تزڪيو ۽ نفس جي پاڪيزگي:
اِذْھَبْ اِلٰی فِرْعَوْنَ اِنَّہٗ طَغٰی ﴿۫ۖ۱۷﴾ فَقُلْ ھَلۡ لَّکَ اِلٰۤی اَنۡ تَزَکّٰی ۙ﴿۱۸﴾ (النازعات:17-18)
ته تون فرعون ڏي وڃ ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي، پوءِ ان کي چئو ته ڇا توکي پاڪ ٿيڻ جي ڪا رغبت آهي؟
اهڙي طرح پاڻ سڳورن جي بعثت جو مقصد ٻڌائيندي قرآن صاف طور تي چئي ٿو:
ھُوَ الَّذِیۡ بَعَثَ فِی الْاُمِّیّٖنَ رَسُوۡلًا مِّنْہُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِہٖ وَ یُزَکِّیۡہِمْ وَ یُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْحِكْمَۃَ ٭ وَ اِنۡ کَانُوۡا مِنۡ قَبْلُ لَفِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ۙ﴿۲﴾ (جمعھ:2)
هو اهو آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.
قرآن مجيد ۾ اهڙي قسم جون چار آيتون آيل آهن، جيڪي اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. انهن چئني آيتن ۾ پاڻ سڳورن جي بعثت جا چار مقصد بيان ڪيا ويا آهن، انهن چئني ئي مقصدن جو تت ۽ خلاصو تزڪيو (تربيت) ئي آهي، ڇو ته آيتن جي تلاوت، ڪتاب الله جي تعليم ۽ حڪمت تزڪيي جي لاءِ وسيلو ۽ ذريعو آهن، آيتن جي تعليم ۽ تلاوت جو ٻڌائي اهو ٻڌايو ويو آهي ته پيغمبر جيڪو تزڪيو ۽ اصلاح ڪري ٿو، اهو خدائي تعليمات جي مطابق ئي ڪري ٿو. ۽ ان مطابق ئي انسانن کي سوڌي سنواري خدا جو مقرب ٻانهو بڻائي ٿو.
هڪ رسول سنئون سڌو ڊائريڪٽ وحي جي ذريعي پنهنجي پالڻهار کان اخلاق ۽ تهذيب جا جوهر سکي ٿو ۽ اهي انسانيت تائين پهچائي ٿو، پاڻ سڳورن ﷺ جو فرمان آهي.
“اد بنی ربی فا حسن تادیببی”
منهنجي رب منهنجي تربيت فرمائي، پوءِ ڏاڍي سهڻي تربيت فرمايائين.
پاڻ سڳورا پنهنجي پالڻهار کان تربيت ۽ هدايتون حاصل ڪري، اهي ٻين انسانن تائين پهچائيندا هئا ۽ انهن ۾ انسانيت جا جوهر اجاگر ڪندا هئا. پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
انما بعثت لاتمم مکارم الا خلاق (موطا امام مالڪ)
منهنجي بعثت ئي ان جي لاءِ ٿي آهي ته جيئن سهڻن اخلاقن کي تڪميل تي پهچايان.
اهو پاڻ سڳورن جي تعليم ۽ صحبت جو ئي نتيجو هو جو عرب جا غير مهذب ۽ اٻوجهه انسان ٿورڙي ئي عرصي ۾ دنيا جا مهذب انسان بڻجي ويا ۽ ڪجهه سالن ۾ ئي دنيا جي قيادت جا اهل ٿي ويا ۽ دنيا جي رهنمائي ڪرڻ لڳا، پاڻ سڳورن اهو سڄو ڪم الله تعاليٰ جي ڏسيل تعليمات مطابق ئي ڪيو، ڇو ته الله ئي انسانيت جا مسئلا بهتر ڄاڻي ٿو ۽ انهن لاءِ بهتر شين جي چونڊ ڪري ٿو، قرآن فرمائي ٿو:
وَ اعْلَمُوۡۤا اَنَّ فِیۡكُمْ رَسُوۡلَ اللہِ ؕ لَوْ یُطِیۡعُكُمْ فِیۡ کَثِیۡرٍ مِّنَ الْاَمْرِ لَعَنِتُّمْ وَ لٰکِنَّ اللہَ حَبَّبَ اِلَیۡكُمُ الْاِیۡمَانَ وَ زَیَّنَہٗ فِیۡ قُلُوۡبِكُمْ وَ کَرَّہَ اِلَیۡكُمُ الْكُفْرَ وَ الْفُسُوۡقَ وَ الْعِصْیَانَ ؕ اُولٰٓئِکَ ھُمُ الرّٰشِدُوۡنَ ۙ﴿۷﴾ فَضْلًا مِّنَ اللہِ وَ نِعْمَۃً ؕ وَ اللہُ عَلِیۡمٌ حَکِیۡمٌ ﴿۸﴾ (الحجرات:7-8)
۽ ڄاڻو ته اوهان ۾ الله جو رسول آهي، جيڪڏهن گهڻن ڪمن ۾ اوهان جي ڳالهه مڃي ته اوهان ڏکيا ٿيو پر الله اوهان وٽ ايمان کي پيارو ڪيو آهي ۽ ان کي اوهان جي دلين ۾ سينگاريو اٿس ۽ اوهان وٽ ڪفر ۽ گناهه ۽ نافرماني بڇڙي ڪئي اٿس. اهي ئي سڌي رستي وارا آهن. الله جي فضل ۽ احسان سان ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
قرآن صاف طور تي ٻڌائي ٿو ته ماڻهن کي تزڪيي جي لاءِ پاڻ سڳورن ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي ۽ نبيءَ جي اها ذميواري آهي ته جڏهن ان وٽ ڪو نفس جي تزڪيي جي لاءِ اچي ته هو ان کي مايوس نه ڪري، هڪ موقعي تي جڏهن پاڻ سڳورا دعوتي ڪم ۾ مصروف هئا ته هڪ شخص تزڪيي جي لاءِ آيو، دعوت جي پيش نظر پاڻ سڳورن ان ڏانهن التفات نه ڪيو ته پاڻ سڳورن کي هنن لفظن ۾ تنبيهه ڪئي وئي.
عَبَسَ وَ تَوَلّٰۤی ۙ﴿۱﴾ اَنۡ جَآءَہُ الْاَعْمٰی ؕ﴿۲﴾ وَ مَا یُدْرِیۡکَ لَعَلَّہٗ یَزَّکّٰی ۙ﴿۳﴾ اَوْ یَذَّکَّرُ فَتَنۡفَعَہُ الذِّكْرٰی ؕ﴿۴﴾ اَمَّا مَنِ اسْتَغْنٰی ۙ﴿۵﴾ فَاَنۡتَ لَہٗ تَصَدّٰی ؕ﴿۶﴾ وَ مَا عَلَیۡکَ اَلَّا یَزَّکّٰی ؕ﴿۷﴾ (عبس:1-7)
محمد ﷺمنهن ۾ گهنڊ وڌو ۽منهن موڙيائين، ان ڪري جو وٽس انڌو آيو ۽ توکي (اي محمد ﷺ) ڪهڙي خبر ته شايد هو پاڪ ٿئي يا ڌيان ڪري ته ان کي اها نصيحت فائدو ڏي. پر جو بي پرواهي ڪري ٿو تون ان جو خيال ڪرين ٿو. هوڏانهن ان جي پاڪ ٿيڻ جو توتي ڪو الزام نه آهي.
هڪ ٻي جڳهه تي پاڻ سڳورن کي حڪم ٿئي ٿو ته انهن سان ئي رهه جيڪي الله جي رضا خاطر صبح شام الله کي سڏين ٿا:
وَاصْبِرْ نَفْسَکَ مَعَ الَّذِیۡنَ یَدْعُوۡنَ رَبَّہُمۡ بِالْغَدٰۃِ وَالْعَشِیِّ یُرِیۡدُوۡنَ وَجْہَہٗ وَ لَا تَعْدُ عَیۡنٰکَ عَنْہُمْ ۚ تُرِیۡدُ زِیۡنَۃَ الْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا ۚ وَ لَا تُطِعْ مَنْ اَغْفَلْنَا قَلْبَہٗ عَنۡ ذِكْرِنَا وَاتَّبَعَ هَوٰىہُ وَکَانَ اَمْرُہٗ فُرُطًا ﴿۲۸﴾ (الڪهف:28)
۽ پاڻ کي انهن سان گڏ روڪي رک جيڪي پنهنجي پاليندڙ کي صبح ۽ شام جو سڏين ٿا، سندس رضامندي گهرن ٿا ۽ دنيا جي حياتيءَ جي سينگار جو ارادو ڪري تنهنجيون اکيون انهن کان نه ڦرن. ۽ ان جو چيو نه مڃ جنهن جي دل کي اسان پنهنجي ياد کان غافل ڪيو ۽ اهو پنهنجي خواهش جي ڪڍ لڳو ۽ سندس ڪم حد کان لنگهيل آهي،