قرآن مجيد کان منهن موڙڻ جو نتيجو:
اس کے قربان، جس نے، ان پڑہ وحشیوں کو کردیا
رشک بقراط و فلاطون، غیرت صد جبرئيل!
قرآن سچ پچ انسان جي زندگيءَ ۾ نئون انقلاب برپا ڪري ڇڏي ٿو، انسان جهالت، گمراهي، بد عقيدي ۽ انڌيرائپ مان نڪري هدايت ۽ روشنيءَ ڏانهن گامزن ٿئي ٿو، جنهن سان هو رب جون رحمتون پسي ٿو ۽ هو اهڙو ڀلارو ٿي وڃي ٿو جو قرآن ان تي فخر ڪرڻ لڳي ٿو:
اَوَ مَنۡ کَانَ مَیۡتًا فَاَحْیَیۡنٰہُ وَ جَعَلْنَا لَہٗ نُوۡرًا یَّمْشِیۡ بِہٖ فِی النَّاسِ کَمَنۡ مَّثَلُہٗ فِی الظُّلُمٰتِ لَیۡسَ بِخَارِجٍ مِّنْہَا ؕ (الا نعام: 122)
”ڀلا جيڪو مئل هو پوءِ اسان ان کي جيئرو ڪيو ۽ ان لاءِ روشني پيدا ڪئي سون جنهن سان هو ماڻهن ۾ هلي ٿو سو ان جهڙو آهي ڇا؟ جنهن جو حال هي آهي جو هو اونداهين ۾ (پيو) آهي. انهن مان نڪرڻ وارو نه آهي“
قرآن تي عمل جي ڪري پهرين دور جا مسلمان پوري دنيا جي قيادت ڪرڻ لڳا، هو پاڻ سڳورن جا سنوان سڌا شاگرد هئا، قرآن جا مقصد ۽ حقيقتون سمجهن پيا ۽ انهن تي عمل پيرا ٿين پيا، نتيجي ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ انهن کي دنيا ۾ سرخرو ڪيو ۽ ڪاميابيون عطا ڪيون. پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
ان اللہ یرفع بہٰذا الکتاب اقواماََ ویضع بھ آخرین (روام مسلم)
”بيشڪ الله تعاليٰ هن ڪتاب (قرآن مجيد) جي ذريعي هڪڙن (عمل ڪندڙن) جا درجا بلند ڪندو آهي ۽ هڪڙن (عمل نه ڪندڙن) کي قرآن جي (مخالفت جي ڪري) ذليل ۽ خوار ڪندو آهي.
اڄ ڪالهه مسلمانن قرآن مجيد جي اصل تعليم کي ڇڏي ڏنو آهي، نتيجي ۾ پوري دنيا ۾ مسلمان ذلت واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڇو ته قرآن ئي اهو واحد ڪتاب آهي جيڪو انسان کي ذلتن مان ڪڍي بلندين تائين پهچائي ٿو. مسلمانن جي اهڙي ابتر حالت تي امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي لکي ٿو:
”قرآن کي ڇڏڻ ۽ ان کي صحيح طريقي سان نه پڙهڻ جي ڪري، اسين قرآن جي صحيح تعليم کان محروم ٿي ويا آهيون ۽ جيڪو ڪجهه اسان جي سامهون آهي اهو ان جو ئي نتيجو آهي، قرآن سکڻ جا جيڪي طريقا خود قرآن ۾ لکيل آهن، انهن کي ڇڏي ڏيڻ جي ڪري اسان اعليٰ درجي جي تعليم کان محروم ٿي ويا آهيون، جڏهن کان اسين قرآن کان پري ٿيا آهيون، تڏهن کان زوال ۽ پستيءَ ڏانهن ڪاهيندا پيا وڃون، قانون آهي ته جهڙي قوم هوندي آهي ان جا اخلاق به اهڙائي هوندا آهن، جيڪڏهن ڪا قوم زنده هوندي آهي ته ان جي فردن ۾ جرئت، همٿ، ثابت قدمي، استقامت ترقيءَ جي آرزو، قرباني ۽ ٻيا اهڙي قسم جا عمدا اخلاق هوندا آهن، ۽ جيڪڏهن قوم مرده هوندي آهي ته ان جا فرد بي همٿ، سست، ڊڄڻا، هٿ تي هٿ رکي ويهي رهڻ وارا هوندا آهن، پوئتي پيل قومن تي قومي زوال جو اهڙو برو اثر پوندو آهي جو انهن وٽ اعليٰ ۽ اتم لفظن جو مفهوم به بگڙجي خراب ٿي ويندو آهي.
(قرآن ڪيئن پڙهجي)
قرآن کي پٺي ڏيڻ جي ڪري دنيا جي مار، موچڙا ۽ ذلت ته آهي ئي آهي. پر قيامت جي ڏينهن پڻ اهڙا ماڻهو خدا جي پڪڙ کان بچي نه سگهندا، جڏهن محبوب خدا، خدائي درٻار ۾ دانهيندو:
وَ قَالَ الرَّسُوۡلُ یٰرَبِّ اِنَّ قَوْمِی اتَّخَذُوۡا ھٰذَا الْقُرْاٰنَ مَہۡجُوۡرًا ﴿۳۰﴾ (الفرقان: 30)
۽ رسول چوندو اي منهنجا رب! منهنجي قوم هن قرآن کي ڇڏي ڏنو.
قرآن کي ڇڏي ڏيڻ جو مطلب آهي ان تي صحيح ۽ پڪو ايمان نه آڻڻ، ان جي حڪمن کي سچو نه سمجهڻ، ان تي غور فڪر نه ڪرڻ ۽ ان جي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ، ۽ ان جي روڪيل ڪمن کان نه رڪجڻ، اهڙي طرح ان کي ڇڏي ڪنهن ٻئي ڪتاب کي ترجيح ۽ اهميت ڏيڻ به ان کي ڇڏي ڏيڻ آهي.
اڄ اسين مسلمان سوچيون ته اسين قرآن کي ڪيتري اهميت ڏئي رهيا آهيون، قرآن جي حڪمن تي ڪيترو عمل ڪيون ٿا ۽ ڪيترو انهن کي وزن ڏيون ٿا. صحابه ڪرام ته جنهن وقت به جهڙو به حڪم ايندو هو ته پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي ان تي عمل پيرا ٿي ويندا هئا ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي چون چرا نه ڪندا هئا، دنيا ۽ آخرت جي سعادت ماڻڻ جي لاءِ اسان کي پڻ اهو ئي رستو اختيار ڪرڻو پوندو.