انفاق جو فائدو:
ايڏين وڏين ترغيبن ۽ تنبيهن جي باوجود جيڪي ماڻهو خدا جي ان پيغام کي نٿا سمجهن ۽ چون ٿا ته سڀ ڪجهه اسان جي دماغ ۽ صلاحيتن جو ڪمال آهي جو اسان دولتمند ٿيا آهيون. اهي مومن ۽ شاڪر ٿي نٿا سگهن. قرآن اهڙي ذهنيت کي ڪافرن ۽ بي قدرن جو طرز عمل قرار ڏئي ٿو:
وَ اِذَا قِیۡلَ لَہُمْ اَنۡفِقُوۡا مِمَّا رَزَقَكُمُ اللہُ ۙ قَالَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا لِلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَنُطْعِمُ مَنۡ لَّوْ یَشَآءُ اللہُ اَطْعَمَہٗۤ اِنْ اَنۡتُمْ اِلَّا فِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ﴿۴۷﴾ (يٰس: 47)
”۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جيڪا الله اوهان کي روزي ڏني آهي تنهن مان (غريبن تي) خرچ ڪريو ته ڪافر ايمان وارن کي چون ٿا ته ڇا اسين انھن کي کارايون جو الله جيڪڏهن گهري ته انهن کي کارائي (پوءِ ان ۾) اوهين رڳو ظاهر گمراهيءَ ۾ آهيو.“
مال جي عطا نج رب جي آزمائش آهي. مال الله تعاليٰ جي پرک ۽ امانت آهي. جيڪڏهن اوهان ان کي امانت بجاءِ پنھنجي ملڪيت مڃو ٿا ته اوهين خدا جي امانت ۾ خيانت جا مرتڪب ٿيو ٿا. رب اوهان جي پرڪارن کي ڏسي رهيو آهي ۽ هو ”مالک يوم الدين“ آهي سمورن انسانن کي اوڏانهن ئي اچڻو آهي. ۽ حساب ڪتاب ڏيڻو آهي. هتي رب اوهان جي فوري گرفت ان ڪري نٿو ڪري ته اوهان کي هدايت ۽ گمراهيءَ جا ٻه رستا ۽ انھن تي هلڻ جا نتيجا ٻڌائي آزمائي ٿو. اتي آخرت ۾ توهان جو پورو حساب ڪتاب ٿيڻو آهي.
هتي ”مالڪ يوم الدين“ جي صفت آڻي اشارو ڪيو ويو ته انساني عملن جي پوري جزا ۽ سزا قيامت جي ڏينهن ملڻي آهي، البته دنيا ۾ انهن کي قرآني قانونن ۽ اصولن تحت ڪجهه جزا ۽ سزا ملندي ته جيئن هو دنيا ۾ خدا جي عدل ۽ انصاف واري صفت جو نتيجو حاصل ڪري وٺن. ان ۾ غريبن ۽ مسڪينن لاءِ هڪ قسم جي تسلي پڻ آهي ته غريب ۽ بي پهچ ماڻهو دل نه هارن ۽ اهو نه سمجهن ته اسان کي دنيا ۾ ظالمن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. بلڪه الله تبارڪ و تعاليٰ ظالمن کي هت به گرفت ۾ آڻي ٿو ۽ حساب ڪتاب جو ڏينهن به مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏينهن انهن کي پنھنجي ڪئي جي پوري سيکت ملندي. پر جي هو همٿ ڪن ته الله انهن کي قرآن جي صورت ۾ هڪ دستور عطا ڪري ٿو، هو ان تي عمل ڪري دنيا ۾ ئي ظالمن کان حساب ڪتاب وٺي سگهن ٿا ۽ مالڪ يوم الدين (عدل ۽ انصاف) جو نتيجو هت به پسي سگهن ٿا. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ مؤمنن سان عدل ۽ انصاف تي مشتمل خلافت (حڪومت) جو وعدو فرمايو آهي.