مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

ٻڌڻ ۽ تابعداري ڪرڻ:

قرآن مجيد هڪ صحيفو ۽ هڪ تعليم آهي، ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ جو پهريون ذريعو اهوئي آهي ته ان کي غور سان ٻڌو وڃي جيڪو ماڻهو قرآن مجيد کي غور سان ٻڌي ئي نٿو اهو قرآن مان فيض ڪيئن حاصل ڪندو؟
فَبَشِّرْ عِبَادِ ﴿ۙ۱۷﴾ الَّذِیۡنَ یَسْتَمِعُوۡنَ الْقَوْلَ فَیَتَّبِعُوۡنَ اَحْسَنَہٗ ؕ اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ ہَدٰىہُمُ اللہُ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمْ اُولُوا الْاَلْبَابِ ﴿۱۸﴾ (الزمر آيت 17-18)
پوءِ (اي پيغمبر ﷺ ) منهنجن انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌاءِ جيڪي ڳالهه ٻڌن ٿا پوءِ ان مان تمام چڱيءَ تي هلن ٿا اهي آهن جن کي الله هدايت ڪئي ۽ اهي ئي عقل وارا آهن.
هتي هي به ياد رکڻ گهرجي ته صرف غور سان ٻڌڻ ڪافي نه آهي. بلڪ قرآن مجيد جي هر حڪم تي عمل ڪرڻ به ضروري آهي، بنا عمل وارو علم دماغي عياشي آهي. تنهن ڪري مٿين آيت سڳوريءَ ۾ غور سان ٻڌڻ کان پوءِ اتباع ۽ تابعداريءَ جو ذڪر ڪيو ويو.