مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

تعليم الحڪمت:

پاڻ سڳورا ﷺ نه صرف پنهنجي امت کي الاهي احڪامن جي تعليم ڏين ٿا، پر انهن الاهي احڪامن جون حڪمتون ۽ راز پڻ ٻڌائين ٿا. هو هر حڪم جي مصلحت ۽ حڪمت کولي کولي بيان ڪن ٿا ته جيئن قرآن تي عمل ڪندڙ جو يقين ۽ ويساهه وڌي ۽ هو خدائي دين کي هڪ ٿاڦيل ۽ مڙهيل دين نه سمجهي، بلڪه اهو پنهنجي عقل ۽ بصيرت ۽ قرآني تعليم سان ان کي دين برحق ۽ انساني تقاضائن جي عين موافق سمجهي، دل ۽ جان سان ان تي عمل پيرا ٿي پنهنجا ٻئي جهان موچارا بڻائي، حڪمت ڇا آهي؟ نبوي علمن جو انقلابي پرچارڪ مولانا سنڌي فرمائي ٿو:
”انساني فطرت جون جيڪي طبعي تقاضائون آهن، انهن جي پوري سمجهه حاصل ڪرڻ حڪمت آهي، يعني انساني فردن جي طبعي تقاضائن کي سمجهڻ ۽ انهن کي نوعي تقاضائن جي ماتحت آڻڻ حڪمت آهي.“ (الھام الرحمان)
مولانا سنڌيءَ وٽ حڪمت مان مراد اها آهي، باقي ڪن عالمن ان جي معنيٰ ۽ مطلب تي وڏا بحث ڪيا آهن ۽ ان تي مستقل ڪتاب پڻ جوڙيا آهن، پر ڳالهه وري به ڦري گهري اتي ئي اچي بيهندي، اسين نموني خاطر ڪن معنائن جو ذڪر ڪيون ٿا: