مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

انسان جي امين واري حيثيت:

قرآن انسان کي سمجهائي ٿو ته تون مالڪ ناهين بلڪه خليفو ۽ نائب جي حثيت ۾ رڳو امين آهين. توکي الله تبارڪ و تعاليٰ جي امانت ۾ خيانت ڪرڻ جو حق نه آهي. توکي جيڪا به شئي ملي ٿي اها الله تبارڪ و تعاليٰ جي عطا آهي، ان ۾ تنهنجو ڪو به دخل نه آهي، تون صرف امين ۽ نائب آهين، توکي اها عطا الله جي ڀاتين ۾ ورهائڻي آهي. قرآن فرمائي ٿو:
وَ اَنۡفِقُوۡا مِمَّا جَعَلَكُمۡ مُّسْتَخْلَفِیۡنَ فِیۡہِ ؕ (الحديد: 7)
۽ ان (مال) مان خرچ ڪريو جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو نائب ڪيو اٿس.
ڌرتيءَ تي اصل اختيار ۽ مالڪي الله جي آهي.زمين جا خزانا سڀ ان جا آهن، انسان صرف نائب ۽ خليفو آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو امانت ۾ خيانت ڪندو ته تباهي ان جو مقدر هوندي، دنيا ۽ آخرت ۾ ان کي ڪٿي به سڪون ۽ راحت نه ملندي. پر جي هو خدا جي امانت خدا جي ٻانهن تائين پهچائيندو ته دنيا ۽ آخرت جون سعادتون ان جا پير چمنديون. قرآن جو اعلان آهي.
وَلَوْ اَنَّہُمْ اَقَامُوا التَّوْرٰىۃَ وَ الۡاِنۡجِیۡلَ وَمَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡہِمۡ مِّنۡ رَّبِّہِمْ لَاَکَلُوۡا مِنۡ فَوْقِہِمْ وَمِنۡ تَحْتِ اَرْجُلِہِمۡ ؕ مِنْہُمْ اُمَّۃٌ مُّقْتَصِدَۃٌ ؕ وَکَثِیۡرٌ مِّنْہُمْ سَآءَ مَا یَعْمَلُوۡنَ ﴿٪۶۶﴾
(المائده: 66)
۽ جيڪڏهن اهي تورات ۽ انجيل ۽ جيڪي انهن ڏي سندن پاليندڙ جي طرفان لاٿو ويو آهي. تن (جي حڪمن) کي قائم ڪن ها ته پنهنجي مٿان کان ۽ پنهنجي پيرن جي هيٺان کان ضرور (روزي) کائين ها. انهن مان هڪ جماعت سڌي رستي تي هلندڙ آهي. ۽ انهن مان گهڻا جيڪي ڪن ٿا، سو بڇڙو آهي.