اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
جنهن رات ۾ تو ٿي بيت چيا
سا رات اڃان ڀي جاري آ
۽ سج ڏنگايون ڪو نـ ڇڏيون
هي پنڌ پري جو واري آ
مان ڪنهن سان پنهنجا سور سليان
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
............
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
اڄ رات رنو آ رت ڦڙو
۽ تارا سور پيئن ٿا پيا
هوءَ سانجھي سڏڪي روئي ٿي
۽ سوريءَ گيت چڙهن ٿا پيا
توکي نـ چوان ٻيو ڪنهن کي چوان
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
............
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
مون تنهنجن راڳن جي سر ۾
جان سنهڙي سينڍ وڄائي آ
هر ماڻهوءَ ڀينڊ هنئي آهي
هر گھر گھٽي ڄڻ ڦاهي آ
ات ڪرڻن جي ڪا ڪوڪ ڪجان
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
............
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
مون تنهنجي ڏات ڏيا مان اڄ
جان هڪڙو چڪڙو چاھ چکيو
ويڙهاند سندو ويراڳ ڪيو
هر ماڻهوءَ کي مون ڀاءُ ڪيو
ٿي تنهنجيون وايون آء ُ وڙهان
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
............
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
هي ماڻهو تنهنجن بيتن کي
ڌرتي کان ڌار ڇني ٿا ڪن
ٿيون وايون تنهنجيون وار پٽن
۽ سرڙا تنهنجا اوسارن.
هي ارهي سرهي دانهن ڏجان
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
............
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
ڪنهن انڌوڪار انڌا ڪيا هن
ٿا ماڻهو توکي شاھ چون
۽ تنهنجي راڳ رسالي کي
ٿا آيت سمجھي ڪنڌ هڻن،
تون ڪيڏو ڏور هليو ويو آن.
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!