باطل قوتن جا پوئلڳ به ظالم آهن:
وَلَئِنِ اتَّبَعْتَ اَهۡوَآءَهُمۡ مِّنۡۢ بَعْدِ مَا جَآءَکَ مِنَ الْعِلْمِ ۙ
اِنَّکَ اِذًا لَّمِنَ الظّٰلِمِیۡنَ ﴿۱۴۵﴾ۘ (البقره:145)
۽ جيڪڏهن تون سندن خواهشن جي تابعداري ڪندين هن کان پوءِ به جو تو وٽ علم آيو ته بيشڪ تون ان وقت ظالمن مان ٿيندين.
قرآن کي ڇڏي غيرالله جي دستور مطابق فيصلا ڪرڻ ۽ غير الله جي دستور مطابق زندگي گهارڻ اهو انسانيت جو پنهنجو پاڻ سان وڏو ظلم ۽ ڌوکو آهي، ڇو ته الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن جي ذريعي انسانن کي انسانيت جي معراج تي پهچائڻ گهري ٿو، ۽ ان کي ٻنهي جهانن جي سعادتن مان بهره ور ڪرڻ گهري ٿو، اها انسان جي نالائقي ۽ بي سمجهي آهي جو هو قرآن کي ڇڏي. ٻين درن تي ڀٽڪندو وتي ٿو، قرآن انسان کي سمجهائي ٿو ته جڏهن اوهان وٽ الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان هڪ مڪمل ۽ ڪامل نظام اچي چڪو آهي ته پوءِ ان مطابق زندگي ڇو نٿا گهاريو؟ ۽ ان مطابق ئي پنهنجا فيصلا ڇو نٿا ڪريو؟ قرآن تي عمل ۽ ايمان جي تقاضا آهي ته قرآن کي ڇڏي ٻين کي فيصلو ڪندڙ قبول نه ڪريو، بلڪه پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا ان مطابق ئي ڪيو: ڇو ته الله کان وڌيڪ ٻيو ڪير به صحيح فيصلو ڪندڙ ٿي نه ٿو سگهي، قرآن فرمائي ٿو:
اَفَغَیۡرَ اللہِ اَبْتَغِیۡ حَکَمًا وَّهُوَ الَّذِیۡۤ اَنۡزَلَ اِلَیۡكُمُ الۡکِتٰبَ مُفَصَّلًا ؕ (الانعام:114)
ڇا پوءِ الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي فيصلو ڪندڙ بنايان؟ هوڏانهن هو اهو آهي جنهن اوهان ڏي ڪتاب کولي بيان ڪيل لاٿو: