مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

صالح عمل جو قرآني مفھوم

هتي هي ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ”صالح عمل“ قرآن جو هڪ وسيع مفهوم آهي. ان مان مراد ڪجهه رسمون ۽ محض ڪجهه عبادتون نه آهن، بلڪه ان مان مراد آهي عبادتن ۽ شرعي معاملن تي پابنديءَ سان گڏ هڪ اهڙو مڪمل ۽ مثالي معاشرو جنهن ۾ خدائي دين کي غلبو حاصل هجي ۽ انسانيت کي امن ۽ سلامتي حاصل هجي. اهو ئي سبب آهي جو اسلام هڪ طرف خدائي بندگي ۽ عبادتن تي زور ڏئي ٿو ته جيئن ٻانهي جو پنهنجي رب سان تعلق مضبوط ٿئي، ته جيئن هو معاشري جي اندر الله تعاليٰ جي ڀاتين سان خدا جي گهر ۽ منشا مطابق ورتاءُ رکي. ڇو ته اها ڳالهه چٽي ۽ ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو خدا جي بندگي نٿو ڪري ۽ الله تعاليٰ جا فرض ادا نٿو ڪري ته هو خدا جي رضا ۽ منشا مطابق عام انسانن جا فرض ڪيئن ادا ڪندو، تنهن ڪري جيڪو ماڻهو قرآني انقلاب جي ڳالهه ڪري ٿو، ان لاءِ ضروري آهي ته هو مڪمل طور تي خدائي فرضن جو به پابند هجي.
ٻئي طرف عبادتن سان گڏ اسلام معاملات تي پڻ گهڻو زور ڏئي ٿو، بلڪه عبادت کان به وڌيڪ معاملات جي درستگيءَ تي سختي ڪري ٿو، مثال طور تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايمان آڻڻ کان پوءِ عبادت نٿو ڪري ته ان کي فاسق فاجر چيو وڃي ٿو. عبادت نه ڪرڻ جي ڪري اسلام ان جي لاءِ ڪا سزا يا حد مقرر نٿو ڪري. ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انساني معاملن جي اندر دست اندازي ڪري ٿو ته اسلام ان جي لاءِ حدون ۽ سزائون مقرر ڪري ٿو. مثال طور تي چوري، زنا، ڌاڙو، قتل، تهمت ۽ ڪوڙي شاهدي ڏيڻ تي حد مقرر ٿيل آهي. ۽ انهن سمورين شين جو تعلق معاملات سان آهي. ۽ خلافت به ان جي لاءِ هوندي آهي ته جيئن معاشري جي اندر فتني ۽ فساد کي ٻنجو ڏجي ۽ ماڻهن جي درميان حق ۽ انصاف قائم ڪجي. قرآن صاف ٻڌائي ٿو ته نبين کي ان لاءِ موڪليو ويندو آهي ته جيئن هو معاشري ۾ انصاف قائم ڪري سگهن، قرآن فرمائي ٿو:
لَقَدْ اَرْسَلْنَا رُسُلَنَا بِالْبَیِّنٰتِ وَ اَنۡزَلْنَا مَعَہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْمِیۡزَانَ لِیَقُوۡمَ النَّاسُ بِالْقِسْطِ ۚ (الحديد:25)
بيشڪ الله پنهنجي رسولن کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ ترازي (حڪومت) نازل ڪئي ته ماڻهو انصاف سان سڌا رهن.
رسول ۽ پيغمبر ڌرتيءَ تي الله تبارڪ و تعاليٰ جا نائب ۽ خليفا هوندا آهن. هو ڌرتيءَ تي حق ۽ انصاف قائم ڪرڻ ايندا آهن. هاڻي جيڪو ماڻهو نبين جي پوئواري ڪندي صالح عمل ڪندو ۽ حق ۽ انصاف قائم ڪرڻ گهرندو ته الله تبارڪ و تعاليٰ زمين جي خلافت ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو، قرآن جو اعلان آهي.
وَ لَقَدْ کَتَبْنَا فِی الزَّبُوۡرِ مِنۡۢ بَعْدِ الذِّكْرِ اَنَّ الْاَرْضَ یَرِثُہَا عِبَادِیَ الصّٰلِحُوۡنَ ﴿۱۰۵﴾ اِنَّ فِیۡ ھٰذَا لَبَلٰغًا لِّقَوْمٍ عٰبِدِیۡنَ ﴿۱۰۶﴾ؕ (الانبياء: 105-106)
۽ بيشڪ اسان تورات کان پوءِ زبور ۾ لکيو آهي ته منهنجا نيڪ بخت ٻانها زمين جا مالڪ ٿيندا بيشڪ ان (ڳالهه) ۾ عبادت ڪرڻ واري قوم لاءِ (مطلب جي) پورائي آهي.
ڌرتي الله جي آهي. هو جنهن کي چاهيندو آهي ان کي ان جو وارث بڻائيندو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
اِنَّ الۡاَرْضَ لِلّٰہِ ۟ۙ یُوۡرِثُہَا مَنۡ یَّشَآءُ مِنْ عِبَادِہٖ ؕ (الاعراف:128)
بيشڪ زمين الله جي آهي، پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري، تنهن کي ان جو وارث ڪري ٿو.