خلافت في الارض جي لاءِ شرط:
خلافت جي حوالي سان انسان جي ٻي حيثيت اجتماعي ۽ بين الاقوامي آهي، ان حوالي سان دنيا جي هر انسان جي مٿان لازم آهي ته هو پنهنجي قوم، معاشري ۽ سوسائٽي سان گڏجي انسانيت جي آجپي ۽ بهتريءَ جي لاءِ دنيا جي باطل نظام جي خلاف بغاوت ڪري ۽ خلافت وارو نظام قائم ڪري ڏيکاري.
هتي هي ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته الله تبارڪ و تعاليٰ جي خلافت ۽ نيابت تريءَ تي بهشت، ڀڳڙن جي مٺ يا ڳڙ جي ڳنڍ نه آهي جو ائين گهر ويٺي بنا ڪنهن محنت، تڪليف ۽ قربانيءَ جي خيرات ۾ ملي وڃي.
خلافت حاصل ڪرڻ جي لاءِ صدين تائين صبر آزما ۽ مشڪل مرحلا طئي ڪرڻا پون ٿا. صبر، استقامت ۽ جهد مسلسل سان ڪم ڪرڻو پوي ٿو، پنهنجو سڀ ڪجهه ان مشن تان گهوري ڇڏڻو پوي ٿو، پنهنجي پالڻهار سان نه ٽٽندڙ تعلق ۽ لونءَ لڳائڻي پوي ٿي، تڏهن وڃي انسان ان منزل تي پهچي ٿو. قرآن ان سلسلي ۾ بني اسرائيل جو مثال ڏيندي فرمائي ٿو:
قَالَ مُوۡسٰی لِقَوْمِہِ اسْتَعِیۡنُوۡا بِاللہِ وَ اصْبِرُوۡا ۚ اِنَّ الۡاَرْضَ لِلّٰهِ ۟ۙ یُوۡرِثُہَا مَنۡ یَّشَآءُ مِنْ عِبَادِہٖ ؕ وَالْعَاقِبَۃُ لِلْمُتَّقِیۡنَ ﴿۱۲۸﴾ قَالُوۡۤا اُوۡذِیۡنَا مِنۡ قَبْلِ اَنۡ تَاۡتِیَنَا وَمِنۡۢ بَعْدِ مَا جِئْتَنَا ؕ قَالَ عَسٰی رَبُّكُمْ اَنۡ یُّہۡلِکَ عَدُوَّكُمْ وَ یَسْتَخْلِفَكُمْ فِی الۡاَرْضِ فَیَنۡظُرَ کَیۡفَ تَعْمَلُوۡنَ ﴿۱۲۹﴾٪ (الاعراف:128-129)
موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو: ته الله کان مدد گهرو ۽ صبر ڪريو، بيشڪ زمين الله جي آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري تنهن کي ان جو وارث ڪري ٿو ۽ (چڱي) پڇاڙي پرهيزگارن جي آهي. انهن چيو ته اسان کي تنهنجي اچڻ کان اڳ ۽ تنهنجي اچڻ کان پوءِ تڪليفون ڏنيون ويون آهن. موسيٰ چيو ته قريب آهي جو اوهان جو رب اوهان جي دشمن کي تباهه ڪري ڇڏي. ۽ اوهان کي ملڪ ۾ (پنهنجو) نائب ڪري پوءِ ڏسي ته اوهين ڪهڙا ڪم ڪريو ٿا.
خلافت ڪا موروثي جائداد ۽ جاگير نه آهي جو ڪنهن جي مرڻ کان پوءِ ان جي وارثن کي پنهنجو پاڻ ملي وڃي ۽ اهي ان جا وارث ٿي وڃن، بلڪه اهو هڪ اهڙو بار آهي، جيڪو الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙن ماڻهن يا اهڙين قومن تي رکندو آهي، جيڪي اهو بار کڻڻ جون اهل هجن. جڏهن انهن ۾ خدائي بار کڻڻ جي اهليت نه رهندي آهي، ته انهن کان خلافت ۽ حڪومت کسي ويندي آهي. ۽ انهن جي بد اعمالين جي ڪري انهن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويندو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
وَلَقَدْ اَهۡلَكْنَا الْقُرُوۡنَ مِنۡ قَبْلِكُمْ لَمَّا ظَلَمُوۡاۙ وَجَآءَتْہُمْ رُسُلُہُمۡ بِالْبَیِّنٰتِ وَ مَا کَانُوۡا لِیُؤْمِنُوۡاؕ کَذٰلِکَ نَجْزِی الْقَوْمَ الْمُجْرِمِیۡنَ ﴿۱۳﴾ ثُمَّ جَعَلْنٰكُمْ خَلٰٓئِفَ فِی الۡاَرْضِ مِنۡۢ بَعْدِهِمۡ لِنَنۡظُرَ کَیۡفَ تَعْمَلُوۡنَ ﴿۱۴﴾ (يونس:13-14)
۽ اسان اوهان کان اڳ ۾ ڪيتريون ئي جماعتون تباهه ڪري ڇڏيون. جڏهن اهي ظالم ٿي ويا ۽ انهن جا رسول وٽن کليل نشانيون کڻي آيا هئا ۽ هرگز ايمان آڻڻ وارا نه هئا. اسين گنهگار قوم کي اهڙي ريت سزا ڏيندا آهيون. پوءِ اسان اوهان کي انهن کان پوءِ زمين ۾ نائب ڪيو ته ڏسون ته اوهين ڇا ٿا ڪريو.