شاعري

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان

اسان يقين سان چئي سگھون ٿا تـ هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي تاريخي اڀياس لاءِ گم ٿيل ڪڙيءَ وانگر آهي، 70ع ۽ 80ع وارا ڏهاڪا سنڌي معاشري ۽ ادب لاءِ هڪ اهم دور رهيا آهن. سنڌي سماج جي سامهون اها چئلينج سياسي ۽ معاشرتي طور تي اڀري آئي هئي جتي تاريخي طور تي سهپ ۽ دانش وارين روايتن کي اڻسهپ ۽ انتهاپسندي وارين روايتن ۾ تبديلي ڪرڻ جي شعوري ڪوشش رياستي ذريعن سان ڪئي وئي.
Title Cover of book اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان

اداري طرفان

جديد سنڌي ادب جي اها بـ هڪ بدقسمتي آهي جو ڪيترو نئون سرجندڙ ادب اشاعت کان محروم رهجي وڃي ٿو. سنڌ ۾ اهڙا ادارا گھڻائيءَ ۾ موجود نـ آهن. جيڪي اهڙي ڪم کي يقيني بڻائين. نتيجي ۾ اهو نڪور ادب اخبارن ۽ رسالن ۾ دفن ٿي وڃي ٿو ۽ تحقيقي ۽ تاريخي ريفرنس لاءِ موجود نـ ٿو رهي.
اهڙي بدقسمتيءَ جو شڪار انور پيرزادو بـ رهيو آهي، جنهن جي ادبي ، تحقيقي ۽ صحافتي حيثيت مڃيل تـ آهي پر ان جو ڪوبـ ڪتاب هن وقت تائين ڇپجي نـ سگھيو آهي ۽ يقين سان چئي سگھجي ٿو تـ ان جو نقصان انور پيرزادي کي شخصي طور تي گهٽ ۽ سنڌي ادب کي مجموعي طور تي وڌيڪ ٿيو آهي. 1970ع ۽ 1980ع وارن ڏهاڪن ۾ سرجندڙ هيءَ شاعري، جيڪا اسان هن وقت ڪتاب جي شڪل ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن بروقت ڇپجي اچي ها تـ سنڌي شاعريءَ جو ارتقائي اڀياس گھڻو اڳ ڪرڻ ۾ مدد ملي ها. اسان يقين سان چئي سگھون ٿا تـ هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي تاريخي اڀياس لاءِ گم ٿيل ڪڙيءَ وانگر آهي، 70ع ۽ 80ع وارا ڏهاڪا سنڌي معاشري ۽ ادب لاءِ هڪ اهم دور رهيا آهن. سنڌي سماج جي سامهون اها چئلينج سياسي ۽ معاشرتي طور تي اڀري آئي هئي جتي تاريخي طور تي سهپ ۽ دانش وارين روايتن کي اڻسهپ ۽ انتهاپسندي وارين روايتن ۾ تبديلي ڪرڻ جي شعوري ڪوشش رياستي ذريعن سان ڪئي وئي.
اهو آدرشن جي ڀڳ ٽوٽ جو زمانو پڻ رهيو ۽ ساڃھ ڀريل طبقي کي جنهن ۾ اديب، شاعر ۽ صحافي بـ اچي وڃن ٿا، معاشري ۾ اڪيلو ڪيو ويو.
هن شاعريءَ ۾ اهڙي دانش مند شاعر جو سچو ۽ کرو اظهار شامل آهي. هيءَ شاعري رڳو سياسي ڪمينٽ نـ آهي پر هن ۾ شاعريءَ جي گھاڙيٽي، نئين محاري ((Meta- phor ۽ جديد اظهار جا تجربا پڻ موجود آهن، جيڪي تلقيدي نـ پر تخليقي آهن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ قابل قدر اضافو آهن.
1971ع وارو سياسي بحران، جنهن دوران اوڀر بنگال ۾ وڏو قتلام ٿيو ۽ ملڪ ٽٽي ويو، بلوچستان ۾ آپريشن ۽ يارهن سالن واري ڊگھي ضيائي ماشل لا هن شاعريءَ جا ٽي وڏا موضوع آهن جڏهن تـ عشق داعمي درد آهي، جنهن جو اظهار هن شاعريءَ ۾ ملي ٿو. عشق جي نانءِ ڪيل هن شاعري جو اتهاس ڀٽائيءَ کان ورتل آهي، جنهن جو محور عشق، انقلاب ۽ سنڌ آهي.
ان اميد سان تـ هن شاعريءَ جو اڀياس ادب شناس ماڻهو ۽ نقاد ڪندا، هن ڪتاب جي شڪل ۾ هڪ تحفو سنڌي ادب کي ڏيئي رهيا آهيون.
باک ٽرسٽ ٻلهڙيجي پنهنجي تر ۾ علمي ۽ ادبي سرگرمين کي هٿي وٺائڻ ۽ تخليقي ماڻهن جي همت افزائيءَ لاءِ اڳتي بـ پاڻ پتوڙيندي رهندي ۽ هن قدم جي موٽ جي صورت ۾ اڳتي لاءِ بـ پنهنجو ڪردار نڀائيندي رهندي.


imam-bux- Alam Khatoon
(Bakh) Trust, Balhreji (Near MohenJo Daro) Sindh