مِينهن ۾ آلو ٿيل نظم
نيٺ اڄ مِينهن وسي پيو،
ائين جيئن ڪو،
ڳوڙها روڪڻ جي ڪوشش ۾
ناڪام ٿي،
هنجون هاري ويهي۔
۽ ان مِينهن ۾ اهي سڀ ڀڄي رهيا آهن،
جيڪي دل جي هٿان مجبور آهن،
پر ڪجهه بيوقوف،
زڪام ٿيڻ جي ڊڄ کان،
گهرن ۾ ئي واڙيا پيا آهن.
سانوري ڇوڪري مِينهن ۾،
سڄڻ موجود نه هئڻ ڪري،
وڇوڙي جو گيت
ٻُڌي روئي رهي آهي،
۽ دل ۾ چئي رهي آهي:
“ڇا هو ڦڙين ۾ منهنجا ڳوڙها
محسوس ڪندو هوندو؟”
مِينهن ۾ ڀڄندڙ هڪ ناري،
جنهن کي اڃا پيار نه ٿيو آهي،
خوبصورت غزل ٿي وئي آهي،
۽ ان تي پوندڙ مِينهن ڪڻين کي،
ڪا معنيٰ ملي رهي آهي.
هڪ عاشق جنهن کي مِينهن ۾،
پنهنجي محبوبا گهڻو ياد ايندي آهي،
وڇوڙي جي باهه کي مينهن ۾ ڀڄندي ،
وسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،
پر مِينهن ان تي،
گاسليٽ جيان هارجي رهيو آهي.
هڪ ڳوٺاڻو ڳوٺ کان پري،
شهر جي مينهن ۾ ڀڄندي،
مِينهن کانپوءِ ڳوٺ جي
مٽيءَ جي خوشبوءِ ساري،
ڀٽائيءَ جي “سُر مارئي” جا
بيت جھونگاري رهيو آهي.
ننڍڙا ٻار،
دُٻن ۾ کيڏڻ کان پوءِ گهر اچي،
ماءُ کي ڪُوڙ هڻي چون ٿا:
“اڄ اسڪول بند هو.”
هڪ شاگرد هاسٽل جي ڇت تي،
مِينهن ۾ وڌيل وڇوڙي جو درد،
هڪ ڦُوڪ ۾ سمائي،
بانسريءَ ۾ وجھي ٿو،
۽ بانسري ان درد کي،
سُرن ۾ تبديل ٿي ڪري ڇڏي.
هڪ پوڙهو هاري پريشانيءَ مان،
پنهنجي وڌيل ڏاڙهي کنهندي،
مِينهن ۾ وهندڙ،
پنهنجي ڇَن ڏسي رهيو آهي.
هڪ سرڪاري ملازم،
پنهنجي آفيس جي دريءَ مان مينهن ۾،
آلو ٿيل ماحول ڏسي دل ۾ چوي ٿو:
“جيڪر جوانيءَ ۾ لکيل ڊائري کولي،
ماضيءَ جي خوشبو سنگهجي.”
هڪ پيار ڪندڙ نوجوان جوڙو،
مِينهن ۾ پسي،
مِينهن کي امر ڪري رهيو آهي.
۽ شاعر،
جيڪو سڀن کي محسوس ڪري،
لکي رهيو آهي،
سوچن جي مِينهن ۾ ڀڄندي،
سڀن کان گهڻو،
آلو ٿي ويو آهي.