6
هي بنگلو گهر واريءَ جي نالي ورتو هئم. ڳالهه اصل ان جي هئي، وڃي زرعي زمين، پلاٽن، پئسن ۽ گاڏين تي پيس. اهو سڀ مرحومه جو بخت هئو. سندس گذارئي کان پوءِ هڪ ڪارو پئسو ڪونه ڪمايو اٿم. مرحومه ايترو صابر ۽ شاڪر هئي جو کيس پئسن جي ڏيتي ليتيءَ جو اندازو ڪين هئو. مان به سڄي پگهار آڻي کيس ڏيندو هئس. پاڻ وٽ هڪ روپيه به ڪونه رکندو هئس. ڀلا نه پيان چانهه، نه سگريٽ، نه ويهان هوٽل تي، سو مون کي ڪهڙي ضرورت. البته جڏهن دوست هلي ڪنهن هوٽل تي ويهندا هئا ته شرمندو ٿيندو هئس جو ڪڏهن به بل ڀرڻ جا پئسا مون وٽ ڪونه هوندا هئا. دوست به هئا تمام پيارا ۽ ويجها سي سمجهي ويا. ڪڏهن مذاق سُجهندي هين ته چوندا هئا ته ”تلاشي وٺو ته ڪُل گهڻا پئسا سنگت وٽ آهن؟“ جڏهن منهنجو وارو ايندو هو ته ازخود چوندا هئا ته ”تلاشي نه وٺو، جمال جا کيسا خالي هوندا آهن!“
دوست به ڪيڏا نه شاندار هئا. عبدالله ميمڻ، عبدالقادر ابڙو (هوم سيڪريٽري) عثمان بلوچ، حاجي موسيٰ ميمڻ، غلام مصطفيٰ آخوند، فيروز خواجه، مشتاق منگي وغيره سڀ هڪٻئي کان سرس، سرڪار مير علي مدد خان ٽالپر ۽ غلام النبي سومرو ته شاهڪار هئا ۽ پڻ نور محمد سمون.
گهر واريءَ کي خرچ جا پئسا کٽندا هئا ته گهرندي هئي مون کان. مان وري کيس چوندو هئس ته ”سرڪار مان ڪٿان آڻيان، سڀ جو سڀ ته توهان کي ٿو ڏيان“ ته چوندي هئي ته ”مان به ڪٿان آڻيان. نيٺ ته توهان کان ئي گهرنديس!“ چي ”مهمانن جي اچ وڃ به جام!“ مهينن جي تنگدستي کان پوءِ فيصلو ڪيوسين ته ”خرچ گهٽائجي!“ گهٽائجي به ڇا، اڳ ئي پاڙي ۾ مشهور هئو ته ”روز دال کائيندا آهن ۽ ڪپڙا پاڻ ڌوئيندا آهن!“ نيٺ فيصلو ڪيوسين ته چانهه بند ڪجي. غير ضروري شيءِ آهي، جنهن تي چار پنج سؤ روپيا ماهيانو خرچ اچيو وڃي. چانهه جا اسان ٻئي خفتي! خاص ڪري صبوح نيرانو چانهه ۽ ٻيو شام جو پنجين بجي. بس هڪ هڪ پيالي. اها به بند ٿي ته اچي آتا اٿياسين. مٿي ۾ سور ۽ موڳائي. ڀلا ورهين جي عادت، سا ائين ڪيئن ٿي لهي؟ هڪ ڏينهن ڪمال منهنجو ڀاءُ اچي نڪتو. ان سان ڳالهه ڪئي سون ته ”اسان چانهه پيئڻ بند ڪئي آهي!“ هن رڳو هڪ ننڍو ريمارڪ ڏنو ته “what a pity?” سندس ان رمارڪ اسان جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ چانهه پيئڻ شروع ڪري ڇڏيوسين، ڀلا پاڻ تي ظلم ڪهڙي عقلمندي آهي؟ اهڙين حالتن مان به گذرياسون پر ڪڏهن تکا مٺا ڪونه ٿياسون. نڪو ڏوراپو، نه ئي ڪوسا ٿياسون.
مون کي پئسي جو شوق به ڪونه هئو. ٺهي ٺڪي ماني ملي ۽ اڇا ڪپڙا پهرون ته بس ٻيو ڇا کپي! ٻرو کپي؟ دل ۾ اطمينان آهي ته آرام ئي آرام آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ جهور پوڙهو هوندو هو ، ’ڏاڏو سومر‘، ڪي ڏاڏا چوندا هئس، ڪا نانا، واڻ جي کٽ تي پٺا اگهاڙا ڪيو ليٽيو پيو هوندو هئو. سڄو ڏينهن نڙ سان ڪانءُ پيو هڪليندو هو جي سندس کٽ تي يا کٽ ويجهو ويهندا هئا. هڪ ڏينهن ڀرسان ويهي پڇيومانس ته ”ڏاڏا خوش آهين!“ اٿي ويهي رهيو. زوردار نموني تري تي تري وڄائي چيائين ”کٽ چڙهئي ٿي ماني مليم. اڃا ٻرو کپيم؟“ مار! ڪيڏو نه اطمينان ۽ سُڪون ته بنا ڪم ڪرڻ جي بنا گهرڻ جي کٽ تي ماني مليم ٿي، باقي ٻرو کپيم! ماني به ڪهڙي؟ سڪو ٽڪر يا پاروٿو ڀت، ان ۾ به خوش. اهو ئي سومر منهنجي ڪهاڻي ”ڪارو پاڻيءَ“ جو نائڪ آهي.
پر عورت جا گهر هلائي ٿي. ٻارڙن کي پالي ٿي، مهمان طائي کي منهن ڏئي ٿي ۽ گهر به هالو چالو رواج موجب صاف سٺو رکي ٿي ۽ فرنيچر وٺي ٿي، ان کي پئسي جي لوڙ ته پوي ۽ شديد پوي ٿي. سا به ڏِک ڪانه ڏيندي هئي. نڪو منهنجو مٿو کپائيندي هئي. دل ۾ پئي ڪڙهندي هئي. ڀلا گهر ۾ هجي ڪي ڪين ۽ نانءُ ۽ عهدو وڏو ته ضرورتون ته ضرور ڪَر کڻنديون! اسان جي گهر ۾ رڳو واڻ جون کٽون ۽ هنڌ. نه ڪرسي نه ٽيبل، کپري ۾ ٽي سال ائين گذاريا.
شڪارپور ۾ چار ڪرسيون مردان مان گهرايم، في ڪرسي پندرهن روپيه. 1956ع کان اڄ تائين مون وٽ صحيح سلامت آهن. انهيءَ سال مولا بخش سانگي سب جج مقرر ٿيو. ان وڪالت جو سامان وڪيو ته ان کان به هڪ ڪرسين جو سيٽ، هڪ ڊبل ڪرسي ۽ ٻه جدا ڪرسيون ورتم. سؤ روپيا پئي گهريائين پر مون کيس پنجانوي روپيا ڏنا. ڪاٺ شيشم جو ۽ ڪاريگري سٺي. اهي ڪرسيون به اڄ تائين مون وٽ آهن. پنجاهه سال گذرڻ کان پوءِ سندن قيمت پنج هزار روپيا آهي. بس انهيءَ فرنيچر تي ٽي سال شڪارپور ۾ ۽ ٽي سال خيرپور ميرس ۾ گذاريم.
خيرپور ميرس ۾ سيشن جج هئو پير سيد غلام حيدر شاهه، وڏي دل گڙدي ۽ صاف ذهن جو ماڻهو هئو. ان سرڪاريءَ طرح سان هر هڪ جج کي ويهه هزار (اها وڏي رقم هئي) ڏنا ته گهرو فرنيچر گهرائي سرڪاري بنگلي ۾ وجهو. مون ته قالين ۽ پڙدا به ورتا ته پلنگ به ٺهرايم ۽ سادو صوفا سيٽ ۽ ماني کائڻ جي ميز ۽ ڪرسيون به ورتم. عاليشان رهائش ٿي پئي. پير صاحب چيو ته، ”اجايو پئسا زيان ٿيندا هئا هاڻي سڀ ڪنهن لاءِ سهوليت ٿي پئي!“ اهڙو آفيسر وري نه پيدا ٿيو. منهنجي بدلي ٽن سالن کان پوءِ سجاول ٿي ته سڀ سامان ڇڏي وري غريباڻو لڏو کڻي اچي سجاول نڪتاسين.
سجاول ۾ جايون ٿين تيڪي جون، ’تيڪو‘ معنيٰ بانس جي لڪڙين جون ڀتيون ۽ ڇت تن مٿان مٽيءَ جو گارو ڪيل. اچي جو مينهن پيو ته سڄو گهر ٽمڻ لڳو. رات جو سمهي نه سگهجي، ٻارن کي ڪوٽڙيءَ ۾ ئي پيڪي گهر رهايم. ڪورٽ جي بلڊنگ وڏي شاهي ۽ پڪ سري. انجنيئر کي چئي ۽ان جي اڌ کي پارٽيشن ڏئي باقي اڌ کي گهر ڪيم. سٺو بنگلو ٿي پيو. مون کان پوءِ جيڪي ٻيا جج آيا سي به سکيا ٿيا. وري اليڪٽري جا ٿنڀا لڳرائي بجلي ڇڪائي اها به هڻايم. پوءِ ته عيش ٿي ويو. ٻين آفيسرن به پوءِ اک پٽي جو ڊي ايس پي ۽ ڪيترن ايس ڊي اوز به لائيٽ لڳارائي. گهرن کي به تيڪي بجاءِ پڪيون ڀتيون لڳرايائون.
شڪارپور۾ هڪڙو فرنيچر مون ٺهرايو جو اڃا ماڻهو ڏسڻ ايندا آهن. اهو هئو پينگهو. انورالدين قريشي منهنجي گهر واريءَ جو ڀاءُ اتي رينج فاريسٽ آفيسر ٿي آيو. ان چيو ته ”ٽالهيءَ جو ڪِٺ، شيشم، مان ٿو ڏيان جيڪي وڻئي سو ٺهراءِ!“ مون واڍو گهرايو جو مشهور ڪاريگر هئو. ان کي پينگهي ٺاهڻ لاءِ چيم. پر نقشو سڄو مون ڏنومانس ته هيئن هجي. چيم ته ٽنگون ته هجنس ئي نه، ٽنگن بجاءِ ٻنهي پاسي اڪر تي ڪاٺ جو سهڻو انگڙ ونگڙ ڍانچو هو. ٻيو پينگهي ۾ هونديون آهن ٻه ڪنڍيون جي گسنديون آهن ته چيڪٽ ڪنديون آهن. چيم ته اهي به نه هجن. اوستو منجهي پيو ته ”پوءِ باقي پينگهو لڏندو ڪيئن؟“ کيس سمجهايم ته ”سائيڪل وارا بال بيرنگ لڳائي جي نه گسڪن نه چيڪٽ ڪن!“ ويچار ۾ پئجي ويو. پر هائوڪار ڪيائين. پوءِ ته اهڙي شيءِ ٺاهي آيو جو اڄ تائين ماڻهو ڏسڻ ٿا اچن. منهنجو خرچ آيو پنج سؤ روپيا جيڪي ڪاريگر محنتاڻو ورتا. اڄ ڪراچيءَ ۾ ان پينگهي جا لک روپيا ملن ٿا. پر ڏيان نٿو، پويان وڪڻي ڇڏين ته رب ٿو ڄاڻي.
سجاول ۾ به اهي اٺ ڪرسيون. کٽون ۽ پينگهو، ٻه سال گذر ڪري وياسون. سجاول ڏاڍو ڏورانهون علائقو آهي. هڪ رستا خراب ٻيو ڇڪڙن جهڙيون بسون. گهر جو حال اهو، وري مٿان نانگ بلائون. روز گهر مان نانگ مارجي. هڪ نانگ ته کٽ تي چڙهي منهنجي ٻارڙي جي ڀر ۾ سمهي پيو يا ڇپ هڻي ويٺو. منهنجي گهر واري سمجهيو ڪو ڪپڙو آهي؛ کڻي کنيائين ته هٿ ۾ هليو ۽ ٿڌو به ڏاڍو لڳس. ”گهوڙا نانگ!“ چئي وري کڻي ٻارڙي مٿان اڇلايائين. ماءُ جي دل، ڊني به ڏاڍي پر ٻاڙرو سٽ ڏئي کڻي ڇاتيءَ سان لڳايائين. مون بتي ٻاري ته نانگ ٻار جي رِلڪن ۾ ڇپ هڻي گم ٿي ويو. پوءِ ته بورچيخاني مان بنڊي کڻي آيس ۽ هڪ هڪ رِلڪو پٽ تي اڇلي ڪٽِندو رهيس. صفا هيٺئين رلڪي ۾ نانگ هئو. ڌڪ جو هنيم ته رلڪي ۾ رت ظاهر ٿيو. پوءِ ته ڪٽي ماري اڇليم. سرنگ هئي. سرنگ اهڙي گهڻي زهريلي بلا ڪانهي. منهنجي گهر واري چوي ته ”هٿ ۾ کڻي ڏسوس ته ڪهڙو نه ٿڌو آهي!“ مون بڇان کان هٿ ڪونه لاتومانس، پوءِ گهر ۾ هڪ نور پاليوسين جو نور نانگ سان وڙهندو آهي، پر جهنگلي نور جلد ئي مري ويو. پوءِ دروازي تي تارپين هاري سمهندا هئاسين جو تارپين لڳڻ سان به نانگ مري پوندو آهي. پوءِ به بلائون اينديون رهيون. هڪ دفعي کپر ماريوسين.
سجاول هڪ ڏورانهون شهر، ٻيو نانگ بلائون، ٽيون قحط الرجال، پر مون اهڙو وقت موج مستيءَ ۾ ڪٿي ڪونه گذاريو. اتي منهنجو ايس ڊي او دوست نور محمد سمون اڳواٽ ئي هيو. ان معرفت دوستي ٿي هڪ ٻئي ايس ڊي او محمد جان بروهيءَ سان. اهو به واهه جو ماڻهو هئو. مٿان سون تي سهاڳ اهو جو ڊاڪٽر ٿي آيو جان محمد قريشي، چيف انجنيئر اميد علي قريشي جو ننڍو ڀاءُ، اهو به مور مڙس هئو. شهر جو چڱو مڙس، چيئرمين هئو هڪ جوان مڙس محبوب علي شاهه، سو به خوبين جي کاڻ هئو. مٿان دڙي جو رهواسي محمد عارف عباسي به اچي اسان سان شامل ٿيندو هو. واهه جو چوڪڙي ٺهندي هئي. شيل شڪار، گهمڻ، ڦڙڻ، دعوتون، بس واندڪائي ڪانه هوندي هئي. ٻيو ته رمي راند رچائيندا هئاسين. مان هئس غريب سو پائيءَ پوانٽ کيڏندا هئاسين. روپئي ۾ هيون 1000 پائيون، پوءِ به هڪ ڏينهن مون ڇٽيهه روپيا کٽيا، عيش ٿي ويو.گهر جي پلويڙي کي دروازو هئو ڪو نه سرڪاري گهر کي پنهنجي رميءَ جي پئسن مان دروازو هڻائي ڇڏيم. جوئا جا پئسا گهر ۾ ته ڪونه آيا، الٽو هر ايندڙ آفيسر لاءِ سک ٿي پيو.
سجاول وڏو علائقو آهي جهڙوڪر ضلعو، چار تعلقا آهن. سجاول، جاتي، بٺورو ۽ شاهه بندر. سڀني شريف ماڻهن سان اهڙو رهايم جو جڏهن بدلي ٿيس ته منهنجيون جدا جدا شهرن ۾ سترهن الوداعي پارٽيون ٿيون. پنجاهه سالن کان پوءِ منهنجو ننڍو پٽ ساجد جمال ابڙو سجاول ۾ ايس ڊي ايم ٿي ويو ته، چيائين ته ”بابا ماڻهو اڃا توهان کي سنڀارين ٿا ۽ توهان جو پڇن ٿا“، اڄ تائين اتان عيد ڪارڊ اچن.
سجاول کان بدلي ٿيم ٽنڊي الهيار. ٽنڊو الهيار آهي ڪروڙ پتين جو شهر. اتي به کٽون ۽ اٺ ڪرسيون کڻي وڃي پهتس. سڀني ڪروڙ پتي سيٺين سان ڀائپي جا رستا ٿي ويم. حافظ عبدالعزيز، حاجي حاجن، نورالنبي، حاجي محمد اڪرم، وڏي ڳالهه ته منهنجو پراڻو اسڪولي ساٿي کپري وارو ڊاڪٽر حاجي سانوڻ خان ٻٻر به اتي هئو. واهه جو وقت گذاريم. هر ڪنهن کي ڏکيءَ ويل ڪم آيس. واقعا لکبا ته دفتر ٿي ويندا. مان آفيسر نه پر هر ڪنهن جو هڪ دوست، گهر ڀاتي ۽ هڏ ڏوکي هئس. غريب غربا، مهاجر، خانزادا ۽ قائم خاني به پنهنجا ڏکڙا کڻي ايندا هئا ۽ وس آهر سندن مدد ڪندو هئس.
ايوب جو مارشل لا هجي پر مون وٽ ته هئي قاعدي قانون جي ڳالهه. نواب ياسين خان کي گرفتار ڪري منهنجي ڪورٽ ۾ پيش ڪيائون جو ايوب خان جي خلاف تقرير ڪئي هئائين. پاڻ ڪجهه چوي تنهن کان اڳ چيومانس ته، ”نواب صاحب ضامن آندو اٿوَ؟“ وڪيل حيران، پوليس وارا حيران، خود نواب صاحب وارا حيران ته اڃا ضمانت جي درخواست ڏني ڪانهي ۽ جج صاحب پيو ضامن جو پڇي، سو به مارشل لا ۾! بيٺي پير ضامن کنيومانس. آزاد ٿي وڃي حيدرآباد پهتو. شام جو مير علي احمد خان ٽالپر جي فون آئي جو محترمه فاطمه جناح جو سياسي ورڪر هئو. دعائون ڪيائين. مرحبا، وڏي ڄمار. پنجويهه ٽيهه سالن کان پوءِ نواب ياسين اسيمبلي جو ميمبر ٿي آيو. مان سيڪريٽري هئس. مون کي ڪونه سڃاتائين، ياد ڏياريومانس ته چيائين ته ”اچها وه آپ تهڳ“ بس.
ٽنڊي الهيار ۾ هڪ چڱو ڪم اهو ڪيم جو اتي هڪ سٽيزن ڪلب جو بنياد وڌم. وڏن ماڻهن کان چندو وٺي ميونسپل گارڊن ۾ ڪلب کولي سون. ان ڪم ۾ مونسان نور احمد بچاڻي مرحوم گهڻو ٻانهن ٻيلي رهيو. ڪلب ۾ شام جو بيڊمنٽن ۽ ٽيبل ٽينس رانديون ٿينديون هيون. هينئر آهي الائي ختم ٿي وئي.
ٽنڊي الهيار ۾ به اٺن ڪرسين ۽ کٽولن سان گذر ڪري آيس. البت بدليءَ جي ٽي. اي. ڊي. اي. مان ٻارهن سؤ روپيا بچيم سو خيال ڪيم ته ريفريجريٽر وٺجي. حاجي محمد بچل پاٽولي ۽ شيخ ستار وڪيل سان ڳالهه ڪيم. انهن چيو ته گڏجي ڪراچي هلنداسين. نيٺ اهڙو ٽڻ ٺهيو جو ٽئي ڄڻا جيپ ۾ سوار ٿي ڪراچي پهتاسون. ٻه ڏينهن ترسي موٽڻ وارا ٿياسون ته حاجي محمد بچل پاٽولي چيو ته ”توهان فرج ته ڪو نه ورتو!“ چيم ”پندرهن سئو ۾ ٿو ملي. مون وٽ رڳو ٻارهن سو آهن سو وري ڪڏهن ٻئي دفعي!“ حاجي صاحب چيو ”اها ڪهڙي ڳالهه آهي، هلو دڪان تي!“ ٽي سؤ پاڻ وجهي پندرهن سؤ روپين ۾ انڊيسٽ جو فرج خريد ڪري جيپ ۾ ويهي اچي گهر نڪتاسين. گهر ۾ جهڙي عيد ٿي وئي، چوندا آهن ته ’اوڌر جي ماءُ مُئي ڪانهي‘ هي ته ساڀيان ٿي پيو. قرض لاهي وڌوسين. باقي اسان جي گهر جو نقشو ئي مٽجي ويو. ٿڌو پاڻي، برف، وري ٻارن لاءِ ورتاسين پلاسٽڪ جا سانچا جن ۾ کير ملائي ۽ کنڊ ملائي فرج ۾ رک ته جهڙو مفت ۾ قلفي ۽ آئيس ڪريم، واهه جو مزو ٿي ويو. اسان جو رهائشي پد مٿاهون ٿي ويو.
1965ع واري لڙائي هلي پئي ته منهنجي بدلي حيدرآباد ٿي. ان کان پوءِ منهنجا ڏينهن مٽيا. غريب مسڪين مان اوچتو وڏو ماڻهو ٿي ويس. وري پوئتي موٽ ڪانه کاڌم. قدرت جا ڪارخانا عجيب آهن. حيدرآباد ۾ رهڻ جي جاءِ ڪانه هئم سو وڏي ڀيڻ عبدالحق جي گهر وارِي پنهنجو نئون نڪور هزار والن تي ٺهيل عاليشان بنگلو مفت ۾ رهائش خاطر ڏئي ڇڏيائين. بنگلي ۾ باغ، نوڪرن جا ڪوارٽر، اوطاق، ڦوهارا لڳل. ڇا نه هئو. اسان جا ڀاڳ اوچتو کلي پيا. جيڪو پيو بنگلي ۾ اچي سو پيو عش عش ڪري. پئسي جي اها ئي ٻاڙائي. ’اندر مڙيئي اڳڙيون، ٻاهر لوڏ لکن جي‘ لطيف آباد کان سيشن ڪورٽ پنڌ وڃبو هئو. ڪڏهن ٽانگي تي. هڪ دفعي مير لکي مرحوم مون کي ٻارڙن سان گڏ ٽانگي ۾ ڏٺو ته حيرانيءَ مان منهنجي دوست غلام النبي سومري سان ڳالهه ڪيائين ته ”ابڙي صاحب کي مون ٽانگي ۾ ويندي ڏٺو!“ غلام النبي به هئو مزيدار ۽ عجيب طبيعت جو ماڻهو سو چيائينس ته ”ڪار خراب ٿي پئي اٿس، سا گئراج ۾ بيٺي اٿس!“ منهنجي بنگلي ۽ رهائش جو ڏهڪاءُ ايڏو وڏو هئو.
منهنجي گهر واري مرحومه به ڇا ڪيو جو سستا پلاسٽڪ جا صوفا وٺي ڊرائنگ روم ۾ سجائي ڇڏيائين. پڇيومانس ته، ”پئسا ڪٿان آندائين؟“ ته عجب مرڪ مرڪندي چيائين، ”مون کان ڪيترو لڪائيندا جڏهن به توهان جي ڪوٽ جي تلاشي وٺندي آهيان ته پنجاهه سٺ نه ته به ويهه روپيا ملي ويندا آهن!“ ٿيندو ائين هو جو دوائن جا بل يا ٽي اي ڊي اي جا پئسا جيڪي ملندا هئا سي مان پنهنجي کيسي ۾ رکندو هئس. منهنجي گهر واري ليکي ته پگهار مان ڪجهه پئسا لڪائي مان پاڻ وٺ ٿو رکان. ڀرسان لڳو لڳ هئو ڪمال جو بنگلو. ٻئي ڀائر ائين وڏي شان مان رهيا پيا هئاسين. ٺٽي وارو مرحوم، رسول بخش عباسي وڪيل منهنجو دوست بلڪ دوستن جو دوست هئو. ان چيو ته ”هڪ فرنيچر وارو سندس دوست آهي، جنهن وٽ هڪ وڏي کاڌي جي ميز سيڪنڊ هئنڊ وڪائو آهي، سا کڻائي ٿو اچان!“ ٽيهه چاليهه روپين ۾ کاڌي جي ميز به اچي وئي. بنان ڪرسين جي. بيهي ماني کائڻ ته رواج آهي سو اسان جو ڪم ٿي ويو ۽ ڊرائينگ توڙي ڊائننگ روم ٺهي ويا يعني سجائجي ويا. غلام رسول شيخ سيشن جج بدلي ٿيو ته جج صاحبن هوٽل جا پئسا بچائڻ خاطر الوداعي دعوت منهنجي بنگلي تي ڪئي؛ سٺي رهجي آئي.
غلام النبي سومرو، شفيع محمد آخوند ۽ نور محمد ٻگهئي جهڙا بهترين دوست ته حيدرآباد ۾ هئم. غلام النبي سومرو جي معرفت سرڪار مير علي مدد خان ٽالپر جي مصاحبي نصيب ٿيم. روز ڪار در تي اچي. ان ۾ گهمڻ وڃون. مير صاحب جي مصاحبي مان ته ايترو پرايم جو نه ڪتابن مان، نه ماءُ پي ءُ مان، نه نوڪريءَ مان نه خاڪساري تحريڪ مان. هر ڪو مير صاحب پنهنجي ذات ۾ا نجمن ٿئي ٿو. مون کي ته ائين لڳو. مٿان ڀاڳ ڀلا جو عبدالله ميمڻ نئون سي ايس پي آفيسر مقرر ٿي آيو، تربيت لاءِ حيدرآباد ۾ . اهو به عجيب بلڪ غير معمولي ماڻهو! غريب جو ٻار پر ڇا ته سندس اٿڻي ويهڻي، گفتگوءَ جو انداز ۽ باغ و بهار شخصيت. الائي ڪٿان مون کي ڳولهي لڌائين. روزانو محفل ٿيندي هئي ۽ رات جا هڪ ٻه وڄي ويندا هئا. ڇا بحث مباحثو، ڇا مسئلن جي ڇنڊڇاڻ، ڇا دوستن جي تور ماپ، ڇا مذاق ڇا مزاح ڇا شعرو شاعري ۽ ادبيات. بلڪل هڪ گهڻ پاسائين شخصيت. راڳ جو به ڄاڻو. راڳ ناچ، طبلي جي ٿاڦ جو زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مون چشڪو ورتو.
ناراض هئي ته رڳي هڪ شخصيت، منهنجي گهر واري. رات جو ٻي بجي تائين اوسيئڙي ۾ بيٺي هوندي هئي. پر کيس ڪاوڙ ٻئي سبب ڪري هئي. چي ”اڳي ڪچهريءَ جو محور اوهان هوندا هئا، هر ڪو توهان وٽ ايندو هئو. محفل توهان وٽ ٿيندي هئي. هاڻي ڪهڙو اهڙو وڏو ماڻهو ساماڻو آهي جو محفل وٽس ٿي ٿئي ۽ توهان به وٽس ٿا وڃو!“ مون سندس ئي جملو کيس آڏو ڏنو ته ”هر گل جي پنهنجي خوشبوءِ، هر ماڻهوءَ جو پنهنجو ورتاءُ“ ماٺ ٿي ويندي هئي، پر خار هوندي هئس ته سندس مڙس کان وڌ ڪهڙو خاص وکر هوندو هن ٻئي ماڻهوءَ ۾. مطلب ته منهنجي گهٽتائي برداشت نٿي ٿيس. حقيقت ۾ عبدالله ميمڻ آڏو مان ڄامڙو هئس. ڀيٽ ئي ڪا نه هئي.
نيٺ عبدالله جي بدلي صوبي سرحد نوشهره ٿي ته وري ماحول مٽيو ۽ شامون مون وٽ آباد ٿيڻ لڳيون. ايتري قدر جو هڪ رات لطيف آباد جي ايس ايڇ او فون ڪري چيو ته، ”صاحب توهان جي گهر وٽ آڌي رات جو گهڻيون ڪارون بيٺيون آهن!“ مون به سڙندي پڄرندي چيومانس ته ”سمگلر آهن، اچي تلاشي وٺ!“ چپ ٿي ويو. مون وٽ هئا سڀ آفيسر ۽ سٺا خانداني ماڻهو سو مون کي سندس سوال تي ڪاوڙ لڳي. مهمانن جي خاطرداري وري ڪهڙي ٿيندي هئي. منهنجي گهر واري ڇا ڪندي هئي جو وڏي گوشت جو قيمو ڪرائي ڍير سارو قيمون ريفريجريٽر ۾ رکي ڇڏيندي هئي. وڏو گوشت ملندو هئو ڏيڍ روپئي ۾ هڪ سير. سو جڏهن به مهمان ايندا هئا ته طعام تيار ٿي ويندا هئا. منهنجن مهمانن کي ملندو هئو قيمي جو ٻوڙ ۽ چانورن جي ماني. چانورن جي ماني شهري ماڻهن لاءِ نئين ايجاد هئي سو فرمائش ڪري گهرندا هئا. گهڻن سالن کان پوءِ شفيع محمد آخوند ڪراچي ۾ سيشن جج ٿي آيو ته، چيائين ته ”تنهنجي گهرجو قيمو ۽ چانورن جي ماني وسري ئي نٿي!“ ڪنگڻي چانورن جو اٽو ڪڻڪ کان سستو هوندو هو. اٺين روپئي مڻ. الله کڻي عزت رکي. سگهڙائپ گهر واريءَ جي جا آڌي رات جو تازي ماني ٺاهي ڏيندي هئي.
مرحومه جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪري ڪهڙيون ڪجن. ڇهه ٻار، ڇهه ئي اسڪول ويندڙ. حيدرآباد جهڙو وڏو شهر، پگهار هزار روپيا. ڪِرڪِر ۽ ڪُرڪو يا شڪوو شڪايت. سندس طبيعت ۾ ڪانه هئي. مٿان وري گرميءَ جي موسم ۾ جڏهن لاڙڪاڻي جا مهمان ايندا هئا ته سندس نرڙ ۾ گهنج نه پوندو. مهمان ڏسي باغ و بهار پئي ٿيندي. الائي ڪيئن کلي کلي خوش ٿي پورت ڪندي هئي. مهمان اڄ ياد ڪنس ٿا. کانئس پوءِ اچڻ ئي ڇڏي ڏنائون. وڏي برڪت هئي. چوندا آهن ’ڪنهنجي آئي ڪنهنجي وئي!‘
اختلاف ۽ جهيڙو پيدا ٿيڻ ئي نه ڏيندي هئي. ڪا اهڙي جهڙي ڳالهه ٿي ته مون کي اٿاري ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندي هئي. چوندي هئي توهان جو واسطو ناهي زناني ڳالهين ۾ پوڻ جو. معاملو پاڻ به سلجهائي پوءِ مون کي ٻڌائيندي هئي ته هينئن ٿي ويو هو. هونئن ٿي ويو هو. ڳالهه ڳالهين ۾ ٺيڪ ٿي وئي. جيڪڏهن مان ڪو اعتراض اٿاريندو هئس ته ناراض ٿي چوندي هئي ته ”اڳتي توهان سان ڪا به ڳالهه نه ڪبي ٻيو ڇا!“ مان چپ ٿي ويندو هئس.
غلط فهميون دور ڪرڻ جي به ماهر هئي. هڪ دفعي ٽنڊي الهيار ۾ سندس هڪ عزيز آيو. مونکي چيائين ته ڪوٽڙيءَ ڀرسان ٻارهن ڪي پندرهن ايڪڙ زمين ٿي ملي سو پندرهن سؤ روپيا ڏي ته تنهنجي نالي ٻه ٽي ايڪڙ زمين وٺون. مون گهڻو ئي لهرايو پر اصل ڳٽ ٿي پيو. نيٺ حاجي اڪرم پاٽولي کان پندرهن سؤ اڌار وٺي ڏنامانس. نه زمين منهنجي نالي ورتائين نه پئسا موٽايائين. پاڻ زمين ورتائين ۽ پيدائش به کڻندو رهيو. ورهيه گذري ويا. منهنجي گهر واريءَ کي خبر ئي نه هجي. نه ته هوند مونکي منع ڪري ها. ورهيه لنگهي ويا. اسان ڪراچي بدلي ٿي آياسين. گهر واريءَ سان ڳالهه ڪيم، هڪدم چيائين ته پندرهن سؤ مون کي ڏنا هئائين. ائين جهڳڙو ئي ختم! الائي ورتا هئائين الائي بعد ۾ اوڳاڙيائينس، خدا ٿو ڄاڻي؛ باقي اختلاف کي اڀرڻ ئي ڪو نه ڏنائين.
حيدرآباد جي بنگلي ۾ ئي مون کي هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ مان وڃي اسپتال ۾ داخل ٿيس. اهو سربستو احوال پنهنجن اڳين ڪتابن ۾ لکي آيو آهيان. ان ڪري ورجايان نٿو، سڄا سارا ٻه مهينا اسپتال جي ڪمري ۾ پٽ تي ستي پئي هوندي هئي. پئي دعائون پڙهندي هئي. ۽ باسون باسيندي هئي. ٻن مهينن کان پوءِ گهر آيس ته پوءِ به ڊاڪٽر ڪريم عباسيءَ ٻه مهينا آفيس جو ڪم ڪرڻ کان منع ڪيم. کٽ تي ليٽيو ئي ليٽيو پيو هوندو هئس. ان حالت ۾ به سرڪار مير علي مدد خان ٻه ٻه ڪلاڪ اچي مون وٽ ويهندو هو ۽ رکي چانهه يا ڪافيءَ جي پيالي تي ڪچهري ٿيندي هئي. منهنجي نارمل ٿيڻ ۾ وڏو عمل دخل مير صاحب جو به هئو. اهڙي حالت ۾ زوري اٿاري ڪار ۾ کڻي ڪوڪا ڪولا پياري سئنيما تي وٺي ويندو هو. چي ”ڊاڪٽر آفيس کان منع ڪئي آهي، سئنيما هال کان ٿورو ئي منع ڪئي آهي!“ ائين آهستي آهستي نفسياتي طرح مير صاحب مون کي نارمل ڪيو ۽ مان وڃي ڊيوٽيءَ تي چڙهيس. سيشن جج مهربان هو تنهن ڏاڪڻ چڙهڻ کان بچائڻ لاءِ ڪورٽ جو ڪمرو هيٺ گرائونڊ فلور تي ڪرائي ڏنو ۽ گهڻي ڪم ڪرڻ کان به منع ڪيائين. آفيسر مهربان آهي ته سڀ ڪم سولا ٿي پون ٿا.
ٻيو مسئلو پيدا ٿيو جو منهنجي ڀيڻ بنگلو خالي ڪرڻ جو چيو. ڀرسان ئي لطيف آباد ۾ هڪ ننڍو بنگلو ٻه سؤ روپيا مسواڙ تي ورتم، ڊاڪٽر ڪريم عباسي آرامده زندگيءَ گهارڻ تي زور ڀريندو رهيو. اهو به چيائين ته ”ٿڌڪارو (ايئرڪنڊيشن) به ضرور استعمال ڪر“. اهو ڪمال منهنجي ڀاءُ ڏنو. 1967ع جو اهو ڏينهن؛ اڄ تائين مان چوويهه ڪلاڪ ٿڌڪارو استعمال ڪيان ٿو. نصيب! رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به اهو نصيب اٿم. رٽائر ڪئي به پندرهن سورهن سال ٿي ويا اٿم. خرچ الائي ڪٿان پيو نڪري! جيسين هلي تيسين هلڻ ڏينس، واقعي الله ڏئي ٿو ۽ نصيب به ڪا چيز آهي.
انهيءَ بيماري واري دؤر ۾ لطيف آباد ۾ پنهنجو بنگلو اڏائي وڌم، جنهن جو مفصل احوال اڳين ڪتاب ۾ لکيو اٿم جهڙوڪر جادوءَ جي ڏنڊيءَ سان ڪم پاڻ ئي ٿيندا ويا. واقعي الله ڏئي ٿو ته ڇپر ڦاڙي ٿو ڏيئي. اعتبار جهڙي ڳالهه ڪانهي پر واقعي سڀ ڪم پاڻ ئي پاڻ ٿيندا ويا ۽ بنگلو اڏجي ويو. مسواڙ کان بچڻ لاءِ ٽپڙ کڻائي اچي پنهنجي نامڪمل بنگلي ۾ ويٺاسين. گدوءَ واري چرين جي اسپتال کان پنڌ ئي پنڌ سيشن ڪورٽ اچبو هو. ٻار به اتي ئي ماڊل اسڪول ۾ پڙهندا هئا. ان ڪري مون سان گڏ ايندا هئا ۽ گڏ موٽندا هئا.
بنگلي اڏجڻ تي منهنجي جج ڀائرن شڪ ڪيو ته شايد رشوت ٿو وٺي . اهو ته الله ٿو ڄاڻي ۽ ماڻهو ڇا ڄاڻن! ڳالهه لڪي ڪانه ٿي. جيڪو ماڻهو رشوت ڏيندو سو ڏهن ٻين ماڻهن سان ضرور ڳالهه ڪندو ۽ ايئن لکن ۾ اها ڳالهه پکڙجي ويندي. ائين رشوتي ڪو لڪي ڪونه ٿو. ضرور ظاهر ٿيندو. رب پيو پناهه ڏئي! ائين هجي ها ته اڄ تائين جا عزت اٿم سا ڪانه هجي ها.
آفيسر کي رشوتي ڪن ئي ماڻهو ٿا. زوريءَ هن وٽ پئسا پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا. نه وٺندو ته چوندا ته ”ضرور ٻي ڌر کان پئسا ورتا اٿائين!“ پر ايمانداري لڪي ڪانه ٿي. خوشبوءِ جيان ڦهلجي ٿي. کپري ۾ هئس ته هڪ ڏينهن شام جو هڪ ماڻهو منهنجي گهر ملڻ آيو. ٻئي هٿ ٻانهون ٻڌڻ جي انداز ۾ بند. ”ابا خير آهي!“ چي ”سائين! غريب آهيان. تو وٽ جوابدار آهيان!“ ائين چئي منهنجي ٽپائي تي هٿ کوليائين ته سؤ سؤ جا ڪيئي نوٽ ٽِپائي تي اچي ويا. مون سخت ڪاوڙ ۾ چيومانس ته، ”هونئن سزا نه اچئي ها، هاڻ ته پڪ ايندءِ!“ چيومانس ”کڻ نوٽ! وڃي فريادي کي ڏئي ٺاهه ڪر، نه ته ڪونه ڇڏيندوسانءِ“ تڙ تڪڙ ۾ نوٽ ميڙي ڀڄي ويو. واقعي فرياديءَ وٽ ويو معافي ورتائينس ۽ ڏنڊ به ڀري ڏنائينس. اها ڳالهه مون سان سندس وڪيل ڪئي. ڳالهه مشهور ٿيندي دير نٿي ٿئي ۽ جڳ کي خبر پئجي ٿي وڃي ته هي آفيسر ايماندار آهي، وڪائو ناهي.
حيدرآباد ۾ هئس ته تاج محمد ابڙو مهمان ٿي آيو. حال احوال وٺندي ٻڌايائين ته هو منهنجي ڪورٽ ۾ وڪيل ٿي آيو آهي. چيائين ته ”تنهنجي منهنجي دوستيءَ جي خبر اٿن. سو ڏهه هزار في ڏني اٿائون. اڌ تنهنجو، اڌ منهنجو! اهو ڪم ڪيئن به ڪرڻو اٿئي.“ چڱي خاصي رقم هئي. دوست به گهاٽو هئو پر مون کيس صاف جواب ڏنو. ڳالهائڻ جو به هوشيار هئو. گهڻائي وڪڙ چاڙهيائين. پر ڪجهه ڪو نه وريس. ناراض ٿي ڏهه هزار في واپس ڪيائين ۽ موٽي ويو.
جن کان پئسا نه ورتم انهن چوڻ شروع ڪيو ته ”ٻي ڌر کان پئسا کاڌا اٿس!“ مون سندن وڪيل عبدالقادر هاليپوٽي سان اڃا ڳالهه ڪڍي مس ته چيائين ته ”سائين! مون کي سڄي خبر آهي. هاڻي جو پڪ ٿي اٿن ته توهان نٿا وٺو؛ سو توهان تي نفسياتي دٻاءُ پيا وجهن!“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ عبدالقادر هاليپوٽي کي به ڇڏي ويا. وڃي غلام النبي ميمڻ سابق وزيرِ قانون کي وڪيل ڪيائون. هن بحث تمام سٺو ڪيو، قابل ته هئو. پر مون خار ۾ فيصلو سندن مخالف ڪيو. ان ۾ ڪا خرابي ڪانهي اپيل جو دروازو کليو پيو آهي. خواهه مخواه غلام النبي ميمڻ جهڙي قابل وڪيل کي ناراض ڪرڻو پيو. غلام النبي ميمڻ سان الائي ڇو منهنجو ستارو هلي ئي نه پيو. اڳ ۾ به هڪ ڪيس ۾ ائين ئي کيس ناراض ڪيو هئم، جيتوڻيڪ سندس موقف درست هئو.