مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

الله جي هدايت واضح آهي:

الله تبارڪ و تعاليٰ انساني شخصيت جي نشو ونما جي لاءِ پنهنجي هدايت جا پيغام کولي کولي واضح ۽ چٽا ڪري بيان ڪري ٿو ته جيئن هدايت جي پانڌيئڙن کي انهن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ۽ شبهو نه رهي. قرآن جو اعلان آهي.
وَتَفْصِیۡلَ الْکِتٰبِ لَا رَیۡبَ فِیۡہِ مِنۡ رَّبِّ الْعٰلَمِیۡنَ ﴿۟۳۷﴾ (يونس: 37)
۽ جهانن جي پاليندڙ جي طرفان لکيل حڪمن (مقرر ڪيل شريعت) کي جن ۾ ڪو شڪ نه آهي کولي بيان ڪندڙ آهي.
قدرت جيئن آفاق يعني ڪائنات ۾ هڪ ڳوڙهي ۽ نرالي نظام جي ذريعي پنھنجون نشانيون رکيون آهن، ساڳي طرح انسان جي وجود ۾ اهڙيون آيتون ۽ نشانيون رکيون آهن. جيڪڏهن انسان انهن تي غور ڪري ته هن جي دل ٻوليندي ته ڪو نه ڪو نعمتون عطا ڪندڙ ڪارساز آهي جيڪو هن کي هلائي رهيو آهي ۽ هو پنهنجي بصيرت سان پنهنجي پالڻهار تائين پهچي ويندو. ان هوندي الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجا رسول ۽ پيغمبر موڪلي انهن جي ذريعي پنهنجي وحي موڪليندو رهي ٿو ته جيئن انسان انهن مان مدد حاصل ڪري پنهنجي رب کي سڃاڻن، ۽ انهن جي دل جي بصيرت وڌي. خدائي وحي ڪنهن تي جبر ڪا نه ٿي ڪري بلڪه صحيح دڳ وٺائي ٿي ۽ انسانيت جي رهنمائي ڪري ٿي.
اِنَّا ھَدَیۡنٰہُ السَّبِیۡلَ اِمَّا شَاکِرًا وَّ اِمَّا کَفُوۡرًا ﴿۳﴾ (الدهر: 3)
بيشڪ اسان انسان کي رستو ڏيکاريو آهي ته هو شڪرگذار (فرمانبردار) ٿو بڻجي يا نافرمان.
آيت جي لفظن تي غور ڪيو! هتي ايمان ۽ هدايت واري واٽ کي شڪر سان تعبير ڪيو وڃي ٿو، شڪر ڇا آهي؟ پنهنجي محسن جي لاءِ احسان مند هجڻ جو نالو شڪر آهي. جيڪي ماڻهو ڪائنات ۽ خدائي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪن ٿا اهي پنهنجي رب کي پسي وٺن ٿا ۽ پالڻهار جا شڪر گذار ٻانها ۽ مؤمن بڻجن ٿا. هو جيئن جيئن خدائي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪن ٿا تيئن انهن جو ايمان ۽ شڪر وڌندو وڃي ٿو.
وَ اِذَا تُلِیَتْ عَلَیۡہِمْ اٰیٰتُہٗ زَادَتْہُمْ اِیۡمَانًا وَّعَلٰی رَبِّہِمْ یَتَوَکَّلُوۡنَ ۚ﴿ۖ۲﴾ (الانفال: 2)
۽ جڏهن کين سندس آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي (آيتون) انهن جي ايمان کي زياده ڪن ٿيون ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا.
قرآن انسان کي صاف ٻڌائي ٿو ته وحي جو ڪم صرف دڳ لائڻ ۽ رستو ٻڌائڻ آهي. هاڻي انسان جي مرضي آهي هو ڪهڙو ٿو دڳ وٺي.
فَمَنۡ شَآءَ فَلْیُؤْمِنۡ وَّ مَنۡ شَآءَ فَلْیَكْفُرْ ۙ (الڪهف:29)
پوءِ جنهن کي وڻي ته ايمان آڻي ۽ جنهن کي وڻي ته انڪار ڪري.
الله جيڪڏهن چاهي ها ته سمورن انسانن کي زبردستي صحيح دڳ وٺائي سگهي پيو. پر هو چاهي ٿو ته انسان پنهنجي بصيرت ۽ سمجهه کان ڪم وٺي ته جيئن ان کي سمجهه ۽ بصيرت جو قدر ٿئي ۽ پنهنجي منزل جو تعين پاڻ ڪري. هو پنهنجي مرضي ۽ اختيار سان جيڪو رستو چونڊيندو ان کي ان جو ثمر ۽ نتيجو ملندو.
وَ اَنۡ لَّیۡسَ لِلْاِنۡسَانِ اِلَّا مَا سَعٰی ﴿ۙ۳۹﴾ (النجم: 39)
۽ انسان جيڪو عمل ڪيو آهي ان کان سواءِ ان لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.