نفساني خواهشن جي پيروي نه ڪيو:
یٰدَاوٗدُ اِنَّا جَعَلْنٰکَ خَلِیۡفَۃً فِی الْاَرْضِ فَاحْكُمۡ بَیۡنَ النَّاسِ بِالْحَقِّ وَلَا تَتَّبِعِ الْہَوٰی فَیُضِلَّکَ عَنۡ سَبِیۡلِ اللہِ ؕ اِنَّ الَّذِیۡنَ یَضِلُّوۡنَ عَنۡ سَبِیۡلِ اللہِ لَہُمْ عَذَابٌ شَدِیۡدٌۢ بِمَا نَسُوۡا یَوْمَ الْحِسَابِ ﴿٪۲۶﴾ (ص:26)
( دائود کي به چيو سون ته) ”اي دائود! بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مقرر ڪيو پوءِ تون ماڻهن ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ نفساني خواهش جي پٺيان نه هل نه ته (خواهش) توکي الله جي رستي کان گمراهه ڪندي. بيشڪ جيڪي الله جي رستي کان گمراهه ٿين ٿا، تن لاءِ سخت عذاب آهي. هن ڪري ته انهن حساب جي ڏينهن کي وساريو آهي.“
هن قرآني آيت جي لفظن تي غور ڪيو! حق ۽ انصاف واري واٽ کي ڇڏي خدائي خلق تي پنهنجا من پسند فيصلا مڙهڻ ۽ نفساني خواهشن جي پيروي ڪرڻ تي ڪيڏو وڏو وعيد ذڪر ڪيو وڃي ٿو. هي خطاب ڪنهن عام انسان کي نه آهي. بلڪه حضرت دائود ؑ کي آهي جيڪو الله جو پيغمبر ۽ ڌرتيءَ تي الله جو نائب ۽ خليفو آهي. جنهن ڏانهن نفساني خواهشن جي پيروي ڪرڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته هڪ پيغمبر جو هر وقت پنهنجي رب سان تعلق هوندو آهي. هو ڪنهن به موقعي تي خدائي احڪامن کي وساري نٿو سگهي.
هتي حضرت دائود ؑ کي خطاب ڪري صاحب اقتدار ماڻهن کي متنبھ ڪيو ويو آهي ته الله تعاليٰ جو عيال ڪو نڌڻڪو ۽ لاوارث نه آهي. جو اوهين انهن تي پنهنجا من پسند فيصلا مڙهيندا وتو ۽ خدا جي خلق کي آزاريندا وتو، ڇا اوهين ان ڏينهن کي وساري ويٺا آهيون جنهن ڏينهن پائي پائيءَ جو حساب ورتو ويندو.
خدا کي پنهنجي خلقيل مخلوق ايڏي پياري آهي جو رب انهن جي مٿان ظلم جو نظام برداشت نٿو ڪري سگهي. حجة الاسلام حضرت امام شاهه ولي الله رحه لکيو آهي ته نبين جي بعثت جو سڀ کان وڏو مقصد ظلم جي نظام جو خاتمو هو. ڇو ته ظلم هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن سان انسانن جو سڄو معاشرو بگڙجي ويندوآهي ۽ انسانيت جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو قرآن مجيد باطل نظام ۽ فتني ۽ فساد کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جنگ ۽ لڙائي جو حڪم ڏئي ٿو:
وَقٰتِلُوۡهُمْ حَتّٰی لَا تَكُوۡنَ فِتْنَۃٌ وَّیَكُوۡنَ الدِّیۡنُ لِلّٰه ؕ (البقره:193)
۽ انهن سان ايستائين جنگ ڪريو جو فتنو نه رهي ۽ الله جو ئي حڪم رهي.