سنڌ شاعريءَ جا ديوتا ڀٽائي گھوٽ! تنهنجي در تي اچي، نـ پٽ گھريو آهي مون، ۽ نـ وري باس ڪا باسي آهيم، مان تـ هڪ سين هڻڻ آيو هان، خالي ڪشڪول کڻي ڏات ڌڻي!! سنڌ جو لاش کڻي آيو هان، ان ۾ نئون ساھ وجھي ڏي مونکي.