اسان کي عشق! جڏهين کان، ملي آ رهبري تنهنجي،
ٿيون روشن سڀئي راهون، اِها جادوگري تنهنجي!
هُيس ڄڻ آنءُ پٿر جان، گهڙي تو مُورتي اُن مان،
اها اوعشق! ڪا آهي، عجب ڪاريگري تنهنجي!
رڳو تنهنجي هُجڻ سان ٿي، مِلي هر چيز کي معنيٰ،
وڻائي ٿي سڄي دنيا، مون کي موجودگي تنهنجي.
ستارا، چنڊ، سورج ۽ هوائون شاعري آهن،
ڏسان جيڪا به شيءِ ٿو مان، اُها آ شاعري تنهنجي.
رنگن ۾ پيار جي رنڱيل، گذاريو وقت آ توسان،
اسان جي سوچ آ رنگين ٿي وئي، ڄڻ چُني تنهنجي.
زماني جي تپش کان جا، پناهون ڏئي پئي مون کي،
اُها سا سُونهن گهاٽي ڇانوري جئن آ رُڳي تنهنجي.
ڏسي ديوانگي منهنجي، چڪورن ڀي چَيو مون کي،
“اسان کي ڀي وئين ماري، عجب آ عاشقي تنهنجي!”
چِتائي پاڻ کي تون ڏِس، سُڃاڻي پاڻ کي تون ڏِس!
نه آهي شاعري منهنجي، اَٿي ڪا آرسي تنهنجي.
مڃان ٿو شاعريءَ جي لئه، گهڻيون ئي ڳالهڙيون آهن،
مگر هيءَ شاعري مون لاءِ آهي ڳالهڙي تنهنجي.
****