مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

رهبر انسانيت:

جهڙي طرح الله تبارڪ و تعاليٰ رب العالمين آهي، سندس موڪليل منشور ۽ دستور ذڪر للعالمين آهي، اهڙي طرح سندس موڪليل آخري رسول رحمت للعالمين آهي.
قرآن جو فرمان آهي:
وَمَاۤ اَرْسَلْنٰکَ اِلَّا رَحْمَۃً لِّلْعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۰۷﴾ (الانبياء:107)
۽ (اي پيغمبر) اسان توکي رڳو جهان وارن لاءِ رحمت ڪري موڪليو.
پاڻ ڪريم ﷺ جن الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان اهو اعلان هنن لفظن ۾ فرمائين ٿا:
قُلْ یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اِنِّیۡ رَسُوۡلُ اللہِ اِلَیۡكُمْ جَمِیۡعَاۨ (الاعراف:158)
چئو ته اي انسانو! بيشڪ آءٌ اوهان سڀني ڏي الله جو موڪليل آهيان.
اسين مٿي عرض ڪري آياسون ته الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن ۾ شر ۽ خير ٻئي مادا رکيا آهن. جنهن کي نفس اماره ۽ نفس مطمئنه به چئي سگهجي ٿو.
نفس اماره جنھن کي سولن لفظن ۾ چئون ته ”اندر جو بگڙيل انسان.“ اهو نفس اماره انسان کي برائين ۽ خدائي بغاوتن ڏانهن آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ انسان کي مختلف قسم جون ترغيبون ڏئي، ان کي صحيح راه تان ٿيڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ نفس مطمئنه جنھن کي سولن لفظن ۾ چئون ته ”اندر جو سڌريل انسان.“ اهو نفس مطمئنه انسان کي نيڪين ۽ خدائي قربتن ڏانهن آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان کي مختلف قسم جون ترغيبون ڏئي صحيح واٽ تي صالح عمل ڪرڻ جي رغبت ڏيندو آهي. ان کانسواءِ انسان ۾ هڪ ٽيون مادو پڻ رکيل آهي. جنهن کي نفس لوامه چيو وڃي ٿو، اهو انسان کي غلط ڪمن تي ملامت ڪندو آهي ۽ ان کي غلط ڪارين تي تنبيهه ڪندو رهندو آهي.
دنيا ۾ ڪي انسان نفس مطمئنه جا پوئلڳ بڻجي خير ۽ ڀلائي جا مجسما بڻجي ويندا آهن ته ڪي انسان نفس اماره جي وڪڙ ۾ اچي شر ۽ برائيءَ جا مجسما بڻجي ويندا آهن. تنهن ڪري، الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن جي صورت ۾ هڪ اهڙو نظام ۽ دستور ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي صورت ۾ اهڙو رسول ۽ معلم موڪليو، جيڪو ڀلائي جي واٽ تي هلندڙن کي اهي بشارتون عطا ڪري ته اوهان کي صالح عملن جي صلي ۾ خدائي خلافت عطا ڪئي ويندي ته جيئن اهي دنيا ۾ امن ۽ سلامتيءَ سان خدائي فرضن کي ادا ڪري سگهن ۽ دين جي مٿان ثابت قدم رهي سگهن. جيڪڏهن اهي دنيا ۾ دين تي ثابت قدم رهيا ته آخرت ۾ انهن کي ابدي آرام ۽ آخرت جون ابدي نعمتون ملنديون. اهڙي طرح اهو معلم نفس اماره جي پيروڪارن کي خدائي عذاب کان ڊيڄاري ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ جي نافرماني ۽ زمين ۾ سرڪشيءَ جي نتيجن کان باخبر ڪري، انھن کي واضح ڪري ته اوهين دنيا ۾ سرداري ۽ چڱ مڙسيءَ جا اهل نه رهيا آهيو. عنقريب اوهان کي الاهي عذاب چکائي اوهان کان چڱ مڙسي کسي ويندي ۽ صالح عمل ڪندڙ مستضعفين (ڪمزور، غريب ۽ اڪثريت) اوهان کان پنهنجو پورو انتقام ۽ بدلو وٺندا ۽ اوهان کي خدائي قانون تحت جزا ۽ سزا ڏيندا، آخرت وارو ابدي عذاب الڳ آهي.
الله تبارڪ و تعاليٰ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي اهڙي قسم جون بشارتون ڏيئي دنيا ڏانهن موڪليو، قرآن جو اعلان آهي.
وَمَاۤ اَرْسَلْنٰکَ اِلَّا کَآفَّۃً لِّلنَّاسِ بَشِیۡرًا وَّ نَذِیۡرًا (سبا:28)
۽ اسان توکي ته سڀني ماڻهن لاءِ خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي.
خدائي دشمن، خدا جو پيغام مڃڻ ته پري جي ڳالهه پر خدائي پيغام آڻيندڙ انسانن کي مختلف قسم جون اذيتون ۽ تڪليفون ڏيندا آهن ۽ ان خدائي پيغام کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڇو ته نبي دنيا ۾ ان جي لاءِ ايندا آهن ته جيئن خدا جي خلق کي دنيا جي سرڪشن جي چنبي مان آزادي ڏئي انهن کي هڪ خدا جو ٻانهو بڻائجي. اها ڳالهه سرڪشن کي وڻندي نه آهي، تنهن ڪري جيڪي ماڻهو ان نظام کي قبوليندا آهن يا ان نظام جا پرچارڪ هوندا آهن انهن کي هر قسم جون تڪليفون ۽ اذيتون ڏيندا آهن، تنهن ڪري، قرآن مجيد پاڻ ڪريم ﷺ جن کي اها تلقين ڪري ٿو ته جڏهن اهو نظام نه چاهيندڙ، قرآن دشمن ماڻهو، اوهان کي تڪليفون ۽ اذيتون ڏين ته ان جي پرواهه نه ڪجو. بلڪه رب تي ڀروسو رکي ثابت قدميءَ سان پنهنجو پيغام جاري رکجو.
ان سلسلي ۾ ان پيغام جي مڃيندڙن کي پڻ تلقين ڪئي وڃي ٿي ته متان سرڪش ۽ سرمائيدار اوهان کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪن ته اسان کي دنيا ۽ دولت جهجي آهي. تنهن ڪري اسان ئي الله جا مقرب آهيون، جيڪڏهن اهو نظام چڱو هجي ها ته سڀ کان پهريان اسين ان کي مڃون ها. قرآن مومنن کي سمجهائي ٿو ته متان انهن جي اهڙين ڳالهين جي وڪڙ ۾ اچي، ان نظام تان هٿ کڻي وڃو، الله تبارڪ و تعاليٰ جي فضل جا حقدار اوهان ئي آهيو. اوهان جي رب اوهان کي پنهنجي نظام جي آبياريءَ جي لاءِ چونڊيو آهي. همت نه هاريو، پنهنجي رب تي ڀروسو ڪيو، اوهان لاءِ الله ڪافي آهي، قرآن فرمائي ٿو:
یٰۤاَیُّہَا النَّبِیُّ اِنَّاۤ اَرْسَلْنٰکَ شَاہِدًا وَّ مُبَشِّرًا وَّ نَذِیۡرًا ﴿ۙ۵۴﴾ وَّ دَاعِیًا اِلَی اللہِ بِاِذْنِہٖ وَ سِرَاجًا مُّنِیۡرًا ﴿۴۶﴾ وَ بَشِّرِ الْمُؤْمِنِیۡنَ بِاَنَّ لَہُمۡ مِّنَ اللہِ فَضْلًا کَبِیۡرًا ﴿۴۷﴾ وَلَا تُطِعِ الْکٰفِرِیۡنَ وَ الْمُنٰفِقِیۡنَ وَدَعْ اَذٰىہُمْ وَ تَوَکَّلْ عَلَی اللہِ ؕ وَکَفٰی بِاللہِ وَکِیۡلًا ﴿۴۸﴾ (الاحزاب45-48)
”اي نبي! اسان توکي حالتن کان واقف ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ٻڌائڻ وارو ۽ (بڇڙن نتيجن کان)ڊيڄارڻ وارو ۽ الله ڏي سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو ڪري موڪليو آهي. ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ٻڌاءِ ته انهن لاءِ الله جي طرفان وڏو فضل آهي ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ ۽ سندن ايذائن جو خيال نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر! ۽ الله ڪارساز ڪافي آهي.“
هن آيت سڳوريءَ ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي هڪ وصف شاهدي ڏيندڙ بيان ڪئي وئي آهي. ۽ شاهدي ڪن مفروضن ۽ ظن ۽ گمان تي نه ڏبي آهي. بلڪه شاهدي حقيقت تي مبني اکين ڏٺل يا ڪنن ٻڌل شيءِ جي ڏبي آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن جيڪو الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان دين آندو آهي. ان تي شاهد آهن، ته اهو دين الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان آهي ۽ ان جي هر ڳالهه سچي آهي. ۽ نجات جو مدار ان تي ئي آهي. ان جي پويان ”سراجاََ منيراََ“ آڻي اشارو ڪيو ويو ته جيئن سج جي اڀرڻ کان پوءِ ڪنهن ٻي روشنيءَ جي ضرورت نه هوندي آهي. ائين نبي اڪرم ﷺ جن جي اچڻ کان پوءِ ڪنهن ٻي نبيءَ جي ضرورت نه آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن قيامت تائين. ”سراجا منيراََ“ ۽ الاهي پيغام جا پرچارڪ آهن، قرآن فرمائي ٿو.
وَ اَنۡزَلْنَاۤ اِلَیۡکَ الذِّكْرَ لِتُبَیِّنَ لِلنَّاسِ مَا نُزِّلَ اِلَیۡہِمْ وَلَعَلَّہُمْ یَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۴۴﴾ (النحل:24)
۽ اسان توڏي قرآن نازل ڪيو هن لاءِ ته جو انهن ڏي نازل ڪيو ويو آهي سو کين کولي ٻڌائين ۽ من اهي فڪر ڪن.