انسانن جي عام نفسيات:
کَانَ النَّاسُ اُمَّۃً وَّاحِدَۃً ۟ فَبَعَثَ اللہُ النَّبِیّٖنَ مُبَشِّرِیۡنَ وَمُنۡذِرِیۡنَ ۪ وَ اَنۡزَلَ مَعَہُمُ الْکِتٰبَ بِالْحَقِّ لِیَحْكُمَ بَیۡنَ النَّاسِ فِیۡمَا اخْتَلَفُوۡا فِیۡہِ ؕ (البقره: 213)
(سڀ) ماڻهو هڪ جماعت هئا. پوءِ الله نبين کي خوش خبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ انهن سان سچو ڪتاب لاٿائين ته جيئن (اهو ڪتاب)ماڻهن ۾ جنهن ڳالهه بابت انهن جهڳڙو ڪيو فيصلو ڪري.
الله تبارڪ و تعاليٰ انسان ۾ خير ۽ شر ٻئي پهلو رکيا آهن. هو مطيع ۽ فرمانبردار به آهي ته سرڪش ۽ نافرمان به. هو جي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ تي اچي ته پاڻ جهڙن انسانن ۽ ڪرڙ ۽ ڪنڊي جي آڏو سسي نوائڻ لاءِ تيار بيٺو هجي، پر جيڪڏهن هو سرڪشي ۽ نافرمانيءَ تي لهي پوي ته پنهنجي پالڻهار ۽ مهربان مولا جو به انڪار ڪري ڇڏي. هٺيلو ۽ نافرمان انسان دنيا ۾ فساد ڦھلائيندو رهيو ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ ان فساد کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هر دور ۾ حق ۽ انصاف تي مشتمل پنهنجا احڪام موڪليندو رهيو ته جيئن دنيا مان فتنو ۽ فساد ختم ٿئي ۽ عدل ۽ انصاف وارو معاشرو قائم ٿئي. الله تبارڪ و تعاليٰ جو فرمان آهي.
لَقَدْ اَرْسَلْنَا رُسُلَنَا بِالْبَیِّنٰتِ وَ اَنۡزَلْنَا مَعَہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْمِیۡزَانَ لِیَقُوۡمَ النَّاسُ بِالْقِسْطِ ۚ وَاَنۡزَلْنَا الْحَدِیۡدَ فِیۡہِ بَاۡسٌ شَدِیۡدٌ وَّ مَنَافِعُ لِلنَّاسِ وَ لِیَعْلَمَ اللہُ مَنۡ یَّنۡصُرُہٗ وَ رُسُلَہٗ بِالْغَیۡبِؕ اِنَّ اللہَ قَوِیٌّ عَزِیۡزٌ ﴿٪۲۵﴾ (الحديد:25)
بيشڪ الله پنهنجي رسولن کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ ترازي (نيڪي ۽ بديءَ جا ماپا) نازل ڪيا ته ماڻهو انصاف سان سڌا رهن. ۽ اسان لوهه لاٿو ان ۾ سخت طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ (بيشمار) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته الله ڄاڻي ته ڪير سندس ۽ سندس رسولن جي پر پٺ مدد ڪري ٿو بيشڪ الله طاقت ور زبردست آهي.