تعليم الڪتاب:
قرآن جو اعلان آهي:
وَمَا کَانَ رَبُّکَ مُہۡلِکَ الْقُرٰی حَتّٰی یَبْعَثَ فِیۡۤ اُمِّہَا رَسُوۡلًا یَّتْلُوۡ عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِنَا ۚ (القصص:59)
” ۽ تنهنجو پاليندڙ ڳوٺن کي (تيسين) برباد ڪرڻ وارو نه آهي
جيسين انهن مان وڏي ڳوٺ ۾ ڪو رسول نه موڪلي جو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي.
اهو ئي سبب آهي جو پاڻ سڳورن کان پهريان جڏهن دنيا تباهيءَ جي ڪناري تي پهتي هئي ته الله تبارڪ و تعاليٰ انسانيت کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي آخري پيغمبر ۽ معلم ڪائنات حضرت محمد * جن کي موڪليو ته جيئن هو ماڻهن کي خدائي پيغام کان آگاهه ڪري. قرآن فرمائي ٿو:
وَ اَنۡزَلْنَاۤ اِلَیۡکَ الذِّكْرَ لِتُبَیِّنَ لِلنَّاسِ مَا نُزِّلَ اِلَیۡہِمْ (النحل: 44)
”۽ اسان توڏي قرآن نازل ڪيو هن لاءِ ته جو انهن ڏي نازل ڪيو ويو آهي سو کين کولي ٻڌائين.“
پاڻ سڳورن خدا جي ان پيغام کي خدا جي خلق تائين پهچائڻ جي لاءِ دعوت ۽ تبليغ سان گڏ تعليم ۽ تعلم جو ڪم پڻ شروع ڪيو ته جيئن ماڻهو قيامت تائين اهو دين ۽ قرآن سکندا رهن، ڇو ته پاڻ سڳورا خدا جي ڪتاب ۽ ڪلام جا معلم ۽ شارح آهن.
ڪتاب الله، جي تعليم پاڻ سڳورن جي منصبي ذميوارين ۾ شامل هئي، ۽ هر رسول خدائي احڪامن جو معلم ۽ شارح هوندو آهي، پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
مابعث نبی اللہ الامحلاََ ومحرما (رواه مسلم)
الله تعاليٰ هر نبيءَ کي حلال ۽ حرام ڪندڙ ڪري موڪليو آهي.
پاڻ سڳورا به الله تبارڪ و تعاليٰ جي آخري ڪتاب قرآن مجيد جا معلم ۽ شارح آهن، قرآن فرمائي ٿو:
اَلَّذِیۡنَ یَتَّبِعُوۡنَ الرَّسُوۡلَ النَّبِیَّ الۡاُمِّیَّ الَّذِیۡ یَجِدُوۡنَہٗ مَكْتُوۡبًا عِنۡدَہُمْ فِی التَّوْرٰىۃِ وَالۡاِنْجِیۡلِ۫ یَاۡمُرُھُمۡ بِالْمَعْرُوۡفِ وَیَنْھٰہُمْ عَنِ الْمُنۡکَرِ وَیُحِلُّ لَہُمُ الطَّیِّبٰتِ وَیُحَرِّمُ عَلَیۡہِمُ الْخَبٰٓئِثَ وَیَضَعُ عَنْہُمْ اِصْرَھُمْ وَالۡاَغْلٰلَ الَّتِیۡ کَانَتْ عَلَیۡہِمْؕ فَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا بِہٖ وَعَزَّرُوۡہُ وَنَصَرُوۡہُ وَاتَّبَعُوا النُّوۡرَ الَّذِیۡۤ اُنۡزِلَ مَعَہٗۤ ۙ اُولٰٓئِکَ ھُمُ الْمُفْلِحُوۡنَ ﴿۱۵۷﴾٪ (الاعراف:157)
”جيڪي ان نبي امي رسول جي پيروي ڪن ٿا جنهن (جي وصفن) کي پاڻ وٽ تورات ۽ انجيل ۾ لکيل ڏسن ٿا جو انهن کي چڱي ڪم جو حڪم ڪري ٿو، ۽ بڇڙي ڪم کان روڪي ٿو ۽ انهن لاءِ پاڪ شيون حلال ڪري ٿو ۽ ناپاڪ شيون مٿن حرام ڪري ٿو ۽ سندن بار ۽ جيڪي طوق مٿن هئا سي انهن تان لاهي ٿو، پوءِ جن ان تي ايمان آندو ۽ ان جي عزت ڪئي ۽ ان جي مدد ڪئي ۽ ان نور (قرآن) جا تابع ٿيا جو ان سان لاٿو ويو آهي. سي ئي ڪامياب آهن.“
اهو ئي سبب آهي جو قرآن مجيد پاڻ سڳورن جي هر حڪم جي اطاعت جو حڪم ڏئي ٿو.
قرآن فرمائي ٿو:
وَمَاۤ اٰتٰىكُمُ الرَّسُوۡلُ فَخُذُوۡہُ ٭ وَمَا نَہٰىكُمْ عَنْہُ فَانۡتَہُوۡاۚ (الحشر:7)
”۽ (اي مسلمانو!) جو ڪجهه اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو“.
هي حقيقت آهي ته قرآن مجيد صرف اصول ۽ قاعدا ۽ قانون ٻڌائي ٿو، انهن جي تشريح ۽ وضاحت نٿو ٻڌائي، قرآن مجيد ۾ اڪثر احڪام اجمالي طور تي بيان ڪيا ويا آهن. مثال طور تي نماز جي لاءِ صرف ايترو چيو ويو آهي ته . ”اقيموا الصلواۃ“ (نماز قائم ڪريو) اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته نماز جو عملي طريقو ڪهڙو آهي، ان جا وقت ڪهڙا آهن؟ ان جون رڪعتون ۽ تعداد گهڻو آهي، اهو سڀ ڪجهه اسان کي پاڻ سڳورن جي سنت مان ملي ٿو، ۽ پاڻ سڳورن جي سنت قرآن جو شرح ۽ تفسير آهي.