دوھا
دنيا سان منهن ڏيڻو آهي ڪهڙي آڻ مڃان،
سانجھي سهڙي، چمڙا اڏريا، اولھ ڳاڙهي لاک،
ڄاڻ اچين ٿي، ڄاڻ اچين ٿي، ڦُٽي وئي آ باک،
ڪُڪڙن پويان دس هنيا هن، مونکي پور پون،
تنهنجي پايل ڇرڪي ڇوري منهنجا ڪن لون.
رات سمهي پئي پاسا کوڙي، مونکي ننڊ نـ آئي،
سندر سپنن، ڪوڙين سُرڪين، منهنجي جاڳ جلائي.
ماٺ مري وئي ساز سڙي ويا ڪونهي ڪو پڙلاءُ،
گونگا ٻوڙا پاڇا ڪنهن جا ڀٽڪن ڪنهن جي لاءِ.
سار جڏهن ڀي آئي تنهنجي، سارنگ بڻجي آئي،
منهنجي من کي ٻارن وانگي رئاري کلائي رهائي.
ڪنهن جي ڪنهن جي ڪاڻ رئان مان جڳ جڳاندر کان،
اندر جي اوساٽ لڪائي، کلندو رهندو هان.
پيهي وڃ اندر ۾ منهنجي سڏڪي سڏڪي سور،
اٽڪي اٽڪي پوءُ نـ اندر ۾ وسڪي جھڙا پُور.
وڻ جون ٽاريون ترڙ ٿي ويون ڇڻي پيا سڀ پن،
سرءُ جا سور سهان ٿو ان لئـ چيٽ ڦٽي پئي من.