شاعري

چاندني تو سوا نه ٿيندي

ڪتاب ”چاندني تو سوا نه ٿيندي“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنمبر پاران 2001ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book چاندني تو سوا نه ٿيندي

مهاڳ : اعجاز منگي

مهاڳ : اعجاز منگي

دل ۽ دنيا جي وچ ۾

اهي سڀ ڳالهيون جيڪي منطق جي مٺ ۾ نه ٿيون اچن تن جي لاءِ هيءَ دنيا “ديوانگيءَ” وارو لفظ استعمال ڪري ٿي. حيرت آهي ته هوءِ ان لاءِ معصوميت وارو لفظ استعمال ڇو نه ٿي ڪري؟ ان جو سبب احساسِ جرم کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ٿي سگهي؟ پوءِ ڀلي ان احساس جو اظهار “ آڪڙ” ڀريل اسٽائيل ۾ ڇو نه ڪيو وڃي !
هيءَ دنيا جنهن جي نظر ۾ سڀ کان وڏي اهميت دڪان جي آهي ۽ جنهن جي نظر ۾ سڀ کان ڪارائتي لکڻي حساب ڪتاب واري هجي ٿي، تنهن جي نظر ۾ اهي سڀ ليڪا ۽ سڀ لفظ جيڪي تخليق جي دائري ۾ اچن ٿا سي ديوانگيءَ جي پئداوار هجن ٿا، جيڪي مائيڪل اينجلو ڪڍي پنهنجو نالو امر ڪري ويو ۽ شئڪسپيئر جي هٿن سان لکيل اهي لفظ جن کي فنا جو هٿ نه ڇهي سگهيو آهي سي سڀ اجايا آهن. جڏهن ته انهن ديوانن ئي هن دنيا جي حسن ۾ اضافو آندو آهي، انهن ديوانن جي ڪري دنيا ۾ پيار ۽ اعتبار جي تصورن کي سگهه ملي آهي پر دولت کي دانائيءَ جي ڪسوٽي سمجھندڙ ان راءِ جا آهن ته پئسي پائيءَ کانسواءِ باقي سڀ ڪجهه ڌوڙ ڇائي آهي.
انهن ئي ماڻهن جي لاءِ اياز لکيو هو ته :
ڪي مال ميڙن ڪي آڪڙن ٿا
ڪنهن ڪو نه ڄاتو ته گلڙا ٽڙن ٿا
اهي دولت جي انبارن کي ڏسي خوش ٿيڻ بدران چنڊ ستارن کي ڏسي خوش ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن انهن جي گهر مان چوري ٿي وڃي ٿي ته هو ان خيال سان به دل کي خوش ڪري وٺن ٿا ته “چور گهر کي لٽي به ويو آهي ته ڇا هي اڃان ته منهنجي گهر جي ول تي ڪيئي ماڪ ڦڙا چمڪن ٿا” اهڙن خيالن جو بيپرو اهيءَ سان اظهار ڪرڻ وارن کي ديوانو قرار ڏيڻ وارا ماڻهو پاڻ پئسي ۽ پاور جي پويان ڇتا آهن ۽ انهن کي تخليقارن جي مٿان اهڙا الزام مڙهي جهڙوڪ دلي اطمينان حاصل ٿئي ٿو.
جڏهن ته آرٽسٽ بنيادي طور تي معصوم هوندو آهي. آرٽ جي حوالي سان مون جيترو به سوچيو آهي ته مون کي سدائين اهو محسوس ٿيو آهي ته آرٽسٽ اهو انسان آهي جنهن جي اندر جو ٻار ڪڏهن به وڏو نه ٿو ٿئي.
اهي آرٽسٽ جيڪي مخصوص وقت کان پوءِ تخليق جي سگهه وڃائي ٿا ويهن انهن سان الميو اهو هوندو آهي ته انهن جي اندر جو ٻار وڏو ٿي ويندو آهي. جيستائين ڪنهن جي اندر جو بار ننڍو هوندو آهي تيستائين هن جي تخليق جي سگهه جو انت ڇيهه نه هوندو آهي پر جڏهن ڪنهن جي اندر جو ٻار وڏو ٿي ويندو آهي تڏهن تخليق هن کي ڇڏي ويندي آهي.
جيڪڏهن ان ڳالهه جي حقيقت اسان اوشو کان پڇنداسين ته هو اسان کي اهوئي ٻڌائيندو ته ننڍڙن ٻارن جي اکين ۾ حيرت جي صلاحيت هوندي آهي، حيرت جي ان صلاحيت کي انفرميشن ختم نه ڪندي آهي جڏهن ته وڏن سان مسئلو اهو هوندو آهي ته هو حيران ٿيڻ ڇڏي ڏيندا آهن. ان ڪري اها خوشي ۽ مستي جيڪا ننڍا بار محسوس ڪندا آهن سا وڏا محسوس نه ڪري سگهندا آهن. ساڳي طرح سان شاعر اهي انسان هوندا آهن جيڪي پنهنجي دل ۾ موجود ننڍي ٻار کي وڏو ٿيڻ نه ڏيندا آهن ۽ جنهن شاعر جي دل ۾ جيترو ننڍو ٻار هوندو آهي. اهو ايترو ئي وڏو شاعر هوندو آهي. شاعري اها وادي هوندي آهي جنهن ۾ وڏن جي داخلا منع هوندي آهي ان واديءَ ۾ صرف ننڍا ٻار ئي داخل ٿي سگهن ٿا. هڪ ننڍي ٻار جي نظر ۾ دولت جي ڪائي اهميت نه هوندي آهي هو صرف انهن ڳالهين تي خوش ٿيندو آهي جن ڳالهين تي وڏا کلي ڏيندا آهن ۽ اصل ۾ هو نه سمجھندا آهن ته انهن جو اهو ٽهڪ اصل ۾ انهن جي اڻڄاڻائيءَ تي هوندو آهي. جنهن کان هو واقف ٿي ناهن سگهندا. ڪنهن دانشور اهو سوال اٿاريو هو ته آخري ٽهڪ ڪير ڏيندو؟ جڏهن نذير اڪبر آبادي مغل آرڪيٽيڪچر وارن محلن جي پاڇي ۾ ويهي لکيو هو ته :
“سڀ ٺاٺ ڌرا ره جائيگا
جب لاد چليگا بنجارا”
ته دراصل هو ان آخري ٽهڪ جي ڳالهه ڪري رهيو هو. هيءَ اها ساڳي ڳالهه آهي جنهن جو ذڪري عظيم نفسياتدان ۽ مفڪر سگمنڊ فرائڊ هڪ انٽرويو ۾ ڪندي چيو هو ته “ سڀ کان وڏو فاتح اهو ڪيڙو آهي جيڪو قبر جي مٽيءَ ۾ دنيا جي عظيم فاتح جي مڙهه جو انتظار ڪري رهيو آهي.”
جڏهن اسان موت ۽ حياتيءَ جي حوالي سان سوچيون ٿا ته اسان جي ڪنن ۾ اياز جا اهي لفظ گونجڻ لڳن ٿا ته : “ تاج ڪيانيءَ جا تڇ تماشا سڀ هئا، آنيءَ جانيءَ جا” گيت موت تي فتح ماڻي ٿو وٺي جڏهن ته دولت ڌوڙ ٿي وڃي ٿي.
شاعرن کي ان حقيقت جي پروڙ هوندي آهي ان ڪري هو مايا جي موهه ۾ اچي فنا جي ڦندي ۾ ڦاسڻ بدران ان امرتا جو هٿ پڪڙيندا آهن، جا وقت جي وير ۾ نه لڙهندي آهي. ادب امرتا ڏئي ٿو. ان ڪري ننڍڙي ٻار کي دل ۾ سانڍي هلڻ وارا شاعر پنهنجي زندگي انهن لفظن کي اپرين ٿا. جيڪي لفظ هونئن ته بي معنيٰ آهن پر جڏهن شاعر جي دل انهن کي سٽاءَ ۾ ٿي آڻي ته انهن مان معنيٰ جا درياهه پلٽجي پون ٿا.
ڇا شاعرن جي اها مهانتا گهٽ آهي ته هو انهن شين کي اهم بنائي ڇڏين ٿا جيڪي بظاهر اهن ناهن ۽ جيڪي شيون عام طور تي اهم سمجھيون وڃن ٿيون شاعر انهن جي اهميت کي صرف هڪ سٽ ۾ ڌوڙ ڪري ڇڏين ٿا. پر انهن شاعرن جي پنهنجي زندگي چنڊ گرهڻ جيان گذري ٿي. ڇو ته انهن جي دل ۽ دنيا جي وچ ۾ شاعري اچي ويندي آهي. اها شاعري جيڪا شاعرن کان هڪ زندگي جو ٻليندان وٺي کين امر زندگي عطا ڪري ٿي.
جڏهن پنهنجي پيارن کي شاعر روشني ڦهلائڻ جي سزا طور گرهڻ ۾ ورتل چنڊ وانگر نظر اچن ٿا تڏهن هو خلوص نيت سان کين شاعريءَ کان پري رهڻ جي تلقين ڪن ٿا. هو اهڙو ماحول ٺاهين ٿا جيئن انهن جا پيارا ان جوکي واري جذباتي ڌنڌي کان پري رهن پر پوءِ به هڪڙا ماڻهو شاعر ٿيڻ کان رهي نٿا سگهن. اياز لکيو هو :
جيسين مائون ٻار ڄڻينديون
جيئن ڪارڻ جنگيون ٿينديون.
تهڙيءَ ريت جيستائين انسان عشق ڪندو رهندو. تيستائين شاعر پيدا ٿيندا رهندا. شاعر جو جنم ٿيندو ئي انڪري آهي. ڇو ته جيستائين فطرت محبت کي قائم دائم رکڻ چاهيندي، تيستائين هيءَ ڌرتي ڪجهه ماڻهن کي “ ڏات” ڏيندي رهندي ۽ جن جن جي ڀاڳ ۾ ڏات ايندي اهي لات کانسواءِ رهي نه سگهندا.
لطيف سائين چيو آهي ته “ ڏات نه آهي ذات تي” ان ڪري ڪنهن به شهر جي ڪنهن به ذات جو ماڻهو شاعر طور جنم وٺي سگهي ٿو ۽ ان جي جنم جي رات جي منظر ڪشي اياز ائين ڪئي آهي ته :
رات ڪويتا جي ڪنٺي تي
سر سوتيءَ ۽ ڪاليءَ بيٺي
چانڊوڪيءَ ۾ امرت پيتو
شايد پيدا ٿيو آ
مهان ڪوي ڪو !
موهن جي دڙي جي ڀرسان ان رات به ڪويتا جي ڪنٺي تي سر سوتيءَ ۽ ڪاليءَ گڏجي امرت جو پيگ شيئر ڪيو هو، جنهن رات مسرور جنم ورتو هو، هو هڪ نوجوان شاعر آهي، هن کي شاعريءَ جي ڪٺن رستي تي مهانتا طرف سفر ڪرڻو آهي، ان شاعرانه عظمت جي بلنديءَ تي پهچڻو آهي، جنهن طرف ويندڙ رستي تي دنيا جي ڏکن، سورن ۽ ملامت جو سرس سامان موجود هوندو آهي، هن کي اها خبر هئڻ گهرجي ته شاعرانه عظمت جي اها منزل اهو “سچ نگر” آهي، جنهن جو پنڌ ڪجهه پرڀرو آهي. ان جي راهه رڻ مان گذري ٿي، اهو سسئيءَ جهڙو سفر آهي. ان سفر ۾ هن وٽ رخت سفر اهڙو آهي، جنهن تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته رومانس ۽ تصوف جي گيڙو چادر پاتل اٿس، رومانس وڏي سگهه وارو سهارو آهي ۽ جيڪڏهن فطرت جي بيپناهه قوتن سان ان مسافر جو ناتو آهي ۽ انقلاب جو تصور هن لاءِ توانائيءَ جي وٿ پيدا ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي ٿڪ ۽ بيزاريءَ کي لطيف، غالب، فيض ۽ اياز جي دعائن جهڙن گيتن سان لاهي ٿو ته ان جي سفر مان هڪ اميد، آرزو ۽ منزل ماڻڻ واري سٺي خبر جو انتظار رکي سگهجي ٿو.
۽ خاص ڪري جڏهن شاعريءَ جي رستي تي هلندڙ هن نوجوان مسافر جا قدم اهڙن شعرن جهڙا پختا هجن.
اسان کي عشق! جڏهين کان ملي آ رهبري تنهنجي،
ٿيون روشن سڀئي راهون، اها جادو گري تنهنجي.
___________
جڏهن به ڪنهن آ پڇيو اسان کان ته “ ڇا خدا آ، ۽ ڪيئن آهي؟”
تڏهن اسان ڀي سدائين مُرڪي، ڏنو انهن کي مثال تنهنجو .
___________
“مون پُڄاڻان ڇا ڪيو ٿَوَ ساٿيو؟”
قبر ڄــــڻ هن جي پڇي ٿي ماٺ ۾.
___________
خدا سمجھڻ جي ڪارڻ يا ته ڪو مذهن نه ڪافي آ،
يا سمجھڻ وري بس مور جو ڪو رقص ڪافي آ.

___________
عشق! تون ئي آنهه بس آزادگي،
مون منجھا مون کي اچي آزاد ڪر!
___________
ڪاش مونکي تون تراشين هان ڪڏهن!
مان هميشه ئي پٿر ۾ گُم رهيس.
___________
شاعريءَ جي اڄ ڪُلهي تي درد ٿڪجي،
ڪنڌ پنهنجو هوريان لاڙي ڇڏيو آ.


اعجاز منگي