معلم انسانيت:
رَبَّنَا وَابْعَثْ فِیۡہِمْ رَسُوۡلًا مِّنْہُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِکَ وَیُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ وَیُزَکِّیۡہِمْ ؕ اِنَّکَ اَنۡتَ الۡعَزِیۡزُ الۡحَکِیۡمُ ﴿۱۲۹﴾٪ (البقره:129)
اي اسان جا پاليندڙ! ۽ انهن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪل جو کين تنهنجيون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ انهن کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ۽ کين پاڪ ڪري. بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين.
حضرت ابراهيم جو اهو عرض اگهامي ويو، الله تبارڪ و تعاليٰ سندس اولاد مان اهڙو رسول ۽ پيغمبر موڪليو، جنهن جي تعليم قيامت تائين ايندڙ انسانن جي رهنمائي ڪندي رهندي. پاڻ ڪريم ﷺجن جو فرمان آهي ته ”آءٌ پنهنجي ابي ابراهيم جي دعا، حضرت عيسيٰ جي خوشخبري ۽ پنهنجي امڙ جي خواب جي تعبير آهيان. پاڻ ڪريم ﷺ جن جي بعثت، مؤمنن لاٰءِ الله تبارڪ و تعاليٰ جو سڀ کان وڏو احسان ۽ انعام آهي.
قرآن فرمائي ٿو:
لَقَدْ مَنَّ اللہُ عَلَی الْمُؤۡمِنِیۡنَ اِذْ بَعَثَ فِیۡہِمْ رَسُوۡلًا مِّنْ اَنۡفُسِہِمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِہٖ وَیُزَکِّیۡہِمْ وَیُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ ۚ وَ اِنۡ کَانُوۡا مِنۡ قَبْلُ لَفِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ﴿۱۶۴﴾ (آل عمران:164)
”بيشڪ الله ايمان وارن تي احسان ڪيو آهي، جڏهن ته انهن مان (هڪ) رسول انهن ۾ موڪليائين جو انهن کي سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، ۽ انهن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ٿو ۽ بيشڪ اهي هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.
انسانيت جڏهن گمراهيءَ جي ڪُن ۾ ڪري چڪي هئي، ان وقت ضروري هو ته انسانيت ڏانهن اهڙو رسول ۽ پيغمبر موڪلجي، جيڪو انسانيت کي گمراهيءَ جي ڪن مان ڪڍي، هدايت، فلاح ۽ ڇوٽڪاري واري رستي ڏانهن گامزن ڪري، ۽ انسانيت کي پنهنجو ڀليل سبق ياد ڏياري، قرآن فرمائي ٿو:
ھُوَ الَّذِیۡ بَعَثَ فِی الْاُمِّیّٖنَ رَسُوۡلًا مِّنْہُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِہٖ وَ یُزَکِّیۡہِمْ وَ یُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْحِكْمَۃَ ٭ وَ اِنۡ کَانُوۡا مِنۡ قَبْلُ لَفِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ (الجمعه:2)
”هو (الله) اهو آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو. ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.“
ان ساڳي مفهوم کي هڪ ٻي جڳهه تي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
کَمَاۤ اَرْسَلْنَا فِیۡكُمْ رَسُوۡلًا مِّنۡكُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡكُمْ اٰیٰتِنَا وَیُزَکِّیۡكُمْ وَیُعَلِّمُكُمُ الْکِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ وَیُعَلِّمُكُمۡ مَّا لَمْ تَكُوۡنُوۡا تَعْلَمُوۡنَ ﴿۱۵۱﴾ؕۛ (البقره:151)
”جيئن اسان اوهان ۾ اوهان مان هڪ رسول موڪليو جو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اوهان کي پاڪ ڪري ٿو ۽ اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو ۽ اوهان کي اهو ڪجهه سيکاري ٿو جو اوهين نه ڄاڻندا هئا.“