ٻيلي ۾ هڪ چوواٽي تي بيٺو آهيان
هڪ چوواٽي تي بيٺو آهيان
چارئي واٽون
اڻ سونهين اونداهيءَ ڏانهن
سڏن ٿيون بيٺيون
هڪڙي پاسي
چٻرن جا آواز ٻڌان ٿو
(جن کان ننڍڙي هوندي
ڏاڍو ڊڄندو هئس،
جو امان هئي چوندي،
چٻرو جاتي ٻوليندو آ
اتڙي موت اوس ايندو آ)
۽ ٻئي پاسي
گدڙن جون اونايون
جن کان پڻ آئون ڊڄندو هئس
ننڍڙي هوندي،
جو چور بـ گدڙن وانگي
اونائيندا آهن
رات جي وڳڙي
کاٽ هڻڻ لئـ ،
چور سڏڻ لئـ
ڪتن جي باهوڙ ٻڌان ٿو ٽئين پاسي
شايد سوئر پوئتان آهن
جيڪي پنهنجي بچاءَ خاطر
وڄ لائيندا هوندا
۽ جيڪو اوڏانهن ويندو
تنهن جو پيٽ ڦاڙيندا
چوٿين پاسي،
ڳوٺ آ منهنجو
جنهن ۾ ڪيئي ڏينهن ٿيا هن
ڌاڙيلن جي دارونءَ جي ڌپ
اڃان نـ وئي آ
جتان ڀڄي،
هت ٻيلي ۾
هڪ چوواٽي تي ويٺو آهيان
۽ چارئي واٽون
اڻ سونهين اونداهيءَ ڏانهن
سڏن ٿيون بيٺيون
رات بـ مون سان بيٺي آهي
ڇپ هنيون
ڪنهن سوئر وانگي
ڏينهن جو تارو
اڀريو ناهي
شايد ماءُ جي پيٽ ۾ آهي
پن ڇڻ جي هن آڌيءَ رات
جيئرا آهن هوا جا جھوٽا،
تيز ۽ چڀندڙ
سرءُ جا جھوٽا
باقي رات مري وئي آهي
آءٌ اڃا چوواٽي تي ئي بيٺو آهيان
گھگھ اوندھ ۾
ڇڻيل پنن کي ميڙي
هڪڙو ڍڳ ڪري،
کيسي مان ماچيس ڪڍي،
تيلي ٻاري،
سڪل پنن کي باھ ڏيان ٿو
چوواٽي جون چارئي واٽون
گھڙي پلڪ لئـ
روشن ٿيون ٿين
۽ پوءِ آهي
ساڳي گھگھ اونداهي
۽ مان آهيان.
(مارچ 77ع واريون چونڊون
(اعلان ٿيڻ کانپوءِ)