مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

قرآن پڙهي ان تي عمل نه ڪندڙ جو حشر:

حضرت عمرو بن شعيب رضي الله تعاليٰ عنھ پنهنجي پيءُ کان اهو پنهنجي ڏاڏي کان روايت ڪري ٿو ته مون رسول الله * جن کان ٻڌو فرمائن پيا: قيامت جي ڏينهن قرآن مجيد کي هڪ مرد جي شڪل وٺرائي ويندي، ۽ هڪ ماڻهوءَ کي آندو ويندو، جيڪو قرآن جو پڙهندڙ بي عمل هوندو، قرآن مجيد ان جي خلاف فرياد ڪندو: اي منهنجا الله! هن مون کي کنيو (پڙهيو) هو پر ڏاڍو خراب کڻندڙ (پڙهندڙ) هو، منهنجي حدن جي لتاڙ ڪيائين. منهنجي فرمانبرداري نه ڪيائين، قرآن ان تي فريادون ڪندو رهندو تان جو الله تعاليٰ قرآن کي چوندو: اهو ماڻهو تنهنجي حوالي ڪجي ٿو: (جيئن وڻئي ائين ڪرينس تنهن تي) قرآن مجيد ان کي هٿ مان وٺندو، تيستائين ان کي نه ڇڏيندو جيستائين ان کي ناسن ڀر جهنم ۾ نه اڇليو وڃي! هڪ ٻي ڀلاري شخص کي آندو ويندو جنهن قرآن جي حڪمن تي عمل ڪيو هوندو، قرآن عرض ڪندو: منهنجا الله! هن مون کي کنيو (پڙهيو) ۽ ڏاڍو ڀلو کڻندڙ (پڙهندڙ) هو، منهنجي حدن جي حفاظت ڪيائين، منهنجن حڪمن تي عمل ڪيائين، منهنجي نافرماني نه ڪيائين ۽ منهنجي تابعداري ڪيائين، ان جي تعريف ڪندو رهندو تان جو الله تعاليٰ کيس چوندو: اهو ماڻهو تنهنجي حوالي ڪجي ٿو: قرآن مجيد ان کي تيستائين نه ڇڏيندو جيستائين کيس (جنت ۾) پٽ جو (ريشمي) وڳو، بادشاهي تاج ۽ شراباََ طهوراََ نه پياري. (المصنف لابن ابي شيبه 7/18.149)
قرآن پڙهي ان تي عمل نه ڪندڙ کي منافق قرار ڏنو ويو آهي. حضرت ابو سعيد رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي، فرمائي ٿو ته: آءٌ رسول الله * جن کان ٻڌم، فرمائن پيا: مون کان پوءِ نااهل ماڻهو پيدا ٿيندا، جيڪي قرآن پڙهندا پر قرآن سندن نڙين کان هيٺ نه لهندو.“ ۽ قرآن مجيد ٽن (قسمن جا) ماڻهو پڙهندا آهن (1) مؤمن (2) منافق (3) فاجر، وليد بن قيس تابعي جو چوڻ آهي ته منافق قرآن پڙهندو ته سهي پر ان جو انڪار ڪندو (ان تي عمل نه ڪندو) فاسق فاجر قرآن پڙهي ان جي ڪمائي (عوض) کائيندو ۽ مؤمن قرآن تي ايمان آڻيندو ( ۽ عمل ڪندو) (صحيح ابن حبان 2/67)
هڪ ٻي روايت ۾ ان جو مثال هن ريت بيان ڪيو ويو آهي، حضرت ابو موسيٰ اشعري  کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: اهو مئومن جيڪو قرآن پڙهي ٿو ان جو مثال ترنج وانگر آهي، جنهن جي خوشبو به سٺي آهي ته ذائقو به سٺو اٿس، اهو مئومن جيڪو قرآن نٿو پڙهي، ان جو مثال کارڪ جيان آهي، جنهن ۾ خوشبوءِ نه آهي پر ان جو ذائقو سٺو آهي. اهو منافق جيڪو قرآن پڙهي ٿو ان جو مثال عطر وانگيان آهي، جنهن جي خوشبوءِ سٺي آهي پر ذائقو ڪڙو آهي، ۽ اهو منافق جيڪو قرآن نٿو پڙهي ان جو مثال ٽوهه وانگر آهي، جو ان ۾ خوشبوءِ به نه آهي ۽ ذائقو به ڪڙو اٿس. (رواه بخاري: 2/751)