رب ڇا کي ٿو چئجي؟:
اهو الله پنهنجي ربوبيت واري صفت جي ذريعي ڪائنات جي هر شيءِ جي هر لمحي اوسر ۽ پرورش ڪري رهيوآهي. اهو الله ئي آهي جيڪو ماءُ جي رحم ۾ انساني جيوڙن جي آهسته آهسته پرورش ڪري ٿو، جيڪا خالق ڪائنات جي شاهڪار تخليق ”احسن تقويم“ جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. وري اهو ڪير آهي جيڪو ماءُ جي رحم ۾ ٻار جي غذا جو معقول ۽ سهڻو بندوبست ڪري ٿو؟ امڙ جي خوراڪ مان ٻار کي ڪيئن ٿي غذا ملي اهو قدرت جو عجيب ڪرشمو آهي.
ٻار جڏهن ڄمندو آهي ته ان جو معدو انتهائي ڪمزور هوندو آهي. انوقت رب سائين پنهنجي ڪامل قدرت جا عجيب رنگ ڏيکاري ٿو. هو پنهنجي قدرت سان امڙ جي ڇاتيءَ۾ کير جا جزا گهٽ ۽ پاڻيءَ جا جزا وڌيڪ رکي ٿو. جيئن جيئن ٻار وڌندو وڃي ٿو ۽ ان جو معدو طاقت وٺندو وڃي ٿو ته قدرتي نظام تحت امڙ جي ڇاتيءَ ۾ کير جا جزا وڌندا وڃن ٿا ۽ پاڻيءَ جا جزا گهٽبا وڃن ٿا. تان جو ٻار جڏهن اڍائي سالن جو ٿئي ٿو ۽ هو ٻي غذا واپرائڻ جي قابل ٿي وڃي ٿو ته قدرت جو اهو چشمو پڻ سڪي وڃي ٿو، اهو سڄو ڪمال رب جي ربوبيت جو آهي. الله ان صفت جي ذريعي پنهنجي پوري ڪائنات جي پرورش جو بندوبست ڪري رهيو آهي ۽ رب کي اها صفت ايڏي پياري آهي جو الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي آخري ۽ ابدي ڪلام قرآن مجيد جي شروعات ئي ان صفت سان فرمائي آهي. پڙهي ڏسو سورت فاتحه رب جو اعلان آهي.
اَ لۡحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیۡنَ ﴿۱﴾ (سوره فاتحه:1)
سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو ٻنهي جهانن جو پاليندڙ آهي.
الله تبارڪ و تعاليٰ نه صرف پوري ڪائنات جو پالڻهار ۽ پروردگار آهي، بلڪه هو پنهنجي پوري مخلوق جي لاءِ رحمان، رحيم، مهربان ۽ ٻاجهارو به آهي. الهٰ العالمين پنهنجي رحمت وارو لطف محسوس ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي رحمت جو هڪ حصو دنيا تي لاٿو آهي. جنهن تحت ماءُ پنهنجي ٻچي سان، محب پنهنجي محبوب سان، پرستار پنهنجي پياري سان پيار ۽ محبت ڪري ٿو، خدائي رحمت جا باقي نوانوي حصا رحمان ۽ رحيم لاءِ خاص آهن. جنهن تحت هو دنيا هلائي رهيو آهي. اها الهٰ العالمين جي ٻاجهه ۽ رحمت آهي جو هڪ پتڪڙو انسان، لاچار، لاغر، ڪمزور ۽ ڏٻرو انسان پنهنجي پالڻهار جو نا فرمان، ناقدرو ۽ ناشڪرو ٿئي ٿو، پر پوءِ به رب جي رحمت جي پالوٽ مان سيراب ٿيندو رهي ٿو. الله ايڏو مهربان ۽ رحيم آهي جو هو نه صرف انسانن کي پالي پوتي ٿو ۽انهن جي نشو و نما ڪري ٿو، پر هو انسانن کي اهڙي طريقي سان روزي عطا ڪري ٿو، جو انهن جي عزت نفس مجروح نه ٿئي، ڇو ته اهو الله تعاليٰ جي رحيميت جي صفت جي خلاف آهي.