مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

عالمگير نظام:

پاڻ ڪريم ﷺ جن کان پهريان جيڪي پيغمبر ۽ رسول آيا. انهن جو نظام ۽ پيغام ڪنهن خاص خطي يا ڪنهن خاص قوم جي لاءِ مخصوص هو. اهي صرف پنهنجي قوم يا پنهنجي خطي جا سڌارڪ هئا. قرآن فرمائي ٿو:
وَ اِنۡ مِّنْ اُمَّۃٍ اِلَّا خلَا فِیۡہَا نَذِیۡرٌ ﴿۲۴﴾ (فاطر:24)
۽ اهڙي ڪا امت نه آهي جنهن ۾ ڪو به ڊيڄاريندڙ نه گذريو آهي.
وَّ لِكُلِّ قَوْمٍ ھَادٍ ٪﴿۷﴾ (الرعد:7)
۽ هر قوم کي (سڌي) واٽ ڏيکارڻ وارو ٿيو آهي.
وَ لِكُلِّ اُمَّۃٍ رَّسُوۡلٌ ۚ (يونس:47)
۽ سڀ ڪنهن امت لاءِ هڪ رسول آهي.
جڏهن ته ان جي ابتڙ قرآن جي دعوت ۽ قرآن جو منشور عالمگير ۽ ابدي آهي. اهو ڪنهن خاص خطي يا ڪنهن خاص قوم جي لاءِ مخصوص نه آهي، بلڪه اهو پوري انسانيت جي لاءِ الله تبارڪ و تعاليٰ جو منشور ۽ دستور آهي. قرآن جو اعلان آهي.
وَ مَا هُوَ اِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعٰلَمِیۡنَ ﴿٪۵۲﴾ (القلم: 52)
هوڏانهن اهو (قرآن) جهانن لاءِ نصيحت آهي.
تَبٰرَکَ الَّذِیۡ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰی عَبْدِہٖ لِیَكُوۡنَ لِلْعٰلَمِیۡنَ نَذِیۡرًا ۙ﴿۱﴾ (الفرقان:1)
اهو وڏي برڪت وارو آهي جنهن پنهنجي ٻانهي(محمد مصطفيٰ ﷺ) تي (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪندڙ ڪتاب نازل ڪيو. هن لاءِ ته جهان وارن کي ڊيڄاريندڙ ٿئي.
قرآن مجيد قيامت تائين ايندڙ سمورن انسانن جي لاءِ الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان رهنمائي، هدايت، ٻاجهه، فضل ۽ڪرم جو نه کٽندڙ سرچشمو ۽ آب حيات آهي، قيامت تائين ايندڙ انسان ان مان ئي هدايت ۽ فيض حاصل ڪندا رهندا ۽ قرآن مجيد قيامت تائين ايندڙ انسانن جي لاءِ زندگي گهارڻ جي سڀني گهرجن ۽ طريقن لاءِ مڪمل ضابطه حيات ۽ دستور العمل آهي.