مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

ڪاميابي ۽ نجات جو مدار:

اسلام ۾ تزڪيي ۽ اصلاح جي ايڏي وڏي اهميت آهي جو آخرت جي ڪاميابي ۽ نجات جو سڄو مدار ان تي ئي رکيل آهي، قرآن واضح طور تي چوي ٿو:
قَدْ اَفْلَحَ مَنۡ زَکّٰىہَا ۪ۙ﴿۹﴾ وَ قَدْ خَابَ مَنۡ دَسّٰىہَا ﴿ؕ۱۰﴾ (الشمس:9-10)
بيشڪ اهو مراد کي پهچي ويو جنهن نفس کي پاڪ ڪيو ۽ بي شڪ اهو بي مراد ٿيو جنهن ان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.
هڪ ٻي جڳهه تي ان ساڳي مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
قَدْ اَفْلَحَ مَنۡ تَزَکّٰی ﴿ۙ۱۴﴾ وَ ذَکَرَ اسْمَ رَبِّہٖ فَصَلّٰی ﴿ؕ۱۵﴾ (الاعليٰ: 14-15)
بيشڪ اهو مراد کي پهتو جيڪو پاڪ ٿيو ۽ پنهنجي پاليندڙ جو نالو ياد ڪيائين پوءِ نماز پڙهيائين.
اهڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي نفس جو تزڪيو ڪري ٿو، ان لاءِ ابدي جنت آهي. قرآن فرمائي ٿو:
وَ مَنْ یَّاۡتِہٖ مُؤْمِنًا قَدْ عَمِلَ الصّٰلِحٰتِ فَاُولٰٓئِکَ لَہُمُ الدَّرَجٰتُ الْعُلٰی ﴿ۙ۷۵﴾ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَجْرِیۡ مِنۡ تَحْتِہَا الْاَنْہٰرُ خٰلِدِیۡنَ فِیۡہَا ؕ وَ ذٰلِکَ جَزٰٓؤُا مَنۡ تَزَکّٰی ﴿٪۷۶﴾ (طٰھ: 75-76)
۽ جيڪي ان وٽ ايمان وارا ٿي ايندا ۽ چڱا ڪم ڪيا هوندائون، تن لاءِ بلند درجا آهن. يعني رهڻ جا باغ آهن، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ پيا رهندا ۽ اهو ان جو بدلو آهي، جيڪو پاڪ ٿيو.