قديم مذهبي صحيفن ۾ انساني علم جي ملاوٽ:
قرآن مجيد منڍ کان وٺي آخر تائين ابدي ۽ قطعي آهي، ان ۾ انسانن جا مٽجندڙ نظريا ۽ انهن جي تحقيق ۽ تجربا شامل نه آهن دنيا جا علم ۽ فن جيتري به ترقي ڪن، طبعيات ۽ فلڪيات ۾ انسانن جا نظريا جيڪا به شڪل اختيار ڪن، ڪائنات جو مرڪز زمين ثابت ٿي يا چنڊ، زمين سطحي ثابت ٿي يا گول، سيارن تي آبادي ۽ عوالم جو تعداد ثابت ٿي يا نه قرآن جي حقيقتن تي ڪوبه اثر نٿو پوي.
ان جي ابتڙ بائبل انساني تحريف ۽ اجتهاد کان بچي نه سگهيو ۽ ان ۾ انسانن جا مشهور ۽ مقبول عقيدا ۽ نظريا شامل ٿي ويا ان مطابق دنيا جي ڪل عمر ڇهه هزار سال آهي، زمين سطحي آهي سج، چنڊ ۽ ستارا متحرڪ آهن. زمين ڪائنات جو مرڪز آهي. باقي سمورا جسم فلڪي ۽ غيرفلڪي ان جي تابع آهن. زمين جي ٻي طرف آباديءَ جو هئڻ محال آهي.
اهي ڳالهيون ٿي سگهي ٿو ته ان دؤر جي ماڻهن وٽ مڃيل هجن پر انهن جو حقيقت جي مطابق هئڻ ضرور نه آهي. اها انساني علم جي هڪ خاص منزل آهي پر انسانن جو علم مسافر آهي، مقيم نه آهي اهو جيترو اڳتي وڌندو رهيو اڳين منزل کي پوئتي ڇڏيندو ويو، ايتري تائين جو هڪ اهڙو وقت آيو جو مذهب ۽ عقل جو گڏ هلڻ محال ٿي ويو. اهو مذهب ۽ سائنس جو تصادم ۽ يورپ ۾ مذهب جي زوال جو پهريون ڏينهن هيو، پر اسلام ۾ ڪڏهن به اهڙو ڏينهن پيش اچي نٿو سگهي. انساني علم پاڻ ۾ ٽڪرائيندا ۽ ٽڪرائي سگهن ٿا، انهن مان هڪ غلط هوندو ۽ هڪ صحيح ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته ٻئي غلط هجن، پر الله تعاليٰ جي محفوظ ڪتاب جون حقيقتون ۽ بيان صحيح علم ۾ ڪوبه تصادم ممڪن نه آهي جيڪو علم ان سان ٽڪرائيندو اهو صحيح علم نه هوندو.