1- تڪبر:
سَاَصْرِفُ عَنْ اٰیٰتِیَ الَّذِیۡنَ یَتَکَبَّرُوۡنَ فِی الۡاَرْضِ بِغَیۡرِ الْحَقِّ ؕ وَ اِنۡ یَّرَوْا كُلَّ اٰیَۃٍ لَّا یُؤْمِنُوۡا بِہَا ۚ وَ اِنۡ یَّرَوْا سَبِیۡلَ الرُّشْدِ لَا یَتَّخِذُوۡہُ سَبِیۡلًا ۚ وَ اِنۡ یَّرَوْا سَبِیۡلَ الْغَیِّ یَتَّخِذُوۡہُ سَبِیۡلًا ؕ ذٰلِکَ بِاَنَّہُمْ کَذَّبُوۡا بِاٰیٰتِنَا وَکَانُوۡا عَنْہَا غٰفِلِیۡنَ ﴿۱۴۶﴾ (الاعراف : 146)
”جيڪي زمين ۾ ناحق وڏائي ڪن ٿا تن کي پنهنجين آيتن (۾ سوچڻ) کان ڦيري ڇڏيندس ۽ جيڪڏهن اهي سڀ ڪا نشاني ڏسندا ته به انهن تي ايمان نه آڻيندا ۽ جيڪڏهن هدايت جو رستو ڏسندا ته ان کي رستو ڪري نه وٺندا ۽ جيڪڏهن گمراهيءَ جو رستو ڏسندا ته ان کي رستو ڪري وٺندا. اهو هن ڪري جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان بي خبر رهيا آهن.“
وَیۡلٌ لِّكُلِّ اَفَّاكٍ اَثِیۡمٍ ۙ﴿۷﴾ یَّسْمَعُ اٰیٰتِ اللہِ تُتْلٰی عَلَیۡہِ ثُمَّ یُصِرُّ مُسْتَكْبِرًا کَاَنۡ لَّمْ یَسْمَعْہَا ۚ فَبَشِّرْہُ بِعَذَابٍ اَلِیۡمٍ ﴿۸﴾ (الجاثيه : 7-8)
سڀ ڪنهن ڪوڙي گنهگار لاءِ وڏي خرابي آهي جو الله جي آيتن کي جنهن وقت ان کي پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ٻڌي ٿو وري وڏائي ڪري (ڪفر تي) ضد ڪري بيهي ٿو ڄڻ ته انهن (آيتن) کي نه ٻڌائين. پوءِ (اي پيغمبر) ان کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ
ثُمَّ اَدْبَرَ وَ اسْتَكْبَرَ ﴿ۙ۲۳﴾ (المدثر : 23)
وري پٺ ڦيريائين ۽ وڏائي ڪيائين.
فَقَالَ اِنْ ہٰذَاۤ اِلَّا سِحْرٌ یُّؤْثَرُ ﴿ۙ۲۴﴾ اِنْ ہٰذَاۤ اِلَّا قَوْلُ الْبَشَرِ ﴿ؕ۲۵﴾(المدثر : 24-25)
پوءِ چوڻ لڳو ته هي (قرآن) رڳو جادو آهي جو (جادوگر کان) هليو اچي. هي (قرآن) رڳو ماڻهوءَ جي ڪلام آهي.
ڪڏهن پيغمبر جي ظاهري حالت ۽ غربت ڏسي اهي ان پيغام ۽ تعليم کان انڪار ۽ وڏائي ڪندا آهن ۽ اهي ان جي پيروي ۾ پنهنجي اهانت ۽ بيعزتي محسوس ڪندا آهن، فرعون چيو هو.
اَمْ اَنَا خَیۡرٌ مِّنْ ہٰذَا الَّذِیۡ ہُوَ مَہِیۡنٌ ۬ۙ وَّ لَا یَکَادُ یُبِیۡنُ ﴿۵۲﴾ فَلَوْ لَاۤ اُلْقِیَ عَلَیۡہِ اَسْوِرَۃٌ مِّنۡ ذَہۡبٍ اَوْ جَآءَ مَعَہُ الْمَلٰٓئِکَۃُ مُقْتَرِنِیۡنَ ﴿۵۳﴾ (الزخرف : 52-53)
ڇا پوءِ اوهين نٿا ڏسو ته آءٌ هن کان چڱو آهيان جيڪو خوار آهي ۽ چٽو به ڳالهائي نٿو سگهي. (جيڪڏهن موسيٰ مون کان چڱو آهي ته) پوءِ مٿس سون جا ڪنگڻ ڇو نه لاٿا ويا يا ساڻس ملائڪ گڏ ٿي ڇو نه آيا.
۽ مڪي جي ڪافرن چيو هو
وَقَالُوۡا لَوْلَا نُزِّلَ ہٰذَا الْقُرْاٰنُ عَلٰی رَجُلٍ مِّنَ الْقَرْیَتَیۡنِ عَظِیۡمٍ ﴿۳۱﴾ (الزخرف : 31)
۽ چيائون ته هنن ٻن ڳوٺن (مڪي ۽ طائف) مان ڪنهن وڏو ماڻهوءَ تي هي قرآن ڇو نه لاٿو ويو.؟
ڪڏهن صرف انهن جي بشريت انهن لاءِ حق جي قبولڻ کان مانع بڻجي ويندي آهي.
ذٰلِکَ بِاَنَّہٗ کَانَتۡ تَّاۡتِیۡہِمْ رُسُلُہُمۡ بِالْبَیِّنٰتِ فَقَالُوۡۤا اَبَشَرٌ یَّہۡدُوۡنَنَا ۫ فَکَفَرُوۡا وَ تَوَلَّوۡا وَّ اسْتَغْنَی اللہُ ؕ وَ اللہُ غَنِیٌّ حَمِیۡدٌ ﴿۶﴾ (التغابن : 6)
اهو هن ڪري ته انهن وٽ سندن رسول ظاهر نشانيون کڻي ايندا آهن پوءِ تن چيو ته اسان کي (اسان جهڙا) ماڻهو رستو ڏيکاريندا ڇا؟ پوءِ انڪار ڪيائيون ۽ منهن ڦيريائون ۽ الله بي پرواهي ڪئي ۽ الله بي پرواهه ۽ ساراهيل آهي.
وَقَالُوۡا مَالِ ہٰذَا الرَّسُوۡلِ یَاۡكُلُ الطَّعَامَ وَ یَمْشِیۡ فِی الْاَسْوَاقِ ؕ لَوْ لَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡہِ مَلَكٌ فَیَكُوۡنَ مَعَہٗ نَذِیۡرًا ۙ﴿۷﴾ (الفرقان : 7)
۽ چيائون ته هن رسول کي ڇا ٿيو آهي جو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارين ۾ هلي ٿو ان ڏي ڪو ملائڪ ڇو نه لاٿو ويو ته ان سان گڏ ڊيڄاريندڙ ٿئي.
ڪڏهن رسول جي پيروڪارن جي معاشي بدحالي انهن جا حقير ڌنڌا ۽ انهن جي نسلن جو گهٽ هئڻ انهن لاءِ حق واري جماعت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ عذر بڻجندو هو ۽ هو ان کي عذر بڻائي ان جماعت ۾ شامل نه ٿيندا هئا، قرآن فرمائي ٿو:
فَقَالَ الْمَلَاُ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا مِنۡ قِوْمِہٖ مَا نَرٰىکَ اِلَّا بَشَرًا مِّثْلَنَا وَمَا نَرٰىکَ اتَّبَعَکَ اِلَّا الَّذِیۡنَ ہُمْ اَرَاذِلُنَا بَادِیَ الرَّاۡیِ ۚ وَ مَا نَرٰی لَكُمْ عَلَیۡنَا مِنۡ فَضْلٍۭ بَلْ نَظُنُّكُمْ کٰذِبِیۡنَ ﴿۲۷﴾ (هود : 27)
پوءِ سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ته اسين توکي رڳو پاڻ جهڙو ماڻهو ڏسون ٿا ۽ اسين توکي نه ٿا ڏسون جو ڪنهن تنهنجي پيروي ڪئي هجي انهن کان سواءِ جيڪي اسان مان گهٽ درجي وارا ظاهربين آهن ۽ اسين پاڻ کان مٿي اوهان جي ڪا فضيلت نه ٿا ڏسون بلڪ اوهان کي ڪوڙو خيال ڪريون ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن انهن لاءِ اهو خيال رڪاوٽ بڻجندو هو جو انهن دنيا جي گهڻائيءَ جي ڪري اهو سمجهي ڇڏيو هو ته دنيا جي هر سٺي شيءِ جا مستحق اهي ئي آهن ۽ اها شيءِ ڪڏهن به سٺي نه ٿي سگهي جيڪا پهريان انهن کي نه ملي، قرآن فرمائي ٿو:
وَ قَالَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا لِلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَوْ کَانَ خَیۡرًا مَّا سَبَقُوۡنَاۤ اِلَیۡہِ ؕ وَ اِذْ لَمْ یَہۡتَدُوۡا بِہٖ فَسَیَقُوۡلُوۡنَ ہٰذَاۤ اِفْكٌ قَدِیۡمٌ ﴿۱۱﴾ (الاحقاف : 11)
۽ ڪافرن مؤمنن جي باري ۾ چيو ته جيڪڏهن اهو (دين) چڱو هجي ها ته اهي ان ڏي اسان کان اڳي نه وڃن ها ۽ جڏهن ان سان سڌي رستي تي نه آيا تڏهن چوندا ته هي پراڻو ڪوڙ آهي.
اهي ئي سبب آهن جن جي بنياد تي وڏيرا ۽ سرمائيدار ماڻهو پيغمبرن جي دعوت کي ڪوڙو قرار ڏيندا آهن ۽ انهن جي مخالفت ڪندا آهن، قرآن فرمائي ٿو:
وَمَاۤ اَرْسَلْنَا فِیۡ قَرْیَۃٍ مِّنۡ نَّذِیۡرٍ اِلَّا قَالَ مُتْرَفُوۡہَاۤ ۙ اِنَّا بِمَاۤ اُرْسِلْتُمۡ بِہٖ کٰفِرُوۡنَ ﴿۳۴﴾ (سبا: 34)
۽ اسان ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪوبه ڊيڄاريندڙ نه موڪليو پر ان جي آسودن (ماڻهن) چيو ته جنهن سان اوهين موڪليا ويا آهيو تنهن جو اسين انڪار ڪندڙ آهيون.
وَکَذٰلِکَ جَعَلْنَا فِیۡ كُلِّ قَرْیَۃٍ اَکٰبِرَ مُجَرِمِیۡہَا لِیَمْكُرُوۡا فِیۡہَا ؕ (الانعام : 123)
۽ اهڙيءَ طرح اسان سڀ ڪنهن ڳوٺ ۾ (اتي جي) سردارن کي اتي جا ڏوهاري ڪيو هن لاءِ ته اهي انهن (ڳوٺن) ۾ بڇڙيون تدبيرون ڪن.
تنهن ڪري تڪبر پوءِ ان جو سبب ڪهڙو به ڇو نه هجي، قرآن مجيد مان فائدو حاصل ڪرڻ کان مانع هوندو آهي. قرآن مجيد جي تعليم قبولڻ لاءِ، ان کي پنهنجي نفس تي جاري ڪرڻ لاءِ، ۽ ان کي پنهنجي زندگيءَ جي معاملات ۾ حاڪم بنائڻ لاءِ ۽ انبياءِ جي رهنمائي قبولڻ لاءِ تواضع پنهنجو پاڻ حوالي ڪرڻ رضا ۽ ايثار شرط آهي. قرآن فرمائي ٿو:
فَلَا وَرَبِّکَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ حَتّٰی یُحَکِّمُوۡکَ فِیۡمَا شَجَرَ بَیۡنَہُمْ ثُمَّ لَا یَجِدُوۡا فِیۡۤ اَنفُسِہِمْ حَرَجًا مِّمَّا قَضَیۡتَ وَیُسَلِّمُوۡا تَسْلِیۡمًا ﴿۶۵﴾ (النساء : 65)
پوءِ تنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي ته اهي ايستائين ايمان وارا نه ٿيندا جيستائين ان جهڳڙي ۾ جو سندن وچ ۾ ٿيو آهي توکان فيصلو نه ڪرائين وري جيڪو فيصلو تون ڪرين تنهن کان پنهنجن دلين ۾ ڪابه تنگي نه ڏسن ۽ ان کي چڱيءَ طرح مڃين.