ڪاميابيءَ جو خدائي وعدو:
وَعَدَ اللہُ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مِنۡكُمْ وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَیَسْتَخْلِفَنَّہُمۡ فِی الْاَرْضِ کَمَا اسْتَخْلَفَ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبْلِہِمْ ۪ وَ لَیُمَکِّنَنَّ لَہُمْ دِیۡنَہُمُ الَّذِی ارْتَضٰی لَہُمْ وَ لَیُبَدِّلَنَّہُمۡ مِّنۡۢ بَعْدِ خَوْفِہِمْ اَمْنًا ؕ یَعْبُدُوۡنَنِیۡ لَا یُشْرِكُوۡنَ بِیۡ شَیۡئًا ؕ وَ مَنۡ کَفَرَ بَعْدَ ذٰلِکَ فَاُولٰٓئِکَ هُمُ الْفٰسِقُوۡنَ ﴿۵۵﴾ (النور:55)
اوهان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن سان الله وعدو ڪيو آهي ته کين زمين ۾ ضرور حاڪم ڪندو، جيئن انهن کان اڳين کي حاڪم ڪيائين ۽ سندن اهو دين جنهن کي انهن لاءِ پسند ڪيو اٿس، تنهن کي انهن لاءِ مضبوط ڪندو ۽ سندن ڊپ کان پوءِ کين بدلائي امن ڏيندو. اهي منهنجي عبادت ڪندا، مون سان ڪنهن شئي کي شريڪ نه ڪندا ۽ جيڪي ان کان پوءِ ناشڪري ڪندا سي ئي نافرمان آهن.
هن آيت سڳوريءَ ۾ ايمان آڻڻ کان پوءِ صالح عمل ڪندڙ انسانن سان وعدو ڪيو وڃي ٿو ته ايمان ۽ صالح عملن جي صلي ۾ اوهان کي زمين ۾ نيابت ۽ خلافت عطا ڪئي ويندي، اوهان جي دين کي مضبوط ڪيو ويندو ۽ اوهان جي خوف ۽ ڀئو کي امن ۽ سلامتيءَ ۾ تبديل ڪيو ويندو.
الله تبارڪ و تعاليٰ جو اهو وعدو ڪنهن خاص قوم يا ڪنهن خاص دور ۽ وقت سان مخصوص نه آهي. جو چئجي ته الله تعاليٰ جو اهو وعدو فلاڻي دور ۾ پورو ٿي ويو، تنهن ڪري هاڻي بسڙي ڪري ويهي دنيا جا موچڙا کائيندا رهو. قرآن مجيد جي آيت سڳوريءَ تي غور ڪيو قرآن صاف چوي ٿو ته جيڪي به (جڏهن به) ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ صالح عمل ڪندا، الله تبارڪ و تعاليٰ انهن کي انهن صالح عملن جي عيوض دنيا ۾ پنهنجي نيابت ۽ خلافت عطا ڪندو. صالح عمل مان مراد آهي ته هو پنهنجي شخصيت کي پنهنجي نيڪ عملن ذريعي ٻين انسانن لاءِ ڪارائتو ۽ نفع بخش بڻائيندا ته پوءِ کين اهو مقام عطا ڪيو ويندو.
الله تبارڪ و تعاليٰ جي ان وعدي کي ڪنهن خاص دور جي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏڻ، خدائي دين جي سربلنديءَ جي لاءِ سنجيدگيءَ سان جدوجهد ڪرڻ کان فراريت اختيار ڪرڻ آهي. ۽ دنيا جي هلندڙ سسٽم ۽ نظام کي جيئن جو تيئن برقرار رکڻ جي ڪوشش آهي. حالانڪه قرآن آيو ئي ان جي لاءِ هو ته جيئن دنيا جي ظالم نظام کي بدلائي، خدا جي ڌرتيءَ تي خدا کي گهربل امن ۽ سلامتيءَ وارو معاشرو قائم ڪيو وڃي. ۽ صالح عملن جي عوض الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙي معاشري جو وعدو فرمائي ٿو.