مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

آيتن جي تلاوت:

تلاوت، جي معنيٰ آهي قرآن مجيد پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ. ڇو ته قرآن مجيد جي تلاوت جي لاءِ ٻه لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن: هڪ قرائت ۽ ٻيو تلاوت، اهي ٻئي لفظ تقريبن هم معنيٰ استعمال ٿيندا آهن. پر عام طور تي قراءت مان مراد صرف قرآن مجيد جي تلاوت هوندي آهي، جڏهن ته ”يتلو“ مان مراد هوندي آهي، سوچ، ويچار ۽ غور ۽ فڪر سان پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ، ڇو ته ”يتلو“ جو ماخذ ”تلو“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تابعداري ڪرڻ ۽ مسلسل ڪنهن جي ڪڍ هلڻ، اهو ئي سبب آهي جو قرآن مجيد تلاوت ۽ صالح عملن کي هڪ ئي جڳهه تي ذڪر ڪري ٿو:
اِنَّ الَّذِیۡنَ یَتْلُوۡنَ کِتٰبَ اللہِ وَ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اَنۡفَقُوۡا مِمَّا رَزَقْنٰہُمْ سِرًّا وَّ عَلَانِیَۃً یَّرْجُوۡنَ تِجَارَۃً لَّنۡ تَبُوۡرَ ﴿ۙ۲۹﴾ (فاطر:29)
”بيشڪ جيڪي الله جو ڪتاب پڙهن ٿا، ۽ نماز قائم ڪن ٿا، ۽ جيڪا روزي کين ڏني سون تنهن مان ڳجهو ۽ ظاهر خرچ ڪن ٿا، سي اهڙي واپار جي اميد رکن ٿا جو ڪڏهن به برباد نه ٿيندو.“
پاڻ ڪريم ﷺ جن نه صرف قرآن مجيد جي تلاوت ڪندا هئا، پر قرآن جي هر حڪم جي تابعداري ڪندا هئا، تنهن ڪري حضرت امان عائشه سائڻ رضي الله تعاليٰ عنها کي چوڻو پيو، ”کان خلقھ القرآن“
”پاڻ ڪريم ﷺ جن جي زندگي قرآن جو عملي تفسير هئي“
قرآن مجيد جي تلاوت جو مقصد آهي، خدائي آيتون پڙهي، ان مطابق عمل ڪرڻ ۽ قرآن جي هر حڪم جي تابعداري ڪرڻ، الله تبارڪ و تعاليٰ جو فرمان آهي.
وَھٰذَا کِتٰبٌ اَنۡزَلْنٰہُ مُبٰرَكٌ فَاتَّبِعُوۡہُ وَاتَّقُوۡا لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُوۡنَ ﴿۱۵۵﴾ۙ (الانعام:155)
”۽ هي (قرآن) اهو ڪتاب آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو جو خير ۽ برڪت وارو آهي، پوءِ ان تي هلو ۽ پرهيزگار ٿيو مَن اوهان تي رحم ڪيو وڃي.“
آسماني ڪتاب دنيا تي انسانن جي لاءِ هدايت، رهنمائي، دستور ۽ منشور هوندا آهن، اهي صرف ان جي لاءِ نه هوندا آهن، جو انهن کي خير ۽ برڪت جي لاءِ صرف وردن ۽ وظيفن جي طور تي استعمال ڪيو وڃي، بلڪه انهن جو مقصد هوندو آهي ته انسان انهن خدائي احڪامن کي خدا جي ڌرتيءَ تي نافذ ڪري، خدائي خلافت جو فريضو سرانجام ڏين. جيئن پاڻ ڪريم * جن کان پهريان يهودين کي خدائي ڪتاب توريت مليل هو، يهودي پنهنجي ڪتاب توريت سان بي پناهه محبت رکندا هئا، ۽ اڄ به رکن ٿا، هو ان جي تلاوت به ڪندا هئا، ۽ ان کي خير ۽ برڪت جو سبب به سمجهندا هئا، پر ان مطابق عمل نه ڪندا هئا، تنهن ڪري قرآن انهن کي گڏهن سان تشبيهه ڏئي ٿو. جنهن جي پٺن تي ڪتابن جو بار سٿيل هجي، پر هو شعور ۽ سمجهه کان خالي هجي، ائين مسلمان جيڪڏهن قرآن پڙهن ٿا، پر سمجهه ۽ عمل کان عاري آهن ته پوءِ انهن لاءِ به قرآن جو فيصلو ساڳيوآهي، قرآن هڪ تارازي آهي جنهن م سڀ هڪ ئي طريقي سان ترندا آهن. قرآن فرمائي ٿو:
مَثَلُ الَّذِیۡنَ حُمِّلُوا التَّوْرٰىۃَ ثُمَّ لَمْ یَحْمِلُوۡہَا کَمَثَلِ الْحِمَارِ یَحْمِلُ اَسْفَارًا ؕ بِئْسَ مَثَلُ الْقَوْمِ الَّذِیۡنَ کَذَّبُوۡا بِاٰیٰتِ اللہِ ؕ وَ اللہُ لَا یَہۡدِی الْقَوْمَ الظّٰلِمِیۡنَ ﴿۵﴾ (الجمعھ:5)
”جن تي توريت رکيو ويو پوءِ نه کنيائون (يعني عمل نه ڪيائون) انهن جو مثال گڏهه وانگر آهي، جو پٺيءَ تي ڪتاب کڻي ٿو. خراب مثال آهي انهن ماڻهن جو جن الله جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو! ۽ الله ظالمن کي سڌي راهه نٿو ڏئي.“
امام ابن تيميه جو فرمان آهي ته، جيتوڻيڪ قرآن مجيد ۾ هي مثال يهودين جي لاءِ بيان ڪيو ويو آهي. پر مفهوم ۽ مطلب جي لحاظ سان هي عام آهي ۽ هران ماڻهوءَ تي سچو اچي ٿو، جيڪو قرآن مجيد جي تلاوت ڪري ٿو، ۽ ان کي سمجهي ٿو، پر ان مطابق عمل نٿو ڪري.
(الامثال في القرآن الڪريم ص:27)
پاڻ ڪريم ﷺ جن پنهنجي پوري زندگي صحابه ڪرام کي قرآن مجيد جي تلاوت، قرآن مجيد جي سمجهڻ،۽ ان تي عمل ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ پاڻ قرآن مجيد جي هر حڪم تي عمل ڪري، انسانيت جي لاءِ هڪ نمونو ڇڏي ويا، پاڻ ڪريم ﷺ جن نه پيا چاهين ته مسلمان به يهودين جيان صرف قرآن مجيد جي تلاوت تي اڪتفا ڪن، ۽ ان تي عمل نه ڪن، جيئن يهودي صرف توريت جي تلاوت ڪندا هئا. ۽ ان کي ئي سڀڪجهه سمجهندا هئا ۽ ان جي عمل کان عاري هوندا هئا. قرآن اهڙن يهودين جي مذمت ڪندي فرمائي ٿو:
وَمِنْہُمْ اُمِّیُّوۡنَ لَا یَعْلَمُوۡنَ الْکِتٰبَ اِلَّاۤ اَمَانِیَّ وَ اِنْ ھُمْ اِلَّا یَظُنُّوۡنَ ﴿۷۸﴾ (البقره:78)
۽ انهن مان ڪي اڻ پڙهيل آهن، جي سواءِ خواهشن جي، ڪتاب نٿا ڄاڻن ۽ اهي رڳو گمان ڪن ٿا.
هن آيت تحت امام قرطبي جو فرمان آهي ته (اَمَانِیَّ) مان مراد هي آهي ته هو صرف تلاوت ڄاڻن ٿا، ۽ ان جي احڪامن کان بي خبر آهن. (الجامع لاحڪام القرآن، 2/6)
پاڻ ڪريم ﷺ جن پڻ پنهنجي امت کي اهڙن ماڻهن جي پرڪارن کان آگاهه ڪيو آهي جيڪي قرآن مجيد جي تلاوت ته ڪندا پر ان تي عمل نه ڪندا، پاڻ ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي.
یخرج فی ہذه الامت قوم تحقرون صلاتکم مع صلاتہم یقروءن القرآن لایجاوز حلو قہم اوحنا جرہم یمرقون من الدين مروق السہم من الرمیۃ. (رواه بخاري)
هن امت ۾ ماڻهن جو هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿيندو، جن جي نمازن جي سامهون اوهين پنهنجين نمازن کي حقير ۽ گهٽ سمجهندئو، اهي قرآن مجيد جي تلاوت ڪندا، پر قرآن انهن جي نڙين کان هيٺ نه لهندو، اهي دين مان ائين نڪري ويندا، جيئن تير، ڪمان مان نڪري ويندو آهي.
جيڪو ماڻهو الله تعالى جي ڪلام قرآن مجيد جي صحيح سمجهه سان تلاوت ڪندو، ان جي لاءِ ايمان ۽ هدايت جا دروازا کلي ويندا، قرآن جو اعلان آهي.
اَلَّذِیۡنَ اٰتَیۡنٰہُمُ الْکِتٰبَ یَتْلُوۡنَہٗ حَقَّ تِلَاوَتِہٖ ؕ اُولٰٓئِکَ یُؤْمِنُوۡنَ بِہٖ ؕ وَمَنۡ یَّكْفُرْ بِہٖ فَاُولٰٓئِکَ هُمُ الْخٰسِرُوۡنَ ﴿۱۲۱﴾٪ (البقره:121)
” جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي (۽) هي ان کي اهڙو پڙهن ٿا جهڙو ان جي پڙهڻ جو حق آهي، سي الله جي هدايت تي ايمان آڻين ٿا ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪندا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن.