مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

حڪمت ڀريو ڪتاب:

الله تبارڪ و تعاليٰ جي هزارين صفتن مان هڪ صفت حڪيم به آهي، ان صفت تحت هو نه پيو چاهي ته ماڻهن ڏانهن اهڙو ڪتاب موڪلجي جنهن کي اهي مجبوراً طوعاً وکرهاً مڃين ۽ ان جون مصلحتون ۽ حڪمتون سمجهڻ کان سواءِ ان تي عمل پيرا ٿين. اهو الله تعاليٰ جي حڪمت جي خلاف هو. تنهن ڪري الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙو ڪتاب موڪليو، جيڪو حڪمت ۽ دانائيءَ جو سرچشمو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
وَ اِنَّہٗ فِیۡۤ اُمِّ الْکِتٰبِ لَدَیۡنَا لَعَلِیٌّ حَکِیۡمٌ ؕ﴿۴﴾ (الزحزف:4)
”۽ بيشڪ اهو (ڪتاب) لوح محفوظ ۾ اسان وٽ (لکيل) آهي (۽) وڏي مرتبي وارو(۽) حڪمت وارو آهي.
۽ اهو حڪيم ۽ عليم پالڻهار جي طرفان نازل ٿيل آهي.
وَ اِنَّکَ لَتُلَقَّی الْقُرْاٰنَ مِنۡ لَّدُنْ حَکِیۡمٍ عَلِیۡمٍ ﴿۶﴾ (النحل: 6)
۽ بيشڪ توکي حڪمت واري ڄاڻندڙ وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو.
هڪ ٻئي جڳهه تي ان ساڳي مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:
تَنْزِیۡلُ الْکِتٰبِ مِنَ اللہِ الْعَزِیۡزِ الْحَکِیۡمِ﴿۱﴾ (الزمر:1)
”(هن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ زبردست ۽ حڪمت واري الله جي طرفان آهي.“
پنهنجين حجتن، دليلن ۽ برهانن ۾ ايڏو واضح ۽ چٽو ۽ غالب آهي جو باطل جا مفروضا ان جي حقيقتن جي آڏو بيهي نه سگهندا، جڏهن رب العالمين جي نظام ۾ ڪنهن قسم جو نقص ٿي نٿو سگهي ته ان جي ڪلام ۾ ڪيئن نقص هوندو، قرآن جي حقانيت بابت رب العالمين فرمائي ٿو:
وَ اِنَّہٗ لَکِتٰبٌ عَزِیۡزٌ ﴿ۙ۴۱﴾ لَّا یَاۡتِیۡہِ الْبَاطِلُ مِنۡۢ بَیۡنِ یَدَیۡہِ وَ لَا مِنْ خَلْفِہٖؕ تَنۡزِیۡلٌ مِّنْ حَکِیۡمٍ حَمِیۡدٍ ﴿۴۲﴾ (حٰم سجده: 41-42)
”۽ هيءُ هڪ عظيم الشان ڪتاب آهي، نه ان جي اڳيان ۽ نه ان جي پويان ڪوڙ جي رسائي آهي، حڪمتن واري سڀني خوبين سان ساراهيل(الله) جو لاٿل آهي.