انسانيت لاءِ رهنمائي جو بندوبست:
الَّذِیۡ جَعَلَ لَكُمُ الۡاَرْضَ فِرَاشًا وَّالسَّمَآءَ بِنَآءً ۪ وَّاَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَاَخْرَجَ بِہٖ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزْقًا لَّكُمْ ۚ فَلَا تَجْعَلُوۡا لِلہِ اَنۡدَادًا وَّ اَنۡتُمْ تَعْلَمُوۡنَ ﴿۲۲﴾ (البقره: 22)
(اهو الله) جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ آسمان کي ڇت ۽ آسمان مان پاڻي وسايائين پوءِ ان سان ميوا ڪڍيائين اوهان جي کاڌي لاءِ. پوءِ اوهان ڄاڻي واڻي (ٻين کي) الله جي برابر نه ڪريو.
جنهن ٻاجهاري ۽ مهربان رب انساني جسم جي غذا جي لاءِ ايڏو وڏو بندوبست ۽ انتظام ڪيو آهي، ڇا اهو رب انساني شخصيت يا انساني ذات کي ائين بيڪار ۽ نڌڻڪو ڇڏي ڏيندو ته هو گمراهيءَ جي واٽن تي ڀٽڪندو وتي؟ ائين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. ڇو ته اهو رب جي ربوبيت جي خلاف آهي.
تنهن ڪري هو انساني جسم جي نشو ونما ۽ واڌ ويجهه جي لاءِ زمين مان بندوبست ڪري ٿو ته انساني شخصيت جي نشو ونما جي لاءِ پنهنجي وحي جي ذريعي آسمانن کان هدايت جو بندوبست ڪري ٿو. هو بشر کي انسانن بڻائڻ لاءِ ۽ روحاني طور تي مرده انسانن کي جيئرو جاڳندو ۽ لاڀائتو انسان بنائڻ لاءِ پنهنجن پيغمبرن ۽ رسولن جي ذريعي هدايتون ۽پيغام موڪليندو رهي ٿو. هو جيئن انساني جسم جي نشو و نما جي لاءِ رب العالمين آهي. ائين ئي انساني شخصيت يا روح جي نشو ونما جي لاءِ پڻ رب العالمين آهي. قرآن فرمائي ٿو:
وَ اِنَّہٗ لَتَنۡزِیۡلُ رَبِّ الْعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۹۲﴾ؕ (الشعراء: 192)
۽ بيشڪ اهو (قرآن) جهان جي پاليندڙ جو لاٿل آهي.