قرآن کي ڪمائيءَ جو ذريعو نه بڻائجي:
وَلَا تَشْتَرُوۡا بِاٰیٰتِیۡ ثَمَنًا قَلِیۡلًا ۫ وَّ اِیَّایَ فَاتَّقُوۡنِ ﴿۴۱﴾ (البقره: 41)
” ۽ منهنجي آيتن تي ٿورڙو ملهه نه وٺو ۽ مون کان ئي ڊڄندا رهو.“
پاڻ سڳورن پڻ پنهنجي امت کي اهڙي قسم جي تلقين فرمائي آهي، حضرت امير معاويه کان روايت آهي فرمائي ٿو ته: آءٌ رسول الله ﷺ جن کان ٻڌو فرمائن پيا: اوهان قرآن سکو ۽ سکڻ کان پوءِ (هنن ڳالهين جو خيال رکجو)
(1) ان ۾ ڪا به هيرا ڦيري نه ڪجو (2) ان کان پري نه ڀڄجو (3) قرآن کي ڪمائيءَ جو ذريعو نه بڻائجو (4) قرآن جي ذريعي ڌن دولت گڏ نه ڪجو. (السنن الکبريٰ للبيھقي 2/17)
قرآن پڙهي پيسا گهرندڙ جي مذمت ڪئي وئي آهي. حضرت عمران بن حصين ڪٿان لنگهي رهيو هو ته هڪ شخص کي ڏٺائين جيڪو قرآن پڙهي ماڻهن کان (پيسا) گهري پيو ته حضرت عمران ( ڏک ۾) ”انا لله وانا اليھ راجعون“ پڙهي ۽ چيائين ته مون رسول الله جن کان ٻڌو هو ته فرمائن پيا: جيڪو قرآن پڙهي، ته پوءِ الله کان گهري ڇو جو سگهو اهڙا ماڻهو ايندا جيڪي قرآن پڙهي ان جو عوض ماڻهن کان گهرندا. (جامع الترمذي 2/115)