مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

تعارف

قرآن مجيد پاڻ پنهنجي متعلق معجزي هئڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ جن ماڻهن کي ان جي ڪتاب الله هئڻ ۾ شڪ آهي، انهن کي مقابلي جي دعوت ڏني آهي. هتي اهڙي قسم جون آيتون ذڪر ڪجن ٿيون.
وَ اِنۡ كُنۡتُمْ فِیۡ رَیۡبٍ مِّمَّا نَزَّلْنَا عَلٰی عَبْدِنَا فَاۡتُوۡا بِسُوۡرَۃٍ مِّنۡ مِّثْلِہٖ ۪ وَادْعُوۡا شُہَدَآءَكُمۡ مِّنۡ
دُوۡنِ اللہِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۲۳﴾ (البقره آيت 23)
۽ جيڪڏهن اوهين شڪ ۾ آهيو ان (ڪلام) جي ڪري جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي محمد ﷺ تي لاٿو آهي ته ان جهڙي ڪا سورة آڻيو ۽ الله کان سواءِ پنهنجا مددگار سڏيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو.
اَمْ یَقُوۡلُوۡنَ افْتَرٰىہُ ؕ قُلْ فَاۡتُوۡا بِسُوۡرَۃٍ مِّثْلِہٖ وَ ادْعُوۡا مَنِ اسْتَطَعْتُمۡ مِّنۡ دُوۡنِ اللہِ اِنۡ كُنۡتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۳۸﴾ (يونس آيت 38)
(اي پيغمبر!) ڀلا اهو چون ٿا ڇا ته اهو پاڻ ٺاهيو اٿس؟ تون چؤ ته پوءِ ان جهڙي هڪ سورت ئي آڻيو ۽ (ان جي ٺاهڻ لاءِ) الله کان سواءِ جنهن کي سڏي سگهو تنهن کي سڏيو، جيڪڏهن اوهين سچا آهيو.
اَمْ یَقُوۡلُوۡنَ افْتَرٰىہُ ؕ قُلْ فَاۡتُوۡا بِعَشْرِ سُوَرٍ مِّثْلِہٖ مُفْتَرَیٰتٍ وَّ ادْعُوۡا مَنِ اسْتَطَعْتُمۡ مِّنۡ
دُوۡنِ اللہِ اِنۡ كُنۡتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۱۳﴾ (هود آيت 13)
ڀلا اهي چون ٿا ڇا ته اهو پاڻ ٺاهيو اٿس (کين) چؤ ته پوءِ ان جهڙيون ڏهه سورتون بڻايل آڻيو ۽ الله کان سواءِ جنهن کي سڏي سگهو تنهن کي سڏيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو.
قُلۡ لَّئِنِ اجْتَمَعَتِ الۡاِنۡسُ وَالْجِنُّ عَلٰۤی اَنۡ یَّاۡتُوۡا بِمِثْلِ ہٰذَا الْقُرْاٰنِ لَا یَاۡتُوۡنَ بِمِثْلِہٖ
وَلَوْ کَانَ بَعْضُہُمْ لِبَعْضٍ ظَہِیۡرًا ﴿۸۸﴾ (بني اسرائيل آيت 88)
چؤ ته جيڪڏهن انسان ۽ جن هن جهڙي قرآن آڻڻ (ٺاهڻ) لاءِ گڏ ٿين ته ان جهڙو نه آڻي سگهندا جيتوڻيڪ انهن مان هڪڙا ٻين جا پڌرا مددگار ٿين.
قُلْ فَاۡتُوۡا بِکِتٰبٍ مِّنْ عِنۡدِ اللہِ ہُوَ اَہۡدٰی مِنْہُمَاۤ اَتَّبِعْہُ اِنۡ كُنۡتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۴۹﴾
فَاِنۡ لَّمْ یَسْتَجِیۡبُوۡا لَکَ فَاعْلَمْ اَنَّمَا یَتَّبِعُوۡنَ اَہۡوَآءَہُمْ ؕ وَمَنْ اَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ ہَوٰىہُ بِغَیۡرِ ہُدًی مِّنَ اللہِ ؕ اِنَّ اللہَ لَا یَہۡدِی الْقَوْمَ الظّٰلِمِیۡنَ ﴿٪۵۰﴾ (قصص آيت 49-50)
چؤ ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته الله وٽان ڪو ڪتاب آڻيو جو انهن ٻنهين کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ هجي ته ان تي هلان، پوءِ جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه قبول نه ڪن ته ڄاڻ ته اهي رڳو پنهنجي خواهشن تي هلن ٿا ۽ جيڪو الله جي رستي ڏيکارڻ کان سواءِ پنهنجي خواهش تي هلي ٿو تنهن کان وڌيڪ گمراه ڪير آهي بيشڪ الله ظالم قوم کي رستو نٿو ڏيکاري.