مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

ايمان بالغيب:

دين جو هڪ وڏو ۽ اهم حصو اهو آهي جيڪو انساني حواس ۽ انساني عقل جي حدن کان ٻاهر آهي. دين جون اهي ڪيتريون ئي حقيقتون آهن جن جو ادراڪ ظاهري حواسن سان ڪري نٿو سگهجي، اهي شيون نه ڏسي سگهجن ٿيون نه ڇوهي سگهجن ٿيون، نه سنگهي سگهجن ٿيون ۽ نه چکي سگهجن ٿيون ۽ نه انهن ۾ عقل هلي سگهي ٿو. ڇو ته عقل جو ڪم صرف اهو آهي ته هو محسوسات، معلومات ۽ تجربات جي ذريعي غيرمحسوس ۽ غيرمعلوم شين جو علم حاصل ڪري جن شين جو علم حواس ۽ تجربات جي ذريعي ممڪن نه هجي، انهن جا مبادي ۽ اصول حاصل نه هجن ۽ جتي قياس جو بنياد ئي نه هجي اتي عقل ڪهڙو ڪم ڏئي سگهي ٿو.
الله تعاليٰ جون صفتون وحي، فرشتا، آخرت، جنت ۽ دوزخ اهي سڀ اهي شيون آهن جيڪي عقل جي خلاف ته نه آهن پر ماوراءِ عقل ضرور آهن اهي سڀ غيب ۾ شامل آهن، جنهن لاءِ نبين تي اعتماد ڪرڻ ۽ جيڪي ڪجهه اهي ٻڌائين ان کي قبول ڪرڻ ايمان بالغيب آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي يقين ۽ اعتقاد جي لاءِ ماديات ۽ محسوسات جا پابند آهن ۽ جيڪا شيءِ انهن جي عقل ۽ قياس ۾ نه اچي ان جو انڪار ڪري ڇڏيندا آهن اهي حقيقت ۾ دين جي مقصد کان ناواقف آهن.
انهن لاءِ دين جي سرحد ۾ داخل ٿيڻ ئي مشڪل آهي اهي قرآن مان فائدو حاصل ڪري نٿا سگهن ۽ انهن لاءِ قرآن مجيد ۾ قدم قدم تي مشڪلاتون آهن، باقي جيڪي ماڻهو حواس پرست نه آهن ۽ ممڪنات جي دائري کي وسيع سمجهندڙ آهن، ممڪنات کي موجوادت ۽ محسوسات ۾ محصور نٿا سمجهن ۽ دين جي حقيقت کان واقف آهن انهن لاءِ صحيح ۽ قطعي علم جو سرچشمو صرف وحي الاهي آهي ۽ انهن کي انبياء جي تعليم ۽ اطلاع تي ڪلي اعتماد آهي ته انهن لاءِ ڪابه ڏکيائي، ڏکي نه آهي، دين انهن لاءِ هڪ سچي حقيقت ۽ قرآن انهن لاءِ سراپا هدايت آهي.
ذٰلِکَ الْکِتٰبُ لَا رَیۡبَ ۚۖۛ فِیۡہِ ۚۛ ہُدًی لِّلْمُتَّقِیۡنَ ۙ﴿۲﴾ الَّذِیۡنَ یُؤْمِنُوۡنَ بِالْغَیۡبِ (البقره : 2-3)
(هيءَ) رهنمائي آهي پرهيزگارن لاءِ جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻين ٿا.
فَاَمَّا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا فَیَعْلَمُوۡنَ اَنَّہُ الْحَقُّ مِنۡ رَّبِّہِمْ ۚ وَاَمَّا الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا فَیَقُوۡلُوۡنَ مَاذَاۤ اَرَادَ اللہُ بِہٰذَا مَثَلًا ۘ یُضِلُّ بِہٖ کَثِیۡرًا ۙ وَّیَہۡدِیۡ بِہٖ کَثِیۡرًا ؕ وَمَا یُضِلُّ بِہٖۤ اِلَّا الْفٰسِقِیۡنَ ﴿ۙ۲۶﴾
(البقره: 26 )
پوءِ جن ايمان آندو سي ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اهو (مثال) سچ آهي جو سندن پاليندڙ وٽان (آيل) آهي ۽ جن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته الله هن مثال سان ڇا ارادو ڪيو آهي؟ ان سان گهڻن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ ان سان گهڻن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو ۽ ان سان بدڪارن کان سواءِ ٻي ڪنهن کي گمراهه نٿو ڪري.
اهي ماڻهو جن تي ماديت ۽ حسيت جو غلبو هوندو آهي ۽ اهي ايمان بالغيب کان بغير دين جي ماوراءِ عقل حقيقتن تان پردو کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن جي ڪوشش ان ماڻهوءَ جيان آهي جيڪو بغير ڏاڪڻ جي مٿي چڙهڻ گهري يا بغير پرن ۽ ٻانهن جي اڏڻ گهري، اهو جيترو مٿي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ان جي ماديت ۽ ان جو ثقل ان کي اوترو هيٺ ڪيرائيندو آهي. ان جو حال ائين هوندو آهي جيئن قرآن مجيد پنهنجي فصاحت ۽ بلاغت سان بيان ڪيو آهي.
فَمَنَ یُّرِدِ اللہُ اَنۡ یَّہۡدِیَہٗ یَشْرَحْ صَدْرَہٗ لِلۡاِسْلَامِ ۚ وَمَنۡ یُّرِدْ اَنۡ یُّضِلَّہٗ یَجْعَلْ صَدْرَہٗ ضَیِّقًا حَرَجًا کَاَنَّمَا یَصَّعَّدُ فِی السَّمَآءِ ؕ کَذٰلِکَ یَجْعَلُ اللہُ الرِّجْسَ عَلَی الَّذِیۡنَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ ﴿۱۲۵﴾
(الانعام آيت 125)
”پوءِ جنهن کي رستو ڏيکارڻ گهري ٿو تنهن جي سيني کي اسلام لاءِ ڪشادو ڪري ٿو. ۽ جنهن کي گمراهه ڪرڻ گهري ٿو تنهن جي سيني کي بلڪل تنگ ڪري ٿو، ڄڻ ته هو آسمان ٿي چڙهي جو (مشڪل) ڪم پيو ڪري. اهڙيءَ طرح الله انهن (ماڻهن) تي پليتي وجهي ٿو جيڪي ايمان نه ٿا آڻي.“