مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

معاشي تزڪيو:

اندر جي اصلاح ۽ تزڪيي لاءِ ضروري آهي ته انسان حلال کاڌو واپرائي، ايمانداري ۽ ديانتداريءَ سان ڪمائي پنهنجو پيٽ گذر ڪري، حرام خور پنهنجي اصلاح جي لاءِ ڪيڏيون به ڪوششون ڇو نه ڪري صرف وردن ۽ وظيفن سان تزڪيو ڪو نه ٿيندو، ڇو ته رب وٽ حرام خور جي ڪا به عبادت ايتري تائين جو ڪا به دعا قبول نه آهي. پاڻ سڳورن ﷺ جو فرمان آهي، هڪ ماڻهو ڊگهو سفر ڪري ٿو پراگنده ۽ پريشان حال آهي پنهنجا هٿ آسمان جي طرف ڦهلائي دعا گهري ٿو: يا رب! يا رب! جون پڪارون ڪري ٿو. حالت اها آهي جو ان جو کاڌو حرام، پيتو حرام، لباس حرام ۽ حرام غذا مان ان جي نشو و نما ٿي، اهڙي ماڻهوءَ جي دعا ڪيئن قبول پوندي! (رواه ترمذي)
هيءَ حقيقت آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ پاڻ پاڪ آهي ۽ پاڪ ۽ صاف سٿرين شين کي ئي پسند ڪري ٿو، الله تعاليٰ پنهنجن رسولن کي حڪم ڏيندي فرمائي ٿو:
یٰۤاَیُّہَا الرُّسُلُ كُلُوۡا مِنَ الطَّیِّبٰتِ وَ اعْمَلُوۡا صَالِحًا ؕ اِنِّیۡ بِمَا تَعْمَلُوۡنَ عَلِیۡمٌ ﴿ؕ۵۱﴾
(المؤمنون:51)
(سڀني رسولن کي اسان جو هي چوڻ هو ته) اي رسولؤ! سٺين شين مان کائو ۽ چڱو ڪم ڪريو. جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي بيشڪ آءٌ ڄاڻندڙ آهيان.
مئومنن کي اهو ساڳو حڪم هن ريت ڪيو وڃي ٿو.
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا كُلُوۡا مِنۡ طَیِّبٰتِ مَا رَزَقْنٰكُمْ وَاشْكُرُوۡا لِلہِ
اِنۡ كُنۡتُمْ اِیَّاہُ تَعْبُدُوۡنَ ﴿۱۷۲﴾ (البقره:172)
اي ايمان وارؤ! جيڪي پاڪ شيون اسان اوهان کي روزي ڏنيون آهن سي کائو، ۽ الله جو شڪر ڪريو، جيڪڏهن اوهين سندس ئي عبادت ڪريو ٿا.
هت شڪر مان مراد ورهائي کائڻ آهي. جيڪو به جيتري هوند وارو انسان آهي اهو اڻهوند وارن غريبن انسانن سان ورهائي کائڻ جو مڪلف آهي. معاشري ۾ جيتري ضرورت آهي ان پٽاندر پنهنجي فراخي سان رزق ورهائي کائڻ جو حڪم آهي. قرآن حڪيم صاف لفظن ۾ سائل ۽ محروم جو حق ڳڻايو آهي.
حلال ۽ پاڪ شيون الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن کي نعمت ڪري ڏنيون آهن، انهن جي واپرائڻ تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي بنا ڪنهن سبب جي پنهنجي مٿان حرام قرار نه ڏجي. حديث شريف ۾ اچي ٿو ته پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ هڪ ماڻهو آيو، جنهن عرض ڪيو ته جڏهن آءٌ گوشت کائيندو آهيان ته مون کي عورتن ڏانهن رغبت ٿيندي آهي ۽ مون تي شهوت جو غلبو ٿي ويندو آهي. تنهن ڪري مون پاڻ تي گوشت حرام ڪيو آهي، تنهن تي هيٺين آيت نازل ٿي.
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تُحَرِّمُوۡا طَیِّبٰتِ مَاۤ اَحَلَّ اللہُ لَكُمْ وَلَا تَعْتَدُوۡا ؕ اِنَّ اللہَ لَا یُحِبُّ الْمُعْتَدِیۡنَ ﴿۸۷﴾ وَكُلُوۡا مِمَّا رَزَقَكُمُ اللہُ حَلٰاً طَیِّبًا ۪ وَّاتَّقُوا اللہَ الَّذِیۡۤ اَنۡتُمۡ بِہٖ مُؤْمِنُوۡنَ ﴿۸۸﴾ (المائده: 87-88)
اي ايمان وارؤ! اهي سٺيون شيون جيڪي الله اوهان لاءِ حلال ڪيون آهن سي حرام نه ڪريو ۽ نڪي حد کان لنگهو، بيشڪ الله حد کان لنگهندڙن کي پسند نٿو ڪري. ۽ الله اوهان کي جيڪو سٺو حلال رزق ڏنو آهي، تنهن مان کائو ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن تي اوهان ايمان آندو آهي.
الله تبارڪ و تعاليٰ پاڪ، سٺيون ۽ عمديون شيون انسانن جي لاءِ حلال ۽ پاڪيزه بڻايون آهن، جيڪي دنيا ۾ سمورن انسانن جي لاءِ ۽ آخرت ۾ مئومنن لاءِ خاص هونديون، انهن کي جيڪڏهن حلال طريقي سان حاصل ڪري واپرائجي ته ان ۾ ڪو به حرج نه آهي. ڪنهن به راهب يا عابد کي اجازت نه آهي ته هو انهن پاڪ شين کي حرام قرار ڏي، قرآن صاف طور تي چئي ٿو:
قُلْ مَنْ حَرَّمَ زِیۡنَۃَ اللہِ الَّتِیۡۤ اَخْرَجَ لِعِبَادِہٖ وَالطَّیِّبٰتِ مِنَ الرِّزْقِ ؕ قُلْ ھِیَ لِلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا فِی الْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا خَالِصَۃً یَّوْمَ الْقِیٰمَۃِ ؕ (الاعراف:32)
”چئو ته الله جي (پيدا ڪيل) زينت (يعني ڪپڙن) کي جيڪا پنهنجن ٻانهن لاءِ ڪڍي اٿس ۽ کاڌي پيتي جي سٺين شين کي ڪنهن حرام ڪيو آهي؟ چئو ته اهي (اصل ۾) دنيا جي حياتيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ آهن(۽) قيامت جي ڏينهن (انهن لاءِ) خالص آهن.“