مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

تعارف

ٻاجهارو الله عليم ۽ خبير آهي، هو قيامت تائين ايندڙ انسانن جون سڀ ضرورتون ۽ مسئلا ڄاڻي پيو. تنهن ڪري الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد ۾ انسانيت کي پيش ايندڙ سمورن مسئلن جي لاءِ افرادن ۽ ادارن جا ڪم ۽ ڪردار متعين ڪري ٻڌائي ڇڏيا آهن. قرآن مجيد جو اعلان آهي.
وَلَقَدْ صَرَّفْنَا لِلنَّاسِ فِیۡ هٰذَا الْقُرْاٰنِ مِنۡ كُلِّ مَثَلٍ ۫ فَاَبٰۤی اَكْثَرُ النَّاسِ اِلَّا كُفُوۡرًا ﴿۸۹﴾ (بني اسرائيل:89)
۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ هر طرح جا مثال ورائي ورائي ماڻهن لاءِ بيان ڪيا آهن (ته جيئن ماڻهو سمجهن) پوءِ به گهڻا ماڻهو انڪار ڪرڻ کان نه رهيا.
هاڻي صرف ضرورت هي رهندي ته وقت ۽ زماني جي حالتن مطابق افراد ۽ ادارا پنھنجي دائري ۽ ارتقا جي مطابق ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هجن.
هڪ ٻي جڳهه تي ان ساڳي مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
وَ لَقَدْ ضَرَبْنَا لِلنَّاسِ فِیۡ هٰذَا الْقُرْاٰنِ مِنۡ كُلِّ مَثَلٍ لَّعَلَّہُمْ یَتَذَکَّرُوۡنَ﴿ۚ۲۷﴾ (الزمر:27)
۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ته من اهي ڌيان ڪن.
ان جي وڌيڪ وضاحت ڪندي قرآن فرمائي ٿو ته:
وَ نَزَّلْنَا عَلَیۡکَ الْکِتٰبَ تِبْیَانًا لِّكُلِّ شَیۡءٍ وَّ هُدًی وَّ رَحْمَۃً وَّ بُشْرٰی لِلْمُسْلِمِیۡنَ ﴿٪۸۹﴾ (النحل:89)
۽ اسان توتي ڪتاب نازل ڪيو آهي. جيڪو سڀ ڪنهن شيءِ کي بيان ڪندڙ ۽ فرمانبردارن لاءِ رهنمائي ۽ رحمت ۽ خوشخبري آهي.
اسين جڏهن چئون ٿا ته قرآن انسانيت جا سمورا مسئلا کولي ۽ واضع ڪري بيان ڪري ٿو ته ڪي ڪوتاهه نظر انسان چون ٿا ته روز نوان نوان مسئلا ۽ نيون نيون شيون پيدا ٿين ٿيون. قرآن شريف جي نزول جي وقت ڪن شين جو تصور به نه هو، پر اڄ اهي نکري نروار ٿيون آهن، ان لاءِ عرض آهي ته انسانيت جي مٿان اڄ جيڪي سائنسي حقيقتون کلي رهيون آهن يا انسانيت کي جيڪي مسئلا پيش اچن ٿا، عليم ۽ خبير خدا انھن جا بنيادي اصول ان وقت ئي پنهنجي آخري ۽ ابدي ڪتاب قرآن مجيد ۾ بيان ڪري ڇڏيا هئا ۽ اڄ دنيا انهن قرآني حقيقتن مان ئي بهره ور ٿي رهي آهي. ڇو ته الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ڪائنات جي هر شيءِ جو علم رکي ڇڏيو آهي.
الله تبارڪ وتعاليٰ جو فرمان آهي:
وَمَا مِنْ غَآئِبَۃٍ فِی السَّمَآءِ وَ الْاَرْضِ اِلَّا فِیۡ کِتٰبٍ مُّبِیۡنٍ ﴿۷۵﴾ (النمل:75)
۽ آسمان ۽ زمين ۾ اهڙي ڪا به شيءِ لڪل نه آهي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه هجي.
ڇو ته قرآن مجيد ڪنهن انسان جو ڪلام نه آهي. بلڪه اهڙي عظيم هستيءَ جو ڪلام آهي. جيڪو ڪائنات جي هر رمز ۽ راز کي ڄاڻي ٿو، قرآن فرمائي ٿو :
قُلْ اَنۡزَلَہُ الَّذِیۡ یَعْلَمُ السِّرَّ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ ؕ اِنَّہٗ کَانَ غَفُوۡرًا رَّحِیۡمًا ﴿۶﴾ (الفرقان:6)
(اي پيغمبر ﷺ) کين چئو ته جو آسمانن ۽ زمين ۾ (لڪل) ڳجهه کي ڄاڻي ٿو تنهن ان کي نازل ڪيو آهي.