غور ۽ فڪر سان پڙهڻ:
کِتٰبٌ اَنۡزَلْنٰہُ اِلَیۡکَ مُبٰرَكٌ لِّیَدَّبَّرُوۡۤا اٰیٰتِہٖ وَ لِیَتَذَکَّرَ اُولُوا الْاَلْبَابِ ﴿۲۹﴾ (ص:29)
” هڪ برڪت وارو ڪتاب آهي. جنهن کي اسان توڏي نازل ڪيو ته ان جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن.“
جيڪي ماڻهو غور ۽ فڪر ۽ دل جي سمجهه ۽ بصيرت سان قرآن مجيد جي تلاوت ڪندا، انهن جي مٿان ڪائنات ۾ رکيل الاهي اسرار ظاهر ٿيندا، ۽ هو ايمان آڻڻ تي مجبور ٿيندا، قرآن فرمائي ٿو:
حٰمٓ ۚ﴿۱﴾ تَنۡزِیۡلُ الْکِتٰبِ مِنَ اللہِ الْعَزِیۡزِ الْحَکِیۡمِ ﴿۲﴾ اِنَّ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ لَاٰیٰتٍ لِّلْمُؤْمِنِیۡنَ ؕ﴿۳﴾ وَفِیۡ خَلْقِكُمْ وَمَا یَبُثُّ مِنۡ دَآبَّۃٍ اٰیٰتٌ لِّقَوْمٍ یُّوۡقِنُوۡنَ ۙ﴿۴﴾ وَاخْتِلَافِ الَّیۡلِ وَ النَّہَارِ وَمَاۤ اَنۡزَلَ اللہُ مِنَ السَّمَآءِ مِنۡ رِّزْقٍ فَاَحْیَا بِہِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِہَا وَ تَصْرِیۡفِ الرِّیٰحِ اٰیٰتٌ لِّقَوْمٍ یَّعْقِلُوۡنَ ﴿۵﴾ تِلْکَ اٰیٰتُ اللہِ نَتْلُوۡہَا عَلَیۡکَ بِالْحَقِّ ۚ فَبِاَیِّ حَدِیۡثٍۭ بَعْدَ اللہِ وَ اٰیٰتِہٖ یُؤْمِنُوۡنَ ﴿۶﴾ (الجاثيھ:1-6)
”حٰم، ڪتاب جو نازل ڪرڻ الله زبردست (۽) حڪمت واري جي طرفان آهي. بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ نشانيون آهن. ۽ اوهان جي ۽ جيڪي جانور پکيڙي ٿو تن جي پيدا ڪرڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن، جيڪي يقين ڪن ٿا. ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ جو رزق الله آسمان مان لاٿو، پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياريائين، تنهن ۾ ۽ هوائن جي ڦير ڦار ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن، جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا. (اي پيغمبر!) اهي الله جون آيتون آهن، جيڪي توکي صحيح نموني پڙهي ٻڌايون ٿا، پوءِ الله ۽ سندس آيتن کي ڇڏي ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟“
قرآن جبري ايمان جوقائل نه آهي، بلڪه هو اهڙي ايمان جو قائل آهي جيڪو دل جي بصيرت ۽ پنهنجي سوچ ويچار ۽ پنهنجي اختيار سان آندل هجي. تنهن ڪري قرآن مجيد مئومنن جي هڪ صفت اها ٻڌائي آهي ته اهي الله تبارڪ و تعاليٰ جي آيتن تي بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نٿا ڪرن، بلڪه هو انهي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪن ٿا ۽ پنهنجي بصيرت ۽ سمجھه سان انهن کي صحيح نموني سمجهن ٿا، ۽ سمجهڻ کان پوءِ ان تي عمل ڪن ٿا.
قرآن فرمائي ٿو:
وَالَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِّرُوۡا بِاٰیٰتِ رَبِّہِمْ لَمْ یَخِرُّوۡا عَلَیۡہَا صُمًّا وَّ عُمْیَانًا ﴿۷۳﴾ (الفرقان: 73)
”۽ اهي جن کي جڏهن سندن پاليندڙ جي آيتن سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته انهن تي ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نٿا ڪرن.“
ڇو ته الله تبارڪ و تعاليٰ انسان کي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت سان نوازي ان کي ڀلائيءَ ۽ برائيءَ مان ڪنهن هڪ واٽ جي چونڊ جو اختيار ڏنو آهي. جيڪي ماڻهو، سوچڻ ۽ سمجهڻ جي اها صلاحيت استعمال نٿا ڪن. قرآن مجيد اهڙن ماڻهن کي جانورن سان تشبيهه ڏئي ٿو:
وَلَقَدْ ذَرَاۡنَا لِجَہَنَّمَ کَثِیۡرًا مِّنَ الْجِنِّ وَالۡاِنۡسِ ۫ۖ لَہُمْ قُلُوۡبٌ لَّا یَفْقَہُوۡنَ بِہَا ۫ وَلَہُمْ اَعْیُنٌ لَّا یُبْصِرُوۡنَ بِہَا ۫ وَلَہُمْ اٰذَانٌ لَّا یَسْمَعُوۡنَ بِہَا ؕ اُولٰٓئِکَ کَالۡاَنْعَامِ بَلْ ھُمْ اَضَلُّ ؕ اُولٰٓئِکَ ھُمُ الْغٰفِلُوۡنَ ﴿۱۷۹﴾ (الاعراف:179)
”۽ بيشڪ اسان جهنم لاءِ گهڻائي جن ۽ انسان پيدا ڪيا آهن، انهن کي اهڙيون دليون آهن جن سان (حق کي) نه ٿا سمجهن ۽ انهن کي اهڙيون اکيون آهن جن سان (حق کي) نٿا ڏسن. ۽ انهن کي اهڙا ڪن آهن جن سان (حق کي) نه ٿا ٻڌن، اهي ڍورن وانگر آهن بلڪه اهي (انهن کان به) وڌيڪ (ڪريل ۽) گمراهه آهن، اهي ئي بي خبر آهن.“
قرآن بار بار خدائي آيتن تي غور ۽ فڪر جي دعوت ڏئي ٿو، ۽ اهي ماڻهو جيڪي قرآن پڙهڻ ۽ اسلام جي دعويٰ رکڻ جي باوجود پنهنجي اڳين روش نٿا ڇڏن بلڪه قرآن جي ڳالهه يا حڪم ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏين ٿا، ۽ ان تي عمل نٿا ڪن، قرآن اهڙن ماڻهن کي لعنتي قرار ڏئي ٿو،
اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ لَعَنَہُمُ اللہُ فَاَصَمَّہُمْ وَ اَعْمٰۤی اَبْصَارَھُمْ ﴿۲۳﴾ اَفَلَا یَتَدَبَّرُوۡنَ الْقُرْاٰنَ اَمْ عَلٰی قُلُوۡبٍ اَقْفَالُہَا ﴿۲۴﴾ (محمد:23-24)
”اهي ئي آهن جن تي الله لعنت ڪئي آهي پوءِ ان کين ٻوڙو ڪيو ۽ سندن اکين کي انڌو ڪيو، ڇا پوءِ اهي قرآن ۾ ڌيان نٿا ڪن يا ته (سندن) دلين تي (خودغرضين) جا تالا لڳل آهن.“