مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

قرآن پڙهي وسارڻ جو ڏوهه:

قرآن مجيد الله تبارڪ و تعاليٰ جو ڪلام ۽ سندس قرب جو ذريعو آهي، جنهن کي اهو عطا ٿيو ان کي ان تي پنهنجي پالڻهار جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، ۽ ان کي چنبڙيو رهڻ گهرجي. قرآن پڙهي وساري ڇڏڻ ان کي اهميت نه ڏيڻ جي برابر آهي، تنهن ڪري اهو سخت ڏوهه آهي. حديث شريف ۾ آهي حضرت سعد بن عباده رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: جنهن ماڻهوءَ قرآن پڙهيو ۽ ان کي وساري ڇڏيو ته قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ سان هن حال ۾ ملندو جو هٿ شل ٿيل هوندس. ٻي روايت ۾ آهي ته پاڻ سڳورن ان جي دليل ۾ هي آيت سڳوري تلاوت فرمائي:
قَالَ رَبِّ لِمَ حَشَرْتَنِیۡۤ اَعْمٰی وَقَدْ كُنۡتُ بَصِیۡرًا ﴿۱۲۵﴾ قَالَ کَذٰلِکَ اَتَتْکَ اٰیٰتُنَا فَنَسِیۡتَہَاۚ وَکَذٰلِکَ الْیَوْمَ تُنۡسٰی ﴿۱۲۶﴾ (طٰھٰ:125، 126)
” ...چوندو اي منهنجا پالڻهار! مون کي انڌو ڪري ڇواٿاريئي ۽ بيشڪ (اڳي) سڄو هوس.) (الله) چوندو ته ائين آهي تو وٽ اسان جون آيتون آيون پوءِ کين وساريئي ۽ اهڙي طرح اڄ وساربين. (سنن ابي دائود ۽ مسند احمد بن حنبل)
هڪ ٻي روايت ۾ آهي حضرت انس بن مالڪ رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته رسول الله * جن فرمايو: مون کي پنهنجي امت جا ثواب ڏيکاريا ويا. تان جو اهو ڪک (به ڏيکاريو ويو)، جيڪو ڪو ماڻهو مسجد مان ٻاهر ڪڍندو آهي. ۽ مون کي پنهنجي امت جا گناهه ڏيکاريا ويا. انهن ۾ مون ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به وڏو گناهه نه ڏٺو جو ڪنهن شخص کي قرآن مجيد جي ڪا سورت يا آيت عطا ڪئي وئي ۽ ان ، ان کي وساري ڇڏيو! (سنن ابي دائود 1/78)