مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

قرآن مجيد جا دعوتي اسلوب:

قرآن مجيد سموري انسانذات جي فلاح ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ آيو هو ۽ ان جو پيغام قيامت تائين ايندڙ پوري انسانيت جي لاءِ هو، ماڻهو شرڪ، ڪفر، گمراهي ۽ بدعقيدي ۾ گرفتار هئا، هو هٿ سان ٺاهيل بتن کي پنهنجو الٰھ (معبود) سمجهندا هئا ۽ انهن جي پوڄا پاٽ ڪندا هئا، ۽ پنهنجي نفعي نقصان جو مالڪ انهن کي ئي سمجهندا هئا، اهڙن ماڻهن کي هڪ الله ۽ توحيد جو پيغام سمجهائڻ ڪو آسان ڪم نه هيو، ظاهر آهي ته انسانن ۾ ايڏي وڏي تبديلي ڪنهن حڪمت عمليءَ کانسواءِ ممڪن نه هئي، تنهن ڪري پاڻ ڪريم * جن کي حڪم ڏنو ويو.
اُدْعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالْحِكْمَۃِ وَ الْمَوْعِظَۃِ الْحَسَنَۃِ وَجَادِلْہُمۡ بِالَّتِیۡ هِیَ اَحْسَنُ ؕ اِنَّ رَبَّکَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنۡ ضَلَّ عَنۡ سَبِیۡلِہٖ وَ هُوَ اَعْلَمُ بِالْمُہۡتَدِیۡنَ ﴿۱۲۵﴾ وَ اِنْ عَاقَبْتُمْ فَعَاقِبُوۡا بِمِثْلِ مَا عُوۡقِبْتُمۡ بِہٖ ؕ وَلَئِنۡ صَبَرْتُمْ لَہُوَ خَیۡرٌ لِّلصّٰبِرِیۡنَ ﴿۱۲۶﴾ وَ اصْبِرْ وَمَا صَبْرُکَ اِلَّا بِاللہِ وَلَا تَحْزَنْ عَلَیۡہِمْ وَلَا تَكُ فِیۡ ضَیۡقٍ مِّمَّا یَمْكُرُوۡنَ ﴿۱۲۷﴾ اِنَّ اللہَ مَعَ الَّذِیۡنَ اتَّقَوۡا وَّالَّذِیۡنَ هُمۡ مُّحْسِنُوۡنَ ﴿۱۲۸﴾٪ (النحل:125-128)
”تون پنهنجي پاليندڙ جي رستي ڏي حڪمت ۽ چڱي نصيحت سان سڏ. ۽ انهن سان اهڙي نموني سان بحث مباحثو ڪر جو سڀ کان چڱو هجي، جيڪو سندس رستي کان گمراهه ٿيو، ان کي تنهنجو پاليندڙ ئي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي ۽ اهو ئي رستي تي هلندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي ۽ جيڪڏهن بدلو وٺو ته ايترو بدلو وٺو جيترو اوهان کي تڪليف پهچائي وئي آهي ۽ جيڪڏهن صبر ڪندئو ته اهو صبر ڪرڻ وارن لاءِ گهڻو چڱو آهي. ۽ (اي پيغمبر!) صبر ڪر تنهنجو صبر رڳو الله (جي مدد) سان ئي آهي ۽ مٿن غم نه ڪر ۽ جيڪو فريب ڪن ٿا تنهن کان تنگ دل (به) نه ٿيءُ بيشڪ الله انهن سان آهي جيڪي پرهيزگار ٿيا ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندڙ آهن.“
هنن آيتن ۾ قرآن مجيد جي پهرين داعي حضور ﷺجن کي دعوت ۽ تبليغ ۽ قرآني پيغام انسانن تائين پهچائڻ جي سلسلي ۾ ٽن شين جو حڪم ڪيو وڃي ٿو، (1) حڪمت (2) سهڻي طريقي سان سمجهائڻ ۽ وعظ ۽ نصيحت (3) سهڻي طريقي سان مقابلو ڪرڻ،
انسان به ٽن قسمن جا ٿين ٿا، تنهن ڪري دين جي تبليغ جي لاءِ پڻ ٽي طريقا منتخب ڪيا ويا.
اهي ماڻهو جيڪي حقيقت پسند هجن، حق جي جستجو ۽ تلاش ۾ هجن ۽ اهي هر شئي کي دليلن سان سمجهڻ جا قائل هجن، سياڻا، ڏاها، سلجهيل، اوتيل پوتيل ۽ فڪرمند ماڻهو هجن. حق ۽ حقيقت کي سمجهڻ کان پوءِ ان جي قبول ڪرڻ تي چمي گويون نه ڪن. اهڙن ماڻهن سان مخاطب ٿيڻ جي لاءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي حڪمت ۽ ڏاهپ جي تلقين ڪئي وئي آهي ته اهڙن ماڻهن جي آڏو پنهنجو موقف بيان ڪن مفروضن ۽ رسمي ڳالهين جي آڌار تي نه پر حقيقتن جي آڌار تي دلائل سان پيش ڪر ” اُدْعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالْحِكْمَۃِ“ (النحل- 125)
ڪي ماڻهو سليم الفطرت هوندا آهن، هنن جي دل ۾ ڪنهن به قسم جو ضد ۽ عناد نه هوندو آهي. هو چڱي ڳالهه کي چڱو سمجهي، ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن تائين حق جي دعوت پهتل نه هوندي آهي. جيڪڏهن انهن کي پيار ۽ پاٻوهه سان ۽ سهڻي طريقي سان وعظ ۽ نصيحت ڪجي ۽ انهن کي خدائي پيغام سمجهائجي ته هو سمجهي وٺندا، ۽ ڪنهن قسم جو انڪار نه ڪندا، اهڙن ماڻهن تائين خدا ئي پيغام پهچائڻ جي لاءِ حڪم ٿئي ٿو، ”وَ الْمَوْعِظَۃِ الْحَسَنَۃِ “(النحل- 125)
ڪي ماڻهو ضدي، عنادي ۽ سرڪش هوندا آهن، هو حق ۽ حقيقت کي سمجهڻ جي باوجود پنهنجن نفساني غرضن جي لاءِ حق جي مخالفت ڪندا آهن ۽ حق جي آڏو رڪاوٽون کڙيون ڪندا آهن، اهڙن ماڻهن سان جيڪڏهن، بحث مباحثي يا جهڳڙي جي نوبت اچي ته انهن سان سهڻي طريقي سان نبري پئو، ۽ انهن کي مڃيل مڃايل دليلن سان خاموش ڪرايو، ” وَجَادِلْہُمۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحْسَنُ ؕ “(النحل- 125)
ان جي پويان ” اِنَّ رَبَّکَ ہُوَ اَعْلَمُ بِمَنۡ ضَلَّ عَنۡ سَبِیۡلِہٖ وَ ہُوَ اَعْلَمُ بِالْمُہۡتَدِیۡنَ ﴿۱۲۵ “ (النحل-١٢٥) سان اشارو ڪيو ويو ۽ پيغمبر کي تسلي ڏني وئي ته تنهنجو ڪم آهي، انهن ٽن طريقن سان تبليغ ڪرڻ، ماڻهو مڃين ٿا يا نه ٿا مڃين اها تنهنجي ذميواري نه آهي. تنهنجو رب چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته گمراهيءَ جو حقدار ڪير آهي ۽ هدايت جو حقدار ڪير آهي. تنهنجو ڪم صرف پهچائڻ آهي. ” وَمَا عَلَی الرَّسُوۡلِ اِلَّا الْبَلٰغُ ؕ “(المائده- 99)
ظاهر آهي ته اهي ضدي، عنادي ۽ سرڪش ماڻهو، جڏهن حق جو انڪار ڪندا ته اهي حق کي دٻائڻ جي پوري ڪوشش ڪندا، هو حق کي روڪڻ جي لاءِ حق جي حمايتين کي تڪليفون ۽ اذيتون ڏيڻ ۽ قتل ڪرڻ تي آماده ٿي ويندا، تنهن ڪري هدايت ڪئي وڃي ٿي ته جيڪڏهن اهي اوهان کي تڪليفون ڏين ۽ اوهان بدلو وٺڻ چاهيو ٿا ته اوترو ئي بدلو وٺو، جيتري اوهان کي تڪليف ڏني اٿائون، پر جيڪڏهن درياءُ دلي جو مظاهرو ڪندي، صبر ڪندئو ته اهو اوهان جي لاءِ بهتر آهي، اهڙن موقعن تي جڏهن جاني دشمن اکين آڏو هجي ۽ انسان بدلو ۽ انتقام وٺڻ تي پوري طرح قادر هجي، صبر ڪرڻ ۽ انتقام نه وٺڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، تنهن ڪري قرآن فرمائي ٿو، اهڙي وقت جذبن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ صبر جي توفيق ڏيڻ الله تعاليٰ جو ڪم آهي ” وَ اصْبِرْ وَمَا صَبْرُکَ اِلَّا بِاللہِ “(النحل- 127)
اوهين انهن جي ڏنل تڪليفن تي غمگين نه ٿيو، بلڪه الله تي رکي صبر ڪيو ۽ انهن جي دوکن ۽ فريبن کان پريشان ۽ تنگ نه ٿيو، پڪ ڄاڻو ته الله پرهيزگارن ۽ نيڪوڪارن سان گڏ آهي. ”وَلَا تَحْزَنْ عَلَیۡہِمْ وَلَا تَكُ فِیۡ ضَیۡقٍ مِّمَّا یَمْكُرُوۡنَ۔ اِنَّ اللہَ مَعَ الَّذِیۡنَ اتَّقَوۡا وَّالَّذِیۡنَ ھُمۡ مُّحْسِنُوۡنَ“ (النحل- 127)