مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

تعليم الڪتاب جي فضيلت:

قرآن مجيد وحيءَ جو آخري ڀنڊار آهي، جيڪو پاڻ سڳورن پنهنجي پوري زندگي صحابه ڪرام کي سيکاريو ۽ انهن کي خدائي معرفت کان آگاهه ڪيو ۽ انهن جي دلين جو تزڪيو ڪري، انهن کي دين اسلام جي روشن ڏيئي سان منور ڪري ڇڏيو، قرآن مسلمانن کي حڪم ڏئي ڇڏيو ته هر قوم مان ڪن ماڻهن کي پاڻ سڳورن جي صحبت ۾ رهي، علم حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ اهو پنهنجي قوم تائين پهچائڻ گهرجي. قرآن فرمائي ٿو:
فَلَوْلَا نَفَرَ مِنۡ كُلِّ فِرْقَۃٍ مِّنْہُمْ طَآئِفَۃٌ لِّیَتَفَقَّہُوۡا فِی الدِّیۡنِ وَلِیُنۡذِرُوۡا قَوْمَہُمْ اِذَا رَجَعُوۡۤا اِلَیۡہِمْ لَعَلَّہُمْ یَحْذَرُوۡنَ ﴿۱۲۲﴾٪ (التوبه:122)
”پوءِ انهن جي سڀ ڪنهن جماعت مان هڪ هڪ ٽولي ڇو نه نڪتي ته پاڻ ۾ دين جي سمجهه پيدا ڪن ۽ پنهنجي قوم کي ڊيڄارين جڏهن انهن ڏي موٽي اچن، من اهي ڊڄن“
اتان معلوم ٿيو ته خدائي علمن جي سرچشمي مان بهره ور ٿيڻ کان پوءِ ان کي پاڻ تائين محدود ناهي رکڻو بلڪه ان کي پنهنجي قوم ۽ پوري انسانيت تائين پهچائڻو آهي.
۽ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سڀ کان وڌيڪ رتبي ۽ مان وارو علم الله تعاليٰ جي ڪتاب قرآن جو علم آهي، اهو ئي سبب آهي جو قرآن مجيد جو علم سکندڙ ۽ سيکاريندڙ کي سڀ کان ڀلو انسان قرار ڏنو ويو آهي. پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
“خیرکم من تعلم القرآن و علمھ” ( بخاري2/52)
”اوهان ۾ ڀلي ۾ ڀلو انسان اهو آهي جيڪو قرآن پاڻ سکي ۽ ٻين کي سيکاري.“
قرآن شريف سکڻ يا سيکارڻ جو مطلب آهي ته اهو پڙهي، سمجهي ان تي عمل ڪيو وڃي، ڇو ته قرآن مان لاڀ تڏهن ئي حاصل ٿيندو. جڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
“تعلموا القرآن وعلموه واقرئوا وقوموا بھ فان مثل القرآن لمن تعلمھ فقرءَ وقام بھ کمثل جراب محشو مسکا یفوح ریحھ فی کل مکان و مثل من تعلمھ ویر قد وہو فی جوفھ کمثل جراب اوکی علی مسک” (رواه ترمذي)
” قرآن سکو ۽ ٻين کي سيکاريو ۽ اهو پڙهو ۽ ان تي عمل ڪيو ڇو جو جنهن قرآن سکيو ۽ پڙهيو ۽ ان تي عمل ڪيو ان جو مثال مشڪ سان ڀريل ٿيلهي وانگر آهي. جنهن مان هٻڪار پئي نڪري ۽ جنهن قرآن سکيو ۽ ان تي عمل نه ڪيو ان جو مثال ان ٿيلهي وانگر آهي جنهن ۾ مشڪ پيل هجي پر ان جو منهن بند ڪري ڇڏجي.“
هڪ ٻي حديث شريف ۾ ان مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:
“من قرءَ القرآن فاستظہرھ فاحل حلالھ وحرم حرامھ ادخلھ اللہ بھ الجنۃ وشفعھ فی عشرۃ من اہل بیتھ کلہم قد و جبت لہم النار” (جامع الترمذي 2/114)
”جنهن قرآن پڙهيو پوءِ ان جي حلال ڪيل شين کي حلال سمجهيائين ۽ حرام ڪيل شين کي حرام سمجهيائين ته الله کيس قرآن جي صدقي جنت ۾ داخل ڪندو ۽ سندس گهر جي ڏهن اهڙن ڀاتين جي باري ۾ سندس شفاعت قبول ڪندو. جن تي جهنم واجب ٿيل هوندو.“
انسان جا ڪي عمل اهڙا هوندا آهن، جو ان جي مري وڃڻ کان پوءِ ان کي انهن عملن جو ثواب ملندو رهندو آهي، قرآن مجيد جي تعليم ۽ سکيا ڏيڻ پڻ اهڙي قسم جو عمل آهي. جنهن جو ثواب مرڻ کان پوءِ به ملندو رهندو، پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
من علم آیت من کتاب اللہ عزوجل کان لھ ثوابہا ما تلیت
”جنهن الله جي ڪتاب مان هڪ آيت به سيکاري جيستائين ان جي تلاوت ڪئي ويندي ان کي ان جو ثواب ملندو رهندو.“
هڪ ٻي حديث شريف ۾ ان مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:
ان مما یلحق المؤمن من عملھ وحسناتھ بعد موتھ علما علمھ ونشره (ابن ماجه)
”مؤمن جا اهي عمل ۽ نيڪيون جيڪي ان جي مرڻ کان پوءِ به ان کي ملنديون رهنديون آهن انهن مان هڪ، علم آهي جيڪو ان ماڻهن کي سيکاريو ۽ ڦهلايو.“
قرآن مجيد جي تعليم ۽ سکيا ڏيندڙ الله تبارڪ و تعاليٰ جا مقرب آهن. الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙن ٻانهن تي فخر فرمائي ٿو، پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
ما اجتمع قوم فی بیت من بیوت اللہ تبارک و تعالیٰ یتلون کتاب اللہ عزوجل ویتدا رسونھ بینہما الانزلت علیہم السکینت وغشیتہم الرحمت وحفتہم الملائکت وذکرہم اللہ فیمن عنده. (سنن ابي دائود، 1/215)
” الله جي گهرن (مسجدن ) ۾ جيڪي به ماڻهو گڏ ٿين الله جي ڪتاب جي تلاوت ڪن ۽ هڪ ٻئي کي قرآن پڙهائن ته انهن تي سڪون نازل ٿيندو آهي ۽ الله جي رحمت کين ڍڪي وٺندي آهي ۽ ملائڪ انهن کي ڍڪي وٺندا آهن ۽ الله تعاليٰ (فخر مان) پاڻ وٽ موجود (ملائڪن) سان انهن جو تذڪرو ڪندو آهي.“
قرآن مجيد جي تعليم جا اهي سڀ فائدا تڏهن حاصل ٿيندا، جڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي، عمل سان ئي انسان کي دنياوي ۽ اخروي سعادتون ملنديون، پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
من قرء القرآن و عمل بما فیھ البس والداھ تاجاََ یوم القیٰمت ضوءھ احسن من ضوءِ الشمس فی بیوت الدنیا لوکانت فیکم فما ظنکم بالذی عمل بہٰذا (سنن ابي دائود 1/214)
”جنهن قرآن پڙهيو ۽ ان تي عمل ڪيو ته قيامت جي ڏينھن سندس پيءُ ماءُ کي اهڙو تاج پارايو ويندو جنهن جي روشني دنيا جي گهرن ۾ (پوندڙ) سج جي روشنيءَ کان وڌيڪ هوندي، جيڪڏهن سج اوهان ۾ لهي اچي اوهان جو ان بابت ڇا گمان آهي، جنهن ان تي عمل ڪيو: (يعني ان جو درجو سندس والدين کان به وڌيڪ اوچو هوندو).