز کي ٽي ٻار آهن، جن مان وڏو پٽ جمال ناصر ۽ ننڍي نياڻي شازيا عزيز ڊاڪٽر آهن ۽ ٽيون ٻار نازيا عزيز ڪمپيوٽر سائنس ۾ M.Sc آهي. هتي پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه معلومات لاءِ لياقت عزيز جو ايران بابت لکيل ڪالم هوبهو ڏيان ٿو جنهن ۾ بيحد سچائي ۽ حقيقت آهي ۽ اسان جهڙن پاڙيسري مسلمان ملڪن لاءِ ان ۾ سبق آهي، جيڪو اسان پرائي پاڻ ۾ سجاڳي آڻي سگهون ٿا. اسان به ملڪن ۽ قومن جي ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳيان نڪري سگهون ٿا.
    ايران ۾ 1979ع جي انقلاب جي سالگره ملهائي پئي وڃي. ان موقعي تي ايران جي صدر محمود احمد نجاد چيو آهي ته ايران ڪنهن به صورت ۾ آمريڪا جي آڏو نه جهڪندو. صدارتي اليڪشن دوران هن عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا هئا انهن کي هر صورت ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو. جنگ مڙهڻ جي صورت ۾ هر مرد، عورت ۽ ٻار پنهنجي مادر وطن جي حفاظت ڪندو.
    ڪنهن به مهذب جمهوري رياست جي سڃاڻپ اها هوندي آهي ته ان ۾ ڪجهه اخلاقي، سياسي ماپا ڏٺا ويندا آهن. انهن ماپن ۾ آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، سماجي انصاف ۽ شهري آزاديون شامل آهن. آءٌ جڏهن ايران ويو هئس ته مون اتي ايران جي موجوده سياسي نظام کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ته 1979ع ۾ امام خمينيءَ جي قيادت ۾ ايندڙ انقلاب ۽ شهنشاهيت جي خاتمي کان پوءِ ايران ۾ ڪهڙيون سياسي معاشي ۽ اخلاقي تبديليون آيون آهن؟
    سڀ کان پهرين ته ايران ۾ نئين ٺاهيل آئين تحت سڀ ادارا هلايا وڃن ٿا. ڪابه شخصيت آئين کان بالاتر ناهي. هر سياسي اداري پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه کي ڌار ڌار اختيار مليل آهن ۽ هر ادارو پنهنجي فيصلي ڪرڻ ۾ آزاد ۽ خودمختيار آهي. ايران ۾ قانون جي حڪمراني کي تمام گهڻي اهميت مليل آهي. سمورا شهري قانون جي اطاعت ڪن ٿا، ايستائين جو ڪنهن به ڪار يا بس کي اجازت ناهي ته اها رستي تي ٻي ڪنهن گاڏي کي ڪراس ڪري سگهي. ايران جي وڏن شهرن ۾ مون کي ڪٿي به پوليس يا قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي مداخلت نظر نه آئي. قانون جي حڪمراني جو هڪ مثال اهو به آهي ته اصفهان جي دوري دوران جڏهن سج لٿي کان پوءِ ٿڪ ڀڃ خاطر هڪ پارڪ ۾ وڃي ويٺاسين ته ڏٺوسين ته ٻه نوجوان ڇوڪريون پارڪ جي ڪنڊ ۾ پينٽنگس ٺاهي رهيون هيون. اهي تختي تي لڳل ڪاغذ تي مصوريءَ جا رنگ پکيڙي رهيون هيون. اهي خوف کان بي نياز ۽ مطمئن هيون. هنن سان گڏ ڪو مرد به نه هو. اسان وٽ سج لٿي کان پوءِ اڪيلي سر پارڪ ۾ وڃي مصوري ڪرڻ جو نوجوان نياڻيون سوچي به نه ٿيون سگهن. ايران جي سول سوسائٽي ۾ پوليس جي مداخلت نه هجڻ برابر آهي. اتي پوليس انسانن لاءِ آزار ڪونهي، پر ماڻهن جي مددگار آهي. ايستائين جو ڪو اجنبي جيڪڏهن رستو ڀلجي وڃي ته ايران جي سپاهي وٽ متعلقه شهر جو نقشو موجود هوندو آهي. اهو آساني سان راهه ڀليل انسانن کي دڳ لڳائي ڇڏيندو آهي.
    ايران جي سياسي نظام ۾ سڀ کان وڏو عمل سماجي انصاف Social Justice جو آهي. ايراني حڪومت جي سڀ کان گهڻي ڪوشش آهي ته هر ايراني شهري کي ان جون بنيادي ضرورتون مهيا ڪيون وڃن، جنهن ۾ اٽو، لٽو ۽ اجهو. تعليم ۽ صحت جون سهولتون شامل آهن. ايران سياسي نظام ۽ سول سوسائٽي ۾ عورت کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. ايستائين جو مرڪزي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي وهنوار ۾ انهن کي برابري جي حيثيت ڏني وئي آهي. مرڪزي ڪابينه ۾ عورتن کي معقول نمائندگي مليل آهي. فوج، ايئر فورس نيوي ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن کي مناسب نمائندگي مليل آهي. صوبن ۾ جيڪڏهن مرد گورنر آهي ته ڊپٽي گورنر جي عهدي تي خاتون مقرر ٿيل آهي. بازار ۾ نجي دڪانن تي پڻ عورتون ڪاروبار هلائين ٿيون. ايران جي خلاف اها مغربي پروپئگنڊا بلڪل غلط آهي ته 1979ع جي انقلاب کان پوءِ عورت کي گهرجي ته چار ديواري ۾ قيد ڪيو ويو آهي. 1979ع جي انقلاب کان پوءِ ايراني سماج ۾ جيڪو مان ۽ مرتبو عورت کي مليو آهي، اهو مغربي ملڪن کان وڌيڪ آهي، صرف غير اخلاقي حرڪتن کي ٻنجو ڏنو ويو آهي. عورت جي تقدس جي پائمال وارين محفلن ۽ حرڪتن کي بند ڪيو ويو آهي. فحاشي ۽ عريانيءَ کي روڪيو ويو آهي.
    ايران ۾ عوام کي مڪمل شهري حق مليل آهن. تحرير ۽ تقرير جي آزادي آهي. عقيدي ۾ عبادت جي آزادي آهي. جيتري رواداري سهپ بردباري ايران جي سياسي نظام ۾ آهي، ايتري شايد ئي ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ ملي.
    ايران ۾ سرڪاري ملازم کي سياست ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي ناهي، صرف ”لازمي سروس“ يعني ”فوج“ جي اهلڪار تي سياست ۾ حصو وٺڻ تي پابندي آهي. ان جو هڪ مثال هي آهي ته موجوده ايراني صدر محمود احمد نجاد پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. هو تهران جي انجنيئرنگ يونيورسٽي جو مستقل استاد آهي. هن کان اڳ اڪبر رفسنجاني پڻ پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر هو ۽ اڄڪلهه تهران جي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ آرٿوپيڊڪ وارڊ جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهي.
    سرڪاري ملازم موڪل وٺي ڪنهن سياسي عهدي لاءِ بيهي سگهي ٿو. محمود احمدي نجاد پهريائين تهران جو ميئر جي عهدي تي ڪاميابي ماڻي ۽ هاڻ جو صدارتي فرض سرانجام ڏئي ٿو. گذريل سيپٽمبر ۾ جڏهن اسان ايران ۾ هئاسين ته اسان ڏٺو ته ايران جي فضائي ڪمپني جي جهاز ۾ هڪ عام مسافر جي حيثيت ۾ نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو. هن لاءِ ڪو ڌار اسپيشل جهاز موجود نه هو ۽ ساڻس صرف پنجن ڄڻن تي مشتمل صدارتي عهدي کان وٺي سرڪاري آفيسر تائين هر ماڻهو سادگي ۽ قناعت سان پنهنجا سرڪاري فرض سرانجام ڏئي ٿو. ايران جا آفيسر پينٽ ڪوٽ پائين ٿا. پر ٽائي استعمال نٿا ڪن. ٽائي کي هو صليب جي نشاني سمجهن ٿا. عام مرد ۽ عورت پڻ گهڻو ڪري ”جين“ ۽ ”شرٽ“ استعمال ڪن ٿا. خواتين مٿان حجاب پائين ٿيون. مون شهر مقدس ايئر پورٽ تي واپسي مهل جڏهن مسافرن جي لائونج ۾ هڪ اڌڙوٽ عورت کي سگريٽ پيئندي ڏٺو ته مون کي حيراني ٿي. ايران ۾ حقي ۽ سگريٽ پيئڻ تي ڪا پابندي ناهي. حقي ڇڪڻ جون باقائده هوٽلون هر وڏي شهر ۾ موجود آهن.
    سير و تفريح لاءِ هر وڏي شهر ۾ خوبصورت پارڪ ۽ ريسٽورانٽ آهن، ايران ۾ رهندڙ بسن جا ٽرمينل ڪنهن به ايئر پورٽ کان گهٽ ناهن. اصفهان کان تهران ويندڙ بس ۾ ٽڪيٽ جي بڪنگ ڪرائڻ کان پوءِ سوار ٿياسين. ائين محسوس ٿيو ته پي آءِ اي جي ڪنهن بوئنگ جهاز ۾ سوار ٿيا آهيون. بس ۾ ماني ۽ مشروب جو پڻ بندوبست آهي ۽ هر بس ۾ ٽي وي لڳل آهي. جتي ايراني ۽ هندستاني فلمون هلايون وڃن ٿيون. ايران جي هر شهر ۾ سئنيمائون پڻ موجود آهن، جن ۾ ايراني ۽ هندستاني فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون.
    ايران جي وڏي خوبي اها آهي ته 1979ع جي انقلاب کان پوءِ انهن پنهنجي ”ايراني ڪلچر“ کي دائم ۽ قائم رکيو آهي. قديم عمارتون ۽ قديم مجسمه هر شهر ۾ موجود آهن. ايران ۾ ايمانداري ۽ اعتبار کي وڏي اهميت مليل آهي، ٽيڪسي ڊرائيور جڏهن ڪنهن پيٽرول پمپ تي وڃي ڪار ۾ پيٽرول ڀرائيندو آهي ته اهو پاڻ هٿ سان ڪار ۾ پيٽرول ڀريندو آهي ۽ پيٽرول جا پئسا پاڻ ئي پيٽرول پمپ جي مالڪ کي ادا ڪندو آهي.
    ايراني سڪي کي ”تمن“ سڏيو ويندو آهي. هڪ پاڪستاني رپئي جي قيمت 15 تمن جي برابر آهي. مون 30 سالن جي نوڪري ۾ ڪڏهن هڪ لک گڏ نه ڏٺا آهن، ايران ۾ پاڪستاني رپين جي عيوض جڏهن ايراني ڪرنسي ۾ تمن ورتاسين ته مون کي ڏهه هزار روپين جي عيوض ڏيڍ لک تمن مليا، مون رب پاڪ جو شڪر ادا ڪيو ته مان اڄ لک پتي ٿي ويو آهيان. پر چئن ڏينهن ۾ اهي سمورا پئسا ختم ٿي ويا. ايران ۾ پيٽرول، سي اين جي ۽ بجلي بلڪل سستي آهي. ٽيليفون جي لوڪل ڪال فري آهي. ڪراچي کان تهران، تهران کان مشهد جهاز جي Return Ticket لاءِ اسان صرف ايڪويهه هزار روپيه ڀريا، پر جيڪڏهن ڪوئٽا ۽ تافتان جي رستي بسن ذريعي وڃبو ته بلڪل گهٽ خرچ ايندو. زائرين جيڪي قافلن جي صورت ۾ ايران وڃن ٿا، اهي ٽيهه هزار رپين ۾ ايران جون سڀ زيارتون ڪري سگهن ٿا. انهن پئسن ۾ ڀاڙي، ماني ۽ رهائش جو بندوبست ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان سوات، ايوبيه، ڪوهه مري، مدائين، ڪالام وغيره سير و تفريح لاءِ وينداسين ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک روپيه خرچ ٿي سگهي ٿو. ايترن پئسن ۾ هوائي جهاز، لگزري بسن ذريعي اسان سڄو ايران 15 ڏينهن ۾ گهمي ڦري سگهون ٿا.
    ايران ۾ جوراب، سوئيٽر ۽ ڪمبل بلڪل سستا آهن. پاڪستاني ٻن رپين ۾ جوراب جي هڪ سٺي جوڙي ملي سگهي ٿي، پاڪستاني 100 رپين ۾ هڪ سٺو گرم سوئيٽر ملي سگهي ٿو، جڏهن ته 300 روپين ۾ هڪ سٺو سهڻو ڪمبل ملي ويندو آهي.
    ايران جون سرحدون ٻن سمنڊن يعني عربي سمنڊ ۽ ڪئسپين سمنڊ سان ملن ٿيون. انڪري هن ملڪ ۾ 8 وڏا بندرگاهه آهن. سڀني کان وڏو بندرگاهه بندر عباس آهي. سمنڊ جي ڪناري تي به تفريح جا ڪافي سهڻا ۽ دلچسپ ماڳ ٺهيل آهن. ايران صفائي، سهڻن، ماڳن، خوبصورت، روشن، رستن، گلن سان سينگاريل پارڪن، مواصلاتي نظام جي ڪري ڪيترن ئي مغربي ملڪن کان خوبصورت ملڪ آهي.
    ايران جي صدر محمود احمدي نجاد ڪيوٽو ۾ ايڪواڊور جي صدر جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت بعد صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪا مخالف ملڪن کي امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايراني صدر ان موقعي تي اهو پڻ چيو آهي ته ايران عالمي امن جو حامي آهي. جڏهن ته آمريڪا جنگ مڙهي رهيو آهي.
    ايران هڪ قديم شاندار تهذيب رکي ٿو. ايراني قوم پنهنجي وطن ۽ زبان سان بيحد محبت ڪري ٿي. ايران جا ماڻهو فارسي زبان کان سواءِ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ سياحن ۽ زائرين سان ٻي ٻولي ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. ايران جي تعليمي نظام ۾ پهرئين درجي کان وٺي پوسٽ گرئجوئيشن تائين سڀ مضمون فارسي زبان ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ايستائين جو ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ به ”ميڊم آف انسٽرڪشن“ فارسي زبان ئي آهي. ايران جي ايئر پورٽ، ريلوي اسٽيشن، سرڪاري آفيسن ۽ اهم شاهراهن ۽ رستن تي سڀ سائن بورڊ به فارسي زبان ۾ لکيل آهن. ايران جو نئون سال جنهن کي هو ”نو روز“ سڏين ٿا هر سال 21 مارچ تي وڏي پئماني ٿي ملهايو ويندو آهي. 2004ع ۾ اقوام متحده جي اداري UNESCO ”نور روز“ کي انساني قومي ورثي جو عظيم ڏينهن قرار ڏنو آهي.
    1979ع جي انقلاب کان پوءِ اٽڪل 3 ڪروڙ ماڻهو اتر آمريڪا، يورپ، ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا ڏانهن هليا ويا آهن، ايران ۾ خانداني منصوبه بندي ناهي، آڪٽوبر 2006ع جي چونڊ کٽڻ کان پوءِ موجوده خانداني منصوبه بندي جي پروگرام جي مخالفت ڪئي. صدر احمد نجاد چاهي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ 5 ڪروڙ ماڻهو پيدا ٿين ته جيئن عراق، ايران جنگ ۾ مارجي ويل آبادي جو ازالو ٿي سگهي.
    ايران ۾ افغانستان ۽ عراق مان آيل لکين پناهگير پڻ موجود آهن. ايران جي خواهش آهي ته اهي پناهگير پنهنجي ملڪ موٽي وڃن. ايران جي 98 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي مشتمل آهي، جن مان 90 سيڪڙو شيعه مسلمان 8 سيڪڙو سني مسلمانن سان تعلق رکن ٿا ۽ باقي 2 سيڪڙو غير مسلم آهن، جن ۾ بهائي، مندين، هندو، يهودي ۽ عيسائي وغيره شامل آهن. ايران جي پارليامينٽ يعني مجلس ۾ زرتشت جي پوئلڳن، يهودين ۽ عيسائين لاءِ مخصوص سيٽون آهن. بهائي عقيدي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي اڪثريت آهي، پر انهن لاءِ نه سيٽون مخصوص آهن نه ئي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق آهي.
    ايران جون 50 سيڪڙو صنعتون تهران ۾ آهن، جن ۾ ڪارون ٺاهڻ جون فيڪٽريون، اليڪٽرانڪس جو سامان، هٿيارن، ٽيڪسٽائل شگر، سيمينٽ ۽ ٻين پراڊڪشن جا ڪارخانا موجود آهن، تهران ۾ انڊر گرائونڊ ريلوي جو نظام آهي، جتي فرانس کان برآمد ڪيل ٽرينون هلايون وڃن ٿيون. مشهد ايران جو مقدس شهر آهي، جتي حضرت امام علي رضاؑ جو روضو مبارڪ آهي. هڪ اندازي مطابق روزانو هڪ لک ماڻهو اتي زيارت لاءِ اچن ٿا. حضرت امام علي رضاؑ جي روضي مبارڪ جا 16 ايوان آهن، جن ۾ ڪلچرل سينٽر پڻ شامل آهي، جتي ٻاهران آيل زائرين کي فارسي، اردو، انگريزي ۽ روسي زبان ۾ لٽريچر مفت فراهم ڪيو ويندو آهي. ايوانن جي پکيڙ 100 ڪلوميٽر چورس ميل کان وڌيڪ آهي. ٻين وڏن شهرن مان اصفهان به هڪ آهي. جيڪو هڪ انتهائي خوبصورت شهر آهي. اصفهان کي عام چوڻي ۾ ”نصف جهان“ سڏيو ويندو آهي. بيگم نصرت ڀٽو جو آبائي شهر آهي. ان کان پوءِ شيراز اهم شهر آهي. جتي فارسي جي عظيم شاعرن حافظ شيرازي ۽ سعدي جون آخري آرامگاهون آهن. ”قم“ شهر به مذهبي لحاظ کان اهم آهي. ”قم“ ۾ هزارين مدرسا آهن. جن ۾ دنيا جي سڀني ملڪن سان تعلق رکندڙ طالب عالم تعليم حاصل ڪن ٿا. هن شهر ۾ اٽڪل ڏهه هزار سنڌي پڻ آباد آهن.
    ايران هڪ شاندار تاريخ ۽ ثقافت رکي ٿو، جنهن ۾ آرٽ، ميوزڪ، فن تعمير، شاعري، فلاسافي روايتون ۽ آئيڊيالاجي شامل آهي. ايران جي شاعري ۾ وطن دوستي جو عنصر موجود آهي. فارسي زبان جي عظيم شاعر نظامي مطابق:
    همه عالم تن است و ايران دل
    نيست گوبنده زرين قياس خجل
    (ايران سڄي دنيا جي دل آهي، ان خيال تي مون کي ڪو افسوس ناهي) شاهنامه جي تخليقڪار فردوسي مطابق:
    که ايران بهشت است يا بوستان
    همي بوي مشک آيد از دوستان
    (ايران عدن آهي يا باغن جو بهشت آهي، جنهن جي خوشبوءَ دوستن ۽ ساٿين کي ملي ٿي)
    عظيم شاعر سعدي مطابق:
    بني آدم اعضاءِ يک پيکرند
    که درا افزيشن زيک گوهر ند
    چو عضوي بدرد آ ورد روزگار
    دگر عضو هارا نماند قرار
    (انساني نسل هڪ اهم خوشبوءِ آهي، جنهن جو بنياد تخليق آهي، هڪ عضوو ئي ڪافي آهي دنيا کي اهميت محسوس ڪرائڻ لاءِ)
    ايران صفائي سٿرائي جي لحاظ کان دنيا جو اهم ملڪ آهي، مغرب جي اذان کان پوءِ صفائي ڪندڙ عملو سڄي رات شهرن جي رستن ۽ گهٽين جي صفائي ڪري ٿو ۽ رستن کي پاڻي سان ڌوتو وڃي ٿو، پر صبح جو ايران جي ڪنهن به شهر ۾ پاڻي جو دٻو نظر نه ايندو، روڊ رستا چمڪندا نظر ايندا. ان ڪري گندگي جي اهم نشاني ”مک“ ايران جي ڪنهن به شهر ۾ نظر نه ايندي.
    هر شهر جي چوڪن تي مردن ۽ عورتن لاءِ ڌار ڌار ”واش روم“ ٺهيل آهن، جن کي ڏسي ڪنهن فور اسٽار هوٽل جا باٿ روم ياد اچي ويندا. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ايران ۾ ڪٿي به پينو فقير ۽ ڪتو نظر نه ايندو. مشهد مقدس ۾ جڏهن مون ايراني ڪلچرل سينٽر ۾ هڪ ”خادم“ کان پڇيو ته ايران ۾ ڪتا ڇو نه آهن جڏهن ته ٻيا جانور موجود آهن ته هن مذاق ۾ وراڻيو ته ”سڀ ڪتا آمريڪا ۽ اسرائيل هليا ويا آهن.“
    ايراني آمريڪا ۽ اسرائيل کان سخت نفرت ڪن ٿا. انهن کي هر خطبي ۽ مذهبي واعظ ۾ سخت تنقيد جو نشانو بنائين ٿا. ايراني انهن ملڪن کي به دوست نٿا سمجهن جتي آمريڪا جا حامي حڪمران آهن، يا وري جتي آمريڪي مفادن تحت پاليسيون جوڙيون وڃن ٿيون، ايران ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڇوڪري ۽ ڇوڪري لاءِ ٻه سال فوجي ٽريننگ لازمي آهي، جتي کين هر هٿيار هلائڻ جي تربيت ڏني وڃي ٿي ته جيئن پنهنجي وطن تي ڪنهن پرڏيهي جارحيت جي ضرورت ۾ دفاع ڪري سگهن.


    آش نخورده ودهن سوخته (سوپ به نه پيتو، وات به سڙيو)

    اسان جي اسڪولي ڏينهن ۾ عربي يا فارسي آپشنل سبجيڪٽ هوندو هو، آءٌ نه فارسي پڙهيس نه عربي، پر هاڻ هتي ايران ۾ اچي اهو اندازو لڳايو اٿم ته فارسي بيحد مٺي ۽ وسيع زبان آهي، جنهن ۾ بي پناهه لٽريچر آهي. اهي خوش نصيب آهن جن کي فارسي اچي ٿي، فارسي جا اهي اديب يا شاعر جن جا اسين انگريزي، اردو يا سنڌي ۾ ترجمو پڙهون ٿا. فارسي سمجهڻ وارا هنن کي اصل زبان ۾ پڙهڻ جو لطف وٺن ٿا. مون کي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ ڏهه سال کن نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ ملئي زبان سکي ورتم. اڄ اهوئي سوچي رهيو آهيان. ته انهن ئي ڏينهن ۾ ايران جي مئرين اڪيڊمي ”چا بهار“ ۾ به مون کي ساڳيو جاب مليو هو، جتي نوڪري ڪرڻ سان فارسي سکي وڃان ها. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملئي زبان ملائيشيا کان علاوه ڏکڻ ٿائلينڊ، ڏکڻ فلپين، انڊونيشيا ۽ برونائي ۾ به ڳالهائي وڃڻ ڪري انهن هنڌن تي مون جهڙن کي گهمڻ ڦرڻ ۾ سهوليت ٿئي ٿي ۽ فارسي زبان فقط ايران ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. پر ڇا ته فارسي زبان ۾ ڪتاب ۽ لٽريچر آهن! نه رڳو ايراني اديبن جا فارسي ۾ ڪتاب پر اسان جي ننڍي کنڊ جي به ڪيترن ئي شخصيتن، علامه اقبال کان سچل سرمست تائين جي شاعري ۽ ادب جا ڪتاب فارسي ۾ ملن ٿا. دراصل فارسي زبان ملئي کان به گهڻن ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جيئن ته آذر بائيجان، افغانستان، اولهه، عراق، ازبڪستان، ترڪمانستان وغيره. پر جيئن ته انهن ملڪن کي نه بندرگاهه آهن ۽ نه اوڏانهن پاڻي جا جهاز وڃي سگهن ٿا، ان ڪري اسان جهاز هلائيندڙن جو انهن ملڪن سان واسطو نه ٿي سگهيو. بهرحال هاڻ هتي ايران جا مدرسا، يونيورسٽيون، ميوزيم گهمندي، ڪنهن عالم، ڪنهن پروفيسر يا ڪنهن عام ماڻهو کان ڪو فارسي جو شعر، اصطلاح يا ڪو پهاڪو يا چوڻي ٻڌان ٿو ته غور سان ان جي معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ۽ ڪيتريون شيون ته نوٽ ڪندو وڃان ٿو، خاص ڪري پهاڪا ۽ چوڻيون جن سان مون کي ننڍپڻ کان دلچسپي آهي. جپان، چين ۽ ملائيشيا جن ملڪن ۾ منهنجو تمام گهڻو وڃڻ ۽ رهڻ ٿيو انهن جي پهاڪن جو انگريزي ۾ ڪتاب Proverbs of far East نالي اڄ کان ويهه سال کن اڳ جڏهن آءٌ ملائيشيا ۾ رهندو هوس ته ڇپيو هو، جنهن جا پيش لفظ ملئي اديب ڪرس ماس ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جا لکيل آهن. پهاڪن ۽ چوڻين جو هڪ ٻيو ڪتاب ”رٺي آهي گهوٽ سان“ ڏهه سال کن اڳ حيدرآباد ۾ ڇپيو جنهن جا پيش لفظ سنڌ يونيورسٽي جي ڊين ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو صاحب لکيا.
    ايران ۾ اچڻ سان، پهرين ڏينهن کان جتي موقعو ملي ٿو ته مڪاني ماڻهن کان فارسي جا پهاڪا پڇي، نوٽ ڪندو وڃان ٿو، جن مان گهڻي ڀاڱي منهنجي پاڪستاني جهازي دوست اسلام مصطفيٰ جي ايراني زال ۽ ٻارن لکرايا آهن. پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ انهن مان ڪجهه هتي ڏيان ٿو.
    • آب در ڪوزه و ماتشنه لبان ميگرديم
    جڳ ۾ پاڻي هوندي اڃ کان اسان جا چپ خشڪ آهن. (يعني مسئلي جو حل سامهون هوندي به اسان هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي رهيا آهيون) پاڻ وٽ به چوڻي آهي ته ”ڪِڪو ڪڇ ۾ ڍنڍورو شهر ۾ ”شاهه لطيف“ اهڙن منجهيل ماڻهن لاءِ چيو آهي ته:
    ”پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن“.
    * آتش ڪه گرفت، خشڪ وتر ميسوزد
    هڪ دفعو باهه لڳڻ بعد اها سڪا ۽ آلا ساڙيو ڇڏيو.
    پاڻ وٽ به اها چوڻي آهي ته باهه لڳڻ بعد سڪن سان گڏ آلا به سڙيو وڃن. يعني هڪ دفعو حالتون هٿن مان نڪريو وڃن ته پوءِ ڏوهاري ۽ معصوم برابر ٿيو وڃن.
    ان ڪري انگريزيءَ ۾ باهه بابت چوڻي آهي ته:
    Fire is a good servant but a bad master.
    * آدم تنبل، عقل چهل وزير داره
    ڪاهل ۽ بيوقوف ماڻهو پاڻ کي چاليهه وزيرن جي عقل برابر سمجهي ٿو، جيئن چوندا آهن ته؛ سکڻي ڪني گهڻو اڀامي Great talkers arelittle doers
    * آسوده ڪسي ڪه خر نداره
    از ڪاهه و جوش خبر نداره
    سڪون ۾ اهي آهن جن وٽ گڏهه ڪونهي- هنن کي هن جي گاهه پاڻي جو فڪر نٿو ڪرڻو پوي. يعني اهي آسوده آهن، جن جي مٿان گهڻيون جوابداريون نه آهن. ڍڳو نه ڍور ڇا ڪندو چور.
    * ارزان خري، انبان خري
    سستي خريداري. ڍير خريداري
    * از سهه خيز بايد حذر ڪرد، ديوار شڪسته سگ درنده، زن سليطه.
    ٽن شين کان اصل ڀڄ پري. ڀڳل ڀت، ڏاڙهيندڙ ڪتو ۽ ڇتي زال.
    لڳي ٿو فارسي جا پهاڪا به جپانين وانگر مرد حضرات ٺاهيا آهن، جن ۾ هنن پنهنجي خوب تعريف ڪئي ته مرد ۽ گهوڙو پوڙهو نه ٿيندو آهي، يا ڏاڙهي وارو وات ڪڏهن به ڪوڙ نٿو ڳالهائي. يعني مرد هميشه سچار ٿين ٿا. عورتون ڪوڙيون، بنا مرد جي عورت، ٻج بنا ڌرتي آهي. يعني عورت اڪيلي سر ڪجهه به نه آهي، هن جو شان مرد سان آهي. مٿين فارسي چوڻي وانگر جپاني چوڻي آهي ته سهڻي عورت ۽ ڳاڙهي مرچ کان هميشه هوشيار رهجي ۽ هي پڻ جپاني چوڻيون آهن ته ”جهنم ۽ ظالم زالون هڪ ئي ٽولي سان تعلق رکن ٿيون.“ جيڪي جپاني معاشري ۽ سوسائٽي کان واقف آهن، انهن کي خبر آهي ته ظالم جپاني عورتون نه، پر مرد آهن. جن پنهنجي خلاف ڪو پهاڪو نه ٺاهيو آهي. جپان ۾ چوڻي مشهور آهي ته عورت تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪجي، ڀلي کڻي هن ست پٽ ڄڻي ڏنا هجن. اهڙي طرح بدڪردار زال سٺ خراب فصلن برابر آهي، ۽ بدڪردار يا خراب مڙس؟ ان جو ذڪر جپاني پهاڪن توڙي ادب ۽ شعر و شاعري ۾ ڳوليو نٿو ملي.
    * از گير دزد در آمد، گير رمال افتاد
    چور کان ته بچي ويو پر نجومي جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي پيو.
    جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته آسمان تان ڪريو کجور ۾ اٽڪيو يا انگريزي ۾ آهي ته؛ Out oh the frying pan in to fire
    * آب ڪه يه جا بمونه، ميگنده
    هڪ هنڌ بيٺل پاڻي، ڌپ ڪري ٿو، (بيٺل پاڻي ٻاڙو ٿئي ٿو) ان ڪري ته چوندا آهن ته حرڪت ۾ برڪت آهي.
    * آبڪش و نگاهه ڪن ڪهه بهه ڪفگير ميگهه توسهه سوراخ داري
    پرڻ ٿو ڏوئي کي چوي، هل ڙي ٽي ٽنگا. اها چوڻي ان ماڻهوءَ لاءِ استعمال ڪبي آهي، جيڪو پنهنجا انيڪ عيب ڏسڻ بنا ٻئي تي چٿرون ڪري.
    انگريزي ۾ چوڻي آهي ته؛ The pot calling the kettle black
    يا اسان وٽ اها چوڻي عام آهي ته؛ مينهن ٿي ڍڳيءَ کي چوي هل ڙي پڇ ڪاري.
    * آبي از او گرم نميشه
    معنيٰ هن جي ڪري ڪو پاڻي گرم نٿو ٿئي. يعني هي ماڻهو ڪنهن به ڪم جو ناهي، انڌي جهڙي پيڪي تهڙي ساهرين.
    • آدم دست پاچهه، ڪار را دوبار مي ڪنهه
    تڪڙو ماڻهو ٻه دفعا ڪم ڪري، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته: تڪڙو ماڻهو ٻه دفعا هنگي، فارسي ۾ به اهڙي قسم جي هڪ ٻي چوڻي آهي ته ”آدم دست پاچهه، دوبار مي شاشه—تڪڙو ماڻهو ٻه دفعا مُٽي.
    • آش نخورده و دهن سوخته
    سوپ به نه پيتو، وات به سڙيو، هي پهاڪو اهڙين حالتن ۾ استعمال ٿئي ٿو، جڏهن ڪو ماڻهو بنا ڪنهن ڳالهه جي مصيبت ۾ ڦاسيو وڃي، يعني نه کايا نه پيا، گلاس توڙا باره آنا.
    • اڪبر ندهد، خداي اڪبر بدهد
    اڪبر کڻي نه ڏئي پر اڪبر جو خدا ته ضرور ڏيندو.
    • اگهه دعاي بچه ها اثر داشت
    يڪه معلم زنده نمي موند
    جيڪڏهن ٻارن جون دعائون اثر رکن ته هڪ به ٽيچر جيئرو نه هجي، هيءَ چوڻي ائين آهي جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته ڳجهن جي پِٽن سان ڍور نه مرندا آهن.
    • اول چاهه را بڪن، بعد منار را بدزد
    مسجد جو مينار چورائڻ کان اڳ کوهه کوٽڻ کپي (يعني جتي اهو لڪائي سگهجي)
    • اينو ڪهه زائيدي بزرگ ڪن
    جيڪي ڄڻين اهي ئي نپائين. اڪثر ڏنگي ٻار لاءِ چيو ويندو آهي.
    • بهه شتر مرغ گفتند: بارببر. گفت، مرغم، گفتند، بپر، گفت شترم. جڏهن اُٺ پکيءَ کي بار کڻڻ لاءِ چيو ويو ته چوڻ لڳو: ”آءٌ ته هڪ پکي آهيان“ ۽ جڏهن هن کي اُڏامڻ لاءِ چيو ويو ته چوڻ لڳو: ”آءٌ ته هڪ اُٺ آهيان“.
    • بهه گربهه گفتند، گهت در مونهه، خاڪ پاشيد روش.
    • ڪنهن ٻليءَ کي چيو ته تنهنجو ٽورو طرياق آهي ته هن مٿانس مٽي وجهي ڍڪي ڇڏيو (جيئن ڪنهن کي فائدو نه رسي). اسان وٽ به اها چوڻي مشهور آهي، ته گدڙ کي جي چوندائو ته تنهنجو ٽورو مريضن لاءِ شفا آهي ته جبل جي چوٽيءَ تي وڃي هنگندو (جيئن ان تائين ڪو پهچي نه سگهي).
    • با گرگ دنبه منخوره، باچوپان گريه ميڪنه.
    * بگهڙ سان گڏ ويهي دنبو کائڻ ۽ ريڍار سان گڏ رڙيون به ڪرڻ يعني چور سان چور ساڌ سان ساڌ.
    * بايڪدست د هندو وانه نميشوس برداشت.
    * هڪ هٿ ۾ توهان ٻه ڇانهيون (هنداڻا) کڻي نٿا سگهو، اسان وٽ ساڳي چوڻي آهي پر ڇانهين بدران گدرا آهن.
    * بدعاي گربگ ڪوره بارون نمياد
    انڌي ٻليءَ جي دعائن سان مينهن نه وسيو آهي
    • بهه روباهه گفتند، شاهدت ڪيهه؟گفت: دمبم
    لومڙ کان پڇيو ويو، تنهنجو شاهد ڪير؟
    وراڻيائينس: منهنجو پڇ
    • با اين ريش ميخواهي بري تجريش
    ڇا تون هن ڏاڙهي سان تجريش وڃڻ چاهين ٿو؟
    يعني تنهنجا حال صحيح نه آهن. (تجريش تهران ڀرسان آهي)
    • يا آل علي هرڪ در افتاد، ور افتاد
    عليءَ سان مقابلو ڪرڻ وارو برباد ئي ٿيندو.


    لورستان ڪهڙي ملڪ جو نالو آهي

    مشهد کان 14 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ بنالود جبلن جي قدمن ۾ خواجه مراد جو مقبرو آهي. جنهن بابت آءٌ شروع جي مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان. خواجه مراد جي مقبري مان موٽي رهيا هئاسين ته ان وقت هڪ بس مان شيعه مڪتب فڪر جي عالمن جو هڪ ڊيليگيشن لٿو. هو ويهارو کن ٿيندا. جيڪي ڊگهن چوغن ۽ پٽڪن سان هئا. سندن منهن جا نقش ويندي ڏاڙهي جو اسٽائيل انهن ايرانين کان بلڪل مختلف هو. جيڪي هيترن ڏينهن کان تهران، مشهد ۽ نيشاپور ۾ ڏسندو آيو هوس. سندن مٿي تي ٻڌل پٽڪي جو نمونو به ٻين ايرانين کان جدا هو. سڀ پنجاهه يا ان کان وڏي عمر جا ٿيندا. مون کي ڏاڍي تشويش ٿي ته هي ڪير ۽ ڪٿان جا ٿي سگهن ٿا. شايد سمرقند يا بخارا پاسي جا هجن. مون اهي شهر ڏٺا نه آهن پر تصويرن ۾ اتي جي رهاڪن کي ضرور ڏٺو آهي. منهنجي ٽولي جا سڀ ساٿي جيتوڻيڪ بس ۾ وڃي ويٺا ۽ مون کي سڏڻ لڳا پر منهنجي دل هنن سان ملئي بنا ۽ اها معلومات حاصل ڪرڻ بنا نه رهي سگهي ته هو ڪٿان کان آيا آهن. اسان جي ٻن پاڪستاني گائيڊن سلمان رضوي ۽ عابد جعفري مان هڪ کي جهلي بيٺو هوس جيئن هو فارسي جا ڄاڻو هجڻ ڪري مون پاران هنن نون آيل مسافرن سان ڳالهائي سگهن. مون وڌي هنن عالمن سان هٿ وڌايو ته هو وڏي حب سان مون سان ملڻ لڳا. منهنجي همٿ افزائي ٿي ۽ مون يڪدم موقعو صحيح سمجهي پنهنجي ڪئميرا ڏي اشارو ڪري چيم ته تصوير ڪڍان؟ مون کي تعجب لڳو ته انڪار ڪرڻ يا ناراضپي جو اظهار ڪرڻ بدران هنن خوشيءَ مان هائوڪار ڪري مون کي پاڻ ڏي ڇڪي وچ ۾ بيهاريو. ڪئميرا عابد کي ڏيئي اردو ۾ چيومانس ته ٻيلي جلدي ڪري هڪ به نه پر پنج ڇهه فوٽو ڪڍي وٺ. هي اهم شخصيتون پڪ ڪن خاص مدرسن يا مذهبي کاتن جا سربراهه هوندا، جن جا هزارين شاگرد سڀاڻي هنن جو فوٽو منهنجي سفرنامي ۾ ڏسي ضرور سڃاڻي ويندا. ۽ واقعي ٿيو به ائين ئي. هو مختلف مذهبي تعليمي درسگاهن جا هيڊ هئا ۽ اهي تصويرون بعد ۾ جڏهن مون پنهنجي ايراني دوستن کي Email ڪيون ته انهن مان به ڪجهه هنن عالمن کي سڃاتو ٿي.
    بهرحال خواجه مراد جي مقبري تي مليل مٿين شيعا عالمن جو ذڪر مون ان ڪري ڪڍيو جو هنن کان جڏهن پڇيوسين ته هو ڪٿان اچي رهيا آهن ته جواب ۾ هنن وراڻيو ته هو لورستان کان آهن. آءٌ اهوئي سوچيندو رهيس ته اهو ڪنهن روسي رياست جو فارسي نالو آهي. جيئن جارجيا کي ايراني گارجستان ٿا سڏين يا عرب جرمني کي المانيا ٿا چون. هوٽل تي اچي الحرمين ٽريول ايجنسي جي مالڪ محمد علي رضوي کان پڇيم ته اهو لورستان، ڪهڙو ملڪ آهي.
    ”سائين لورستان ايران جو هڪ صوبو آهي.“ هن کلندي چيو ان تي مون محسوس ڪيو ته خواجه مراد تي مليل اهي عالم ڪنهن ڌارئين ملڪ جا نه پر هتي جا ئي ايراني هئا. پر جيئن اسان وٽ هر صوبي جي ماڻهن جو قد ڪاٺ ۽ رنگ روپ مختلف آهي، تئين هتي ايران ۾ به آهي. توڻي کڻي سڀ ايراني فارسي ڳالهائين ٿا پر ترڪي جي ڀروارن صوبن جي ماڻهن جي شڪل ترڪن جهڙي آهي، افغانستان جي ڀرواري ايراني صوبي جي ماڻهن جي شڪل پٺاڻن ۽ افغانين سان ملي ٿي.
    ڪجهه ڏينهن بعد ان قسم جو هڪ ٻيو واقعو قم ۾ به ٿيو، شيعن جي اٺين امام علي الرضا جي ڀيڻ بيبي فاطمه معصومه جو مقبرو قم شهر ۾ آهي. ان سان لاڳو هڪ مدرسو به آهي، جتي روزانو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ وڃي اتي جي مختلف عالمن ۽ علم حاصل ڪندڙ ايراني ۽ ٻاهرن ملڪن کان هتي رهندڙ شاگردن سان خبرچار ڪندو هوس. خاص ڪري اسان جي ملڪ جي سنڌي ۽ پنجابي عالمن سان. اتي افتخار احمد گهمرو نالي هڪ 25 سالن جي نوجوان سان پڻ ملاقات ٿي. هن ٻڌايو ته هو سکر ضلعي جي ڳوٺ باگڙجي جو رهاڪو آهي، ٽي سال کن جامع اهل بيت اسلام آباد مان ديني تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن ڪجهه سال هن شهر قُم جي مدرسه حجت مان تعليم حاصل ڪئي ۽ هاڻ هو هتي بيبي فاطمه معصومه جي روضي واري مدرسي ۾ درس تدريس جو ڪم ڪري ٿو. هن کي فارسي تمام سٺي آئي ٿي، ان ڪري ڪنهن سان خبرچار ڪرڻ مهل هن کي ترجمي لاءِ پاڻ سان گڏ رکڻ لڳس. هڪ ڏينهن آءٌ هتي پهتس ته سامهون هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ٻن شيعا عالمن ڏي هن اشارو ڪري چيو: ”هنن کي انگريزي به اچي ٿي ۽ توهان ساڻن Directly ڳالهائي سگهو ٿا.“
    هو ٻئي ناسي رنگ جي عباين ۽ اڇن عمامن (پٽڪن) سان هئا. آءٌ هنن سان گڏ وڃي ويٺس ۽ سندن اڳيان رکيل مذهبي ڪتاب هڪ هڪ ڪري ڏسڻ لڳيس. انهن ۾ ڪجهه سني ليکڪن جا به هئا. هي ٻي ڄڻا سٺي لهجي ۾ ته نه پر صحيح صحيح انگريزي ڳالهائي رهيا هئا. هڪ جو نالو اميدوار علي هو جيڪو اردبيل شهر جو رهاڪو آهي ۽ ٻيو اروميه شهر جو اشرفيس مهدي هو. هنن ٻڌايو ته هنن جي مادري زبان ترڪي آهي ۽ هتي قم جي هن مدرسي ۾ هو اٺن سالن کان علم حاصل ڪري رهيا آهن.
    هنن همراهن جو به هتي ذڪر ان ڪري کڻي ويٺو آهيان، جو هنن کان جڏهن پڇيم ته هو ڪٿان جا آهن، ته هنن ٻڌايو ته هو آذربائيجان جا آهن ۽ ويتر جو هنن ٻڌايو ته هنن جي مادري زبان ترڪي آهي ته مون کي روسي رياست آذربائيجان جو جهازي دوست ”چنگيزي تيمورله“ ياد اچي ويو، جنهن مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي هئي. هو تعليم دوران مون کي سندس ملڪ آذربائيجان جي آزاد ٿيڻ بعد ۽ ان کان اڳ روس USSR جي قبضي ۾ هجڻ وارن ڏينهن جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو، جيڪي ”ملير کان مالمو“ واري سفرنامي ۾ لکيون اٿم. مادري زبان ترڪي هجڻ جي گهڻي ياري اسان جي ترڪي جي جهازي انجنيئر مصطفيٰ سان هوندي هئي ۽ هاڻ جڏهن قم جي هنن عالمن ٻڌايو ته هو آذربائيجان جا آهن ته خوشي وچان آءٌ هنن سان پنهنجي مٿئين آذربائيجاني ڪلاس ميٽ چنگيز جون ڳالهيون ڪرڻ لڳس ته سندن ملڪ جي هن همراهه سان منهنجي دوستي هوندي هئي.... ڏاڍو سٺو ماڻهو هو، وغيره وغيره، چرچائي دوست چنگيز جي ياد ۾ اهڙو ته کوهجي ويس جو دل چيو ته جيڪر ساهه کڻڻ تي به وقت ضايع نه ڪري، هن جون ڳالهيون سندن هم وطني عالمن سان ڪندو رهان ۽ پوءِ جڏهن مون ساهي پٽي ته هنن مان هڪ چيو ته سائين توهان کي غلط فهمي ٿي آهي. اسان ان آذربائيجان (ملڪ) جا نه آهيون پر ايران جي اتراهين صوبي آذربائيجان جا آهيون. اهو ٻڌي پنهنجي گهٽ ڄاڻ تي افسوس ٿيو ۽ هڪ دفعو وري هوٽل تي اچي ساٿين کان معلوم ڪيم ۽ ايران جو نقشو ڏٺو ته خبر پئي ته ايران جو اولهه اتر وارو حصو جيڪو ترڪي ۽ آذربائيجان ملڪ سان ملي ٿو، اتي ايران جي ٻن صوبن جو نالو پڻ آذربائيجان آهي، هڪ اوڀر آذربائيجان ۽ ٻيو اولهه آذربائيجان.
    دراصل سابق روسي رياست آذربائيجان ۽ ايران جا ٻئي صوبا: مشرقي ۽ مغربي آذربائيجان هڪ ئي علائقو هو، جيڪو ايران جي حڪومت هيٺ هو. جيئن بنگلاديش ۽ انڊيا وارو بنگال هڪ ئي بنگال هو، پوءِ 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد ان بنگال جو هڪ حصو مشرقي پاڪستان ٿيو (جيڪو هاڻ بنگلاديش سڏجي ٿو) ۽ ٻيو انڊيا جو صوبو بنگال ۽ هاڻ انڊيا صوبن کي ننڍو بڻائي رهيو آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو بنگال کي ٻه اڌ ڪري هڪ جو اوڀر بنگال نالو رکي ۽ ٻئي جو اولهه بنگال. ان طرح اها صورت به آذربائيجان واري ٿي ويندي. جنهن ۾ به ايران جا صوبا ٿيا ۽ هڪ آذربائيجان ملڪ، جنهن جي گادي جو شهر باڪو آهي.
    پهرين جنگ عظيم کان پوءِ هي باڪو وارو آذربائيجان ۽ ڀر وارا ملڪ آرمينا ۽ جارجيا ڪجهه عرصي لاءِ هڪ ٿي حڪومت هلائڻ لڳا. 1918ع ۾ آذربائيجان هنن کان ڌار ٿيو. پر ٻن سالن بعد 1920ع ۾ روس هن تي حملو ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، جيڪو 1990ع ۾ روسي رياستن ٽٽڻ ڪري وري آزاد ملڪ ٿيو آهي. بهرحال هتي پڙهندڙ جي ڄاڻ لاءِ ڪجهه سٽون ايران جي مختلف صوبن بابت لکڻ ٿو چاهيان جيئن هنن کي انهن جي نالن جي خبر پوي ۽ مون وانگر منجهيل نه رهن. مون کي ياد ٿو اچي ته اسي واري ڏهي ۾ جڏهن جهاز هلائڻ ڇڏي ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ جو ڪم اچي ڪيو هوم ته انهن ڏينهن ۾ مون کي ايران جي مئرين اڪيڊمي طرفان اتي جي اڪيڊمي سنڀالڻ لاءِ فون آيو هو ۽ ان سان گڏ پوسٽ ذريعي نوڪري جي آفر جو خط پڻ پهتو هو. مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته اهو خط بلوچستان يونيورسٽي طرفان هو. اها ته مون کي خبر هئي ته ايران جي مئرين اڪيڊمي، ايران جي جنهن بندرگاهه ”چا بهار“ ۾ آهي اهو گوادر پسني سان بلڪل ڳنڍيل آهي ۽ ان وقت جي دبئي ۽ ديرا وانگر ”چابهار“ ۾ به مڪاني بلوچي ۽ اردو ڳالهائي وئي ٿي پر هي بلوچستان يونيورسٽي جي لوگو وارو ليٽر هيڊ ڏسي ڪجهه گهڙين لاءِ سوچ ۾ پئجي ويس، جو ان وقت تائين مون سمجهيو ٿي ته بلوچستان فقط اسان جي ملڪ ۾ آهي. پر پوءِ خبر پئي ته اسان جي بلوچستان سان جيڪو ايران جو صوبو ڳنڍيو پيو آهي. ان جو نالو به بلوچستان آهي ۽ ان جي بلوچستان يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ نه پر سندن شهر زاهدان ۾ آهي.
    اهڙي طرح ايران جو هڪ صوبو خراسان آهي، جيڪو تمام وڏو هجڻ ڪري ان کي ڪجهه سال اڳ ٽن صوبن ۾ ورهايو ويو آهي. جيئن ته اتر خراسان، ڏکڻ خراسان ۽ رضوي خراسان. انهن ٽن خراسان جي نالي وارن صوبن کان علاوه هڪ هڪ ترڪمانستان، افغانستان ۽ ازبڪستان ۾ پڻ آهي ۽ هي سمورا خراسان صوبا ڪنهن زماني ۾ هڪ علائقو هو. جيڪو ايران (پرشيا) جي حڪومت ۾ آيو ٿي ۽ اڄ وارو سمرقند ۽ بخارا، توڙي مشهد هڪ ئي خراسان جا شهر هئا. جيڪو ايران جو حصو هو، جنهن تي ايران جي بادشاهه جو راڄ رهيو ٿي.


    من خالف فحاشي استم

    پکيڙ ۾ ايران پاڪستان کان ٻيڻو ٿيندو. پاڪستان جي ايراضي اٺ لک کن چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ايران جي ساڍا سورنهن لک آهي. ان حساب سان ايران ملڪ مان يارهن بنگلاديش جهڙا ملڪ ٺهي سگهن ٿا. ايران جي چوڌاري به دلچسپ ملڪ ۽ سمنڊ آهن، سندس ساڄي پاسي يعني اوڀر ۾ اسان جو ملڪ پاڪستان ۽ افغانستان آهي ۽ کاٻي پاسي (اولهه ۾) عراق ۽ ترڪي آهي، مٿي (اتر ۾) ترڪمانستان، آذربائيجان، آرمينيا ۽ دنيا جو کاري ۾ کارو سمنڊ ڪئسپين سمنڊ آهي ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ ايراني نار Gulf ۽ اوماني نار آهي. اسان جا جهاز عمان، دبئي، قطر، بحرين دمام (سعودي عرب) يا ڪويت اچڻ لاءِ عربي سمنڊ لتاڙي اوماني ۽ ايراني نارن ۾ اچن ٿا.
    ايران جو انتظامي نظام هلائڻ لاءِ ايران کي ٽيهن صوبن ۾ ورهايو ويو آهي، صوبي کي فارسي ۾ اوستان سڏين ٿا. هر صوبي جو انتظام هلائڻ لاءِ ان مٿان گورنر مقرر ٿيل آهي. جيئن اسان وٽ هر صوبي لاءِ گورنر آهي. فارسي ۾ گورنر جي عهدي کي استاندار سڏين ٿا. دار جي لفظي معنيٰ ”وارو“ آهي يعني استان وارو، جيئن ان قسم جا فارسي لفظ پاڻ وٽ به استعمال ٿين ٿا، مالدار (مال وارو) خاردار (ڪنڊن وارو) دلدار (دل وارو) وغيره.
    جيئن اسان وٽ هر صوبو ڊويزن، ضلعن، تعلق، تپن ۽ ديهن ۾ ورهايل آهي، تيئن هتي جو هر صوبو ڪائونٽين ۾ ورهايل آهي. جيڪي شهرستان ٿا سڏجن ۽ هر شهرستان بخشن (ضلعن) ۾ ۽ ضلعا ديهستانن ۾ ورهايل آهن. 1950ع تائين ايران ۾ فقط ٻارهن صوبا (اوستان) هئا پر هاڻ سڄي ايران کي ٽيهن صوبن ۾ ورهايو ويو آهي. هونءَ ته ايران جو سڀ ۾ وڏو صوبو خراسان هو، جيڪو سمجهو ته اسان جي سنڌ ۽ پنجاب صوبن جيڏو ٿيو ٿي. سنڌ ۽ پنجاب جي جملي پکيڙ ٽي لک کن چورس ڪلوميٽر آهي ۽ خراسان جي اڍائي لک هئي. پر هاڻ خراسان مان ٽي صوبا ڪيا ويا آهن: اتر خراسان، ڏکڻ خراسان ۽ انهن جي وچ ۾ رضوي خراسان آهي. رضوي خراسان ۾ مشهد ۽ نيشاپور جهڙا تاريخي شهر هجڻ ڪري تمام گهڻا مڪاني توڙي ڌاريان، شيعن جي اٺين امام علي رضا جي روضي جي زيارت تي اچن ٿا.
    اڄڪلهه جي حساب سان ايران جو صوبو بلوچستان ۽ ڪرمان سڀ ۾ وڏا آهن. ايران جو هي صوبو بلوچستان اسان جي بلوچستان ۽ افغانستان جي بارڊر سان مليل آهي. جاگرافي حالت اها ئي اسان جي بلوچستان جهڙي اٿس. يعني جبل ۽ گهٽ آدمشماري. مينهن به تمام گهٽ ٿو وسي، ان ڪري گهڻي ڀاڱي سوڪڙ آهي. هونءَ ته ايران جو سرڪاري مذهب شيعا اسلام آهي ۽ ملڪ جي اڪثريت شيعا آهي پر بلوچستان جا ايراني سني مسلمان آهن. بلوچستان جو اتر وارو حصو سيستان سڏجي ٿو. هتي رهندڙ قومون بلوچ ۽ بروهي آهن. ايران جو بندرگاهه چا بهار جتي ايران جي مرچنٽ نيوي جي اڪيڊمي آهي، هن ئي صوبي ۾ آهي. چا بهار کان علاوه زاهدان، زبول، سراوان، خاش ۽ ايران شهر هن صوبي جا شهر آهن. ايران جو مشهور مذهبي ليڊر سيد علي حسيني سيستاني به هن صوبي جو آهي. جيتوڻيڪ اڄڪلهه هو عراق جي شهر نجف ۾ رهي ٿو. ايران جو ديومالا ئي هيرو رستم جنهن کي طوس جي شاعر فردوسي پنهنجي شاهنامي ۾ امر بنائي ڇڏيو آهي، پڻ هتي جو آهي. اسان جي ملڪ جا ڪيترائي شاگرد هن صوبي جي زبول يونيورسٽي ۽ زاهدان ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پڙهن ٿا. ايران جي مشهور مير داد شاهه جو تعلق پڻ بلوچستان سان آهي. مير داد شاهه هڪ بلوچ هاري هو، جيڪو پنجاهه واري ڏهائي ۾ ايران جي صوبي بلوچستان جي هڪ ڳوٺ نيلاگ ۾ رهيو ٿي. هن ايران جي شهنشاهه محمد رضا پهلوي جي حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو. سندس زال بيبي هاتون پڻ هن سان گڏ ويڙهه ڪئي. کين عراق جي به مدد شامل هئي، پر اڳتي هلي مير داد شاهه جي پنهنجي ئي قبيلن جي سردارن هن جو ساٿ ڇڏي ڏنو ۽ 1957ع ۾ بندوقي جنگ ۾ مارجي ويو.
    مير داد شاهه جي زندگي ته ايران ۾ خميني جي انقلاب بعد 1983ع ۾ ”داد شاهه“ نالي فلم پڻ ٺاهي وئي. جنهن ۾ داد شاهه کي هيرو ڪري ڏيکاريو ويو آهي ته هو ڪيئن جبلن ۾ رهائش اختيار ڪري شاهه جي حڪومتي فوجين سان مقابلو ڪندو رهيو ۽ پنهنجي زال ۽ دوستن کي سندن چنبي مان آزاد ڪيو ۽ زاهدان جي قبائلي سردار محمد دراني کي شڪست ڏني.
    ايران جو ڪرمان صوبو جيڪو بلوچستان جي بلڪل ڀر ۾ آهي. تقريبن بلوچستان جيڏو ئي آهي. هوائي جهاز رستي تهران اچڻ مهل توڙي ڪوئيٽا کان ريل رستي ايندي وقت ايران جي هنن ٻنهي صوبن مان لنگهڻو پوي ٿو ۽ پوءِ اڳتي يزد، اصفهان ۽ قم صوبن مان ٽپي تهران پهچجي ٿو. ڪرمان پراڻن ٻارهن صوبن مان هڪ آهي، جيڪو اصلوڪي صورت ۾ آهي. صوبي جو وڏو شهر ۽ گادي جي شهر جو نالو پڻ ڪرمان آهي. جيئن خيرپور يا بهاولپور رياستن جا نالا آهن ته انهن جي وڏن شهرن جا به ساڳيا نالا آهن. ايران جا به ڪجهه صوبا اهڙا آهن جن جا وڏا شهر يا گادي جا شهر ساڳي نالي سان آهن، جيئن ته يزد، اصفهان، قم، تهران، حمدان، بشير وغيره هونءَ ڪرمان نالي ايران ۾ هڪ ٻيو به صوبو آهي، جيڪو ڪرمان شاهه سڏجي ٿو. هي هڪ تمام ننڍڙو صوبو اٽڪل 25000 چورس ڪلوميٽرن تي ايران جي بلڪل اولهه ۾ عراق جي بارڊر وٽ بغداد جي ويجهو آهي. سندس وڏي شهر جو نالو پڻ ڪرمان شاهه آهي.
    اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ڳوٺاڻا زائرين عراق کان ايران موٽڻ وقت ڪرمان بدران ڪرمان شاهه ۾ ئي لهي پوندا آهن. جيتوڻيڪ ڪرمان ٻئي ڇيڙي تي ٿيو، جيئن آمريڪا ۾ واشنگٽن شهر، جيڪو واشنگٽن ڊي سي سڏجي ٿو، بلڪل اوڀر ۾ آهي ۽ ساڳي نالي واري رياست (واشنگٽن) USA جي بلڪل ٻئي پوڇڙ تي اولهه ۾ آهي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ايترو فاصلو آهي جيترو ڪراچي کان ڪوالا لمپور.
    ڪجهه عرصي لاءِ ڪرمان شاهه صوبي کي بختاران پڻ سڏيو ويو ٿي. پر 1990ع کان وري ساڳي نالي سان سڏجڻ لڳو آهي. ڪرمان شاهه شهر کان تهران 530 ڪلوميٽر آهي ۽ ڪرمان شهر ته اڃا به پري ٿيو. ڪرمان صوبي جي شهر ڪرمان کان علاوه بام پڻ مشهور شهر آهي. جنهن ۾ 26 ڊسمبر 2003ع تي وڏو زلزلو آيو هو. جنهن ۾ 80 هزار ماڻهو مري ويا ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا هئا. دٻيل ماڻهن ۾ هڪ 97 سالن جي پوڙهي عورت شهربانو مازندراس به هئي. جيڪا اٺن ڏينهن بعد جڏهن ٻاهر ڪڍي وئي ته دنيا کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته اها جيئري هئي. زلزلي بعد شهزادو چارلس پڻ هتي آيو هو، پاڪستان کان به ايڌي ۽ ٻيا ڪيترائي، زلزلي ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد لاءِ آيا هئا. ڊان اخبار جي فوٽوگرافر خدا بخش ابڙي جي ڪڍيل تصويرن کي انعام يافته قرار ڏنو ويو هو. ڪرمان ۽ بام کان علاوه رفسنجان، ماهان، ڪاهان نوج، سرجان پڻ هن صوبي جا مشهور شهر آهن. هن صوبي ۾ به ڊزن کن يونيورسٽيون آهن.
    ايران جو صوبو لورستان جنهن جي احوال گذريل مضمون ۾ ٿي چڪو آهي، اهو ڪرمان شاهه صوبي جي ڀر ۾ هتي جي مشهور جبلن جي قطار زئگروس جي وچ ۾ آهي. لورستان به ڪو وڏو صوبو ناهي. بس ڪرمان شاهه ۽ ڀروارن صوبن ڪردستان ايلام، زنجان ۽ بشير جيڏو ٿيندو. لورستان جا وڏا شهر خرم آباد، بور جرد، ڪوه دشت، علي گدارز، پل دفتر وغيره آهن. بورجرد ۾ امام زادي جعفر جي مقبري کان علاوه ڪيترائي ماڻهو هتي جي جامع مسجد ۽ سلطاني مسجد ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.
    امامزاده جعفر شيعن جي چوٿين امام، علي ابن حسين (علي زين العابدين) 713-658 جو پوٽو هو. سندن پورو نالو ابوالقاسم جعفر ابن الحسين آهي. هي مقبرو يارهين عيسوي صدي ۾ سلجوق حاڪمن ٺهرايو هن مقبري جي عمارت اٺاس (اٺ ڪنڊي) جي شڪل ۾ آهي ۽ سندس مٿان ٺهيل گنبذ گول هجڻ بدران آئيس ڪريم ڪون وانگر ڊگهو (25 ميٽر) آهي. اندر گهڙڻ سان جيڪي ٻه وڏا هال آهن انهن ۾ ڪاشيءِ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي جيڪو صفوي (16 صدي) ۽ ڪاچاري (19 صدي) جي حاڪمن جي دور جو آهي.
    ايران جي صوبي لورستان جي شهر برو جرد (Broujerd) جي جامع مسجد، زئگروس جي جابلو علائقن جي سڀ کان پراڻي مسجد آهي. جيڪا 3 هجري صدي (9 عيسوي صدي) جي ٺهيل آهي. بروجرد شهر جي وچ ۾ هڪ ٻي وڏي مسجد سلطاني مسجد سڏجي ٿي. جيڪا مسجد فتح علي شاهه ڪاچاري حاڪم اڄ واري صورت ۾ آندي، ڪاچاري سلطنت بعد جڏهن ايران تي پهلوي حاڪم ٿيا ته هن مسجد جو نالو ”شاهه مسجد“ رکيو ويو. اڄ ڪلهه هيءَ مسجد امام خميني مسجد سڏجي ٿي. 2006ع ۾ جيڪو بروجرد ۾ زلزلو آيو، ان ۾ هيءَ مسجد ڪافي شهيد ٿي وئي. فلمن جي شوقينن لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته ايران جو مشهور فلمساز پرويز شهبازي جو تعلق هن صوبي لورستان سان آهي. پاڻ 1962ع ۾ هن صوبي جي وڏي شهر خرم آباد ۾ ڄائو. اسان جي ايراني دوست ڪئپٽن سيف علي جي ڊاڪٽر پٽ ٻڌايو ته شهبازي تهران جي ”ڪاليج آف ريڊيو اينڊ ٽيليوزن“ مان بنيادي تعليم حاصل ڪئي ۽ پهرين هن فلمن لاءِ ڪهاڻيون لکيون. سندس پهرين فيچر فلم Traveler from the south آهي، جيڪا 1996ع ۾ ٺهي ۽ ٻي فلم جيڪا تمام گهڻي مشهور ٿي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي Festivals ۾ ڏيکاري وئي ۽ کيس بين الاقوامي شهرت حاصل ٿي اها سال Whispers 2000 هئي. ان بعد 2002ع جي فلم Deep Breath آهي، جنهن کي فرانس جي ڪئنيز فلم فيسٽول ۾ تمام گهڻي ڪاميابي حاصل ٿي. منهنجي هن ايراني دوست جي ٻارن ٻڌايو ته اهي فلمون دراصل پهرين فارسي ۾ ٺاهي پوءِ انگريزي ۾ ڊب ڪيون ويون. يا انهن مٿان ٻين زبانن جا سب ٽائيٽل ڏنا ويا. انهن فلمن جا فارسي نالا هن ريت آهن، مسافر جنوب، نجوا، نفس عميق، هنن ٻڌايو ته شهبازي جي هڪ تازي فلم جيڪا ٻه سال کن اڳ ٺهي آهي. ”بي آهستگي“ آهي، جنهن جو انگريزي نالو Gradully رکيو ويو آهي. پاڪستان موٽڻ وقت هنن مون کي شهبازي جي هڪ پراڻي 1999ع جي فلم One More Day جي سي ڊي ڏني جيڪا اصل فارسي فلم ”يڪ روز بيشتر“ جو ترجمو آهي.
    پنهنجي ايراني مولوي ٽائيپ دوست جي نوجوان ٻارن کي فلمن بابت ايترو ڳالهائيندو ٻڌي حيرت ٿيم. ”ڇو ڀلا خميني طرفان توهان کي فلمون ٺاهڻ ۽ ڏسڻ تي جهل پل ناهي ڇا؟“ مون کلندي پڇيو مان، دوست جي ڌيءَ جنهن جو نالو دلڪش آهي، ۽ B.Sc ڪمپيوٽر جي شاگردياڻي آهي، تنهن چيو ته ”انڪل! ڪو ڪتاب پڙهڻ يا فلم ڏسڻ خراب ڪم ناهي. خراب ڳالهه تڏهن آهي جڏهن توهان ڪو خراب ڪتاب پڙهو يا فحش فلم ڏسو جنهن سان توهان جي اخلاق تي اثر پوي.“
    هنن ٻڌايو ته خمينيءَ کان جڏهن سئنيمائون بند ڪرڻ جو پڇيو ويو ته هن چيو:
    من مخالف سئنيما نيستم
    من مخالف فحاشي استم
    يعني آءٌ سئنيمائن جي خلاف نه آهيان پر آءٌ فحاشي جي خلاف آهيان.
    مون سان گڏ سفر ڪندڙ ڪراچي جي سخي مرد سجاد مکي ۽ ان جي ڀيڻ خيرالنساءِ ٻڌايو ته ايران جون ڪجهه فلمون پاڪستان ۾ به ايترو ته مشهور ٿيون آهن جو انهن جون سي ڊيون جتي ڪٿي ملن ٿيون ۽ ڪراچي جي ڪجهه سئنيما هالن ۾ ڏيکاريون پڻ وڃن ٿيون. انهن مان ڪجهه فلمون هن ريت آهن:
    غريب طوس، جيڪا شيعن جي اٺين امام علي رضا تي ٺهيل آهي.
    شهيد ڪوفا (امام علي تي ٺهيل فلم)، مريم مقدس، سفر عشق، ابراهيم خليل الله، عيسيٰ ابن مريم، اصحاب ڪِهف، تنها ترين سردار (حضرت امام حسين تي ٺهيل فلم) وغيره.


    تڏهن به نٿا سڌرون...

    اڄڪلهه جي دور ۾ ڌارين ملڪن ۾ گهمڻ لاءِ وڃڻ، ڏکي ڳالهه ٿي پئي آهي- خاص ڪري هڪ پاڪستاني لاءِ، هڪ ته اسان جي ملڪ ۽ ماڻهوءَ جو ڏينهون ڏينهن خراب اميج ٿيڻ ڪري اسان کي ڪوبه ملڪ سولائي سان ويزا نٿو ڏئي ۽ جي ڏئي به ٿو ته ان ملڪ جا ماڻهو، توڙي کڻي اهو اسان جو مسلمان عرب ملڪ هجي يا ملائيشيا، سنگاپور، ٿائيلنڊ- اسان کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ۽ شل نه ڪنهن ملڪ ۾ توهان جو مجبوري يا ڀل چڪ ۾ مليل ويزا کان هڪ ڏينهن به وڌيڪ ترسڻ ٿي پوي. اميگريشن اهوئي شڪ ڪندي ته توهان غيرقانوني طرح سندن ملڪ ۾ رهڻ ٿا چاهيو، شل نه توهان جو پاسپورٽ گم ٿي وڃي. ڌارئين ملڪ جي پوليس ته توهان تي شڪ ڪندي پر ان ملڪ ۾ موجود توهان جو پنهنجو ملڪي سفارتخانو به چوندو ته توهان پڪ ڪنهن تامل يا فلسطيني گوريلي کي وڪيو آهي. توهان وٽ سفر جا صحيح ڪاغذ ۽ پاسپورٽ هوندو ته به هر ملڪ جو اميگريشن ۽ ڪسٽم کاتو ان کي ور ور ڏيئي پيو ڏسندو ته اهي جعلي ته نه آهن، ۽ شل نه توهان وٽان ڪو جعلي نوٽ نڪري اچي، توهان کڻي اُٺ قسم جا کڻو، ته به توهان سان ڪو همدردي نه ڪندو ته توهان کي هنن جي ملڪ جي ”مني چينجر ٺڳيو آهي،“ هر ڪو چوندو ته توهان پاڪستاني ٺڳ آهيو، پنهنجي ملڪ مان جعلي نوٽ ڇپي آيا آهيو.
    انهن مٿين مصيبتن کان علاوه اسان جي ملڪ جي سڪي جو قدر گهٽجي ويو آهي. 1968ع ڌاري جڏهن آءٌ پهريون دفعو آمريڪا ويو هوس ته بليڪ تي به آمريڪن ڊالر وڌ وڌ چئين رپئي ملندو هو. جپاني سڪي کان اسان جو رپيو مضبوط هو. 4 رپين ۾ (يعني هڪ ڊالر ۾) 400 رپيا ملندا هئا. ان وقت جهاز تي جونيئر انجنيئر هئاسين، پگهار تمام گهٽ هو ته به آمريڪا، يورپ ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ ٽئڪسي ۾ هلبو هو. ان بعد جهاز جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ٿي وياسين. پگهار وڌي ويا پر اسان جي ناڻي جي Value وئي ڪرندي، نتيجي ۾ ڪنهن سٺي هوٽل ۾ ماني کائڻ يا ٽئڪسي کي سڏ ڪرڻ خواب بڻجي ويو. بس ۾ سفر ڪرڻ جو به سوچڻو پيو ٿي ۽ هاڻ ته اسان جي ناڻي جي حالت اڃان خراب ٿي وئي آهي. ان ڪري هر ملڪ ۾ اسان لاءِ اسان جي ڪمزور ۽ نستي رپئي ڪري، هر شيءَ مهانگي ٿي پئي آهي. ان کان علاوه سڄي دنيا ۾ تيل، سون، ان ۽ کير جا اگهه وڌڻ ڪري هيڪاندي مهانگائي ٿي پئي آهي. هوائي جهاز جا ڀاڙا ۽ هوٽلن جي ڪمرن جون مسواڙون وڌي ويون آهن. 1990ع تائين روسي ايئر لائين جي ڪراچي کان ڪوالالمپور اوٽ موٽ جي ٽڪيٽ ڇهه هزار روپيه هئي. اڄ ويهن سالن اندر ستوڻ ٿي وئي آهي. يعني 42 هزار روپيه! ڪراچي کان ڪوالالمپور ته وري به ڇهن ڪلاڪن جو پنڌ آهي، ڪراچي کان ممبئي فقط ڏيڍ ڪلاڪ جو رستو آهي ته به هوائي جهاز ۾ وڃڻ تي 27 هزار خرچي اچي ٿو. سو اهڙي صورت ۾ جي ڏٺو وڃي ته گهمڻ ڦرڻ جي شوقين لاءِ اڄ ڪلهه فقط ٻه ملڪ وڃي بچيا آهن ۽ اهي آهن اسان جا پاڙيسري ملڪ: انڊيا ۽ ايران، ٻنهي ملڪن ۾ باءِ بس يا باءِ ٽرين وڃي سگهجي ٿو، ان ڪري انهن ملڪن تائين پهچڻ لاءِ ڀاڙو تمام گهٽ ٿئي ٿو. ڌارئين ملڪ ۾ مسافر لاءِ ٻئي نمبر تي مسئلو رهائش ۽ کاڌي پيتي جو ٿئي ٿو. انڊيا ۽ ايران ۾ اهي ٻئي شيون سستيون آهن. جتي فائو اسٽار هوٽلن جي ڪمري جي هڪ ڏينهن جي مسواڙ ڏهن کان پندرهن هزار آهي اتي ٻه سو يا ٽي سو روپين واري Sharing ڪمري واريون، بنا A.C جي هوٽلون پڻ آهن. هونءَ به ٿڌي موسم ۾ ايئر ڪنڊيشنر جي ڪهڙي ضرورت ۽ اسان جهڙو عام ماڻهو پنهنجي ملڪ جي آفيس يا گهر ۾ ڪهڙو ايئر ڪنڊيشنر هلائي ويهي ٿو؟ سو انڊيا ۽ ايران جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ رهائش جو اسان جي ملڪ کان گهڻو گهڻو سستو ۽ بهتر بندوبست آهي ۽ امن و امان جي حالت به اسان جي ملڪ کان گهڻي گهڻي بهتر آهي. جيسين کاڌي پيتي جو سوال آهي اهو به انڊيا ۽ ايران ۾ اسان کان بهتر، سستو ۽ سٺو آهي. هڪ وڏي هوٽل تي ويهي ٻن ٽن ڊشن جو آرڊر ڪبو ته اهو ظاهر آهي جتي ڪٿي کيسا خالي ڪندو پر گذاري لاءِ يا ويلي ٽارڻ لاءِ ٻنهي ملڪ ۾ بهترين ۽ سستيون شيون ملن ٿيون. انڊيا ۾ هر اسڪول، ڪاليج يا آفيسن اڳيان گاڏي وارا گرم گرم ڦلڪا ۽ ڀاڄي وڪڻندي نظر اچن ٿا ۽ نه رڳو شاگرد پر آفيسر به اتان لنچ ڪن ۽ ڏهه پندرهن رپين ۾ گذارو ٿيو وڃي. جيڪو اسان جي ملڪ جي شهرن ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ ناممڪن آهي. ايران ۾ به جيڪي هر وقت تازا، خوشبودار ۽ نرم نان اسان جي چئن يا پنجن روپين ۾ ملن ٿا، انهن سان ڪو ڀاڄي يا ڪواب وٺي کائي سگهي ٿو. ٽيهه چاليهه رپين ۾ ته سٺي لنچ يا ڊنر ٿي سگهي ٿي، جنهن جهڙي اسان جي ملڪ ۾ ناممڪن آهي، ان کان علاوه اسان جي ملڪ جي هوٽلن ۾ کاڌي ۾ گيهه استعمال ٿئي ٿو يا گريا، گوشت به تازي ڪُٺل ڪڪڙ يا ٻڪري جو آهي، يا مردار ڪڪڙ ۽ بيماري ۾ ورتل ڪنهن پوڙهي ڍور جو آهي- ڪا خبر نٿي پوي. حڪومت جي نجي ادارن يا ڪنزيومر سوسائٽي طرفان ڪا چيڪنگ ناهي. ان معاملي ۾ ايران صاف سٿرو ۽ نيڪ ملڪ آهي. جنهن جي هوٽلن وارن جي دلين ۾ خدا جو (يا حڪومت جي ڏنڊي جو) خوف آهي. انڊيا ۾ ته گوشت جهڙيون شيون عام آهن ئي ڪونه، ڪيترين ئي قسمن جون ۽ تازيون ڀاڄيون ۽ داليون رڌيون وڃن ٿيون. جيڪي هڪ مسافر لاءِ بهترين آهن. آءٌ هميشه مسافري تي نڪتل کي اها ئي نصيحت ڪندو آهيان ته پرديس ۾ دال ۽ ڀاڄي جهڙو سستو کاڌو کائجي ۽ گهٽ کائجي. اجايو گهڻو کائي بيمار ٿي، گهمڻ ڦرڻ کان ويهي نه رهجي. بهرحال ايران اهڙو ملڪ آهي. جتي توهان گوشت ۽ مڇي کائڻ جو به شوق پورو ڪري سگهو ٿا. جتي جي هر هوٽل جو جهڙو ڊائننگ هال صاف ٿئي ٿو اهڙو ئي هن جو رڌڻو رهي ٿو ۽ اهڙائي رڌ پچاءُ ڪرڻ وارا. ائين ته سعودي عرب ۾ به قاعدي قانون جي سختي هجڻ ڪري کاڌي پيتي جي هر شيءِ تازي ۽ هائيجنڪ ملي ٿي، پر ڇا ته مهانگائي آهي! عرب مالڪ ته مالڪ پر انهن جا چمچا سيلزمين به حاجين جا کيسا ٿا ڪترين. ڇا توهان مڪي، مديني يا جدي ۾ پاڪستاني سٺ رپين ۾ ايترو چلو ڪباب (چانور ۽ ڪواب) حاصل ڪري سگهندائو جيترو ايران ۾ ملي ٿو، جنهن مان ٻه ماڻهو کائي سگهن؟
    منهنجو انڊيا ۽ ايران، سڄي عمر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گذارڻ بعد آخر ۾ وڃڻ ٿيو، جڏهن جهاز هلائڻ ڇڏي پنهنجي وطن اچي رٽائرمينٽ جي زندگي گهارڻ لڳس. پر ٻنهي ملڪن ۾ وڃي حيرت ٿيم ته ٻئي ملڪ تاريخ، تهذيب، تمدن ۾ ڪيڏو امير آهن. ائين ته پاڪستان به ننڍي کنڊ جو حصو آهي، پر انڊيا ۽ ايران وارن تاريخ جي هر شيءَ ساڳي حالت ۾ برقرار رکي آهي پوءِ اهي چاهي کڻي مسجدون ۽ مندر هجن يا ڪوٽ ۽ قلعا، قرآني نسخا هجن يا آتش پرست ۽ هندو راجائن جا Sataues. ايران توڙي انڊيا هڪ گلدستي مثل آهي، جنهن ۾ مختلف صوبن جا گل آهن ۽ هر هڪ گل جي پنهنجي خوشبوءِ ۽ رنگت هجڻ جي باوجود هو هڪ نظر اچن ٿا. ٻنهي ملڪن جي هر صوبي ۾ جتي هندي يا فارسي ڳالهائي وڃي ٿي. اتي ان صوبي جي زبان جا راڳ ۽ گيت به عام ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. جتي هر مذهب جو ماڻهو پنهنجا خوشي جا ڏينهن آزادي سان ملهائي ٿو، جتي هر ماڻهو پنهنجي قومي، صوبائي يا مذهبي ڊريس پائي فخر محسوس ڪري ٿو ۽ سڀ هڪ ٻئي جي غمين خوشين ۾ شريڪ ٿين ٿا.
    ايران ۽ انڊيا ۾ وڃي اهو محسوس ٿيو ته اهي ٻئي ملڪ مشرق ۽ مغرب جو هڪ عجيب مڪسچر آهن. ائين ئي ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جي ملڪن جون حڪومتون توڙي ماڻهو پڻ اهو Claim ڪن ٿا، پر جيڪو ايران ۽ انڊيا جو جهونو ڪلچر، تاريخ توڙي ادب آهي، ان جو ٻيو ڪهڙو ملڪ مقابلو ڪري سگهي ٿو؟ ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سوچيان ٿو ته اسان جا ماڻهو اجايو ڏورانهن ملڪن ڏي وڃن ٿا. انڊيا ۽ ايران اهڙا ملڪ آهن جتي جهوني کان جهونيون شيون به آهن ته ماڊرن دور جون به موجود آهن. اهي ٻئي ملڪ تعليم، صحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تمام گهڻو اڳيان نڪري ويا آهن. ايران جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ڏسي حيرت ٿي لڳي. ڇا هتي جا ڊسيپلينڊ شاگرد ۽ اعليٰ تعليم يافته، محنتي ۽ ايماندار پروفيسر آهن. چاهي ديني مدرسا هجن يا ميڊيڪل ڪاليج، انجنيئرنگ يونيورسٽيون هجن يا اسلامي تعليم گاهه جتي ڪٿي شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ۽ ٽيچر پڙهائڻ ۾ مشغول آهيان. اعليٰ معيار، ڊسيپلين ۽ امن امان جي بهتر حالتن ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا شاگرد نظر اچن ٿا. انڊيا جا تعليمي درسگاهه ته سالن کان مشهور آهن. پوني جهڙي شهر ۾ به ايترا بين الاقوامي معيار جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن جو ڪيترائي ٻاهر جي ملڪن جا هتي پڙهڻ اچن ٿا.
    پوني پهچڻ ۽ ڇڏڻ واري ڏينهن تي جڏهن آءٌ پوليس اسٽيشن تي رپورٽنگ لاءِ ويس ته مون کي هر دفعي پنجاهه کان سو کن مختلف ملڪن جا شاگرد نظر آيا. جيڪي ان وقت پنهنجن ملڪن کان پوني جي مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ لاءِ پهتا هئا. هيءَ آفيس صبح جو ڏهين کان شام تان کليل رهي ٿي ۽ مون ڏٺو ته هڪڙا آيا ٿي ۽ پنهنجي ويزا تي ٺپو هڻائي نڪتا ٿي ته ٻيا آيا ٿي. ٿورا ٿورا تڏهن به سڄي ڏينهن ۾ پوني ۾ هڪ سو شاگردن جي آمد ٻڌجي ته معنيٰ مهيني ۾ 3000 کان مٿي شاگرد اچن ٿا. پوني جي پوليس ڪمشنر مطابق پوني جي مختلف تعليمي ادارن ۾ 15000 کن ڌارين ملڪن جا شاگرد آهن ۽ اهو انگ ته فقط هڪ شهر پوني جو آهي. سڄي انڊيا ۾ ڪيترا ته فارين شاگرد هوندا! ان مان انڊيا جي ناموس هڪ طرف ٿئي ٿي ته غير ملڪي زرمبادلي جي ڪمائي ٻئي طرف. منهنجي ڀروارين ڪرسين تي ويٺل شاگردن کان سندن ملڪن جا نالا پڇيم ته اهي افغانستان، يمن، سريلنڪا، مالديپ، زئنزيبار ۽ ٻين آفريڪي ۽ عرب ملڪن جا هئا. هڪ ٻه ملائيشيا کان به هئا جن سان ملئي زبان ۾ خير عافيت ڪري پنهنجائپ جو احساس ڏياري جڏهن مون هنن کان پڇيو ته هو پاڪستان ۾ پڙهڻ لاءِ ڇو نٿا وڃن ته جواب ۾ هنن انهن ئي حقيقتن ڏي اشارو ڪيو ته:
    • پاڪستان ۾ تعليم جو معيار ڪري پيو آهي.
    • پاڪستان ۾ بدامني آهي
    • پاڪستان ۾ پڙهائي، ٽيوشن ۽ هاسٽل جون فيون ڳريون آهن.
    گذريل سال آمريڪا ۾ هوس جتي مون ڏٺو ته اتي جي مختلف ادارن ۽ ڪاروبار ۾ انڊيا جي تعليم يافته کي جلدي نوڪري ڏني وڃي ٿي. ايتريقدر جو هڪ ٻه پاڪستاني ڪمپنين ۾ ڏٺم ته اهي به پاڪستان کان وڌيڪ انڊيا جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪن ٿا. مون جڏهن ان جو سبب معلوم ڪيو ته جواب مليو ته ساڳئي ڊگري وارو انڊين پاڪستاني کان وڌيڪ قابل آهي، انڊين گهٽ پگهار تي به خوش رهي ٿو. هو ايمانداري سان ڪم ڪري ٿو، گسائي ته نٿو پر موڪل واري ڏينهن ڪم تي سڏڻ تي به بڇڙي شڪل نٿو ڪري وغيره.
    ان بعد جڏهن مون کي ممبئي يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ ۽ ڪئمپس اندر هفتو کن رهڻ جو موقعو مليو ته مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته يونيورسٽي رات جو ٻارهين تائين کلي پئي آهي. شاگرد توڙي پروفيسر سادن ڪپڙن ۾ ۽ سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي باقي سڀ پبلڪ بس مان لهي پنڌ ئي پنڌ پنهنجي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ڏي پيا وڃن. ڪئنٽين ۾ به سڀ پٽاٽن جي ڦنگي ڀاڄي سان چپاتي، يا اڊلي، ڊوسا کائي گذر ڪن ٿا. هنن کي هر وقت علم حاصل ڪرڻ جي اون ۽ الڪو رهي ٿو. انڊيا ۽ ايران جي تعليمي ادارن توڙي اسپتالن کي ڏسي منهنجي دل ۾ هر وقت اها خواهش ٿئي ٿي ته ڪاش اسان جي يونيورسٽين ۽ اسپتالن جا شاگرد، پروفيسر ۽ ڊاڪٽر، پاڙيسري ملڪ گهمي ڪجهه پرائين. ملائيشيا جا ماڻهو به پنهنجي پاڙيسري ملڪ سنگاپور کي ڏسي سکي ويا. پر اسان ڪهڙا ماڻهو آهيون، جنهن جي هڪ پاسي انڊيا آهي ۽ ٻئي طرف ايران پر تڏهن به نه ٿا سڌرون.


    وز جدائيها شڪايت مي ڪند

    ايران اسان جو هڪ پاڙيسري، خوبصورت ۽ تاريخي ملڪ آهي، جنهن جا ماڻهو پڙهيل ڪڙهيل، اخلاق ۽ غيرت وارا ۽ بيحد محنتي آهن. قدرت طرفان هنن کي سٺي موسم، ڌاتن، پيٽرول ۽ گئس سان مالا مال جبل ۽ ڌرتي نصيب ٿيل آهي، جنهن تي هر قسم جي پوک ٿئي ٿي. شروع ۾ به لکي چڪو آهيان ته تاريخ جي حوالي سان ايران جو نه فقط هڪ هڪ صوبو پر هڪ هڪ شهر وڏي اهميت رکي ٿو. منهنجي ايران اچڻ جي پروگرام جو ٻڌي مالمو (سئيڊن) ۾ رهندڙ منهنجي هڪ واقفڪار ايراني فيملي طرفان مون کي هر وقت اها راءِ ڏني وئي ٿي ته آءٌ شيراز، تبريز ۽ اصفهان ضرور وڃان.
    ”ڇو ڀلا مشهد نه؟ مون هن پارسي فيملي کان پڇيو جيڪا گذريل ٽيهن سالن کان سئيڊن ۾ رهي ٿي جن جي اڪيلي ڌيءَ مئرينا جي شادي سئيڊن جي هڪ مڪاني باشندي سان ٿي هئي. سئيڊن جي جنهن يونيورسٽي مان اسان مئرين انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي، اتي جي ريڪٽر جي هوءَ سيڪريٽري آهي.
    ”مشهد لاءِ ان ڪري زور نٿي ڀريان، مئرينا منهنجي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته توهان مسلمان مشهد ۽ قم ته هر صورت ۾ ويندائو پر توهان ليکڪ جي حيثيت سان اسان جي ايران جا ٻيا شهر به ڏسجو.“
    هن جي ڳالهه بلڪل سچي آهي، جو اسان جي ملڪ جو ٽوئرسٽ، خاص ڪري زائرين، جيڪي ايران اچن ٿا، انهن لاءِ ايران معنيٰ فقط مشهد ۽ قم آهي. ان ڪري ٻيا شهر ڏسڻ لاءِ بعد ۾ مون کي پنهنجي قافلي کان الڳ ٿيڻو پيو ۽ اڄ پڙهندڙن کي اهو ئي Suggest ڪندس ته ايران ۾ هفتو ٻه وڌيڪ رهي ايران جا ٻيا شهر اصفهان، شيراز، تبريز، زاهدان، ڪرمان ۽ تهران وغيره به ضرور گهمن- خاص ڪري جي هنن کي تاريخ ۽ شعر و ادب سان دلچسپي آهي ته ايران ٽيهن صوبن جو هڪ گلدستو آهي، جنهن ۾ ڏکڻ اولهه ۾ ايراني نار سمنڊ جي ويجهو وارو صوبو فارس وڏي اهميت رکي ٿو، جيڪو ايران جي ماڻهن جي اصل رهائش هئي. جنهن صوبي جي زبان فارسي يا پارسي سڄي ايران جي قومي زبان ٿي. عربن جڏهن ايران تي حملو ڪيو ته هن صوبي فارس جي شهرن سڀ کان گهڻي مزاحمت ڪئي. فارس چڱو وڏو صوبو آهي. جنهن جي ايراضي سوا لک کن چورس ڪلوميٽر ٿيندي- يعني سنڌ صوبي کان ٿورو ئي ننڍو ٿيندو. جنهن جي پکيڙ هڪ لک چاليهه هزار ڪلوميٽر آهي. هن صوبي جو وڏو شهر شيراز آهي، جيڪو دنيا جو هڪ خوبصورت ۽ تاريخي شهر مڃيو وڃي ٿو. شيراز شاعرن، شراب ۽ گلن جو ديس سڏيو وڃي ٿو. ياد رهي ته ايران جي ٻن عظيم شاعرن، حافظ ۽ سعدي جو شيراز، ڄم جي جاءِ ۽ آخري آرام گاهه آهي.
    شيراز شهر جي سونهن ۽ مشهوري عربن جي ايران فتح ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿي ۽ شيراز، فارس جي گادي جو شهر مقرر ٿيو. فارس جو پهريون گادي جو شهر، 2500 سال اڳ، پاسر گاد هو، جيڪو پوءِ هخامنشيان Achaemenid بادشاهه ”سائرس دي گريٽ“ جي ڏينهن ۾ به گادي جو شهر رهيو. ان بعد دائروس Darius the Great ۽ هن جي پٽ زرڪس Xerxes جي ڏينهن ۾ پرسيپولس ٿيو. اڄ انهن ٻنهي شهرن جا کنڊر موجود آهن جن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو ايران اچن ٿا. پرسيپولس Persepolis شيراز کان 50 ڪلوميٽر پري اتر اولهه ۾ جبل رحمت جي قدمن ۾ آهي. سڪندر اعظم جڏهن سن 330 قبل مسيح ايران تي حملو ڪيو هو ته ان ۾ هي شهر پرسيپولس تباهه ڪري ڇڏيو هو. ان کان اڳ وارو گادي جو شهر پاسر گاد ۾ جيڪو اهم مقبرو آهي، اهو بلاشڪ سائرس دي گريٽ بادشاهه جو آهي، جيڪو ستن ڏاڪڻين چڙهڻ بعد ڪنڊائتي ڇت واري ڪمري ۾ آهي. چون ٿا ته سڪندر اعظم جڏهن پرسيپولس شهر جي ڦرلٽ ڪرڻ بعد سائرس جي مقبري تي حاضري ڀري. ته هن پنهنجي هڪ فوجي ارسٽو بولس کي سائرس جي مقبري اندر وڃڻ جو حڪم ڏنو. مقبري اندر هن کي هڪ سونو بسترو، شراب پيئڻ جي گلاسن سميت ٽيبل، سوني ڪفن جي پيتي ۽ ڪجهه ڳهه نظر آيا ۽ قبر جي ٻاهران ڪتبي تي لکيل هو ته:
    ”اي واٽهڙو! آءٌ اهوئي عظيم شهنشاهه سائرس آهيان. جنهن ايراني (پرشن) سلطنت کي جنم ڏنو ۽ ايشيا مٿان حڪومت ڪئي. سو منهنجي هن خوبصورت مقبري تي حسد نه ڪر.“
    شيراز هونءَ ته باغن جو شهر سڏيو ويو ٿي پر انهن باغن مان ڪيترائي سڪي ويا آهن. تنهن هوندي به شهر ۾ چڱا پارڪ ۽ باغيچا نظر اچن ٿا، جن مان سڀ کان گهڻو مشهور باغِ ارم آهي. 19 صدي جي قاچاري بادشاهن جو محل هن باغ جي وچ ۾ آهي.
    شيراز ۾ مسجد وڪيل به ڏسڻ وٽان آهي، جنهن جي ڀرسان هتي جي مشهور وڪيل بازار آهي. فارسي جي مشهور شاعر حافظ جو مقبرو جيڪو 1953ع ۾ سهڻو ڪري ٺهرايو ويو، شهر جي وچ ۾ آهي، حافظ شيرازي (سڄو نالو خواجه شمس الدين محمد حافظ شيرازي) 1320 ڌاري شيراز ۾ ڄائو ۽ 69 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو جنهن باغ ۾ آهي. اهو مصلا باغ سڏجي ٿو. حافظ شيراز دنيا جو اهو شاعر آهي، جنهن جي مشهوري سندس جيئري ئي ٿي وئي، تڏهن ته هن ان ڳالهه جي اقرار ۾ شعر چيو ته:
    نديدم خوشتر از شعر تو حافظ
    بهه قرآني ڪه اندر سينه داري
    حافظ پاڻ کي ئي مخاطب ٿي ٿو چوي ته؛ اي حافظ! تنهنجي شاعري کان وڌيڪ ڪابه بهتر شاعري نظر نه آئي اٿم، آءٌ ان قرآن جو قسم کڻي ٿو چوان جيڪو تون سيني سان لڳائي ٿو هلين.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حافظ شيرازي ان دور جو توڙي اڄ جو، دنيا جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. ايران جي ڪيترن شاعرن جي توڙي انهن مان متاثر ٿيندڙ اسان جي هند سنڌ جي شاعرن جي، اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته هو الله لوڪ به هئا، حافظ وانگر قرآن به سيني سان لڳائي هليا ٿي، پر شراب واپرائڻ ۾ به فخر ٿي سمجهائون. 1353ع ۾ مظفري گهراڻي جي حاڪم جمال الدين شاهه شجاع جڏهن شيراز تي حملو ڪري ان کي پنهنجو قبضي ۾ آندو ته هن پهريون ڪم شراب تي پابندي هنئي. ان خراب خبر تي حافظ هڪ غمگين شعر لکيو چي:
    اگر چه باده فرح بخش وباد گل بيزست
    به بانگ چنگ مخورمي، ڪه محتسب تيز است
    هن شعر جي خوبصورت انگريزي ترجمو جيڪو مون پڙهيو آهي اهو ايڊورڊ ڊرائون ڪيو آهي.
    Though wine gives delight & the wind distills the perfume of the rose, drink not the wine to the strains of the harp, for the constable is alert.
    حافظ اڳتي لکي ٿو:
    در آستين مرقع پياله پنهان ڪن
    ڪه همچو چشم صراحي، زمانه خونريز است
    به آب ديده بشوييم خرقه ها ازمي
    ڪه موسم ورع و روزگار پرهيز است
    Hide the goblet in the sleeve of the patchwork cloak, for the time. Like the eye of the decanter, pours forth blood. Wash the wine stain from your dervish cloak with tears, for it is the seaaon of piety and the time for abstinence.
    هتي اهو به لکندو هلان ته حافظ شيرازي قرآن جو ياد حافظ به هو
    ۽ چوڏهن مختلف طريقن سان قرات ڪري سگهيو ٿي. مٿين شراب واري ڳالهه جڏهن مون هڪ ايرانيءَ سان ڪئي ته هن کلندي چيو ته ”اهو اسان جي ايشيائي شاعرن جو فئشن هو ته Alcohalic رهجي ۽ هر وقت غمگين موڊ ۾ رهجي ۽ پوءِ مرڪندي آهستي چيو ته: ”هنن لاءِ هڪ شراب ۽ ٻيو عشق ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو ٿي سو به ڇوڪرن سان! ٻيو ته ٺهيو پر محمود غزنوي جهڙو بادشاهه به زال بدران اياز کي وٺي ملندو هو.“
    بهرحال حافظ شيرازي جيڪو بهاءُ الدين نالي شيراز جي هڪ ڪوئلي جي واپاري جو پٽ هو، تنهن ”شاخ نبات“۾ (ڪمند جي شاخ) نالي هڪ امير ڇوڪريءَ سان عشق ڪيو. حافظ شيرازي ننڍو هو ته سندس والد ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد وفات ڪري ويو ۽ سندس ماءُ بچيل ڌنڌي کي وڪڻي قرض لاٿا. حافظ جي پڙهائي لاءِ حافظ جي ماءُ ۽ پاڻ ڏينهن جو پورهيو ۽ نوڪري ڪندا هئا ۽ رات جو هو اسڪول ويندو هو. جنهن بيڪري تي حافظ نوڪر هو ان طرفان هو گهرن ۾ نان ڏيڻ ويو ته هڪ ڏينهن شاخ نبات سان اک ملي ويس ۽ دل ڏيئي ويٺو، هن عشق جو حافظ تي ايڏو اثر ٿيو جو هن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو. هو غزلن ذريعي شاخ نبات جي حسن جي تعريف ڪندو رهيو. شاخ نبات کي به ان جي خبر پوندي رهي ۽ هوءَ به حافظ کي دل ڏيئي ويٺي پر ٻنهي جو سماجي درجو مختلف هو. حافظ هڪ غريب پورهيت هو ۽ هوءَ هڪ امير گهر جي لاڏلي هئي، جنهن ڪري هن رشتي مڪمل ٿيڻ ۾ رنڊڪون پئجي ويون. جيئن جيئن عشق جو نشو حافظ جي دل ۽ دماغ تي سوار ٿيندو ويو تيئن تئين هن کي پنهنجي محبوبا شاخِ نبات جي سونهن ۾ ان خلقڻهار جي سونهن جو عڪس محسوس ٿيڻ لڳو. جنهن شاخِ نبات جهڙي سهڻي ڇوڪريءَ کي خلقيو آهي ۽ هن جو پيار ۽ چاهت هاڻ پنهنجي ربّ لاءِ وڌڻ لڳو. يعني هن جي دل ۾ مجازي عشق بدران حقيقي عشق پيدا ٿي پيو، جنهن هن کي هر وقت غزل لکڻ لاءِ مجبور ٿي ڪيو.
    حافظ جي شاعري جو اثر اسان جي ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي شاعرن تي آهي. جن مان شاهه عنايت جو شاگرد بلهي شاهه (1752ع-1680ع) ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1752ع-1689ع) پڻ هئا. اردو غزل ۾ به حافظ جي سوچ ۽ خيال نظر اچي ٿو. مير تقي مير، جيڪو 1723ع ۾ آگري ۾ ڄائو، ان جي شاعري ٿي ڏسجي ته ان ۾ به حافظ واري سچ لاءِ پيار جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ دل جو درد محسوس ٿئي ٿو. مير کان پوءِ اردو جو شاعر نذير آهي. هو 1735ع ۾ دهلي ۾ ڄائو ۽ 1846ع ۾ وفات ڪيائين. هن کي انڊيا جو چاسر ۽ شيڪسپيئر سڏيو وڃي ٿو. هن جي به گهڻي ڀاڱي شاعري تي به حافظ جي شاعري جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. ان بعد اردو جو ٻيو وڏو شاعر مرزا غالب آهي. غالب 1779ع ۾ آگري ۾ ڄائو هو. هو ڏهن سالن جو هو ته اردو ۾ شعر لکڻ شروع ڪيا. هن جو ن ڪيتريون ئي لکڻيون فارسي ۾ آهن. غالب جي وڏي ڀاڱي شاعري تي توهان کي حافظ شيرازي جي شاعري جو اثر صاف نظر ايندو. ڪولمبيا يونيورسٽي طرفان 1971ع ۾ جيڪو انگريزي ۾ ڪتاب Ghazals Of Ghalib ڇپيو ان جي مهاڳ ۾ اعجاز احمد لکي ٿو:
    .... The tradition of poetry that reaches its first greatness with Hafiz and Rumi in Persia ends its classical phase with Ghalib in Delhi.
    قم شهر ۾ خيابان ارم (روڊ) تي شبستان حرم جي بلڪل سامهون هڪ ايران جي رهاڪو پاڪستاني جو ڪتابن جو دڪان آهي. هن جي دڪان اڳيان لنگهندي سامهون رکيل ڊاڪٽر محمد اقبال جي فارسي ڪتابن کان علاوه اردو جو بانگِ درا ۽ ضرب ڪليم نظر اچن ٿا. هن سان جڏهن مٿين عنوان تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن چيو ته اسان جي ملڪ جو ڊاڪٽر علامه محمد اقبال (1938ع-1877ع) آخري وڏو شاعر هو، جنهن اردو ۽ فارسي ۾ لکيو. هن شاعر جو جڏهن اسرار خودي (خودي جا راز) فارسي ڪلام 1915ع ۾ ڇپيو ته ڪيترن ئي ماڻهن اعتراض ڪيو، جو هنن کي لڳو ته ڊاڪٽر اقبال ان شعر ۾ حافظ شيرازي تي تنقيد ڪئي آهي پر پوءِ اقبال اهي سٽون پنهنجي شعر مان خارج ڪري ڇڏيون ۽ هن حافظ لاءِ واکاڻ ڪندي چيو ته حافظ دنيا جي وڏن شاعرن مان هڪ آهي. ”ڊاڪٽر اقبال جا ڪيترائي شعر حافظ ۽ شيلي جي خيالن ۽ سوچن سان ملن ٿا.“
    شاهه لطيف جي به ڪيترن شعرن تي حافظ شيرازي جي شعرن جو اثر آهي، شاهه لطيف لاءِ ته اهو چيو وڃي ٿو ته هو هميشه پاڻ سان ديوان حافظ شيرازي ۽ مثنوي مولانا روم رکندو هو. حافظ شيرازي جو هڪ شعر آهي ته:
    درميان قصر دريا تخته بندم ڪردئي
    با زمي گوئي ڪه دامن تر م ڪن هوشيار باش
    (يعني درياهه جي وچ ۾ هٿ پير ٻڌي کڻي اڇليو اٿئي مٿان وري چوين پيو ته خبردار متان ڪپڙا آلا ڪيا اٿئي)
    مٿيون شعر ايران جي شاعر حافظ جو آهي، جيڪو هن 1350ع ڌاري لکيو، اٽڪل پوڻا چار سو سال پوءِ 1730ع ڌاري شاهه لطيف چيو:
    مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾،
    اڀا ائين چون متان پانڌ پسائين.
    حافظ جو هڪ شعر آهي:
    ڪسي ڪه ڪشته نه باشد،
    از قبيله ما نيست.
    ۽ شاهه چيو:
    وڍيو هئين ته ويهه نه ته وٺيو واٽ ونءَ هليو،
    هي تنين جو ڏيهه اندر جنين اڌ ٿيو.
    ۽ حافظ جو هڪ ٻيو شعر آهي ته:
    بشنو ازني چون حڪايت مي کند،
    وز جدا ئيها شڪايت مي کند.
    (حافظ ٿو چوي ته نڙ کان ٻڌ ته ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري، پنهنجي جدائي جون ڪهڙيون شڪايتون ٿو ڪري.)
    ۽ شاهه لطيف چيو ته:
    وڍيل ٿي وايون ڪري ڪُٺل ڪوڪاري،
    هيءَ پڻ هنجون هاري ان پڻ پنهنجا ساريا.
    حافظ جي شاعري مان نه فقط ننڍي کنڊ جا مسلمان شاعر متاثر ٿيا پر هندو ۽ سک پڻ. اوڻويهين صدي جي هندو فلاسفر ۽ سماج سڌارڪ ديبندر ناٿ ٽئگور کي ”حافظ جو حافظ“ سڏيندا هئا جو هن کي حافظ جو سڄو ديوان ياد هو. سندس پٽ رابندر ناٿ، 20 صدي جو مشهور شاعر پڻ حافظ شيرازي ۽ ٻين فارسي شاعرن مان متاثر هو.


    گڏهه جو پڇ ڪيترو صحيح آهي؟

    ايران جو فارس صوبو ڏٺو وڃي ته ايران جو مرڪز آهي جتان جي زبان (فارسي) سڄي ايران (پرشيا) جي قومي زبان ٿي. فارس ۾ اڄ کان 2500 سال پراڻا گادي وارا شهر پاسر گاد ۽ پرسيپولس آهن جيڪي هاڻ آثار قديمه جي حيثيت سان دنيا جا ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا. شيراز کان علاوه فارس صوبي جا مشهور شهر هن ريت آهن: آباديهم استهبان، اقلد، فاسا، سيپڊان، فيروزآباد، ڪازرون، لار، مرودشت وغيره. فارس صوبي ۾ ڪيترائي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن، رڳو شيراز شهر ۾ ئي پنج وڏيون يونيورسٽيون آهن.
    1- شيراز يونيورسٽي
    2- شيراز يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
    3- شيراز يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي
    4- شيراز يونيورسٽي آف پلائيڊسائنسز
    5- اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف شيراز
    ان کان علاوه هڪ ميڊيڪل سائنسز جي سوسائٽي فاسا ۽ هڪ جاهروم ۾ آهي. ان کان علاوه ڏهه کن اسلامڪ آزاد يونيورسٽيونهن صوبي فارس جي ٻين مختلف شهرن ۾ آهن. تعليم ۽ تاريخي جاين ۾ باغ بستان ۽ عمارتن ۾ فارس نه فقط اڄ پر اڳ به بلي بلي هو. شايد ان ڪري حافظ به فارس کي بصري ۽ بغداد کان وڌيڪ مان ڏنو آهي چي:
    روي گفتم ڪه درجهان بنهم
    گردم از قيد بندگي آزاد
    ڪه نهه بيرون پارس منزل هست
    شام و روم و بصره و بغداد
    I said; turn your path to the greater world,
    So I should be free of the chains of sovery
    But I found no place for me outside Fars,
    Not levant, not Antolia, Not Basra, not Baghbad
    شيراز شهر کي حافظ جي مقبري کان علاوه اهو به شرف حاصل آهي ته هتي ايران جو ٻيو به هڪ اعليٰ شاعر شيخ سعدي جو به مقبرو آهي. ننڍي کنڊ، وچ ايشيا ۽ مڊل ايسٽ جو ڪهڙو ماڻهو هوندو جيڪو شيخ سعدي جي لکيل ڪتابن بوستان ۽ گلستان کان واقف نه هجي، بلڪه هاڻ ته انهن ڪتاب جا انگريزي، فرينچ، جرمن ۽ ملئي ترجما آمريڪا، يورپ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ نظر اچن ٿا.
    شيخ سعدي شيراز شهر جي اتر اوڀر ۾ دفن ٿيل آهي. سندس اڄ جو خوبصورت مقبرو پهلوي شهنشاهه 1952ع ۾ ٺهرايو، شيخ سعدي جو اصل نالو مصلح الدين مشرف ابن عبدالله هو، پاڻ 1184ع ۾ (يعني حافظ شيرازي جي ڄمڻ کان 135 سال کن اڳ) ڄائو. پاڻ سؤ سالن کان وڏي ڄمار ماڻيائين ۽ 1290ع ڌاري شيراز ۾ ئي وفات ڪيائين. حافظ سڄي عمر شيراز ۾ ئي گذاريو پر سعدي عراق ۽ شام جو چپو چپو گهمندو رهيو، جتي صليبي جنگيون ڪرڻ وارن Crusaders وٽ قيد به ڪاٽيو. بهرحال زندگي جا اٽڪل ٽيهه سال ٻاهر گذارڻ بعد جڏهن پنهنجي ڳوٺ شيراز پهتو ته هو ڪافي پوڙهو ٿي چڪو هو. هو پنهنجي ئي ڪتاب بوستان ۾ پاڻ کي خطاب ڪندي چوي ٿو ته:
    بيا اي ڪه عمرت بهفتا درفت
    مگر خفته بودي ڪه برباد رفت
    (اي سعدي! هاڻ ته موٽ ڪر، تنهنجي عمر ستر کان ٽپي وئي. شايد تون ننڊ پيو هئين جو ڄمار ائين گذري وئي)
    شيخ سعدي جو عيسائين وٽ شام ۾ قيد ڪاٽڻ جو واقعو هن ريت ٿيو ته هڪ دفعي دمشق جي دوستن کان ڪاوڙجي جهنگ ڏانهن کڻي منهن ڪيائين، جتي کيس عيسائين قيد ڪري، طرابلس Tripoli جي چوڌاري کوٽجندڙ کاهي (خندق) ۾ يهودين سان گڏ، مٽي ڍوئڻ جي ڪم تي هڻي ڇڏيو. حلب جو هڪ رئيس، جيڪو سعدي کي سڃاڻيندو هو، سو اتان اچي لانگهائو ٿيو، شيخ سعدي کي اهڙي حال ۾ ڏسي چوڻ لڳو، اي سعدي! هي ڇا آهي؟ جواب ڏنائين ته دوستن جي ڪچهرين کان ته گهڻو ئي ڀڳس پر تقدير کان ڪير ڀڄي؟ بهرحال ان رئيس رحم کائي، ڏهه دينار عيسائين کي عيوضو ڏيئي، سعدي کي آزاد ڪرايو ۽ پاڻ سان گڏ حلب وٺي ويو، جتي سو دينارن جي ڪابين تي پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرايائينس، ڪجهه وقت کان پوءِ مائي جو رينگٽ شروع ٿيو. جهيڙا ڪرڻ لڳي، طعنا هڻڻ شروع ڪيائين، چي تون اهو ئي ته آهين. جنهن کي منهنجي پيءُ ڏهن دينارن ۾ خريد ڪيو هو! شيخ سعدي به رکت ڪانه ڪئي، جواب ۾ چيائنس ته برابر ڏهه دينار ڏيئي عيسائين جي قيد مان ته ڇڏايائين پر سو دينار وٺي تنهنجي قيد ۾ اڙائي ڇڏيائين.
    شيخ سعدي جي اها مشهور ڳالهه ته هر هڪ ٻڌي هوندي جيڪا هن پنهنجي ڪتاب گلستان جي ٽي باب ۾ بيان ڪئي آهي ته:
    ... مون ڪڏهن به زماني جي سختي جي شڪايت نه ڪئي پر هڪ ڏينهن صبر جو دامن هٿ مان ڇڏائي ويو. منهنجي پيرن ۾ جُتي ڪانه هئي، گرمين جا ڏينهن هئا. جُتي خريد ڪرڻ جيترا پئسا به ڪونه هئا. ڏاڍو ڏک ٿيو. وهم ولوڙيندو، سوچون سوچيندو ڪوفي جي جامع مسجد ۾ وڃي پهتس. اتي اوچتو هڪ اهڙي شخص تي نظر پئي، جنهن کي ٻئي پير ڪونه هئا. بروقت الله جو شڪر ادا ڪيم ته اي منهنجا ربّ! جُتي نه آهي ته ڇا ٿيو پير ته آهن.
    شيخ سعديءَ جتي گهڻو وقت عراق ۽ شام جو سير ڪرڻ ۾ گذاريو اتي هُو ڪجهه عرصي لاءِ وچ ايشيا عراق ۽ شام جو سير ڪرڻ ۾ به رهيو. پنهنجي ڪتاب بوستان ۾ هندستان جي سير بابت هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
    ”جهونا ڳڙهه هندستان جي سومناٿ مندر ۾ هڪ بت ڏٺم، جيڪو هيرن ۽ جواهرن سان سينگاريل هو، مشرڪ ان جي آڏو مٿو ٽيڪي رهيا هئا ۽ روئي دعائون گهري رهيا هئا. هڪ پوڄاري کان پڇيم ته: هن بيجان پٿر آڏو ايتري آه و زاري ڇو ٿا ڪريو؟ جواب ته ڪونه ڏنائين رهندو مٽون کڻي ڦوڪيائين ۽ سڌو وڏي پنڊت کي وڃي ٻڌايائين. مون لاءِ ته مسئلو ٿي پيو. بهرحال جان ڇڏائڻ لاءِ اٽڪل سوچيم ۽ ان پنڊت کي چيم ته: سر! منهنجو اهو سوال اعتراض لاءِ نه پر حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ هو، جيئن حقيقت پڌري ٿيڻ کان پوءِ پوڄا ڪرڻ ۾ وڌيڪ لذت حاصل ٿئي. اتي ڪجهه اطمينان ٿيس ۽ چوڻ لڳو ته ادا! ٻين بتن لاءِ برابر اوهان چئي سگهو ٿا، پر هي ڪو عام بت نه آهي. هي بت سدائين صبح جو خدا جي آڏو هٿڙا کڻي دعا گهرندو آهي. صبح تائين انتظار ڪر! سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويندئي.
    مان به بت خاني ۾ اچي ڦاٿس. جيئن تيئن ڪري اها رات گذارڻي هئي شيخ سعدي اڳتي فرمائي ٿو ته:
    شبي همچو روزي قيامت دراز
    مغان گردمن بي وضو در نماز...
    ”اها رات قيامت جيڏي ڊگهي نظر پئي آئي. پوڄاري بنا وضوءَ جي عبادت ۾ شروع هئا.“ شايد هنن ڪڏهن به پاڻي کي تڪليف ڪانه ڏني هئي. انهن جي بلغن مان بدبوءِ ائين پئي اٿي ڄڻ ڪو مئل ڍور اس ۾ پيل هجي. ”بغلها چون مردار در آفتاب....“ شايد مون کان به ڪو ڪبيرو گناهه سرزد ٿيو هو، جنهن جي سزا لوڙي رهيو هوس.
    بهرحال جڏهن سڀاڳو صبح نروار ٿيو ته بتخاني ۾ هلچل مچي وئي. مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته انهيءَ بت پنهنجا هٿ مٿي کنيا. ماڻهن ۾ رڙيون پئجي ويون. اهو پنڊت پنهنجا ڦڪا ڏند ڪڍي مون ڏانهن مرڪي نهاري رهيو هو. في الحال ته ماٺ ڪرڻ ڌاران ڪو چارو ڪونه هو. پوڄارين سان رلي ملي ويس. هڪ ڏينهن تلاش ڪندي انهيءَ بت هيٺان ٺهيل تهخاني ۾ لهي ويس. ڇا ڏسان ته هڪ بت پرست رسي هٿ ۾ جهليو بيٺو آهي. جنهن جو ٻيو ڇيڙو بت جي ٻانهن ۾ اهڙي طرح ٻڌل هو جو رسي ڇڪڻ سان ان جون ٻانهون مٿي کڄي وڃن. راز فاش ٿي چڪو هو، بت پرست اتان وٺي ڀڳو. مون کي به جان جو خطرو ٿي پيو. آءٌ سومناٿ مندر مان نڪري آيس ۽ يمن رستي حجاز کان وڃي نڪتس.
    شيخ سعدي نه فقط فارسي ۾ پر عربي ۾ به ڪتاب لکيا پر انهن سڀني ۾ جيئن شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان، ته ٻه ڪتاب بوستان جيڪو هن 1257ع ۾ لکيو، سڄي دنيا ۾ مشهور آهن. اهي ٻئي ڪتاب نصيحت آموز ڳالهين سان ڀريل آهن ۽ اسان وٽ سڄي ننڍي کنڊ ۾ سنڌ ۽ پنجاب کان بنگلاديش جي مدرسن ۾ جتي جتي عربي پڙهائي وڃي ٿي اتي شاگردن جو اخلاق سنوارڻ لاءِ ايران جي شاعر عطار جو پڌنامون ۽ شيخ سعدي جو بوستان گلستان ۾ ڪريما فارسي ۽ مڪاني زبانن ۾ پڙهايا وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ به ڪتاب ڪيترن ئي ترجما ڪيا آهن، پر سڀ ۾ بهترين ترجمو مولانا محمد قاسم سومرو ڪيو آهي، جيڪو ڪنڊيارو جي الجامعة العربيه انوار العلوم جو پرنسپال آهي. اردو ۾ مير شير علي افسوس، فريد الدين آفاق، دهلوي، منشي گوپال ڪرشن ۽ محمد منير لکنويءَ، شيخ سعدي جي مٿين ڪتابن جا سٺا ترجما ڪيا آهن. شيخ سعدي جي ڪتابن جا ويندي پنجابي، پشتو ۽ بنگالي ۾ به ترجما ٿيل آهن ۽ ساڳئي ڪتاب جو هڪ به نه پر ٽي ٽي چار چار ترجما آهن.
    شيخ سعدي جي لکڻين ۽ شاعري جي مشهوري جو اندازو ان مان لڳائي سگهون ٿا ته نيويارڪ ۾ جيڪا يونائيٽيڊ نئشن جي بلڊنگ آهي ان جي هڪ هال، جيڪو قومن جو هال Hall of Nation سڏجي ٿو. ان جي داخلا واري دوازي ٻاهران شيخ سعدي جي هن فارسي شعر سان گڏ انگريزي ترجمو لکيو آهي:
    بني آدم اعضاي يڪ پيڪر ند
    ڪه در آفرينش زيڪ گوهر ند.
    چو عضوي به درد آورد روزگار
    دگر عضوها را نماند قرار
    تو ڪز محنت ديگر ان بي غمي
    نشايد ڪه نامت نهند آدمي
    Human beings are me, bers of a whole,
    In creation of onceassence and soul
    If one member is afflicated with pain
    Other members uneasy will remain
    The neme of human you can not retain.
    منهنجي خيال ۾ گلستان سعدي جو اهڙو ڪتاب آهي جيڪو ننڍي کنڊ جي شايد ئي ڪنهن ماڻهو نه پڙهيو هجي.. واقعي هن ڪتاب جو جواب ناهي. توهان جي نه پڙهيو هجي ته ضرور پڙهو. توهان کي سنڌي، اردو، انگريزي ويندي پنجابي ۽ پشتو ۾ به ان جو ترجمو ملندو. منهنجي خيال ۾ ته آءٌ ڏهن سالن جو به نه هوندس. ته مون پهريون دفعو غلام محمد شاهواڻي جو سنڌي ۾ ترجمو پڙهيو هو.ان بعد اردو ۽ انگريزي ۾ به پڙهندو رهيس. نوڪري جي آخري سالن ۾ جڏهن ملائيشيا ۾ جهاز جي ملئي، چيني ۽ سنگاپوري جهازي آفيسرن کي پڙهائيندو هوس ته ليڪچر دوران شاگردن کي وتايو فقير، نصير الدين، هوجا ۽ شيخ سعدي جون اڪثر ڳالهيون ٻڌائيندو هوس. جهازي نوڪري جي ڪجهه Thankless ڪمن جي ڳالهه نڪرندي هئي ته آءٌ جهازين Seafarers کي شيخ سعدي جي اڪثر هيءَ ڳالهه ٻڌائيندو هوس ته ڪو ڳوٺاڻو گڏهه خريد ڪري شيخ سعدي وٽ آيو ته هن جو پڇ ڪيترو ڪٽيان، جو ڳوٺ جا ماڻهو ان کي صحيح سمجهن؟ شيخ سعدي وراڻيس ته تون پنهنجي گڏهه جو پڇ کڻي پاڙ کان ڪٽي ڇڏ تڏهن به ڪي ماڻهو چوندا ته وڏو آهي ته ڪي چوندا ته ننڍو آهي.


    خوزستان ۾ وهندڙ کنڊ جون نديون

    دنيا جي ڪي ڪي علائقا ڇا ته سهڻا آهن، سبحان الله! چون ٿا ڪشمير سهڻو آهي. چون ٿا شملا سهڻو آهي. چون ٿا ته سوئيٽرز لينڊ جي جبلن Alps وارو علائقو سهڻو آهي. هوندو! مون انهن مان ڪابه شيءِ نه ڏٺي آهي. جهاز هلائڻ جي نوڪري جي حيثيت سان مون به ڪي ڪي هنڌ اهڙا ضرور ڏٺا آهن جن جي سونهن جي تعريف ڪندي زبان نٿي ٿڪجي. ماٺي سمنڊ ۽ سانتيڪي موسم ۾ جبرالٽر وارو علائقو جڏهن ميڊيٽرينين سمنڊ مان نڪري اٿاهه ۽ مڇريل ائٽلانٽڪ ۾ ٿو اچي. اونهاري جي موسم ۾ جڏهن هڪ طرف مُون سُون ۽ ٻئي طرف سائيڪلون سان واسيل مست سمنڊ جهازين کي ڌوڻيو ٿو رکي، اتي هندي سمنڊ اُڪري جنت جهڙي ملاڪا نار Strait ۾ جهاز جي گهڙڻ سان گذريل ست اٺ ڏينهن جا ڏاکڙا لحظي ۾ لهيو وڃن ۽ اهڙو ئي هڪ سهڻو علائقو ۽ تاريخي لحاظ کان مالا مال ايراني نار جو آخري ڇيڙو آهي. سعودي عرب جي بندرگاهه دمام يا ڪويت پهچڻ لاءِ اسان کي جهاز هن سمنڊ ۾ آڻڻو پوي ٿو، جيڪو صدين کان ايراني نار Persian Gulf سڏجي ٿو. ايراني نار Strait of Hormuz کان شروع ٿئي ٿو جنهن جي منهن وٽ ئي دبئي اچي ٿو پوءِ دوحا (قطر) ۽ بحرين UAE جا بندرگاهه آهن. هن سمنڊ جي ٻئي پاسي ايران جا بندرگاهه بندر عباس، بشيهر وغيره آهن. آخر ۾ سعودي عرب جو بندرگاهه دمام، ڪويت، عراق جو بصرو، ايران جي خرم شهر ۽ بادل ٻيٽ سڀ مليا پيا آهن. دنيا جي پراڻي تاريخ ڌرتي جو هن ٽڪري تي آهي. هي ٽڪرو هڪ عام ماڻهو کي کڻي پورٽ قاسم وارو ويران علائقو لڳي پر هڪ جاگرافي ۽ تاريخ جو شاگرد هن هنڌ تي پهچي پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجهي. تصور ڪريو ته هي هنڌ اهو آهي جتي دنيا جون قديمي تهذيب سان وابسته فرات ۽ دجلا نديون عراق جي عوام، وهٽن ۽ ٻنين ٻارن جي اڃ اجهائي هتي ٿيون اچيو ڇوڙ ڪن. بصري ۽ ناصريا جهڙا شهر هتي آهن. ڌائو ٻيڙين ۽ سچن موتين کان صدين مشهور ڪويت جي بندرگاهه هتي آهي. سعودي عرب جو دمام بندرگاهه ۽ ان جا ڀر وارا شهر جبيل ۽ الخُبر هتي آهن، جن هنڌن تان اسلام جي آمد کان ٻه سو کن سال اڳ جڏهن ايران تي آتش پرست ساساني گهراڻي جي بادشاهه شاهپور دوم (379-310) جي حڪومت هئي ته تقليب، بڪرين، وائل ۽ عبدالقيز، عرب قبيلا ايران جي خزستان تي حملا ڪندا رهيا، جن کي ايرانين ڀڄائي ٿي ڪڍيو. هي ئي اهو هنڌ آهي، جتان اسلام بعد 639 ۾ ابو موسيٰ العشري جي اڳواڻي ۾ مسلمانن ايران تي حملو ڪيو ۽ ايراني شهر اهواز خالي ڪرائي ڇڏيو ۽ خزستان جو اهم ۽ طاقتور صوبو عربن حوالي ٿي ويو. خزستان ايران جو تمام جهونو صوبو آهي، سمجهو ته ايراني قوم جي جنم ڀومي آهي، جتي جا اوائلي ماڻهو خزي سڏجن ٿا، جنهن تان هن صوبي تي خزستان نالو پيو.
    اسان جي گائيڊ محمد علي رضوي ۽ ان جي ڀاءُ سلمان رضوي مون کي باءِ روڊ ڪربلا هلڻ لاءِ چيو: ”آءٌ اڃان هن ئي ملڪ ۾ رهڻ ٿو چاهيان“ مون جواب ڏنومانس، ”توهان ڀلي عراق ۽ شام هليا وڃو، آءٌ ايران جا ڪجهه وڌيڪ شهر ڏسڻ ٿو چاهيان.“
    مون پنهنجي ٽولي جي سائين کان پڇيو، هنن ايران ۾ فقط مشهد ۽ قم ۾ رهڻ ٿي چاهيو، خيرپور جو هڪ سنڌي شيعو عالم جيڪو اٺن سالن کان هتي ايران ۾ آهي، ان کان مون خزستان جي وڏي شهر اهواز وڃڻ جو طريقو پڇيو پر افسوس ته هن جي زندگي مشهد، قم ۽ سندس اباڻي سنڌ جي ڳوٺ واري ٽڪندي ۾ ئي ڦرندي رهي آهي. مون کي حيرت ٿي ته ايران جي تاريخ، دلچسپ ۽ جهوني آهي. ايران جتي اڄ جي مهانگي دور ۾ به اسان جهڙن ملڪن کان به سستي ماني ۽ بسن جو ڀاڙو آهي، ايران جتي ايترو امن امان آهي جو اڪيلي ڇوڪري به سفر ڪري سگهي. اتي اسان جا ماڻهو هن ملڪ جا ٻيا شهر ڇو نٿا ڏسن؟ هتي جي عظيم قوم کي غور سان ڇو نٿا ڏسن. جيڪا غيرتمند آهي، جيڪا محنتي ۽ ايماندار آهي، جيڪا سادگي پسند ۽ بااخلاق آهي. تڏهن ته هو آمريڪا جهڙي طاقتور ملڪ کان به نٿا ڊڄن، تڏهن ته هو ٽانءَ ۾ ڀريل عراق کي به مڃرائي ويا، تڏهن ته هو پنهنجي ڊٺل ملڪ کي وري ٺاهي ويا. ايران ۾ ايندڙ اسان جي ماڻهن کي آءٌ اهائي صلاح ڏيندس ته هو ايران جي ڪجهه شهرن جو ضرور سير و سفر ڪن. اصفهان، ڪرمان، فارس، تبريز يا هن صوبي خزستان جا ڪجهه شهر: اهواز، ڊيزفل، ششتار، ابادان، بيهبهان وغيره. خاص ڪري اهي ماڻهو جيڪي ايران بعد عراق ۽ شام جي زيارتن تي وڃن ٿا، انهن جو ته هونءَ به هتان جي ويجهن صوبن حمدان يا ڪرمان شاهه وٽان لنگهه ٿئي ٿو ۽ هو ڏينهن ٻه آرام سان هتي خزستان ۾ گهاري سگهن ٿا، جنهن لاءِ ايران جي شاعر نظامي چيو آهي ته:
    زبس ڪز دامن لب شڪر افشانده
    شڪر دامن به خوزستان بر افشانده
    (هن جي چپن تي هر وقت مٺي کنڊ ترندي رهي ٿي. اها مٺي کنڊ جنهن جون نديون خوزستان ۾ وهن ٿيون)
    ايران جي هڪ ٻئي شاعر نظاري ڪوهستاني به ايران جي هن صوبي خوزستان لاءِ چيو آهي ته:
    قد رعناي تو و قامت سر و ڪشمر
    لب شيرين تو و شڪر خوزستاني
    (تنهن خوبصورت جسم ڪشمر جي سائپريس وڻ جهڙو. تنهنجي لبن جي شيريني خوزستان جي کنڊ جهڙي).
    اهواز شهر جي شاهد، چامران يونيورسٽي جي پروفيسر ٻڌايو ته هي وڻ جنهن کي انگريزي ۾ Cypress tree سڏجي ٿو. هڪ ديومالائي وڻ آهي، جيڪو سونهن ۽ قدامت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. هن وڻ جو ذڪر فردوسي شاهنامي ۾ ڪيو آهي. ته هي وڻ ان شاخ مان ڦٽي وڏو ٿيو جيڪا شاخ آتش پرستن جي نبي زوروسٽر پاڻ سان گڏ جنت مان آندي ۽ بادشاهه وشتاسپا جي آتش پرست ٿيڻ جي عزت افزائي خاطر لڳائي وئي هئي. ايران جي هڪ مشهور حڪيم ۽ تاريخدان ذڪريا قاضويني جو چوڻ آهي ته شهنشاهه وشتاسپا زوروسٽر نبيءَ جو سرپرست هو ۽ اهو وڻ شهنشاهه پاڻ پوکرايو. هن وڻ ايران جي آتش پرستن لاءِ پوڄا جو درجو رکيو ٿي ۽ اهو وڻ اڄ واري خراسان رضوي واري صوبي ۾ ڪنهن هنڌ تي هو. ذڪريا (تاريخدان) ٻڌائي ٿو ته عباس گهراڻي جي خليفي المتوڪل 247 هجري (عيسوي سن 861) ۾ هن جهوني ۽ پوتر وڻ کي وڍرائي، ايران کان بغداد کڻي وڃڻ جو حڪم ڏنو، جتي هن پنهنجي اکين سان اُن وڻ جون ڪامون پنهنجي سامارا محلات جي ڇت ۾ لڳرائڻ چاهيون ٿي. ان وقت جي ايراني پادرين ۽ عوام خليفي کي اُن وڻ وڍرائڻ کان جهلڻ لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪيون ۽ وڏين رقمن جي آڇ ڪئي پر خليفو المتوڪل نه مڙيو پر ساڳي وقت هو ان وڻ جون ڪامون ڏسي نه سگهيو ڇو جو جنهن ڏينهن ان وڻ جو ٿڙ عراق ۾ دجله نديءَ جي ڪناري پهچڻو هو ان کان اڳ واري رات جو محلات جي هڪ ترڪ سولجر (جيڪو المتوڪل جي پٽ جي خدمت لاءِ مقرر ٿيل هو) خليفي کي قتل ڪري ڇڏيو.
    بهرحال ايران جو هي صوبو خوزستان هڪ جهونو ۽ بيحد سهڻو صوبو آهي، جنهن مان ڪيتريون نديون سال جا سمورا ڏينهن وهنديون رهن ٿيون ۽ پنجاب وانگر سرسبز ڌرتي آهي، جتي ميدان به آهن ته وڻن سان جهنجهيل جبل به. ايران جي سڀ کان وڏي ندي ڪارون، جيڪا اٽڪل 450 ميل ٿيندي، هن صوبي مان لنگهي هيٺ ايراني نار جي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. هيءَ ندي زگروس جبلن جي قطار جي زرد ڪوه جبلن مان اڀري ٿي. رستي تي ڪيتريون ئي نِئون ۽ درياهه هن سان ملن ٿا ۽ جيئن ٿيمس ندي لنڊن شهر مان گذري ٿي، تيئن هيءَ ڪارون ندي خوزستان جي گادي واري جهوني شهر اهواز مان گذري ٿي. ايراني نار ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ اها ٻن شاخن ۾ ورهائجيو وڃي. جن جي وچ ۾ هتي جو مشهور ٻيٽ ابادان آهي. هن نديءَ جي وڏي خاصيت اها آهي بلڪه ايران جي هيءَ واحد ندي آهي، جيڪا اڃا تائين Navigable آهي، يعني جهاز راني جي ڪم اچي ٿي، جيئن پلين ٺهڻ کان اڳ اسان جي سنڌو ندي هئي ۽ جهاز ڪراچي ۾ ترسڻ بدران ملتان تائين هليا ويا ٿي.
    اسان جي موهن جي دڙي لاءِ چيو وڃي ٿو ته پنج هزار سال پراڻو شهر آهي پر خوزستان صوبي لاءِ آرڪالاجي وارن اهو ثابت ڪيو آهي ته هتي جي تهذيب عيسوي سن کان به 8000 سال جهوني آهي، جنهن جو شهر اهواز دنيا جو قديم ترين شهر آهي، جنهن لاءِ شاهنامي ۾ فردوسيءَ لکيو آهي ته:
    ڪه باشد ڪه پيوند سام سوار
    نخواهد از اهواز تا قندهار
    اسلامڪ آزاد يونيورسٽي اهواز جي فارسي جي پروفيسر هڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٻڌائي ته اهواز لفظ هوز جو جمع آهي ۽ هوز دراصل جهونو لفظ سوز هو جيڪو هزار سال کن اڳ رهندڙ هتي جي اصلوڪن باشندن رکيو هو، جيڪي ايلام سڏبا هئا، جن لاءِ انگريزي جو لفظ Elamite استعمال ٿئي ٿو. ”دراصل ان بعد آيل قومون جن جا ماڻهو ايراني سڏجڻ لڳا ۽ فارسي ڳالهايائون ٿي، انهن لاءِ ”س“ جو اچار ڪڍڻ ڏکيو هو.“ هن پروفيسر ٻڌايو ته هنن ”س“ بدران ”هه“
    استعمال ٿي ڪئي ان ڪري سوز بدلجي هوز ٿي پيو، جيئن ننڍي کنڊ جي سنڌ ۽ سنڌيءَ کي هو هند ۽ هندي سڏڻ لڳا، جيڪو لفظ پوءِ يونانين بدلائي انڊ ڪيو، جنهن مان لفظ انڊيا جڙيو.“
    توهان جو ايران کان عراق ويندي خوزستان صوبي مان لنگهه ٿئي ته ڪارون نديءَ جي ڪناري واري هن تاريخي شهر اهواز ۾ ضرور ڏينهن ٻه ترسجو ۽ پوءِ اڳيان عراق جي دجله ۽ عرفات ندين جا سير ڪندا وتجو يا توهان ڪويت ۾ نوڪري يا بزنس ڪري رهيا آهيو ته اهواز ٽن چئن ڪلاڪن اندر بس يا ڪار ۾ اچي سگهو ٿا. اهواز شهر ۾ توهان کي ڪيتريون جديد ۽ قديمي شيون نظر اينديون ۽ جيڪڏهن توهان کي تاريخ، آثار قديمه يا جاگرافي جهڙن سبجيڪٽس سان دلچسپي آهي ته پوءِ اهڙين جاين جو توهان صحيح طرح لطف ماڻي سگهو ٿا.
    خوزستان عراق جي ويجهو هجڻ ڪري صدين کان هتي ڪيترائي عرب نسل جا قبيلا رهن ٿا ۽ بارڊر واري علائقي ۾ عربي ائين ڳالهائي وڃي ٿي، جيئن دبئي ۽ ايران جي بندرگاهه چابهار ۾ اردو ڳالهائي وڃي ٿي. 1980ع ۾ صدام، ايران جو هي پاڙي وارو علائقو خوزستان (اهواز سميت) عراق سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن تان اٺ سال ايران عراق جي جنگ هلي ۽ ڪيترائي بيگناهه مارجي ويا ۽ گهر برباد ٿي ويا.
    ايران جي ڪيترين ئي اهم شخصيتن جو هن شهر اهواز سان واسطو آهي، انساني حقن لاءِ ويڙهاڪ مهر انگيز، تاريخدان حامد داباشي، پئٽرڪ موناهن برٽش ڪاميڊئن، اڄڪلهه جو ائگريڪلچر وارو ايراني وزير، محمد رضا اسڪندري ۽ هن کان اڳ وارو ڊفينس جو وزير، علي شامخاني، ريتا اسڪارپر، ابو نواز جهڙا اديب ۽ شاعر هن شهر سان واسطو رکن ٿا. هڪ ناول نويس احمد محمود، جنهن جا انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ناولن مان هڪ ٻه مون به پڙهيو آهي. 1931ع ۾ هن شهر اهواز ۾ ڄائو ۽ 2002ع ۾ تهران ۾ گذاري ويو. هن ننڍپڻ ۽ جواني جا ڏينهن هڪ مزور، ڊرائيور ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندي گذاريو ۽ کاٻي ڌر جي خيال ڪري شهنشاهه پهلوي جي ڏينهن ۾ جيل به ڪاٽيو. هن جي زندگي جو احوال پڙهي مون کي سنڌ جي باغي شاعر ابراهيم منشي ياد ايندو آهي. احمد محمود جا ڪيترائي ناول انگريزي ۽ ٻين زبانن ۾ ترجما ٿي چڪا آهن، جهڙوڪ:
    The Neighbours
    Story of one city
    The scorched earth
    The zero degree orbits
    The live human
    The fig tree of temples.
    وغيره جيڪي اصلوڪي فارسي ناولن همسايه، داستان، يڪ شهر، زمين سختيه، مادر صفر درجه، آدم زنده، درخت معبيد... جو ترجمو آهن.
    نوبخت اهوازي ۽ سندس پٽ ايران جا مشهور نجومي آهن، هنن جو واسطو آتش پرست ڌرم سان آهي. هي نه فقط هن شهر اهواز جا آهن پر هنن جو هن شهر کي سڌارڻ ۾ به وڏو هٿ آهي.


    تهران جا بزرگراهه، بلوار ۽ ميدان

    مشهد مان قم اچڻ لاءِ اسان کي پهرين باءِ ايئر تهران اچڻو پيو ۽ پوءِ بس ذريعي قم پهتاسين. تهران جي ايئر پورٽ کان ٻاهران ئي ڪو بس اسٽاپ آهي، پر ايترو به ويجهو ناهي. ٻه کن گهٽيون، اٽڪل اڌ ڪلوميٽر کن هلڻو پيو. اهو ايئر پورٽ جو ئي علائقو لڳي ٿو جو اسان جي ٽولي جا ماڻهو توڙي ٻيا مسافر ايئرپورٽ مان کنيل ٽراليءَ ۾ ئي سامان وجهي هلندا رهيا. اسان جي گروپ کان علاوه ٻيا جيڪي مسافر هئا. انهن ۾ ڪجهه افغانستان، بنگلاديش ۽ انڊيا جا هئا، باقي ٻيا سڀ پاڪستان جا هئا. انهن پاڪستانين ۾ به گهڻائي سنڌ جي اتراهين علائقي راڻيپور، سکر، خيرپور ۽ شهدادڪوٽ قمبر پاسي جي هئي، لڳي ٿو ته ايران جو سنڌ تي صدين کان وڏو اثر رهيو آهي. مشهد ۾ ته ڪيترا خيرپور جا اهڙا سنڌي مليا، جن جون زالون ايراني آهن ۽ هنن روان فارسي ڳالهائي ٿي. هڪ اهڙي به ايراني فيملي ملي، جنهن کي جڏهن خبر پئي ته منهنجو سنڌ سان واسطو آهي ته هنن سخت شڪايت ڪئي ته سنڌ جا ماڻهو ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٻڌائي ايران جي عورتن سان شادي ڪن ٿا پر پوءِ زالن جو خيال نٿا رکن.
    ”پر ذوالفقار علي ڀٽي ته پنهنجي سنڌي زال کان وڌيڪ ايراني جو خيال رکيو“ هنن مون کي کلائڻ لاءِ ٺهه پهه چيو ۽ مون ڏٺو ته هو واقعي ٽهڪ ڏيڻ لڳا. بهرحال مٿين ڳالهه جي تصديق خيرپور پاسي جي هڪ سنڌي پروفيسر به ڪئي ته ” اڄ کان اڌ صدي اڳ تائين اسان جي پاسي جي ماڻهن جو ايران مان وڃي شادي ڪري اچڻ يا اتيئي رهي پوڻ هڪ عام ڳالهه هئي ۽ پوءِ جڏهن هنن جي موڊ ٿيندو هئو ته هو پنهنجن ايراني زالن کي ڇڏي ڏيندا هئا. دل ۾ مون سوچيو ته هي اهوئي قصو آهي جيڪو انگريزن جي دور ۾ ملائيشيا (ملايا) ۾ رهيو، جتي اسان جي پنجاب جا سپاهي ملئي عورتن سان شادي ڪندا رهيا ۽ بدلي ٿيڻ تي هنن کي اتي ڇڏي موٽي آيا ٿي. ان بابت تفصيلي احوال آءٌ پنهنجن ملائيشيا وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان.
    بهرحال اسان جو سڄو ٽولو پنهنجي سامان کي ٽرالين تي گهليندا تهران جي هن پراڻي مهرآباد ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري هڪ ويڪري رستي بزرگراهه مخصوص ڪرج تي پهتاسين، جتان واڪ ڪري ميدان آزادي واري چوواٽي کان اڳ کاٻي پاسي ويندڙ رستي بزرگراهه شهيد برادران رحماني ڏي مڙياسين. اسان جي اڳيان اسان جي ٽريول ايجنسي ”الحرمين“ جا ٻه ڀائر مالڪ (محمد علي ۽ سلمان رضوي) هئا. هن ايئرپورٽ جو نيان Sign ۾ فارسي ۾ لکيل نالو ”فرودگاهه سڏجي ٿو ۽ بين المليٰ جي معنيٰ پڪ ملڪي Domestic هوندي جتي ملڪ جي مختلف شهرن کان اڏامون اچن ٿيون. هفتو کن اڳ جڏهن ايران ۾ قدم رکيم ته پهرين ڏينهن تهران مان لنگهندي ڪن رستن جي نالن اڳيان بزرگراهه پڙهي سمجهيم ته اهي رستا شايد ڪي ڀلارا يا ڪرامت وارا آهن جو اسان وٽ بزرگ جو لفظ اولياءِ، ولي، ڪاني ڪرامت ۽ ڀلاري ماڻهو لاءِ استعمال ٿئي ٿو، پر هاڻي اها ڄاڻ ٿي چڪي اٿم ته فارسي ۾ بزرگ معنيٰ وڏو، ويڪرو، پراڻو يا اعليٰ. جيئن ته بزرگ مارڪيٽ معنيٰ شهر جي وڏي مارڪيٽ يا کڻي چئجي ته خاص مارڪيٽ، بزرگ ٿي سگهي ٿو عربي جو لفظ هجي پر ايران ۾ تمام گهڻو استعمال ٿو ٿئي. پر لفظ جنهن ۾ پ ۽ گ جهڙا اکر هجن عربي جا ٿي نٿا سگهن. جيئن ڪويت ۾ عرب اميگريشن وارو منهنجي والد جو نالو گل محمد لکڻ مهل منجهي پيو ته قل محمد لکان يا غل محمد بهرحال هاڻ ڪجهه ڏينهن ايران ۾ رهڻ بعد خبر پئجي وئي آهي ته بزگراهه معنيٰ ويڪرو رستو آهي، جيئن پاڻ وٽ شاهراهه چئجي ٿو جيڪو پڻ فارسي جو لفظ آهي. تهران جا ڪجهه اهڙا رستا جيڪي هن وقت ياد پيا اچن ۽ جن تان اڪثر لنگهه ٿيندو هو. بزرگراهه تهران قم، بزرگراهه بهشت زهرا، بزرگراهه آيت الله اشرفي اصفهاني، بزرگراهه آيت الله حڪيم، بزرگراهه نواب صفوي، بزرگراهه شهيد حقاني، بزرگراهه آزدگان (ڪمربندي)... وغيره وغيره، اهي سڀ رستا وڏا ۽ ويڪرا آهن. جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل، مائي ڪولاچي روڊ يا ايم اي جناح روڊ. بلڪل سچي ڳالهه اها آهي ته تهران توڙي ايران جي ٻين شهرن جي رستن سان اسان جا رستا مقابلو ڪري نه سگهندا.
    بزرگراهن کان ڪجهه گهٽ ويڪرا رستا هتي بلوار به سڏجن ٿا. جيڪو لفظ منهنجي خيال ۾ انگريزي جي لفظ بليوارڊ تان ورتل آهي. بلوار ابريشم، بلوار امام حسين، بلوار تعاون، بلوار زيبا شهر، بلوار فردوس، بلوار مير داماد، بلوار انديشه، وغيره تهران شهر جا رستا آهن جن وٽان گذر ٿئي ٿو. فارسي ۾ چوراهي يا چوواٽي Round about کي شايد ”ميدان“ سڏجي ٿو. جو چوواٽن تي ميدان لکيل نظر اچي ٿو، جيئن اسان وٽ ”شان سرڪل“ نانگن چورنگي، سب مئرين چوڪ يا حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ آهي، تيئن هتي چوراهن جا نالا ميدان آزادي، ميدان جمهوري، ميدان امام حسين، ميدان رسالت، ميدان توحيد، ميدان شوش، ميدان مقدم وغيره آهن، ريلوي اسٽيشن کي فارسي ۾ ايستگاه ٿا سڏين تڏهن ته تهران جي ريلوي اسٽيشن ٻاهران وڏي اکرن ۾ لکيل آهي.
    ”ايستگاه راه آهن تهران“
    راهه معنيٰ رستو پٽڙي يا Rail ۽ آهن معنيٰ لوه ”راه آهن“ معنيٰ لوهه جو رستو، جيئن ”مرد آهن“ معنيٰ لوهي ماڻهو. مهرآباد کان نڪري جنهن رستي تي اسين پهتاسين اتي بسن جو ٽرمينل (ترمينل غرب تهران) هو جتان ڪيتريون ئي خوبصورت بسون قم، اصفهان، ڪرمان شاه، يزد، مشهد ۽ ايران جي ٻين شهرن ڏي وڃي رهيون هيون. قم شهر ڏي ويندڙ بس به خالي هئي پر اسان جي گروپ جي ليڊر محمد علي اسان کي ترسڻ لاءِ چئي پاڻ مختلف بس وارن سان ڳالهائيندو رهيو. پوءِ اسان کي هڪ خالي بس ۾ چڙهڻ لاءِ چيو. اسان جي وهڻ بعد به ان بس ۾ ڪجهه سيٽون خالي هيون، جن تي وهڻ لاءِ هن اسان سان گڏ جهاز مان لهڻ وارن پاڪستانين کي دعوت ڏني، جن ۾ ٽي ڄڻا سکر ۽ لاڙڪاڻي پاسي جا ڊاڪٽر شاهد ميراڻي ۽ ان جا دوست هئا. هو سڀ خوش ٿي اسان جي بس ۾ ويٺا. پوءِ جڏهن بس هلڻ لڳي ته اسان کي خبر پئي ته اسان جي ٽوئر جو انچارج هتان سڌو قم شهر وٺي هلڻ کان اڳ تهران جي پسگردائي جون زيارتون پڻ ڪرائڻ چاهي ٿو، جيئن ته آستان مقدس حضرت عبدالعظيم، مقبره بيبي شهربانو ۽ امام زاده صالح (شيعن جي ستين امام موسيٰ الڪاظم جو پٽ ۽ امام علي رضا جي ڀاءُ) جو آرامگاهه جيڪو تهران جي اتراهين ضلعي تاجرش ۾ آهي.
    ايران ۾ هر سال لکين زائرين ۽ ٽوئرسٽ پاڪستان مان اچن ٿا. جن مان ڪجهه پاڻ مرادو دوستن يا مائٽن سان اچن ٿا، ٻيا قافلي جي صورت ۾ ڪنهن ڄاڻو ۽ تجربيڪار ليڊر کي پاڻ سان کڻن ٿا، جيڪي قم ۽ مشهد شهرن ۾ ته زائرين کي وٺيو اچن پر پسگردائي جي زيارتن لاءِ هنن کي ڇڏيو ڏين ته جي چاهين ته پاڻ ئي وڃي ڏسن. ان معاملي ۾ اسان جو گروپ خوش نصيب چئبو جو اسان جو اڳواڻ اسان کي نه فقط مشهد ۽ تهران ۾ پر قم ۾ به ٽوئرسٽ بس جو بندوبست ڪري سڀني کي وٺي هليو ٿي، نه ته اڪيلي سر هر جاءِ تي پهچڻ ڏکيو ڪم آهي، خاص ڪري بيبي شهربانو جي مقبري تي جيڪو جابلو علائقي ۾ آهي، جتان ٽئڪسي ته ڇا بس به مشڪل سان ملي ٿي. ايتريقدر جو اسان جڏهن اتان موٽياسين پئي ته سج لهي چڪو هو ۽ مردن سان گڏ ڪيتريون عورتون به سواري جي انتظار ۾ هيون. جن کي ڏکيو سکيو بس ۾ ويهاري اسان ڪنهن وهندڙ رستي تي اچي لاٿو.
    هونءَ زيارت کان علاوه ههڙا خوبصورت هنڌ ۽ مقبرا قدرتي نظارن ۽ عمارتسازي ۽ چٽسالي جي ڪم جي خيال کان به ڏسڻ جهڙا آهن. بيبي شهربانو جو مقبرو تهران جي ڏکڻ اوڀر علائقي ۾ جن جبلن جي وچ ۾ آهي، اهي هن بيبي جي نالي سان ”ڪوه شهر بانو“ جبل سڏجن ٿا. هنن جبلن تائين پهچڻ ۾ اسان جي بس بزرگراهه آزادگان (ڪمربندي) تائين ٿيندي بزرگراهه امام رضا ۽ جاده ڪار سيمان رستن تي آئي جتان پوءِ جاده بيبي شهربانو تي پهتي ۽ پوءِ ڪا دير مٿي جبلن تي چڙهندي رهي جتان هيٺ ڏسڻ سان رستي تي هلندڙ ماڻهو ۽ موٽرون رانديڪن جيان ٿي لڳيون. منهنجي خيال ۾ هڪ ٽوئرسٽ جيڪو تهران تائين اچي ٿو اهو کڻي مسلمان هجي يا عيسائي يا ٻئي مذهب جو بيبي شهربانو جي قبر تي فاتح پڙهڻ لاءِ نه ته گهٽ ۾ گهٽ جبل جي چوٽيءَ تان قدرت جو نظارو ته ضرور ڪري، ايڏو مٿي پهاڙي تي آءٌ صاف، سنهي ۽ آڪسيجن جي ڪوٽا سان ڀرپور هوا جا ڊگها ڊگها ساهه کڻي خوش ٿيس. ڪراچي جي دونهين، ڌوڙ ۽ ڌپ واري ماحول ۾ ڪٿي ڀلا ههڙي سڳنڌ! ساڳي شڪايت ڊاڪٽر شاهد سکر ۽ خيرپور جي ماحولياتي گدلاڻ جي ڪئي. مون اڃان به ڊگها ڊگها ساهه کنيا. پري کان هيٺ هڪ سيمنٽ فيڪٽري نظر اچي رهي هئي ان کان علاوه سڄو علائقو ڪارخانن ۽ فيڪٽرين کان پاڪ هو، بس ڊرائيور جيڪو اسان کان پنج ڇهه قدم پري بيٺو هو، تنهن ويجهو اچي اسان کي ٻڌايو ته حڪومت ان ڪوشش ۾ آهي ته هن سيمينٽ فئڪٽري کي هتان شفٽ ڪرايو وڃي، جو هن مان نڪرندڙ ڪاربن ۽ سلفر جا جزا تهران جي ماڻهن جي صحت ۽ ههڙن مقبرن جي سونهن خراب ڪن ٿا. اهو ٻڌي مون ڊاڪٽر شاهد ۽ سندس خيرپور جي دوستن ڏي نهاريو ۽ هنن مون ڏي. اسان جي اکين جو هڪ ٻئي لاءِ اهوئي نياپو هو ته اسان ته خبر ناهي ڪهڙي گدلاڻ ۾ ٿا رهون، جتي جي فئڪٽرين مان نڪرندڙ دونهون Flue gases نه رڳو هوا کي گدلو ڪري ٿو پر انهن مِلن ۽ ڪارخانن جو Sludge اسان جي ڳوٺن جي ماڻهن ۽ ڍورن جي پيئڻ جي پاڻي کي به زهريلو بڻايو ڇڏي.


    بيبي شهربانو جي مقبري تي...

    ايران ۾ جيڪي به زيارتن لاءِ اچن ٿا، اهي مشهد ۽ قم شهرن ۾ گهڻو وقت رهن ٿا. ان بعد ايران ۾ به هڪ يا ٻه ڏينهن ترسن ٿا. جتي امام خميني جي مقبري تي حاضري ڀرين ٿا. ان بعد شهر ري ۾ آستان مقدس حضرت عبدالعظيم تي پهچن ٿا. ان کان علاوه ڪنهن ٻئي هنڌ وڃن يا نه پر بيبي شهربانو جي مقبري تي ضرور اچن ٿا، جيتوڻيڪ بيبي شهربانو جو مقبرو شهر کان پري، جابلو علائقي ۾ هڪ جبل تي آهي. اسان جي بس ڊرائيور کي رستي ڳولڻ ۾ ٿوري دقت ٿي پر نيٺ انهن جبلن جي قدمن وٽ پهچي ويو ۽ پوءِ جبلن جي چوڌاري وڪڙن وارن رستن تان ڦري مٿاهين ليول تي اچي پهتو. رستو ۽ پسگردائي ائين لڳي رهي هئي جيئن ملائيشيا جي گنتنگ هاءِ لئنڊ وارو پراڻو رستو يا ممبئي کان پوني ويندي رستي تي کنڊيالا واري هل اسٽيشن وارو رستو. جبل تي جتي بس ڇڏيو ان بعد به ڪيتريون ڏاڪڻيون چڙهي هن جبل جي چوٽيءَ تي پهتاسين. مون هن هنڌ جون ڪيتريون ئي تصويرون ورتيون ان بعد اولهه ڏي منهن ڪري سج جي ڳاڙهي ٿالهه کي افق جي پويان غروب ٿيڻ جو نظارو ڏسڻ لڳس. هيٺ گهڻو پري تهران جا حاجي آباد، تقي آباد، زور آباد ۽ ڪاروان علائقا آهن. ائين جيئن ڪراچي جي هل پارڪ مان ڊرگ ڪالوني، نرسري، محمود آباد، چنيسر ڳوٺ جهڙا علائقا نظر اچن پر هيءَ پهاڙي ڪراچي جي هڪ پارڪ کان گهڻو گهڻو مٿاهين آهي. منهنجي سامهون بيٺل خيرپور پاسي جا ٽي سنڌي دوست ممتاز ميراڻي، ڊاڪٽر شاهد ۽ ڪريم بخش راڄپر اسان جي انگريزي ڳالهائيندڙ ڊرائيور کان شايد پڇي رهيا هئا ته هتي دفن ٿيل بيبي شهربانو ڪير آهي، يا هو شايد پاڻهي ئي هنن کي بيبي شهربانو ٻڌائي رهيو هو.
    ”تاريخ جي هيڏي اهم شخصيت کان توهان واقف نه آهيو؟“ ڊرائيور چيو: ”هيءَ بيبي شهربانو اسان جي ٽئي امام حضرت امام حسين ابن علي (680-626) جي گهرواري هئي. جنهن چوٿين امام علي ابن حسين (زين العابدين) کي 658 ۾ جنم ڏنو.“
    ”پر هيٺ بيٺل هڪ ٻئي ايراني گائيڊ ٻڌايو ته بيبي شهربانو آتش پرست ايراني هئي.“ اسان جي پاڪستاني همراهن مان هڪ چيو.
    ”بلڪل صحيح آهي هن توهان کي“. ڊرائيور سگريٽ جو آخري ڪش هڻي ان کي پيرن هيٺان چيڀاٽيو. ”بيبي شهربانو شادي کان اڳ زوروسٽن (باهه جي پوڄاري) ۽ اسان جي ملڪ جي شهزادي هئي هوءَ ايران جي آخري ساساني شهنشاهه يزدگرد سوم جي وڏي ڌيءَ دختر جهان شاهه (دنيا جي بادشاه جي ڌي هئي).“
    مون هن جبل جي چوٽي تان چوڌاري پري پري تائين نظر ڊوڙائي شهزادي شهربانو جو پيءَ شهنشاهه يزدگرد (جنهن جي لفظي معنيٰ الله جوڙيو يا الله ڏتو) ٿي، ابن ڏاڏن جي 400 سالن کان هلندڙ ساساني گهراڻي جي حڪومت جو اوڻٽيهون ۽ آخري بادشاهه هو، جيڪو 16 جون 632ع تي ايران جي تخت تي ويٺو. پاڻ ساساني گهراڻي جي بيحد مشهور ۽ طاقتور بادشاهه خسرائو دوم (جنهن ايران تي 590ع کان 628ع تائين حڪومت ڪئي)، ان جو پوٽو هو. شهنشاهه خسرو دوم ايران جو اهو شهنشاهه آهي، جنهن جي ڏينهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي 571ع ۾ مڪي ۾ ولادت ٿي ۽ جڏهن چاليهه سالن جي ڄمار ۾ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن تي 611ع ۾ وحي نازل ٿيو ته ان وقت خسارئو دوم جو والد هرمزد چهارم جي وفات ٿي چڪي هئي ۽ خسرائو دوم تخت تي ويٺل هو، جنهن کي ڪجهه سالن کانپوءِ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت جو خط موڪليو هو، جنهن جي موٽ هن سٺي نموني نه ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ايران (جيڪو پرشيا سڏبو هو) طاقت، علم، ايراضي ۾ دنيا جو سپر پاور ائين هو جيئن اڄ آمريڪا آهي. جنهن جي اڳيان عربستان ائين هو جيئن اڄ جو فجي نيپال يا هائيتي جهڙو ڪو ملڪ آمريڪا اڳيان آهي. جنهن ٿي سوچيو ته دنيا جو هي طاقتور ملڪ پرشيا جنهن جي حدن ۾ عراق، ڪويت، افغانستان، آذربائيجان ويندي اڄ جي پاڪستان ۽ انڊيا جو ڪجهه حصو اچي ٿي ويو، فقط ٽن ڏهاڪن اندر هڪ عرب رياست کان شڪست کائي ويندو، ۽ پنج سو سالن کان مٿي لڳاتار ٻرندڙ آتش پرستن جي باهه، اجهامي ويندي ۽ هن ملڪ جا ماڻهو نه فقط اسلام قبول ڪندا پر مثالي مسلمان ثابت ٿيندا، عالم، زاهد، پرهيزگار متقي پيدا ٿيندا.
    حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي وفات کان فقط ڪجهه سال پوءَ جڏهن حضرت عمر فاروق خليفو هو ته هن جي ڏينهن ۾ سعد ابن ابي وقاص جي اڳواڻي ۾ مسلمانن 650ع ڌاري ايران تي عراق ۽ ڪويت واري پاسي کان حملو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ عراق، ڪويت ۽ اڄ واري سعودي عرب جو اتراهون حصو به ساساني حڪومت هيٺ هو، يعني پرشيا جو حصو هو. عربن جو هي حملو ڪافي طاقتور هو ۽ ان وقت جو ايراني شهنشاهه بيبي شهربانو جو پيءُ يزدگرد سوم مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ عرب اهو سڄو علائقو آساني سان فتح ڪري ويا. ساساني گهراڻي جي حڪومت جيڪا 400 سالن تائين رومين جو مقابلو ڪندي رهي، ان حڪومت جي بادشاهه يزدگرد سوم پنهنجن وڏن جو گادي وارو شهر ۽ انهن ڏينهن ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر طيسفون Ctesiphone ڇڏي ايران جي اندرين علائقن ۾ وڃي پناهه ورتي. جتي هن کي هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزور 651ع ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ ساسانين جي ساڍا چار صديون کن حڪومت جو خاتمو ٿي ويو. جنگي قيدي جيڪي مديني پهچايا ويا، انهن ۾ هن ساساني بادشاهه يزگرد جي وڏي ڌيءَ به هئي. سب اچي مديني جي مسجد ۾ گڏ ٿيا ته قيدين بابت وقت جو خليفو ڪهڙو فيصلو ٿو ڪري، چون ٿا ته حضرت عمر جو اهو ارادو هو ته جنگ ۾ قبضي آيل سمورن قيدين جو نيلام ڪيو وڃي ۽ جيڪو وڏو واڪ ڏئي ان جو اهو غلام ٿئي، ان تي حضرت علي صلاح ڏني ته ڇوڪرين کي پنهنجي مڙس چونڊڻ جو حق ڏنو وڃي. سڀني اها ڳالهه قبول ڪئي. حضرت علي ان بعد شهزادي شهربانو کي مڙس چونڊڻ لاءِ چيو. شهزادي شهربانو ميڙ ۾ بيٺل ماڻهن مان هڪ هڪ کي ڏسندي وڌندي رهي، آخر هڪ هنڌ هن جون اکيون ڄمي ويون. ”مون هن شخص کي هن کان اڳ خواب ۾ به ڏٺو آهي“. شهزاديءَچيو سڀني مڙي ان شخص ڏي ڏٺو. اهو حضرت علي جو فرزند امام حسين هو حضرت علي پنهنجي پٽ امام حسين کي چيو ته تو کي هن مان اعليٰ ٻار پيدا ٿيندو. ان بعد حضرت علي شهزاديءَ جي ويجهو اچي هن کان نالو پڇيو: ”منهنجو نالو دختر جهان شاهه آهي.“ شهزادي ٻڌايو.
    ”هاڻ اڄ ڏينهن کان پوءِ توکي شهربانو جي نالي سان سڏيو ويندو.“ حضرت علي چيو.
    (مٿيون ڳالهيون جن مختلف ماڻهن ٻڌايون، اهي منهنجا ايراني گائيڊ ۽ واقفڪار حوالي طور هيٺيان ڪتاب ٻڌائين ٿا)
    الدرجات اولرافي
    موجم البلادان
    نهج البلاغه
    نفس الرحمان وغيره
    هن شاديءَ مان، امام حسين کي علي زين العابدين پٽ ڄائو جيڪو شيعن جو چوٿون امام سڏيو وڃي ٿو. هونءَ زباني ته ڪيتريون ئي ڳالهيون هتي ايران ۾ ايندڙ ڌارين ملڪن جي زائرين ۽ مڪاني ماڻهن کان ٻڌجن ٿيون ۽ اها ڳالهه پڻ هتي عام آهي ته حضرت فاطمه زهره (امام حسين جي والده محترمه) عربن جي ايران تي ڪاهه کان اڳ شهربانو کي خواب ۾ نظر آئي ۽ کيس چيو ته توکي خوش ٿيڻ کپي جو تنهنجي مقدر ۾ نامياري شادي آهي. ان خواب ۾ شهربانو کي سندس مستقبل جي گهوٽ امام حسين جي به تصوير ڏيکاري وئي هئي.
    هتي ايران جي مختلف لئبررين ۾ موجود ڪتابن ۾ هن بيبي بابت مختلف ڳالهيون لکيل نظر اچن ٿيون. هڪ هنڌ پڙهيم ته شهربانو جي والد، ايران جي شهنشاهه يزدگرد سوم جي شڪست بعد جڏهن شهربانو ۽ شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن کي قيدين طور فاتح عرب فوج مديني پهچايو ته پرشيا جي هارايل حاڪم يزدگرد سوم جي ڌيءَ شهربانو کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا انبوه اچي گڏ ٿيا. خليفي عمر ابن الختاب حڪم ڪيو ته شهنشاهه عالي جي ڌيءَ کي هن اڳيان پيش ڪيو وڃي. سپاهين شهربانو کي خليفي جي اڳيان آندو. جنهن هن جو نقاب هٽايو ته شهزادي ان کي واپس ڇڪي چيو ته ”وي! روئي هرمز سياد شدا.“
    خليفي سمجهيو ته شهزادي شايد سندس بي عزتي ڪئي آهي ۽ شهزادي کي ان جي سزا لاءِ قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر حضرت علي کين يڪدم ٻڌايو ته هن جو ان فارسي جملي مان ڪوبه اهڙو مطلب نه هو، ان بعد حضرت عمر شهربانو کي نيلام ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو، جيڪو پوءِ حضرت علي جي صلاح سان نڪاح جو فيصلو ٿيو. جنهن لاءِ شهزادي حضرت امام حسين جو انتخاب ڪيو.
    روايتن موجب اهو پڻ ٻڌايو ٿو وڃي ته ڪربلا جي ميدان ۾ جتي 10 آڪٽوبر 680ع تي حضرت امام حسين شهادت ورتي اتي مڙس سان گڏ بيبي شهربانو به موجود هئي. حضرت امام حسين جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ بيبي شهربانو کي پنهنجي مشهور گهوڙي ذوالجناح تي ويهاريو ۽ کيس سندس سلامتيءَ لاءِ پنهنجي اباڻي وطن ايران وڃڻ لاءِ چيو:
    ”تون شهزادي آهين ۽ اسان جي قوم مان به نه آهين“ امام حسين شهربانو کي چيو، ”۽ نه وري هيءَ جنگ تنهنجي آهي.“
    هوءَ هن تيز رفتار گهوڙي تي چڙهي ايران جي ان وقت جي مشهور شهر ري Ray ۾ پهتي. تن ڏينهن ۾ تهران اڃا مشهور نه ٿيو هو. هي شهر ري جيڪو اڄ ڪلهه تهران جو حصو بڻجي ويو آهي. تهران کان ائين پري هو جيئن انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت (1843ع ) ۾، ڪراچي جو تن ڏينهن جو ننڍڙو شهر (يعني کارادر ۽ ميٺادر واري علائقي تي مشتمل) ملير کان هو. ري پهچڻ تي شهربانو جي جان بخشي نه ٿي سگهي. دشمن هن جي ويجهو اچي ويا، جن کان لڪڻ لاءِ هوءَ هن پهاڙي تي چڙهي وئي. اسان جي گائيڊ محمد علي ۽ سندس دوست مستان علي ٻڌايو ته دشمنن جي هتي پهچڻ تي جبل ڦاٽي پيو ۽ بيبي شهربانو کي ڳڙڪائي ڇڏيو ۽ دشمن هٿ مليندا رهجي ويا.
    اڄ جنهن قافلي سان گڏ آءٌ سفر ڪري رهيو آهيان، ان جا ماڻهو هن بيبي جي جبل جي چوٽي تي ان هنڌ بيهي پري کان تهران جو نظارو ڪري رهيا آهن. جتي جبل ۾ ڏار آهي ۽ روايتن موجب جتي هيءَ فارس جي ايراني شهزادي ۽ اسلام خاطر سر قربان ڪرڻ ۽ حق جي جنگ وڙهڻ واري حضرت امام حسين جي نيڪ زوجه، جنهن شيعن جي چوٿين امام علي زين العابدين کي جنم ڏنو، دفن ٿيل آهي. ڪي روايتون اهو به بيان ڪن ٿيون ته بيبي شهربانو علي زين العابدين کي 658ع جنم ڏيڻ بعد سگهو ئي وفات ڪري وئي ۽ 680 ع (ڪربلا جي ميدان تائين زنده نه رهي هئي).
    ڪو زمانو هو، جڏهن ستر واري ڏهي ۾ جهاز هلائي جپان پاسي ايندو هوس ته ايران جي ان وقت جي جهازران آريا ڪمپني (يعني شهنشاهه پهلوي دور) جا ايراني دوست اهو ٻڌائي فخر محسوس ڪندا هئا ته سندن چوٿين امام (شهربانو جي فرند علي زين العابدين) کان ٻارهين (آخري) امام تائين ايران (پرشيا) جي شاهي خاندانن مان آهن جي اسلام کان اڳ ايران Persia تي سلطنت هئي پر هاڻ هتي پهچي ڏسان پيو ته اڄ جي ايرانين جي ان سلسلي ۾ راءِ ڪافي بدليل نظر اچي ٿي، جنهن لاءِ هتي جي عالمن ۽ ڏاهن علي شريئتي ۽ آيت الله مطاهري جو خيال آهي ته اهي روايتون ڪمزور آهن. هو ته اهو به چون ٿا ته شهربانو جو ساساني شهزادي هجڻ واري ڳالهه ۾ گمان آهي پر ڪي فارسي زبان جا ڄاڻو ۽ علم جا محقق المباراد، الديناوري ۽ ويندي علامه طباطبائي (جنهن بابت شروع ۾ لکي چڪو آهيان ۽ جنهن جي نالي تهران ۾ طباطبائي يونيورسٽي پڻ آهي) مٿين عالمن سان Dis agree ڪن ٿا. هنن جو اهو ئي چوڻ آهي ته شهربانو شيعن جي چوٿين امام علي زين العابدين جي واقعي والده هئي. اهائي ڳالهه ڪيترائي سني عالم به ڪن ٿا، جنهن لاءِ هو قبوص نامي جي ٻاويهين باب جو حوالو ڏين ٿا. جنهن ۾ حضرت سلمان فارسي جي پڻ ان شادي لاءِ دلچسپي يا صلاح مشوري جو ذڪر ڪن ٿا. مشهور اصحابي سلمان فارسي حضرت عمر جي ڏينهن ۾ حيات هو، چون ٿا ته هن سو ورهن کان به مٿي ڄمار ماڻي ۽ سن 655ع ڌاري وفات ڪئي. جڏهن حضرت عثمان رضه مسلمانن جو خليفو هو. ان بعد سگهو ئي 656ع ۾ حضرت عثمان جي شهادت ٿي ۽ 661ع تائين حضرت علي شيعن جو پهريون امام، عالم اسلام جو چوٿون خليفو ٿي رهيو. هونءَ شروع جي راوين، خاص ڪري ابن سعد ۽ ابن قطيبه جي حوالن سان اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته حضرت امام حسين جي زال هڪ غلام ڇوڪري هئي جنهن جو سنڌ سان تعلق هو. مٿيان راوي هن جي شهزادي هجڻ جو ڪو اشارو نٿا ڪن. دراصل پهريون اسڪالر جنهن حضرت امام حسين جي گهرواريءَ جو تعلق ساساني شاهي گهراڻي سان هجڻ جي ڄاڻ ڏني اهو نائين صدي جو عالم زبان موبارد هو.


    آستان شاهه عبدالعظيم ۽ تغرل ٽاور

    تهران ۾ بيبي شهربانو جي آخري آرامگاهه کان پوءِ اسان جي ٻي منزل آستان مقدس حضرت عبدالعظيم هو. اسان جي بس ساڳيا لنگهه ۽ رستا وٺي جبل تائين هيٺ لهڻ لڳي. اسان جي قافلي ۾ موجود سڀ ماڻهو ڪراچي جا هئا. ڪراچي اهو شهر آهي جيڪو ڪنهن پهاڙي تي ته ناهي پر سطح سمنڊ کان به هيٺ آهي. يعني سمنڊ کان وڏي ڇولي اچي ته ڪراچي شهر نه فقط ٻڏي وڃي پر اهو پاڻي واپس به نه موٽي سگهي. سو ظاهر آهي ان شهر ڪراچي جي ماڻهن لاءِ بيبي شهربانو جو اتاهين جبل تي مقبرو يا ٻيون اتاهيون جايون (جن سان ايران ڀريو پيو آهي) لطف ڏين ٿيون. اسان کي اڄ رات قم وڃڻو هو پر ان کان اڳ الحرمين ٽريول ايجنسي وارن تهران جي پسگردائي واريون ڪجهه زيارتون گهمائڻ لاءِ هن خاص بس جو انتظام ڪيو هو.
    اسان جي بس ڪوه شهربانو نالي جبلن تان لهي هيٺ جاده بيبي شهربانو (روڊ) تي آئي جنهن تان پوءِ ٻئي وڏي رستي جاده ڪارخانه سيمان ۽ جاده امين آباد (رستن) تي آئي ۽ اولهه طرف شهر ري علائقي ڏي هلڻ لڳي. دراصل تهران ويهه کن ننڍن ضلعن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ ضلعو ”شهر ري“ آهي. جيئن کڻي چئجي ته ڪراچي جو ضلعو ملير آهي. ري شهر جنهن کي انگريزي ۾ Rayy, Ray ۽ ويندي Rhages لکيو وڃي ٿو، تهران کان به جهونو شهر هو. جيئن ملير ڪراچي کان به جهوني بستي آهي. تهران ته ڄڻ ته ڪالهوڪو شهر آهي. ري شهر ائين آهي جيئن ڪراچي جي مقابلي ۾ ڀنڀور ۽ دبيل. پر ري ته موهن جو دڙي وانگر 5000 سال پراڻو شهر آهي. جنهن جو ذڪر هڪ ايراني لسانيت جي ماهر ٻڌايو ته بائيبل ۾ به اچي چڪو آهي (Judith 1:5, Tobit 1:14) هي ”شهر ري“ آتش پرست ڌرم وارن جو مرڪز هو. منگولن جي حملي بعد ري شهر جو شان شوڪت ويو گهٽبو، ۽ ان سان گڏ ڀرواري شهر تهران جي اهميت وئي وڌندي. اڄ تهران جو شهر ڪراچي وانگر ايڏو ته وڏو ٿي ويو آهي، جو ري شهر ان جو حصو بڻجي ويو آهي. تاريخي شين ۾ ري گهڻن جهونن شهرن کان وڌيڪ مالا مال آهي. دراصل بيبي شهربانو جو مقبرو به ري شهر ۾ ٿو اچي. هتي ٻارهين صدي جو برج تغرل ٽاور پڻ آهي، جيڪو سلجوق گهراڻي جي بادشاهه تغرل بيگ جي حڪم سان ٺهرايو ويو هو. جڏهن هن ايران جي گادي جو شهر نيشاپور سان بدلائي ري Rayy ۾ ڪيو. هي ٽاور ويهه ميٽر ڊگهو آهي ۽ سندس ٻاهريون حصو 24 حصن ۾ ورهايل آهي. هتي جي ري بازار ۽ شاهه عباسي ڪاراوان سراءِ به جهونيون عمارتون آهن. چشمه علي جي ٽڪري به ري جي جهونين شين مان آهي، جنهن جي کوٽائي 1933ع ۾ شروع ڪئي وئي، جنهن مان ڪيتريون ئي شيون 7000 سال پراڻيون مليون آهن. يعني موهن جي دڙي کان به پراڻيون. چيو وڃي ٿو ته هي علائقو 6000 سال کن اڳ آرين جي بيٺڪ هو. هتي جي هڪ پهاڙي تي قاچار گهراڻي جي شهنشاهه فتح علي شاهه ۽ ڪجهه شهزادن جون تصويرون آهن. اسان کي شاهه عبدالعظيم جي کوٽايل مقبري تي وڃڻو هو، جنهن کي بقول هتي جي ڊرائيور جي حضرت عبدالعظيم سڏين ٿا. هي مقبرو ري بازار جي بلڪل ڏکڻ ۾ آهي ۽ اسان جو ڊرائيور ذڪريا بس کي رازي روڊ ۽ ميدان شهر ري چوراهي وٽان ڦيرائي شهيد تبريزي روڊ ۽ هلال احمر روڊ تان ڦري اچي آرامگاهه حضرت عبدالعظيم تي لاٿو.
    هونءَ ڏٺو وڃي ته ڌارين ملڪن کان ايندڙ زائرين، تهران جي مرڪزي شهر کان وڌيڪ، تهران جي هن ڏاکڻي حصي ري شهر ۽ وڌيڪ اچن ٿا، جتي بيبي شهربانو، حضرت عبدالعظيم ۽ ان سان گڏ امامزاده حمزه ۽ امامزاده طاهر جا مقبرا آهن، جيڪي ماڻهن جي لاءِ ڪشش جو سبب آهن.
    حضرت عبدالعظيم، امام حسين جي اولاد مان آهي، پاڻ 9 صدي ۾ هتي ري شهر ۾ شهيد ٿيو هو. سندس والد جو نالو عبدالله ۽ والده جو فاطمه بنت عقبيٰ ابن قيس هو. پاڻ 173 هجري ۾ مديني ۾ ڄائو ۽ زندگي جي 79 سالن ۾ هن چار امام ڏٺا. امام موسيٰ ڪاظم، امام علي رضا، امام محمد تقي ۽ امام علي الهادي ۽ هنن امامن کان هن ڪافي ڪجهه پرايو. ايتريقدر جو امام علي هادي ڪيترا دفعا مسئلا پڇڻ وارن ماڻهن کي حضرت عبدالعظيم ڏي موڪليندو هو. پاڻ وقت جي خليفي، خاص ڪري متوڪل جي ظلمن کان جان بچائي، مديني مان نڪري هتي ري شهر ۾ اچي رهيو هو.
    حضرت عبدالعظيم جو هي مقبرو ايراضي، عمارتسازي توڙي رنگ روغن، ڪاشي ۽ چٽسالي جي خيال کان ڏسڻ وٽان آهي. شايد ان ڪري هن کي ڏسڻ لاءِ نه فقط مسلمان اچن ٿا پر ڪيترائي يورپي ۽ آمريڪي غير مسلم به اچن ٿا. خوبصورت ڪاشيءَ جي ڪم مون کي به ڏاڍو متاثر ڪيو. مشهد ۾ امام رضا جي روضي ۾ ته ڪئميرا سان فوٽو ڪڍڻ جي اجازت نه هئي پر هتي فوٽو گرافي کان منع نه هجڻ ڪري سڀ کان گهڻا فوٽو هتي ڪڍي سگهيس. خاص ڪري رنگين ڪاشي جي سرن جا- جن جا چهڪندڙ ۽ شوخ رنگ ۽ ڊيزائنون ڏسڻ وٽان آهن. اتي ئي ڀر ۾ شيعن جي اٺين امام علي رضا جي ڀاءُ امامزاده حمزه ۽ امام سجاد جي پٽ امامزاده طاهر جا مقبرا پڻ آهن. مقبري جي ڀرسان ٺهيل مسجد، ان جا منارا، مقبري جا قبا ۽ گنبذ ۽ ٻيون مختلف شيون سلجوق، صفوي ۽ ٻين دورن جي شهنشاهن جي ڏينهن ۾ ٺهيل آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ان وقت جا عيسوي سن به لکيل نظر اچن ٿا. جيئن ته ڪاٺ جي هڪ قيمتي پيتي تي نستعليق ۽ تلٿ لکڻين بعد آخر ۾ 1330ع سن لکيل آهي. نصير دين شاهه جي مقبري جي اندرين در تي (جنهن عمارت لاءِ گائيڊ ٻڌايو ته ان کي شروع ۾ مسجد هلاڪو سڏيو ويو ٿي) ان تي 1450ع جو سن لکيل آهي. جيڪو تيمور گهراڻي جي حاڪم شاهه رخ بهادر جي حڪومت جو دور آهي. جنهن جي زال گوهر شاد مشهد ۾ آهي. امام رضا جي روضي ڀرسان پنهنجي نالي واري مسجد گوهر شاد ٺهرائي. ان کان علاوه ٻن لوهي دروازن تي سلجوق دور جو سن 1153ع اُڪريل آهي.
    حضرت عبدالعظيم جي روضي وٽ جيڪو نصير دين شاهه جو مقبرو آهي، اهو ڪاچاري گهراڻي جو پنجون بادشاهه هو. پاڻ شهنشاهه محمد شاهه عرصو بادشاهه ٿي رهيو. يعني 1848ع کان وٺي 1896ع تائين جڏهن هن کي مرزا رضا ڪرمانيءَ ان وقت قتل ڪيو جڏهن هو هتي (حضرت عبدالعظيم جي مقبري واري مسجد هلاڪو ۾) نماز پڙهي رهيو هو. چون ٿا ته قاتل مرزا رضا ڪرماني جمال الدين افغاني جو پوئلڳ هو. نصير دين شاهه کي هتي ئي حضرت عبدالعظيم واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. نصير الدين شاهه جي مقبري وٽ سندس وڏي مورتي Statue به رکيو ويو هو، جيڪو اڄ ڪلهه تهران جي گلستان محل ميوزيم ۾ آهي.
    هتي جڏهن هن ڪاچاري شهنشاهه نصير الدين شاهه جي ڳالهه نڪتي آهي ته پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ اهو به لکندو هلان ته نصيرالدين شاهه جي والد شهنشاهه محمد شاهه کي اٺن زالن مان نصير الدين شاهه سميت ويهه ٻار هئا، ان کان علاوه چار ٻيون زالون هيون، جن مان ڪو اولاد نه هئس. انهن 20 ٻارن مان ست ٻار ته ننڍي عمر ۾ ئي گذاري ويا هئا. بچيل ٻارن مان جيڪي اهم ۽ مشهور ٿيا. انهن مان هڪ نصير الدين شاهه هو، جيڪو پيءُ جي وفات بعد ايران جو بادشاهه ٿيو. ٻين ٻارن ۾ عباس (ملڪ آرا) عبدالصمد ۽ محمد تقي مرزا مشهور ٿي گذريا آهن.
    هتي ئي ري شهر ۾ جتي حضرت عبدالعظيم جو مقبرو آهي. 950 سال کن پراڻو سرن جو ٺهيل 20 ميٽر ڊگهو ٽاور ٺهيل آهي، جنهن لاءِ هن مضمون جي شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته برج تغرل سڏجي ٿو. جيڪو سلجوق گهراڻي جي ٻئي حاڪم تغرل بيگ جي ياد ۾ ٺهيل آهي، جيڪو 26 ورهين جي ڄمار ۾ 1016ع ۾ ايران جو بادشاهه ٿيو ۽ هن شهر ري Rayy ۾ 1063ع ۾ وفات ڪيائين. ٻين منارن ۽ مقبرن وانگر هن ٽاور جي مٿان به بعد ۾ گنبذ ٺهرايو ويو هو. جيڪو پوءِ زلزلي ۾ ڪري پيو ۽ هاڻ وري هي اصلي صورت ۾ آهي. هن ٽاور جو ٻاهريون ڊايا ميٽر 16 ميٽر آهي ۽ 24 ڪنڊن واري هن مينار جي ٿولهه کان اڍائي ميٽرن تائين آهي.
    تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هتي ڪجهه سٽون تغرل بيگ بابت لکڻ بيسود نٿو سمجهان، ايران تي سلجوق گهراڻي جي بادشاهن جي ڏيڍ سو کن سال (1026ع کان 1194ع تائين) حڪومت هلي جنهن ۾ تغريل بيگ نالي سان ٽي بادشاهه ٿيا. هڪ پهريون تغرل بيگ بن ميڪائيل جنهن هن گهراڻي جو بنياد وڌو. هو 990ع ۾ ڄائو ۽ 1037ع کان 1063ع تائين سلطان رهيو ۽ هي مينار هن تغرل بيگ جي ياد ۾ ري شهر ۾ ٺهيل آهي. هن تغرل بيگ پرشيا (ايران) کي فتح ڪرڻ بعد 1055ع ۾ عباسين جي گادي واري شهر بغداد تي قبضو ڪري ورتو ۽ هن دور ۾ عباسي خاندان جا خليفا فقط Figure Heads وڃي رهيا هئا ۽ خليفن جي ملٽري فوج وغيره تغرل جي حڪم جي باندي ٿي پئي، جنهن رومن سلطنت ۽ فاطمي حڪومت سان ويڙهه ڪري پنهنجي حڪومت جا بارڊر وڌايا ۽ اسلامي دنيا ۾ ايڪو پيد اڪيو. شايد ان بهادري ڪري تغرل بيگ اسان وٽ به هيرو مڃيو وڃي ٿو ۽ اسان جي بحري فوج جي هڪ جهاز جو نالو تغرل به رهيو آهي.
    تغرل بيگ جو قصو ان ڪري به کڻي ويٺو آهيان ته زماني جي گردشن جا ڪهڙا ڪهڙا ته چڪر آهن! ڪڏهن ڪو تخت تي آهي ته ڪڏهن تختي تي، ايران جو حاڪم محمود غزنوي جنهن هندستان ۾ به ڏهڪاءُ مچائي ڇڏيو هو، جنهن ايران، افغانستان، هند ۽ سنڌ لتاڙي جهونا ڳڙهه جي سومناٿ مندر مان جڏهن ڦرلٽ ڪئي ٿي ۽ هن اهو ئي سمجهيو ٿي ته هو ايڏو طاقتور ۽ مال ملڪيت وارو ٿي ويو آهي، جو هن جون ست پيڙهيون وڏي رعب تاب سان هن سڄي ريجن تي حڪومت ڪنديون رهنديون، ان جي وفات بعد سندس پٽ مسعود غزنوي تخت تي ويٺو ته هن تغرل بيگ جنهن جي محمود غزنوي زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي. تنهن يڪدم خراسان جي اهم شهرن نيشاپور ۽ مرو Merv تي حملو ڪري پاڻ کي نيشاپور جو سلطان سڏايو. هي 1037ع ۽ 38 جي ڳالهه آهي، ٻن سالن بعد يعني 1040ع ۾ هن غزنوي حڪومت جي باقي اهم شهرن بلغ ۽ بخارا تي اهڙي زور زبردستي ڪئي جو محمود غزنوي جي پٽ مسعود غزنوي کي لڪڻ جي جاءِ نه پئي ملي ۽ اتان ڀڳو آهي ته اچي لاهور ۾ پناهه ورتي اٿس. 1058ع ۾ تغرل بيگ عباس خليفي القائم جي چوڻ تي فاطمي خليفي کي شڪست ڏيئي بغداد ۾ داخل ٿيو، ان بعد هن عباس خليفي القائم جي ڌيءَ سان شادي ڪئي.
    اسان جيسين حضرت عبدالعظيم جي مقبري جي مختلف حصن کي ڏسي رهيا هئاسين ته اسان جا گائيڊ محمد علي رضوي ۽ عابد جعفري هن مقبري جي اتر ۾ هتي جي وڏي ري بازار مان اسان لاءِ گرم گرم نان ۽ ڪواب وٺي آيا. جيئن ئي بس ۾ چڙهياسين ته هر هڪ کي الڳ الڳ پاڪيٽ ڏنو ويو، جنهن ۾ جيوس جو دٻو ۽ مٺي ۾ سوهن حلوي جو ٽڪرو به هو. مون کي ان ڏينهن خبر پئي ته هي جو ڪراچي سوهن حلوي کان مشهور آهي. اها دراصل ايران جي اسپيشلٽي آهي. ماني کائي بس ڪئيسسين ته محمد علي بس ڊرائيور کي اڳتي جي منزل يعني قم شهر هلڻ لاءِ چيو. ڊرائيور پهرين هڪ فارسي گانن جو ڪئسٽ آن ڪيو، ان بعد بس اسٽارٽ ڪئي.


    ايران جا بادشاهه- شاهن جا شاهه

    ايران جي تاريخ بادشاهن ۽ حاڪمن، شاهن ۽ شهنشاهن ۽ انهن جي سٺاين ۽ خرابين، ڦڏي بازين ۽ سازشن، آرٽ ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيارڻ ۽ قتل و غارت سان ڀري پئي آهي. ايران تي هلندڙ دور عيسوي سن کان به 3000 سال اڳ جو شروع ٿيل آهي، جڏهن ايلامي سلطنت هئي. سنئون سڌو هڪ هڪ بادشاهه جو رڪارڊ هخامنشي گهراڻي کان موجود آهي. جنهن جا شروعاتي حاڪم سائرس اول، ڪئمبيس، داريوس اڄ تائين مشهور آهن، جن حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به اڌ صدي اڳ پرشيا (ايران) تي راڄ ڪيو ٿي. ان بعد سڪندر اعظم جيڪو سنڌ تائين آيو، اُن ايران تي حملو ڪري پنهنجي يوناني ماڻهن کي پرشياتي راڄ ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪئي ۽ جيئن انڊيا تي انگريزن ٻه سو سالن کان مٿي عرصو حڪومت ڪئي تيئن يونانين جي آرگياد ۽ سلوڪي گهراڻي جي حاڪمن پرشيا تي پوڻا ٻه سو سال (330 قبل مسيح کان 164 قبل مسيح تائين) حڪومت ڪئي، ان بعد 500 سالن تائين پارٿياني گهراڻي جا 40 کن بادشاهه ٿيا ۽ سندن حڪومت 247 قبل مسيح کان 224 عيسوي تائين رهي. ان بعد سوا چار سو سال ساسانين جي حڪومت رهي. ساسانين جا به ٽيهن کان مٿي بادشاهه ٿيا ۽ 224 ع کان 651ع تائين ايران تي راڄ بعد ٻيا به ڪيترائي مسلمانن جا حاڪم گهراڻا پيدا ٿي پيا. جهڙوڪ؛ علوي، طاهري، ظياري، بوئي، ديلامي، صفاري، غزنوي، سلجوق وغيره وغيره جن جي بادشاهن مان ڪي سڄي ايران (پرشيا) تي ته ڪي ان جي حصي تي حڪومتن ڪندا رهيا ۽ آخر ۾ 1979ع ۾ امام خميني جي اسلامي انقلاب آڻڻ کان اڳ آخري ٻه گهراڻا جن ايران تي بادشاهي هلائي، اهي هئا قاچاري گهراڻو ۽ پهلوي گهراڻو. جنهن جو آخري حاڪم، شاهن جو شاهه محمد رضا شاهه پهلوي هو. سائرس بادشاهه کان وٺي آخر تائين ڳڻيا وڃن ته ايران جي گذريل اڍائي هزار سالن جي تاريخ ۾ اڍائي سو کان مٿي بادشاهه ٿيا. 651 ۾ آتش پرست بادشاهه يزدگر سوم جي قتل بعد رضا شاهه پهلوي تائين سڀ مسلمان بادشاهه ٿيا، يا گهٽ ۾ گهٽ مسلمان سڏائڻ وارا حاڪم ٿيا، جن ۾ سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي، باقي جام جڏا هئا ۽ سياست کي اسلامي رنگ ڏيئي پنهنجن جو ئي ڳلو ڪپيندا رهيا. نادر شاهه، تيمور لنگ، محمود غزنوي جهڙا اسلام جي نالي ۾ هندستان جهڙن ملڪن جي ڦرلٽ ۽ تباهي ڪري پنهنجن کان تاڙيون وڄرائي پوءِ پنهنجن جو ئي قتل عام ٿي ڪيائون ۽ پنهنجي ملڪ جي ئي شهرن ۾ لکين ماڻهن جي کوپڙين جا اهرام ٿي ٺهرايائون. اسلام امن جو مذهب هوندي به هنن اڻڄاڻن ايترو به امن نٿي رکيو، جيترو ساساني دور ۾ حڪومت جي 400 سالن ۾ باهه جي پوڄاري حاڪمن ۽ ايران جي به ڪيترن ئي بادشاهن اسلام جو نالو روشن ڪرڻ بدران ان کي بدنام ئي ڪيو. بس باقي اسان جي فيلڊ مارشل ايوب خان وانگر پنهنجي لقبن جو ئي واڌارو ڪندا رهيا. هخامنشي گهراڻي جي سائرس دوم ۽ دائروس اول ته پاڻ کي وڌ ۾ وڌ کڻي عظيم The Great سڏرايو، مقدونيا جي سڪندر به پاڻ کي دي گريٽ تائين محدود رکيو، پر پوءِ اسان جي بعد وارن مسلمانن، عوام لاءِ خوشحالي آڻڻ کان وڌيڪ پنهنجي لقبن ۾ خوشحالي آندي. شاهه مان شهنشاهه ۽ جهان پناهه ٿيندا رهيا. هتي ڪاجار گهراڻي جي هڪ بادشاهه فتح علي شاهه ڪاجار جي عهدن جو مثال ڏيان ٿو. ايران تي قاچاري خاندان جي سوا صدي (1794ع کان 1925ع) حڪومت رهي، جنهن ۾ 8 کن اهم بادشاهه ٿيا. فتح علي شاهه ڪاجاري ٻي نمبر تي بادشاهه ٿيو. پاڻ 1772ع ۾ ڄائو ۽ 1797ع کان 1834ع تائين ايران تي حڪومت ڪيائين. فتح علي جو اصل نالو بابا خان هو پر تاجپوشي مهل هو فتح علي شاهه سڏيو ويو. ان بعد آهستي آهستي هو پنهنجا لقب وڌائيندو ويو. آخر ۾ هن کي بابا خان چئي مخاطب ٿيڻ بدران هي لقب ۽ تعريفي صفتن سان نالو ورتو ويو ٿي.
    ظل الله گتي ستان، سڪندر شاهان جام جاهه فريدون فار ڪسريٰ، شوڪت اسلام، پناهه شريعت، پناهه حافظ ملڪ اعظم، سلطان ابن سلطان، فتح علي شاهه قاچار....


    ايران جو اصحابي

    ايران ۾ رهندي ۽ خاص ڪري اصفهان مان ايندي ويندي اسلامي تاريخ جي اهم شخصيت، اصحاب سڳوري ۽ اسان جي نبي ڪريمصه جي سچي عاشق حضرت سلمان فارسيءَ جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندو.
    حضرت سلمان فارسي اصفهان جي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو، انهن ڏينهن ۾ ايران ”پرشيا“ ۽ ”فارس“ جي نالن سان سڏيو ويو ٿي. سلمان هڪ آتش پرست جي گهر ۾ ڄائو جن جو ڌرم باهه جي پوڄا ڪرڻ هو. ڪجهه گهر يهودين ۽ عيسائين جا به هئا. ايران ۾ اسلام بعد ۾ (650ع ڌاري) آيو. سلمان فارسي کي ننڍي هوندي کان دين حق تي هلڻ جي جستجو هئي. هو پنهنجو ڌرم ڇڏي عيسائي پادرين ۽ راهبن جي پويان لڳو. هڪ راهب مرڻ وقت کيس چيو ته اي حق جي ڳولا ڪندڙ نوجوان هن وقت ان نبي آخرالزمان جي پيدا ٿيڻ جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، جيڪو ريگستان مان اٿي دين حنيف کي زنده ڪندو ۽ هو ان ڌرتي ڏي هجرت ڪندو، جتي ڪيترائي کجين جا وڻ هوندا.
    سلمان فارسي ان اشاري تي منزلون ڪندو اچي يثرب کان نڪتو. رستي تي هن کي غلام بڻائي هڪ يهودي وٽ وڪيو به ويو پر آخر هن کي حضور صه جن سان ملاقات نصيب ٿي ۽ اسلامي نالي سلمان سان سڏجڻ لڳو. سلمان فارسي غلامي جي زندگي ۾ هجڻ ڪري بدر ۽ احد جي لڙائين ۾ ته حصو وٺي نه سگهيو، باقي پنجين هجري ۾ جيڪا خندق جي لڙائي لڳي ان ۾ بچاءُ خاطر خندق کوٽڻ جي سٺي راءِ سلمان فارسي پيش ڪئي ۽ مسلمانن کي سوڀ نصيب ٿي. ايران جو هي نيڪ انسان حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي ايڏو ته پيارو هو جو هڪ دفعي جڏهن مديني جي مهاجرين ۽ انصار ۾ اچي بحث ٿيو ته ”سلمان فارسي رضه ڪنهن سان گڏ آهي؟“ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن اهو بحث ٻڌو ته فرمايو: ”سلمان من اهل البيت“ (سلمان منهنجي اهل بيت مان آهي). سلمان فارسي جو عشق رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم ۽ شوق جهاد ڏسي هڪ دفعي حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ”جنت ٽن ماڻهن جو اشتياق رکي ٿي، علي رضه، عثمان رضه ۽ سلمان رضه. هڪ ٻئي موقعي تي حضور صلي الله عليه وسلم جن کين سلمان الخير جو لقب عطا ڪيو.
    حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي رحلت کانپوءِ سلمان فارسي رضه وڏي عرصي تائين مديني ۾ رهيو. حضرت عمر فاروق جي عهد خلافت ۾ هن عراق ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو. ايران تي حملي وقت (جڏهن ايران جو آتش پرست ساساني حاڪم يزدگر سوم هو) سلمان فارسي به مجاهدين اسلام ۾ شريڪ هو. حضرت عمر ان بعد کيس مدائن جي گورنري پڻ ڏني، هن مرد درويش گورنري وارن ڏينهن ۾ به سادگي کان ڪم ورتو. سڄو پگهار غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. پيٽ گذر لاءِ تونئريون ۽ تڏا ٺاهي وڪڻندو هو، ڪنهن سان به تکو نه ڳالهائيندو هو.
    هڪ ڏينهن ڪنهن شخص سلمان فارسي رضه کي گهٽ وڌ ڳالهايو. جواب ۾ وراڻيائينس ”منهنجا ڀاءُ جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن منهنجي گناهن جو پڙ ڳرو هوندو ته تو جيڪي ڪجهه چيو آهي منهنجي حالت ان کان به خراب هوندي ۽ جي منهنجي گناهن جو پڙ هلڪو هوندو ته تنهنجي ان بدشد ڳالهائڻ کان آئون ڇو گهٻرايان.
    حضرت سلمان فرسي 35 هجري ۾ وفات ڪئي. انهن ڏينهن ۾ حضرت عثمان رضه جو دور خلافت هو. کين اتي مدائن شهر ۾ ئي دفن ڪيو ويو، جيڪو اڄ ڪلهه عراق ۾ اچي ٿو وڃي. پاڻ قرآن جو ڪجهه حصو فارسي ۾ پڻ ترجمو ڪيائين بلڪه چون ٿا ته سلمان فارسي پهريون ماڻهو آهي جنهن قرآن جو ڪنهن ڌارئين ٻولي ۾ ترجمو ڪيو.


    قانون جي پوئواري به ٿئي ٿي

    اسان جو قافلومشهد کان باءِ ايئر صبح جو ڏهين بجي ئي تهران جي پراڻي ايئر پورٽ مهرآباد پهچي ويو ۽ اڌ ڪلاڪ اندر اسان ايئر پورٽ کان نڪري هڪ ٽوئرسٽ بس ۾ اچي ويٺاسين. اسان جي ٻي منزل قم شهر هو پر تهران ۾ ئي سڄو ڏينهن گذري ويو، جو اتي اسان کي بي بي شهربانو جي مقبري کان علاوه شاهه عبدالعظيم جي آخري آرامگاهه ۽ ٻين ڪجهه تاريخي جاين تي وڃڻو پيو، جنهن جو احوال گذريل مضمون ۾ ڪيو ويو آهي. هاڻ اسان جي گروپ جي ٻي منزل قم شهر هو، جتي اسان کي ڪجهه ڏينهن رهڻا هئا. منهنجو ايران ۾ رهائش جو ڪجهه حصو ڪراچي الحرمين ٽوئرسٽ ڪمپني جي طرفان بندوبست ڪيل مذهبي ٽوئر جي قافلي سان گڏ هو ته ڪجهه عرصو اڪيلي سر يا پنهنجي ايراني جهازي دوستن سان گڏ. ڪراچي يا پاڪستان جي ٻين شهرن کان جيڪي به زائرين جا قافلا اچن ٿا، اهي مشهد ۽ قم شهرن ۾ رهي مقرر مقدس مقام ڏسن ٿا ۽ هنن جي هيءَ هڪ قسم جي نج مذهبي ٽرپ ٿئي ٿي. هو هر هنڌ عبادت ۾ مشغول رهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڏينهن ٻن بعد ٿورو گهڻو هتي جي بازارين مان خريداري ڪرڻ لاءِ دلچسپي وٺن ٿا، جنهن لاءِ هو جيتوڻيڪ ملڪ ڇڏڻ مهل پڪو پهه ڪن ٿا ته انهن دنيا ئي ڳالهين ۾ وقت نه وڃائبو پر پوءِ به انسان انسان آهي ڪجهه ولائتي شين جي چمڪ ۽ ڪشش، ڪجهه سستائي ڪري ۽ ڪجهه ٻچا ٻار ياد اچڻ ڪري هو شاپنگ ڏي ضرور ٿورو گهڻو لاڙو رکن ٿا، باقي عام ٽوئرسٽ وانگر هنن جو ٻين شين ڏي ڌيان نٿو رهي. هتي جي مقبرن تي ٿيل چٽسالي ۽ ڪاشيءَ جي ڪم جون تصويرون به مون پي ڪڍيون. اسان جي قافلي ۾ موجود ٻين جي ان ۾ ڪا دلچسپي نه هئي. ايتريقدر جو نيشاپور شهر ۾ امامزاده مهروق جي مقبري ڀرسان ئي عمر خيام جو آخري آرامگاهه آهي. مون سمجهيو ته هو اتي به هلندا پر جڏهن ٻه ڪلاڪ گذري ويا، اتي ئي ويٺا رهيا ته پوءِ آئون اٿيس ۽ اڪيلي عمر خيام، عطار ۽ ملوڪ جي مقبرن تان ٿي آيس. عمر خيام جي مقبري تي ڪاشيءَ جي سرن تي اڪريل عمر خيام جي رباعين جون تصويرون ڪڍندي اهو سوچيم ته منهنجي گروپ جا ماڻهو خبر ناهي هتي ڇو نٿا اچن، پر پوءِ يڪدم ڌيان ۾ اچي ويو ته هو علي رضا، بيبي فاطمه معصومه، بيبي شهربانو ۽ ٻين معصوم ۽ نيڪ امامزادن جي مقبرن تي فاتح پڙهڻ ۽ دعا گهرڻ آيا آهن سو اهي ڪيئن هن شرابي ڪوابي عمر خيام جي مقبري تي ايندا جيڪو عبادت بدران انسان ذات کي اها تلقين ٿو ڪري ته کائو، پيئو ۽ عيش ڪريو ڪهڙي خبر سڀاڻي توهان هن دنيا ۾ هجو يا نه، يا جيڪو ٿو چوي ته جيڪر شراب جو جڳ اڳيان هجيم ۽ محبوبا جي جوٽ تي ليٽيو پيو هجان، ته پوءِ ڀلا ڇا کپي. اها ئي ته جنت آهي!
    سو بهرحال ڪيترن شهرن ۽ ڪيترين جاين تي مون کي پنهنجي قافلي کان جدا ٿي وڃڻو پيو ٿي. ويندي قم ۾ به ڪيترائي تعليمي ۽ سماجي ادارا ۽ جايون ڏسڻ لاءِ مون کي اڪيلو وڃڻو پيو ٿي. هونءَ قم سڀ کان گهڻو مشهور بي بي فاطمه معصوم جي درگاهه ڪري آهي. هوءَ ستين امام موسى الڪاظم (799- 745) جي نياڻي ۽ اٺين امام علي الرضا (818- 765) جي ڀيڻ هئي. قم جي مسجد جمڪران به بيحد مشهور آهي، جتي دنيا جا شيعا مسلمان حاضري ڀرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ پنهنجي دل جون مرادون ڪاغذ تي لکي اتي موجود هڪ پاڪ کوه ۾ اڇلين ٿا. هنن جو اهو عقيدو آهي ته اهي امام مهدي تائين پهچن ٿيون ۽ ڪجهه علمائن جو اهو چوڻ آهي ته امام مهدي جيتوڻيڪ لڪل آهي، پر هو ضرورتمندن جا ڪم ڪندو رهي ٿو. جمڪران مسجد جي ٻاهران موجود هڪ گائيڊ ٻڌايو ته شيخ حسن ابن مصلح جمڪراني کي 373 هجري (يعني 974 ع) ۾ هن کوهه وٽ امام مهدي نظر آيو هو. امام مهدي شيعن جي ٻارهين ۽ غائب امام لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هو دنيا جي پڇاڙي ۾ هن جمڪران مسجد جي کوهه مان نڪرندو. هتي اهو لکندو هلان ته شيعن جي نظر ۾ هن مسجد جي اهميت ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿي ته جڏهن محمود احمد نزاد هن ملڪ جو صدر ٿيو ته پهريون ڪم هن 10 ملين پائونڊ هن مسجد کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. اسان جا سوين شاگرد هتي جي مدرسن ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ تعليم وٺن ٿا. فقط قم شهر ۾ سوين مدرسا آهن، جن مان امام خميني مدرسو سڀ ۾ وڏو آهي، جتي مون کي ڪيترائي پاڪستان بنگلاديش ۽ ويندي آفريقا جي ملڪن جا معلم ۽ استاد مليا، جيڪي قم ۽ مشهد ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد هاڻ هتي ۽ ٻين مدرسن ۾ درس و تدريس جو ڪم ڪن ٿا. قم ايرانين لاءِ سياسي خيال کان پڻ اهم شهر آهي. جو امام خميني پنهنجي تحريڪ هن شهر کان شروع ڪئي هئي.
    قم جو شهر تهران جي ڏکڻ اولهه ۾ 97 ميلن (156 ڪلوميٽرن) جي فاصلي تي آهي، يعني ائين سمجهو ته ڪراچي کان حيدرآباد جيترو پري آهي پر سفر ۾ ان کان به گهٽ وقت لڳي ٿو جو هتي جون هاءِ وي تي هلندڙ لاريون موٽرون اعلى قسم جون آهن، اسان جي هاءِ وي تي اعلى روڊ رستا آهن، جيڪي جپان ۽ آمريڪا جهڙن ترقي يافته ۽ امير ملڪن جي رستن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا. ماڻهن ۾ قانون مطابق هلڻ جو ڪلچر آهي ۽ منجهن صبر ۽ برداشت جو مادو (Tolerance) اسان کان وري به گهڻو آهي. ويڪرن ۽ سٺن رستن کان علاوه روشني جو به وڏو بندوبست آهي ۽ گاڏين هلائيندڙن کي Beam Lowتي بتي رکي سامهون ايندڙن جون اکيون نٿيون ڪڍڻيون پون. ايران جي هر شهر ۽ ان جي پسگردائي جي رستن تي ته سڄي رات بتيون ٻرنديون رهن ٿيون، پر تعجب آهي ته هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين سوين ميلن جي هاءِ وي تي روڊ جي ٻنهي پاسن کان مرڪري بلب پيا ٻرن، جنهن جي لائيٽ جو خرچ ايران جهڙو ملڪ ئي افورڊ ڪري سگهي ٿو، جنهن جي قدمن هيٺان تيل ۽ گئس جون نديون وهن ٿيون، جتي پيٽرول جو لٽر اسان وٽ پاڻي جي لٽر جي بوتل کان سستو آهي. پنهنجي گروپ جي ساٿي کي چيم ته هي اهڙيون ڳالهيون آهن جن تي اسان کي تعجب لڳي ٿو ته پاڪستان هڪ غريب ۽ کٽل ملڪ هوندي جنهن تي قرضن جا انبار ٿي ويا آهن، ان جي صدر صاحب يا پنجاب جي وزيراعلى جو رهائش گاهه ته ڏسو! جن جي عام خرچ پٺيان به عوام ٽئڪس مان ڪروڙها روپيا ضايع ٿين ٿا ۽ ايران جهڙي امير ملڪ جو صدر هڪ فقيراڻي گهر ۾ رهي ٿو، هو پٽ تي وڇايل غاليچي تي سمهي رهي ٿو ۽ منجهند جي ماني جيڪا آفيس ۾ کائي ٿو اها گهران لنچ باڪس ۾ کڻي اچي ٿو“.
    ايران ملڪ 30 صوبن ۾ ورهايل آهي. جيئن ڪراچي ۽ حيدرآباد هڪ ئي صوبي سنڌ ۾ آهن، تيئن تهران ۽ قم جا شهر تهران صوبي ۾ هئا، پر پوءِ 1995ع ۾ تهران صوبي جو ڏاکڻو حصو جنهن ۾ قم جو شهر اچي وڃي ٿو، ڌار ڪري ان جو نالو قم صوبو رکيو ويو. هاڻ تهران صوبي جي پکيڙ 19000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ قم صوبي جي 1500 چورس ڪلوميٽر آهي، سڄي صوبي جي آدمشماري يارهن لک مس ٿيندي ۽ قم صوبي ۾ فقط قم (Qum) ئي اڪيلو شهر آهي.
    اسان جي بس رات جو نائين بجي ڌاري قم شهر ۾ داخل ٿي. الحرمين ٽريول وارن اسان جي رهائش جو بندوبست بلڪل شهر جي مرڪز ۾ فاطمه معصومه جي مقبري جي سامهون واري روڊ خيابان آراڪ تي هوٽل اپارتمان ارڌال (Ardehal) ۾ هو. مشهد ۽ قم جهڙن شهرن ۾ مقبرن ۽ روضي مبارڪن جي ارد گرد رات جو ٻارهين هڪ بجي تائين زائرين جي پيهه پيهان لڳي رهي ٿي، جنهن ڪري ٽريفڪ به جئم رهي ٿي. سرڪار طرفان هر سال رستا ويڪرا ٿيندا رهن ٿا ۽ روڊ ون وي به ڪيا وڃن ٿا جيئن ٽريفڪ جو يڪ طرفو هجي. اهڙو ئي هڪ رستو قم جي ٽريفڪ پوليس طرفان هاڻ ڪو one way ڪيو ويو هو، جنهن تي جلدي ۾ چڙهي اچڻ بعد ان روڊ جي ون وي هجڻ جو نوٽس ڌيان ۾ آيو. بس جي ايراني ڊرائيور گاڏي کي بريڪ هڻي ان کي Reverse ڪرڻ ٿي چاهي پر اسان جي ماڻهن ان کي ڪا اهميت نه ڏني ۽ ڊرائيور کي اڳتي وڌڻ لاءِ چيو جو ان روڊ جي پوڇڙ تي جيڪو اتان فرلانگ به نه هو، اسان جي هوٽل هئي. پنهنجي ملڪ ۾ ٽريفڪ سنگل يا ون وي جي پرواهه نه ڪندڙ اسان سمجهيو ته اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. اڳيان هڪ ڇوڪراٽ ٽريفڪ پوليس آفيسر جي سيٽي وڄائڻ تي ڊرائيور گاڏي بيهاري ته به اسان مان ڪنهن کي پرواهه نه پئي ٿي جو اسان وٽ ٽي ٽي سينيئر پوليس آفيسر بيٺا هوندا آهن ته به هو قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري جو ڪجهه بگاڙي نٿا سگهن پر هتي ان رات اسان پاڪستانين کي اهو Clear ۽ چٽو چپاٽو Message مليو ته ايران ۾ هڪ معمولي پوليس جي سپاهي پويان سڄي ملڪ جو پوليس فورس آهي ۽ ڏوهاري نه هن کي پئسي ذريعي خريد ڪري سگهي ٿو نه منٿ ميڙ ڪري سگهي ٿو ۽ نه ڪنهن کان سفارش ڪرائي سگهي ٿو. اسان جي گروپ مان هڪ ٻن ترم خانن، جن کي فارسي آئي ٿي پوليس آفيسر کي گهڻو ئي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ”توهان قانون ڀڳو آهي، پر آئون قانون تي قائم رهڻ چاهيان ٿو،“ 24 سالن جي هلڪي ڦلڪي جسم واري ٽريفڪ جي سپاهي وراڻيو. هن ملڪ جي قانون مطابق بس جي ڊرائيور کي سندس غلطي مطابق ڇهه هزار روپيا کن ڏنڊ وٺي رسيد ڏني ۽ سڀني مسافرن کي اتي ئي لهرائي بس کي 24 ڪلاڪن لاءِ سوگهو رکڻ لاءِ ڀرواري ٿاڻي تي روانو ڪيو. سڄي ڏينهن جا اسين ٿڪل جيڪي ڪجهه دير اڳ هوٽل جي در تي لهي پنهنجن ڪمرن جون چاٻيون وٺي گرم پاڻي سان وهنجي فريش ٿي هوٽل جي ڊرائننگ روم ۾ اچي ڊنر کائڻ جو سوچي رهيا هئاسين، تن مردن توڙي عورتن پنهنجون ڳريون بئگون مٿي تي رکيون ۽ آهستي آهستي ٿاٻڙندا اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. ايران جي قانون اسان کي اهو اڌ ڪلاڪ بي مزي ڪري ڇڏيو پر اها پڪ اٿم ته اسان مان هر هڪ سڄي عمر پنهنجي مائٽن مٽن ۽ دوستن کي اهو ٻڌائيندو رهندو ته ٻيلي ايران ۾ متان ڪا قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي اٿانوَ، ڇو جو ايران ۾ نه رڳو قاعدا قانون آهن پر سنگاپور، جپان، ملائيشيا ۽ ٻين سڌريل ملڪن وانگر ان جي پوئواري به ڪئي وڃي ٿي.


    مٺوءَ بدران طوطو ياد اچڻ

    قم ۾ اسان جي گروپ جي رهائش جو بندوبست بي بي فاطمه معصومه (شيعن جي اٺين امام علي الرضا جي ڀيڻ) جي مقبري جي بلڪل سامهون واري ويڪري روڊ خيابان اراڪ تي هوٽل آپارتمان ارڌال (Ardehal) ۾ هو. هيءَ هوٽل بلڪل ان لوهي پل وٽ آهي، جيڪا بيبي معصومه جي مقبري کي خيابان اراڪ سان ڳنڍي ٿي ۽ اها پل ”پل آهنچن“ سڏجي ٿي، ۽ بيبي معصومه جي مقبري کي هتي جا ماڻهو حرم مطهر سڏين ٿا، جيئن مشهد ۾ امام الرضا جي مقبري کي پڻ حرم مطهر سڏين. هي قم جو حرم مطهر به مشهد وانگر شهر جي وچ ۾ آهي ۽ هن جي ويجهي واري هوٽل ۾ رهڻ سان اهو فائدو آهي ته توهان شهر جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ گهمڻ لاءِ هليا وڃو، توهان پنهنجو رستو ڀلجي نٿا سگهو جو هر بس حرم مطهر وٽان لنگهي ٿي، جتي پهچڻ سان توهان ڄڻ ته گهر پهچي ويائو. شهر جو ڪهڙو ٽئڪسي ڊرائيور آهي جنهن حرم مطهر تي پهچڻ جو رستو نه ڏٺو هجي، اهو ئي سبب آهي جو آئون اڪيلو ئي اڪيلو بي ڊپو ٿي مشهد وانگر قم ۾ به شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تي وڃي نڪرندو هوس ۽ واپسي تي به ڪنهن بس ۾ چڙهي پوندو هوس يا ٽئڪسي ۾ ته اچي پنهنجي هوٽل تي نڪرندو هوس. ايران جي اهم شهر ۾ بس جو سفر ته ڄڻ مفت ۾ آهي. ايتري سستي ٽڪيڪٽ انڊيا ۾ به نه آهي، پر ايران ۾ ته ٽئڪسي به سستي آهي. جو پيٽرول تمام سستو آهي ۽ اڃان به ٽئڪسي جو سفر سستو چاهيو ٿا ته ان ٽئڪسي ۾ چڙهو جيڪا چار چار مسافر کڻي ٿي ۽ ڀاڙي جو چوٿون حصو ڏيڻو پوي ٿو. هتي اها دلچسپ ڳالهه لکندو هلان ته پهرين ڏينهن آئون قم جي وڏي مدرسي بلڪه ائين کڻي چئجي ته دنيا جي سڀ کان وڏي شيعن جي درسگاهه، مدرسه امام خميني تائين بس ذريعي پهچي ويس. ڪنهن ٻڌايو ته هن بس اسٽاپ تان فلاڻي نمبر جون بسون جنهن روٽ تي هلن ٿيون، ان تي اهو مدرسو اچي ٿو. بس ۾ ويهڻ سان منهنجي سامهون واري سيٽ تي شيعن جو هڪ عالم دين اڇي عماما ۽ ناسي عبايا ۾ اچي ويٺو، مون هن کان پڇيو ته هن کي انگريزي اچي ٿي؟
    ”بلڪل اچي ٿي“ هن فرسٽ ڪلاس انگريزي ۾ جواب ڏنو، ”ڏاڍي خوشي ٿي. مون به اها پئي دعا گهري ته اهڙو ايراني ملي وڃي جيڪو انگريزي کان واقف هجي ۽ مون کي امام خميني جي مدرسي ۾ وٺي هلي.“ مون چيو مانس ۽ هن مرڪندي ٻڌايو ”آئون بنگلاديش جو بنگالي آهيان ان ڪري مون کي انگريزي اچي ٿي ۽ هتي اٺ سال رهڻ ڪري فارسي به ڄاڻان ٿو ۽ آئون ان ئي مدرسي ڏي وڃي رهيو آهيان جتي معلم آهيان، يعني پڙهايان ٿو.“ هن جي هٿ ۾ بس جي ٽڪيٽ جو پئڪيٽ هو، جيڪو بس ۾ روز سفر ڪرڻ وارا روز ٽڪيٽ خريد ڪرڻ بدران يڪو وٺي رکن ٿا. ان مان هن هڪ ٽڪيٽ مون لاءِ به ڏني ۽ مون کي مدرسي اندر وٺي هلڻ جي اندران آفيشل اجازت وٺي مون کي سڄو مدرسو گهمايو، جتي ڪيترن ئي ملڪن جا پروفيسر هئا ۽ جن جن ملڪن جا شاگرد هئا، انهن جو تعداد ته تمام وڏو نظر آيو، بهرحال هن مدرسي ۽ ان ۾ مليل عالمن ۽ شاگردن سان ٿيل خبرچار جو احوال ڪٿي ٻئي هنڌ ڪبو. آئون هن بنگلاديش جي عالم سيد سجاد حسن کان موڪلائي مدرسي کان ٻاهر نڪتس ۽ روڊ تان لنگهندڙ گهڻيون سواريون کڻڻ وارين ٽئڪسين کي هٿ جو اشارو ڪري قم شهر هلڻ لاءِ رڙ ڪندو رهيس. ٻه ٽي ٽئڪسيون گذرڻ بعد هڪ ڪجهه اڳيان وڃي Reverse ٿي ۽ ٽئڪسي ۾ پوئين سيٽ تي ويٺل سوٽ ڪوٽ ۾ هڪ آفريڪن در کولي مون کي انگريزي ۾ ويهڻ لاءِ چيو.
    اوه! آئي ايم ساري، مون سمجهيو هيءَ چئن مسافرن واري ٽئڪسي آهي“ مون ويهڻ سان چيومانس،
    ”توهان بلڪل صحيح ٽئڪسي ۾ ويٺا آهيو، هيءَ چئن مسافرن واري ئي ٽئڪسي آهي ۽ هن روڊ تان سڀ اهي ئي ٽئڪسيون هلن ٿيون،“ هن ٻڌايو ۽ آئون مطمئن ٿي ويس، جيتوڻيڪ هن کان اڳ خالي ويندڙ ٽئڪسين مون کي نه ويهاريو.
    ”لڳي ٿو توهان هتي نوان نوان آيا آهيو،“ هن مون کان پڇيو. ٿورو اڳتي هلياسين ته هن آفريڪن جنهن پنهنجو نالو ذوالقعد نصرالله ٻڌايو ۽ هو ڪانگو کان هتي ٻن سالن کان تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.
    ”صحيح ٿا چئو، آئون هن شهر قم ۾ ڪالهه ئي پهتو آهيان“ مون ٻڌايومانس ۽ يڪدم پڇيومانس ته هن کي ڪيئن خبر پئي ته آئون هتي نئون آيل آهيان.
    ”ان ڪري جو توهان ٽئڪسي واري کي حرم مطهر چوڻ بدران مقبره معصومه پئي چيو ان ڪري ٽئڪسي وارو منجهي پيو ۽ سواري کڻڻ بدران اڳيان وڌي ويو، پوءِ مون پٺيان هلڻ لاءِ چيومانس“
    اهو ٻڌي سمجهي ويس ته هن ٽئڪسي کان اڳ وارين مون کي ڇو نه کنيو جو هنن سمجهيو هوندو ته آئون ڪنهن ٻئي هنڌ ٿو وڃان، خاص ڪري ان هنڌ تي جتي فاطمه معصومه عبادت ڪندي هئي، جيڪا درگاهه شهر جي ٻي ڪنڊ ۾ آهي ۽ ”عبادت گاهه حضرت فاطمه معصومه“ جي نالي سان سڏجي ٿي ۽ اسان کي اسان جي ٽوئرسٽ ڪمپني، آخري ڏينهن تي اتي وٺي آئي هئي. بهرحال ايران يا ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ ڪنهن به محلي روڊ يا بس اسٽاپ جو نالو چڱي طرح ياد رکجي ۽ اجايو ٽئڪسي وارن کي ڏوهاري نه بڻائجي، جيئن اسان کي ملائيشيا ۾ جتي نوڪري ملي هئي، اهو ڄامشوري يا پيٽارو جهڙو هڪ ڏورانهون ڳوٺ هو جتي اها نيول اڪيڊمي هئي ان جو نالو ڪئالا سنگائي بارو آهي. اسان کي اتي جي انتظاميه طرفان چيو ويو هو ته اسان ڪراچي کان ڪوالالمپور تائين هوائي جهاز ذريعي پهچ