علم ۽ جديد تحقيق جي تصديق
پر هڪ سليم الطبع ۽ منصف مزاج طالب علم (جيڪو جمود ۽ جديد علم جي مرعوبيت کان پاڪ آهي.) مطالعه قرآن جي وقت اها حقيقت معلوم ڪري ششدر ۽ حيران رهجي وڃي ٿو ته جيتوڻيڪ جو هي ڪتاب هڪ اميءَ تي اڄ کان چوڏهن سؤ سال پهريان عرب جي محدود ۽ علمي دنيا کان ڪٽيل ماحول ۾ نازل ٿيو هو ۽ ان ۾ وڏي تعداد ۾ انهن حقيقتن ۽ شين جو ذڪر آهي. جن جو تعلق تاريخ، جغرافيه طبعيات، فلڪيات، اجرام سماوي، علم الحياة، طب، انساني خلقت ۽ ٻين اهڙن سوين علمن جون حقيقتون واضح ڪيون آهن، جنهن سان حقيقتن ۽ علمن جو هڪ نئون جهان منڪشف ٿي ويو آهي ۽ علم جو ڀنڊار کلي ويو آهي. ان ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪئي وئي آهي جنهن کي جديد تحقيق ڪوڙو يا خلاف واقعه قرار ڏنو هجي، بلڪ ان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون حقيقتون آيل آهن جن جي جديد علم تصديق ڪري رهيو آهي ۽ اهي هينئر منڪشف ٿي رهيون آهن ۽ محققن کي هينئر ان تي رسائي حاصل ٿي رهي آهي. اسين ان تفصيل ۾ وڃڻ نٿا چاهيون ڇو ته ان جي لاءِ ڪيئي دفتر کپن اسين هتي صرف فرانسيسي فاضل ۽ محقق جي صرف هڪ شاهدي پيش ڪرڻ تي اڪتفا ڪريون ٿا، مشهور فرنج فاضل مورس يوڪائي جو ڪتاب ”بائيبل، قرآن ۽ سائنس“ (The Quran and Science the Bible) ۽ ان جو عربي ترجمو ”دراسة الکتب المقدسة في صنف المعارف الحديثة“ جي نالي سان شايع ٿيو آهي، موصوف ان ڪتاب ۾ لکي ٿو:
”انهن علمي پهلوئن جيڪي قرآن سان مخصوص آهن، مون کي شروعات ۾ ئي ششدر ۽ حيران بڻائي ڇڏيو، منهنجي ذهن ۾ به اها ڳالهه نه هئي ته هڪ اهڙو ڪتاب جنهن کي تيرنهن سؤ سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. ان ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ مختلف موضوعن سان تعلق رکندڙ دعوائون ۽ اعلان هوندا ۽ اهي جديد علمي تحقيق سان پوري طرح مطابق هوندا.“
موصوف ان سلسلي ۾ آسمانن، زمين جي پيدائش ڪائنات جي وجود اجرام فلڪي، آسماني ماهيت، فلڪي دنيا جي ارتقا، آسماني فضا پاڻي ۽ سمنڊ جو انساني حياتيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪرڻ، زميني سطح ۽ جبل نباتات ۽ حيوانات جي دنيا، زندگيءَ جي شروعات ۽ آغاز انساني واڌويجهه ۽ ان جو توالد ۽ تناسل، ڪچي ٻار جي نشوونما ۽ تاريخي واقعا (طوفان نوح ۽ مصر ۾ بني اسرائيل جو قيام وغيره) تي جدا جدا بحث ڪيو آهي ۽ طبعيات، فلڪيات، علم الحيات طب ۽ تاريخ جي جديد تحقيق جي روشني ۾ قرآن مجيد ۽ بائيبل جو تقابلي مطالعو ڪرڻ کان پوءِ هي فصيلو ڪيو آهي ته:
”تورات ۽ انجيل جي تصريح جي مقابلي ۾ قرآن مجيد جي تصريح علم ۽ تحقيق جي جديد نتيجن جي مطابقت ۾ بلڪل منفرد ۽ ممتاز آهي.“ (دراسة الکتب المقدسة في ضوء المعارف الحديثة ص 286) اهو پنهنجي فاضلانه ڪتاب کي هنن سٽن تي ختم ڪري ٿو.
”انسان ان جو تصور به نٿو ڪري سگهي ته اهي بيان ۽ دعوائون جيڪي خالص علمي انداز جون آهن ڪنهن انسان جي تصنيف ٿي سگهن ٿيون. علم ۽ معارفت جي ان سطح کي سامهون رکندي جيڪا محمد ﷺ جي زماني ۾ هوندي هئي اهو نتيجو ڪڍڻ هر طرح عقل ۽ انصاف جي مطابق هوندو ته هي قرآن خدائي وحي تي مبني آهي ۽ ان کي ان لحاظ سان خصوصي مقام ڏيڻ گهرجي ته ان جي صحت هر شڪ ۽ شبهي کان مٿاهين آهي ۽ ان حيثيت سان به ته اهو اهڙن علمي نتيجن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي جن جي هن دور ۾ پوري طرح تحقيق ڪئي وئي آهي پوءِ به اهي صحيح ثابت ٿيا آهن.“
تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته قرآن مجيد تي انسانن جي وقتي معاشي، اجتماعي ۽ سياسي رجحانن جو ڪوبه اثر نه آهي، ان جون اهڙن مسئلن ۾ به هدايتون ابدي ۽ دائم آهن.