مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

معاشرتي تزڪيو:

انسان جو اهو اصلاح معاشري ۾ رهي ئي ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اسلام رهبانيت ۽ انسانيت کان ڪٽيل زندگيءَ کان منع ڪري ٿو، تنهن ڪري هر انسان جي لاءِ ضروري آهي ته هو معاشري ۾ رهي ڪري پنهنجي نفس جو اصلاح ڪري ۽ ان کان پوءِ ٻين جو اصلاح ڪري. سماجي ۽ معاشرتي زندگيءَ جو پهريون ڏاڪو نڪاح آهي. ان نڪاح جي ذريعي انسان ڪيترن ئي گناهن کان بچي سگهي ٿو ائين اهو نڪاح تزڪيي جو سبب بڻجي ٿو.
قرآن فرمائي ٿو:
قُلۡ لِّلْمُؤْمِنِیۡنَ یَغُضُّوۡا مِنْ اَبْصَارِھِمْ وَ یَحْفَظُوۡا فُرُوۡجَہُمْ ؕ ذٰلِکَ اَزْکٰی لَہُمْؕ (النور:30)
(اي پيغمبر!) ايمان وارن کي چئو ته پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجن اوگهڙن کي بچائين، اهو انهن لاءِ تمام چڱو آهي.
پاڻ سڳورن نڪاح کي تزڪيي جو سبب قرار ڏيندي فرمايو:
“یا معشر الشباب من استطاع منکم الباءۃ فلیتزوج فانھ اغض للبصر واحصن للفرج ومن لم یستطع فعلیھ بالصوم فانھ لھ وجاء” (رواه بخاري)
نوجوانو! اوهان مان جيڪو گهر جو خرچ برداشت ڪري سگهي ٿو ته اهو نڪاح ڪري ڇو ته اهو نظر کي هيٺ ڪندڙ ۽ اوگهڙ جي حفاظت ڪندڙ آهي ۽ جيڪو گهر جا خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي ته اهو روزا رکي ڇو ته اهي ان جي لاءِ ڪٽ آهن.
قرآن پنهنجي مڃيندڙن کي معاشرتي احڪام سيکاريندي چوي ٿو ته جڏهن اوهين ڪنهن سان ان جي گهر ملڻ وڃو ته پهريان ان کي سلام ڪيو ۽ ان کان اندر اچڻ جي اجازت وٺو، جيڪڏهن اجازت ملي ته ان سان ملاقات ڪيو پر جيڪڏهن اهو اتي نه هجي يا اجازت نه ملي ته واپس موٽي وڃو، قرآن ان کي تزڪيي ۽ پاڪائيءَ جو سبب قرار ڏئي ٿو: قرآن فرمائي ٿو:
وَ اِنۡ قِیۡلَ لَكُمُ ارْجِعُوۡا فَارْجِعُوۡا ھُوَ اَزْکٰی لَكُمْ ؕ وَاللہُ بِمَا تَعْمَلُوۡنَ عَلِیۡمٌ ﴿۲۸﴾ (النور: 28)
۽ جيڪڏهن اوهان کي چئجي ته موٽي وڃو ته موٽي وڃو ان ۾ اوهان لاءِ ڏاڍي پاڪائي آهي ۽ جيڪي ڪريو ٿا سو الله ڄاڻي ٿو.
فرد جي معاشرتي تزڪيي ۽ تربيت ۾ ماءُ جي گود، استاد جي رهنمائي ۽ پيءُ جي هدايت وڏي اهميت رکن ٿا. اهي ٽئي ادارا پنهنجو ڪم خوبيءَ سان سرانجام ڏين ته بهتر نتيجا ملي سگهن ٿا.